نالو وڏو، شهر سڃو
هاڻي عنوان جي مناسبت سان شروعات به پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ ’ڏاڏاھه‘ کان ٿو ڪريان، اسان جا وڏا گهڻو وقت اڳي مٽيارين مان لڏي تعلقي ٽنڊي باگي ان وقت ’ضلع حيدرآباد‘ هاڻي بدين جي ڳوٺ ڏاڏاھه ۾ اچي ويٺا، ڏاڏاھه ڪير هو، اهو نالو ڪيئن پيو ان بابت ڪابه معلومات ڪانه ٿي ملي. بابا سائين جي زباني ٻڌل مطابق سيد پهرين پراڻي ڏاڏاھه ۾ اچي ويٺا، جنهن ۾ هن وقت ميمڻ رهن ٿا، پوءِ اتان به لڏي ميل کن پنڌ تي پنهنجو ڳوٺ اچي ٻَڌائون، مهاڻا، ميگهواڙ، شيدي ۽ سونارا وغيره رهندا هئا، تڏهن ڏاڏاھه وارا سيد سڏبا هئا، سيدن کي پنهنجي وڏي زمينداري هئي، جيڪا تلهار ويجهو گوني مان نڪتل نصيرواھه جي ڪپ تي ڏيٿن ۽ منگواڻن جي ڳوٺ کان شروع ٿي، نصيرواھه جي ٻنهي پاسن وٽان، ڏيئي، هوٿير، ڪنگپير، کيرول، ڪامارو ۽ ڏاڏاھه کان ٿيندي جهڏي شهر ويجهو تعلقي ڊگهڙي ۾ ٻرڙائو ڪوٽ، سيلهور، ڳونيرو، گُگهه موري ۽ چرواڻ تائين هئي.
اهي مٽيارين مان لڏي آيل سيد ڪافي وقت ڏاڏاھه ۾ گڏ رهڻ بعد آهستي آهستي پنهنجين زمينن سانگي لڏيندا ويا، پوءِ جنهن ڳوٺ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائون، انهيءَ ڳوٺ جي نالي سان سڏجڻ ۽ سڃاپجڻ لڳا، مثال طور: سيلهور وارا سيد، ڪاماري وارا سيد، بڪيرن وارا سيد، ننڌن وارا سيد، ڏيٿن منگواڻن وارا سيد، ڳونيري وارا سيد، باقي جيڪي ڏاڏاھه ۾ رهيا سي ڏاڏاھه وارا سيد... لفظ ’ڏاڏاهي‘ مون 1953ع ۾ شاعري ڪرڻ سان سڏايو. حالانڪ آئون مٽياري، مطعلوي يا ڪاظمي وغيره به سڏائي سگهيس پئي، پر مون پنهنجي مائٽاڻي ماڳ کي ترجيح ڏيئي پنهنجي نالي پويان ڏاڏاهي شامل ڪري ڇڏيو، پوءِ ڪلامن\ شعرن ۾ ڪٿي مرتضيٰ ته ڪٿي ’ڏاڏاهي‘ استعمال ڪيم ۽ ڪندو پيو اچان، مذڪوره ڳوٺ جو نالو ته مشهور ٿي ويو، هن وقت اتي سيدن جو رڳو هڪڙو گهر آهي، ٻيو مڙيئي خير !!
