ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

خوش فهمي

وتائي فقير جي خط جو جواب سندس حڪم موجب جلد لکي ورتم. پر ڏاڍي پريشاني تڏهن ٿي. جڏهن ڪوبه قاصد نه مليو. جيڪو هٿو هٿ وڃي پُرزو پڄائي. ٿيو هيئن ته خط لکي آس پاس ڪوهه ڏيڍ جي اندر پڇائون ڪيم ته ڪو وڃڻ وارو آهي؟ پر ڪٿان به اها ورندي نه ملي. جن جي حالت واقعي وڃڻ واري هئي، سي به هن رنگ برنگي ۽ خوبصورت دنيا مان وڃڻ لاءِ تيار نه هئا. سڀني کان انڪاري جواب ٻڌي، لاچار شاعرن ۽ عاشقن جي پيروي ڪندي ڪانگ ۽ ڪبوتر ڳولڻ لڳس، هفتي جي جهدوجهد کان پوءِ وري به هڪ قبرستان جي قُبي ۾ ڪبوتر کي وڃي قابو ڪيم ۽ خط کي اڳڙيءَ ۾ مضبوط ڏور/ويڙهي ڪبوتر جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي اڏاري ڇڏيومانس، هاڻي من خط فقير تائين پهچي. اڃان ڪابه موٽ ڪانه ملي آهي، جڏهن به وتائي فقير جو نوازش نامو نازل ٿيو ته پيرائتو پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪندس. في الحال پنهنجي خوش فهمي بابت احوال ٿو اوريان.
ويهارو سال اڳ هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو جو ڪنهن ڪاموري ۾ ڪم پئجي ويو ۽ بدقسمتيءَ سان اهو ڪامورو منهنجو دوست هو، همراهه کي خبر پئجي ويئي سو اچي مون وٽ پهتو، پهريائين منهنجي شاعري جي بيحد گهڻي واکاڻ ڪندي هڪ ٻن ڪلامن جا حوالا ڏيندي چيائين ته اوهان جي انهن ڪلامن جي ڌوم متل آهي ۽ سچ پچ ته جن فنڪارن اهي ڪلام ڳايا آهن، انهن جي مقبوليت جي ڪارڻ ئي اهي ڪلام آهن، ورنه مذڪوره فنڪارن جا ٻيا ڪلام ڪنهن پاسي ڪونه آهن وغيره. ان کان پوءِ مون کي اچي خوش فهمي ٿيڻ لڳي ته واقعي آئون ته وڏو شاعر آهيان، سو ٻه ٽي مهينا ڪاٽن جا ڪلف وارا ڪپڙا پائي سيٽجي بلڪه آڪڙجي هلڻ لڳس، پر ڪنهن لفٽ ئي ڪانه ڪرائي. شڪر جو جلدئي احساس ٿيم ته هُن همراهه رڳو ڪم ڪڍڻ لاءِ ڪوڙي ساراھه ڪري، مون کي خوش فهميءَ ۾ مبتلا ڪرڻ ٿي چاهيو. سو ٻيلي ڪنهن اجائي تعريف ڪرڻ تي متان ڀلجو متان مٿو نه وڃيوَ.
وري سائين ڏهاڪو سال ٿيندا جو ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادپور ۽ هاڻ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرستِ اعليٰ محمد عثمان منگيءَ هڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو، ان ۾ عنايت بلوچ صاحب، نصير مرزا صاحب، ڪوثر ٻرڙو صاحب، راقم ۽ ٻيا ڪيترائي اديب، شاعر، فنڪار سگهڙ ۽ صحافي موجود هئا. آئون ۽ نصير مرزا گڏ ويٺا هئاسين ۽ مون ائين ئي کڻي چيو ته نصير صاحب هاڻي ته وار به کسي رهيا آهن ۽ گنج پئي نظر اچي ته پاڻ هڪدم چيائين ته ڏاڏاهي صاحب انهيءَ سان ته سچ پچ اوهان جي شخصيت پروقار ٿي لڳي؟ سائين منهنجا نصير مرزا جهڙي اديب، شاعر، ڪمپيئر ۽ براڊ ڪاسٽر واتان اهي اکر ٻڌي وري ٻيهر خوش فهمي ۾ مورڳو لوهه ٿي ويس ۽ وارن ۾ جيڪو ڪڏهن ڪڏهن تيل پائيندو هوس يا وارن جي نه کُسڻ جو ڏس پتو ڪندو هوس، سو به ڇڏي ڏنم ته ڀلي وار کُسن جيئن اڃان به وڌيڪ پروقار شخصيت لڳان. ڇو ته نصير صاحب جي ڳالهه تي مون کي انهي ڪري به ڀروسو آهي. جو سندس مون ۾ ڪوبه ڪم ڪونهي، جو منهنجي خوشامد ڪري، بلڪه منهنجا ڪم منجهنس پوندا رهندا آهن. خير سائين ائين ڏھه سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ۽ هڪ ڏينهن صبح جو آرسيءَ ۾ پنهنجو منهن چتائي ڏسڻ سان شڪ پيم بلڪه پڪ ٿيم ته يار هاڻي پاڻ کي پروقار سمجهڻ خوش فهمي به نه پر غلط فهمي آهي! ٻي ڏينهن حيدرآباد وڃڻ ٿيو معمول مطابق ريڊيو پاڪستان تي وڃي نڪتس، ريڊيو وارا مون کي ڏاڍو ڀائيندا آهن. چاليهن سالن کان وٺي مون به ڀيرو نه ڀڳو آهي. هيءَ ڳالهه ڊسمبر 2002ع جي پهرئين