ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اربعا خطا 6

سچ لکڻ ڏکيو! سچ چوڻ سُڻڻ ۽ سهي وڃڻ ڏکيو! پر منهنجي خيال ۾ پنهنجي متعلق سچ لکڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي؟
پاڻ کي سچ چوڻ ڪا معمولي ڳالهه ٿوروئي آهي! چوڻي آهي ته سچ زهر کان به ڪڙو ٿئي ٿو. ڪجهه سال اڳ مون کي به اچي شوق ٿيو ته پنهنجي آتم ڪهاڻي لکان، جنهن ۾ ’گامون سچار‘ ٿي سئو سيڪڙو سچ لکان ۽ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ وجهان!
سو سائين! ڏاڍي ڪوشش ڪيم ۽ نوٽ بوڪ جا ڏهاڪو کن صفحا سڌو سنئون سچ لکيم، تنهن کان پوءِ هڪدم بريڪ لڳي ويئي ۽ بيهي رهيس، ڇو جو ڪجهه پنهنجون ۽ ڪجهه يارن دوستن جون اهڙيون ڳالهيون ذهن تي تري آيون، جو اُهي جيڪڏهن جيئن جون تيئن لکان ها ته نه دوستن اڳيان منهنجو منهن مَرڪي سگهي ها ۽ نه ئي منهنجا يار ماڻهن مهندان ڪنڌ کڻڻ جي قابل رهن ها !!
ها! ڪي اهڙا مرد مجاهد به آهن، جي ڪنهن به ڳالهه جي پرواھه نه ڪندي سچ لکي ٿا وڃن! اهڙن سچ ٻول سڄڻن ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ماتليءَ واري جو نالو سِرفهرست آهي، جنهن پنهنجي سچي آتم ڪهاڻي ’ڪيئي ڪتاب‘ ۾ سچ لکي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ’سچ ٿا مرد چَوَن ، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.‘
بهرحال مون اهي لکيل پنان ڦاڙي، آتم ڪهاڻي لکڻ وارو پروگرام في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو آهي!
مون کي ياد آهي ته ڳچ سال اڳ مون پنهنجي هڪڙي دل واري دوست کي سچ چوندي کيس سندس ڪُل ڪمزوريون، اوڻايون ۽ خاميون ويهي ٻڌايون هيون، بس! اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، همراھه ٻيو ته ٺهيو پر شادئين مرادئين اچڻ وڃڻ وارو سلسلو به ختم ڪري ڇڏيو!
تنهن ڪري هاڻي پڪو پهه ڪيو اٿم ته سچ اصل ڪنهن کي به ڪونه چئبو! هروڀرو ڪو سچو پچو گامون سچار ته آئون آهيان ڪونه جو وتان ماڻهن کي سچ چوندو ۽ راڄ رُسائيندو ؟
اڄ هڪ اهم مسئلي جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن جو واسطو اوهان سان، مون سان، بلڪ هر هڪ سان آهي.
منهنجا سائين ! هر ڪُڌي ڪم (ڏوھه) جي خاتمي لاءِ قانون ۾ ڏوهاري لاءِ سزا آهي ! اگهاڙپ ۽ فحاشي هر دين ۽ ڌرم ۾ ممنوع آهي، پر خاص طور اسان جي دين اسلام ۾ ته ان جي هرگز اجازت ڪونهي ۽ فحاشي مذهبي توڙي قانوني طرح جرم آهي. ڪافي وقت کان وٺي اسان وٽ وي سي آر تي فلمن ڏسڻ جو شوق حد کان وڌي ويو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.
ننڍا وڏا، ٻار توڙي ٻڍا، ويندي زائفائن تائين وي سي آر جي وچڙندڙ وبا ۾ وٺجي چڪا آهن ۽ شهرن ۾ اهي ڪيسٽون ۽ وي سي آر کليو کلايو دڪانن تي رکيا آهن، جن ۾ اخلاق کان ڪريل فلمن جون ڪيسٽون به شامل آهن ! جن جي ڏسڻ سان نئين نسل (ٻارن) جي ڪچڙن ذهنن تي ڏاڍو خراب اثر پئجي رهيو آهي. پر انهي کان سواءِ اڄڪلهه سنڌي گانن جون به اهڙيون ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ ڌڙا ڌڙ اچي رهيون آهن، جن ۾ ڳايل گانن ۽ ڪلامن جا ٻول اهڙا ته واحيات آهن جو هتي لکي نٿا سگهجن! جن جي ٻڌڻ سان انهن ٺڙڪو ۽ سستي شُهرت جي شوقين شاعرن ۽ لالچي ڳائڻن کي ته الائجي ڦڪائي ٿئي ٿي يا نه؟ پر ٻڌڻ وارن بااخلاق ماڻهن کي ڪنن ۾ آڱريون ضرور وجهڻيون پون ٿيون! اهڙن گندن گانن واريون ڪيسٽون، بسن ۾، هوٽلن تي، بازارن ۾ ۽ ميوزڪ سينٽرن تي وڏي آواز سان رات ڏينهن وڄنديون رهن ٿيون!! جڏهن ته بسن ۾ مردن سان گڏ عورتون به سفر ڪن ٿيون، جن کي پڻ مجبورن سفر وارو سڄو وقت اهڙا ڪِنا ڪلام ۽ گندا گانا ٻڌڻا ٿا پون.
ڇا! اهڙن اخلاق کان ڪريل شاعرن، ڳائڻن ۽ ميوزڪ سينٽرن وارن لاءِ به ڪا پابندي ۽ ڪو قائدو قانون آهي يا نه ؟ انهي کان سواءِ هن سلسلي ۾ منهنجو اهڙن سستي شهرت جي شوقين شاعرن کي به التماس آهي ته خدارا اهڙي هلڪڙي (ٽرڙائپ واري) شاعريءَ کان پاسو ڪريو ۽ سنجيده شاعري ڪريو . شهرت اوهين سٺي ۽ اخلاق واري شاعريءَ سان به حاصل ڪري سگهو ٿا ؟


[ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 18 ڊسمبر 1991ع]