هينئر رات جا ٻه وڳا آهن ٽنڊي الهيار جي اُنڙ پاڙي ۾ منهنجي غريبخاني جي ڀر ۾ شادي آهي ۽ ڇني ۾ ڪا ڳائڻي ڪلام ڳائي رهي آهي، جنهن جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ان ڪري مون کي به ننڍپڻ ۽ جوانيءَ واري زماني جون موسيقيءَ جون محفلون ياد اچي رهيون آهن، اسين ٻهراڙيءَ ۾ رهندا هئاسين، تڏهن کير ۾ پاڻي ڪونه ملائبو هو، مکڻ ۽ سچو گيهه کائبو هو، بناسپتي گيهه جنهن کي کوپرو چوندا هئا، اهو اتفاق سان ڪنهن شادي مراديءَ ۾ واپرائبو هو. ته به اوڙي پاڙي ۾ ڪاڄ وارن جي گِلا ٿي پوندي هئي ته گيهه بدران ڪنجوسپائي ڪري ڀت ۾ کوپرو وڌو اٿن، جنهن ڪري گلو ئي خراب ٿي پيو آهي. ’امرتا‘ جا پڙهندڙ دوستو، ڀائرو، ڀينرو ۽ بزرگو، آئون هي جيڪي يادگيريون لکي رهيو آهيان، سي پنجاھه کن سال پراڻيون آهن، يعني 1952-53ع ۽ ان کان پوءِ جون آهن، متان اوهين سمجهو ته منهنجي عمر ڪا سئو سوا سال آهي، سو ائين ناهي، آئون 1939ع جي نومبر مهيني ۾ پيدا ٿيس، ان حساب سان منهنجي عمر هن وقت 62 سال آهي ۽ الله سائينءَ جو شڪر آهي جو حافظو مڙيئي چڱو اٿم. تنهن ڪري دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ٿيل ڳالهيون هوريان هوريان اسڪرين تي پيون اچن، سو ڳالهه پئي ڪئيسين شادين مرادين جي ته انهن ڏينهن ۾ شادين، طهرن، ميڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي محفلن ۾ ڳائڻا، ڳائڻيون ۽ ناچُو ڇوڪرا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، تڏهن لائوڊ اسپيڪر ۽ ايڪو سائونڊ جو رواج ڪونه هو، تنهن ڪري فنڪارن کي سڄو ڪم پنهنجي آواز کان وٺڻو پوندو هو، مون اهڙا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون روبرو ٻڌا ۽ ٻڌيون جن جو مڌر ۽ بلند آواز ماڪ ڀنل راتين جي خاموشيءَ ۾ ميلن تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جڏهن ته هينئر ڀلي ڪنهن ڳائڻي جو آواز سندس سازندا به مشڪل سان ٻڌندا هجن پر ايڪو سائونڊ ۽ لائوڊ اسپيڪرن وسيلي الائجي ڪيترن ميلن تائين ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي، ان زماني ۾ اسان واري پاسي عثمان ڪڇي، مراد فقير، مائي الهه وسائي، سيد قاسم علي شاھ، اسحاق ڪارو مڱڻهار، سيد سليمان شاھ، مصري ڀيل، علو درس، ڏوڏو شيدي ۽ ٻيا ڪيترائي ڳائڻا مشهور ۽ مقبول هئا، جن مان اسحاق ڪارو مڱڻهار ۽ مائي الهه وسائي حال حيات آهن، الله کين صحت ۽ وڏي حياتي بخشي.
هر دور وانگر اُن دور ۾ به حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي شاعري ته ننڍي وڏي، پوڙهي پڪي جي زبان تي هئي، ليڪن ان کان سواءِ اسان جي تر جي شاعرن ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو وڏو نالو ۽ شهرت هئي. سندس ڪلام هر فنڪار کي ياد هوندو هو، مولوي احمد ملاح جو ڪلام:
• قلب ۾ ڪُنڍڙين اکين جي ڪور ڪوران پئي پوي...
جلوي تنهنجي کان جسم ۾ جهور جهوران پئي پوي...
يا وري
دوستَ تنهنجي دوستيءَ جو داستانو ٻيءَ طرح،
ڪَئين ديوانا ديس ۾ تنهنجو ديوانو ٻيءَ طرح.
۽
مرحبا محبوب منهنجا تو مٿان سر گهوريان،
گس گهٽيون ڇايان گلن سان، گنج گوهر گهوريان.