هفتي جي آهي. پروڊيوسر گل حسن قريشي صاحب جي ڪمري/ آفيس مهندان لانگهائو ٿيس ساڻس سلام ڪلام ٿي ويو (نوٽ: اهو ڪلام ڳائڻ وارو نه ڳالهائڻ وارو سمجهيو وڃي) پاڻ هميشه جيان نهايت ئي سنجيدگي سان ليڪن مرڪندي ويهڻ لاءِ چيائين، آئون به ٺهي جڙي ڪرسيءَ تي واندن وانگر ويهي رهيس. منهنجو ڳوٺائي ۽ باصلاحيت انائونسر/ڪمپيئر خادم حسين بلوچ به موجود هو. چانهه اچي ويئي آئون چانهه تڪڙي ۽ ڪوسي نه پيئندو آهيان، خير ائين ڳالهين ئي ڳالهين ۾ گل حسن قريشي صاحب چيو، ”ڏاڏاهي صاحب ماشاءَ الله اوهين ته اڃان به جوان لڳا پيا آهيو!“
سچ پچ ته مون کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ مون چيو، ”قريشي صاحب آئون اڃان جوان آهيان!“
چيائين، ”ها! آئون 1974ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آيو هوس تڏهن به اوهان اهڙا ئي هئا جهڙا اڄ آهيو.“
سائين منهنجا اهي جُملا ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڪرسيءَ تي جيڪا ٽيڪ ڏيو ويٺو هوس، سا ڇڏي سڌو سنئون ٿي ويٺس ۽ جوانن وانگر ڳالهائڻ لڳس، هاڻي وري خوش فهمي ۾ مبتلا آهيان ته ٻيلي هروڀرو هينئون لاهي ويهي رهيو هوس، آئون ته اڃان جوان آهيان! اڃان به وري بنهه تازو عجيب احوال ٻُڌو، گذريل جنوري جي ٽيهين تاريخ ٽپهريءَ مهل ٽنڊي الهيار جي ٽيشڻ تي هڪ پراڻي پيار ڪندڙ پرستار خاتون ملي ويئي، ڳچ عرصي کان پوءِ ائين اوچتي ملاقات تي في الحال ته ٻئي روئڻهارڪا ٿي وياسين! ريل گاڏي اچڻ ۾ ڪجهه دير هئي. اسين هڪ ٻئي سان ڳالهائيندي ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي وياسين (ضروري نوٽ: اسان جي ائين پليٽ فارم تي پڌري پٽ بيهي ڳالهائڻ تي، اتي بيٺل ماڻهو ان ڪري ڪوبه ڌيان ڪونه ڏيئي رهيا هئا جو سڀئي مون کي ڄاڻن سڃاڻن ٿا ته آئون رڳو خوش فهميءَ جو شڪار آهيان ۽ مون منجهان ڪنهن کي به خوف خطرو ناهي) پر جلدئي پاڻ سنڀالي پنهنجن مهانڊن کي مرڪڻ تي مجبور ڪرڻ لڳاسين! پاڻ ٿورو مرڪندي چيائين ته، آئون خوامخواھه توکي وساري ويٺي هيس، تون ته اڃان جوانن کان جوان پيو لڳين! هڪ خوبصورت خاتون جي لال لبن مان اهي ماکيءَ کان مٺا لفظ ٻُڌي دماغ کي چڪر اچڻ لڳا ۽ ذري گهٽ ڪِرڻ کان بچندي چيم، ”سچ!“
چيائين، ”ها سئو سيڪڙو سچ.“ ايتري ۾ گاڏي اچي ويئي ۽ هُوءَ مون کان ٽيليفون نمبر وٺي وڃي ٽرين ۾ چڙهي ۽ آئون حيدرآباد وڃڻ بجاءِ ورتل ٽڪيٽ کيسي ۾ کڻي، پنهنجو ئي پراڻو ڪلام:
وري شوقين ٿيا آهيون، وري نئون نيهن لايون ٿا،
وري ڪو عشق آفت جو، گلي ۾ هار پايون ٿا،
اڃان پيري نه آ پهتي، اڃان جوڀن جواني آ،
جگر پنهنجي کي جَلوَن سان، اڃان ڀي آزمايون ٿا.
جهونگاريندو اچي گهر ڀيڙو ٿيس، پنهنجو ڪلام پاڻ انهي ڪري جهونگاريم جو ريڊيو وارا منهنجو ڪو نئون ڪلام رڪارڊ نٿا ڪن ۽ پُراڻن ڪلامن جون ٽيپون ٽُٽي ويون آهن، تنهن ڪري هاڻي آئون روزانو رات جو گهر جي اڱڻ ۾ ويهي پنهنجا ڪلام پاڻ ڳائيندو آهيان! منهنجي سُريلي آواز مان گهر ڀاتي ڪيترو خوش آهن. اها خبر اُنهن کي هوندي، باقي پڪ سان ويچارا پاڙيسري احترامن خاموش آهن. هاڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسندو ۽ سوچيندو رهان ٿو. ته ڇا! اهو سڀ ڪجهه صحيح آهي ۽ آئون واقعي اڃان جوان ۽ سمارٽ آهيان؟ بهرحال پنهنجو پاڻ ڪنهن فيصلي تي نه پهچڻ سبب، پنهنجن دوستن ڊاڪٽر پرڌان، ڊاڪٽر سليم ٿيٻي ۽ ڊاڪٽر عزيز ناز دائودپوٽي کي حقيقت حال کان واقف ڪيم، جيڪي ڊاڪٽر هجڻ سان گڏ سٺا ليکڪ به آهن. ٽنهي صاحبن، ميڊيڪل بورڊ ويهاري منهنجو مڪمل چيڪ اپ ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجون مفت خدمتون آڇيون آهن.

[ڇپيل: ’امرتا‘ مارچ 2003ع]