ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اڻ پوري آتم ڪٿا 1

...ته سائين منهن جا! ٻالڪپڻ جي مون کي پاڻ کي ته ياد ناهي، پر چوڻ وارا چون ٿا ته وڏي لاڏڪوڏ سان گذريو. باقي سمجهه لائق ٿيڻ بعد آئون جلد ئي سڀ ڪجهه سمجهڻ لڳس، (سچ پڇو ته اڄ تائين به ڪجهه سمجهي نه سگهيو آهيان !)
والد صاحب روايتي زمينداري ۽ سيد سڳورو هئڻ سان گڏ لکيل پڙهيل ۽ سوشل قسم جو ماڻهو هو، علم ادب ۽ سياست جي به چڱي خاصي ڄاڻ رکندڙ هو. انهي ڪري گهر ۾ ديني، تاريخي، سياسي، ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ شاعريءَ جا مجموعي توڙي اخبارون موجود هونديون هيون، ڪتابن ۾ شاھه سائينءَ جو رسالو، سچل سرمست جو رسالو، حافظ حاجي حامد جو ‘ارمغان حامد’ خليفي نبي بخش قاسم جو قلمي رسالو، مثنوي مولانا روم، مير عبدالحسين سانگيءَ جو رسالو، مل محمود پليءَ جو ڪتاب ‘مجمع العجائب’ ڪهاڻين جا ڪتاب الف ليليٰ، جان عالم، گل بقاولي، طوطو مينا، چار درويش، يوسف زليخان، شيرين فرهاد، ليليٰ مجنون، حاتم طائي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتابَ هئا، جيڪي پاڻ اسان کي پڙهي ٻڌائيندو هو، بابا روزي ۽ نماز جو پابند هو، قرآن پاڪ جو دور به روزانو ڪندو هو. جمع جي نماز اسان جي ڳوٺ واري مسجد ۾ پاڻ پڙهائيندو هو. جڏهن ته مسجد ۾ ٻانگ ڏيڻ لاءِ ٻانگو / موذن مقرر ٿيل هو، جمع جي نماز پڙهڻ کان پوءِ نمازين کي ماني پڻ کارائي ويندي هئي، ڇو جو نماز تي نمازي، اسان جي ڳوٺ سان گڏوگڏ اوسي پاسي جي ڳوٺن جا پڻ ايندا هئا، ٻئي پاسي وري بابا راڳ رنگ جو به شوقين هو، ڳائڻا ايندا رهندا هئا، راتين جون راتيون محفلون متل هونديون هيون. انهيءَ کان سواءِ خاص موقعن تي مولودي به گهرائيندو هو، ان زماني ۾ جسڪاڻي، حاجي غازي ڪنڀار، محمد نوح ٿيٻو، محمد رحيم مڱڻهار ۽ سيد محسن شاھه سنڌ جا مشهور مولودي هئا، جيڪي اسان جي اوطاق تي واري واري سان ايندا رهندا هئا.
اولاد ۾ آئون سڀني کان وڏو هئڻ سبب دادلو به هوس، بابا ٽي شاديون ڪيون، پهرين ننڌن مان، ٻي سيدن مان ۽ ٽين پنهورن مان، مون کان ننڍو ڀاءُ اسد الله شاھه هو جيڪو 10 سالن جي عمر ۾ ماتا جي بيماريءَ ۾ وفات ڪري ويو، اسد الله شڪل صورت جو نهايت سهڻو هو ،جنهن ڪري اسان جي پڦي جنهن کيس نپايو هو سا، توڙي ٻيا ماڻهو پٺاڻ چوندا هوس، ان پٽ جي وفات جو بابا کي تمام گهڻو صدمو پهتو، ان بعد ٻه ٻيا ننڍا ڀاءُ به هڪ ٻئي پٺيان ساڳي ئي ماتا (Small Pox) جي وبائي بيماريءَ ۾ گذاريءَ ويا، ان زماني ۾ ماتا نهايت خطرناڪ بيماري هئي، جنهن ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪري ڇڏيا هئا. ماتا کان بچاءَ جا ٽڪا هڻڻ لاءِ ڳوٺن ۾ وئيڪسينيٽر / ٽُڪيدار ايندا هئا، جيڪي اچي ٻارن ۽ نوجوانن کي ٻانهن جي ٻنهي ڏؤنرن يعني ٺونٺ کان مٿي ٻه ٻه ٽڪا هڻندا هئا، ڪجهه سال پوءِ هڪ ڏوري ۾ هڪ ٽڪو لڳايو ويندو هو. ليڪن ماتا ٿي پوڻ کان پوءِ ڪو خاص علاج ڪونه هوندو هو، بس پڙهائي وغيره ڪرائي ويندي هئي، هاڻي الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان ماتا ملڪ مان بلڪل ختم ٿي چڪي آهي، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، (رب پاڪ شال ماتا توڙي ٻين موذي مرضن کان مڙني کي محفوظ رکي.) مطلب ته بابا جي چئن پٽن مان آئون اڪيلو وڃي رهيس، جڏهن ته ڀينرون ست هيون.

[ڇپيل: ’امرتا‘ جنوري 2004ع]