ڏاڍا مقبول هئا، مولوي صاحب جا ڪلام ماڻهو فرمائشون ڪري ڳائڻن کان ڳارائيندا هئا، انهيءَ کان علاوه ٻين شاعرن ۾ سيد عباس علي شاھ، شاهنواز شائق،حاجي مراد چانڊيو، سيد محسن شاھه ماتليءَ وارو، ميرو گوپانگ، يوسف شورو، صالح خاصخيلي، وينجهر ۽ فتح علي حليم لغاري مشهور هئا، مون به شاعري ان زماني ۾ ئي شروع ڪئي، پر آئون عمر ۾ مذڪوره شاعرن کان ننڍو هوس، هڪڙي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ته آئون ڊائري هر سال وٺندو ضرور آهيان، ليڪن لکندو ڪجهه به ناهيان ۽ خالي ئي پئي هوندي آهي تيستائين وري نئون سال اچي ويندو آهي، هي ڳالهيون جيڪي لکي رهيو آهيان اهي ياداشت جي سهاري آهن، تنهن ڪري انهن ۾ ٿوري گهڻي ڀُل چُڪ به ٿي سگهي ٿي. منهنجو پهريون ڪلام اسحاق ڪاري مڱڻهار 1953ع ۾ ڏيئي شهر ۾ جمالين جي شاديءَ ۾ ڳايو، ان مهل ڇني ۾ (موسيقيءَ جي محفل۾) ٻين معتبر ۽ معزز ماڻهن سان گڏ منهنجو والد صاحب به ويٺل هو، ڪاري مڱڻهار ڪلام ڳائڻ کان پهرين مون ڏانهن اشارو ڪري منهنجو نالو ورتو ته سمورا موجود ماڻهو مون ڏانهن ڏسڻ لڳا، ڇو جو ان زماني ۾ شاعر ٿورا هوندا هئا، هيترا ڪونه هئا، جيترا هن وقت آهن ۽ ڪنهن خاندان ۾ ، شهر يا ڳوٺ ۾ شاعر جو پيدا ٿيڻ اعزاز سمجهيو ويندو هو ۽ شاعر به معياري شاعري ڪندا هئا، ان وقت منهنجي عمر 14 سال هئي، مون کي ياد آهي ته بابا کي منهنجي شاعري ڪرڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
ذڪر شاعرن جو، فن ۽ فنڪارن جو پيو هلي ته هلندڙ مهيني جون جي 22 تاريخ سنڌ جي وڏي سُريلي ۽ منفرد فنڪار ڍول فقير جي وفات جي تاريخ آهي، نهايت ئي سادي ۽ سٻاجهڙي ڍول فقير جو نالو اسان جي لوڪ فنڪارن جي لسٽ ۾ سرِفهرست آهي، ڍول فقير ۽ منهنجو گهر ساڳئي پاڙي بلڪ ٻه گهٽيون ڇڏي ٽين گهٽيءَ ۾ هئڻ ڪري اسان جي ملاقات روز، ٻئي ڏينهن پئي ٿيندي هئي، وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڍول فقير سان ڪچهري ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو الهيار محمد عثمان منگي جي بنگلي جي لان ۾ رات جو ٿي ۽ منگي صاحب جي فرمائش تي فقير صاحب چار پنج ڪلام ڍولڪ وغيره کان سواءِ يڪتاري تي ڳائي ٻڌايا، جن ۾ منهنجو ڪلام ’پرديسين جا پيار، دم دم دلڙي ياد ڪري ٿي‘ به شامل هو. اسان وٽ ڪيترائي اديب، شاعر ۽ فنڪار پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽ پويان وڏيون ملڪيتون جائدادون ۽ پڙهيل لکيل پهلوان پٽ به ڇڏي ويا، پر افسوس جو انهن مان اڪثر پنهنجن مائٽن کي ڪڏهن ياد به ڪونه ڪيو!! جس هجي ڍول فقير جي صالح سپوٽ پُٽ فقير محمد ڍول کي جنهن سندس والد کي هرگز نه وساريو آهي، جڏهن ته وٽس نه بنگلو، نه باغ باغيچو نه موٽر ڪار ۽ نه ئي ڪا مالي ملڪيت آهي، پوءِ به سال ٻي سال فقير جي ورسي ملهائي، سندس نالي تي ’ڍول فقير فائونڊيشن‘ قائم ڪري ڪتابَ، رسالا ۽ ميگزين ڇپائي ’ڍول فقير ايوارڊ‘ ڏيئي وس آهر پاڻ ملهائي رهيو آهي. الله سائين کيس نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري ۽ ڍول فقير کي جنت الفردوس عطا ڪري.(آمين)
مٿي مضمون ۾ جن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، تن مان سائين عباس علي شاھه صاحب حيات آهي، پاڻ گذريل ٽن چئن مهينن ۾ مهرباني فرمائي نئين ڪوٽ لڳ سندس ڳوٺان ٻه ٽي ڀيرا مون کي فون ڪيا اٿن ۽ اچڻ جي دعوت ڏني اٿس، ليڪن آئون سُستي سبب وڃي نه سگهيو آهيان، ’امرتا‘ جا پڙهندڙ مهرباني ڪري نوٽ ڪري ڇڏيو ته ’امرتا‘ جي ڪنهن پرچي ۾ ڪهنه مشق شاعر سيد عباس علي شاهه ۽ سُريلي سينئر فنڪار اسحاق ڪاري مڱڻهار سان ڪيل قرب وارين ڪچهرين جو تفصيل سان ذڪر ڪبو، جيڪڏهن مون کي ڳالهه وسري وڃي ته ياد ڏيارجو.
[ڇپيل: ’امرتا‘ جون 2002ع]