ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

مِٺا محب ماڻهو، پرين پيار وارا

سونهاري سنڌ صدين کان وٺي، ڪيئي پير فقير ، درويش ، اولياء ، عالم ، صوفي ، سالڪ ، دانشور ، سگهڙ ، صحافي ، عاشق ، عارف ، اديب ، شاعر، اداڪار ، صداڪار ، فنڪار ، ڏاها ، ڏات ڌڻي ۽ املهه انسان پيدا ڪيا آهن ۽ پيدا ٿيندا رهندا. اهو سلسلو ختم ٿيڻو ناهي، جاري آهي ۽ جاري رهندو، قبله حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب به اهڙن ئي املهه انسانن مان هڪ هو، جنهن جي وصال کي 9 سال گذري ويا آهن، پر سچ پچ ته ڪلهوڪي ڳالهه ٿي لڳي.
11 جنوري 1993ع جي شام جو ساڍين ڇهين وڳي ڌاري آئون پنهنجي دوست ۽ شاعر محمد عثمان منگي اسسٽنٽ ڪمشنر، ٽنڊو الهيار جي بنگلي تي پهتس، جتي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جو پروگرام پروڊيوسر قربان چنا صاحب پڻ موجود هو، پهچڻ سان ٻنهي دوستن مون کان پڇيو ته، ”اوهان ٽي ويءَ تان سنڌي خبرون ڏٺيون؟“
مون چيو، ”نه !“ چيائون، ”مخدوم صاحب گذاري ويو.“
انهيءَ مختصر، پر نهايت ئي دکدائڪ جملي ٻُڌڻ کان پوءِ اسين ٽيئي ڄڻا وڌيڪ ڪجهه به ڳالهائي نه سگهياسين ۽ ڪافي وقت خاموش ويٺا رڳو هڪ ٻئي جي مُنهن ۾ نهاريندا رهياسون ! شايد ٽنهي کي خبر تي ويساھه ڪونه پئي آيو ته ڪو واقعي مخدوم صاحب وفات ڪري ويو آهي. ڇو جو اهڙا عظيم انسان مرندا ٿوروئي آهن، اهي ته صدين تائين زندھه رهندا آهن. قبله سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جهڙا سهڻا، سٻاجها، اهلِ دل، اديب، عالم، شيرين زبان شاعر، يارن جا يار، غمخوار، خوش خلق، خوش پوش، درگذر ڪندڙ، اڇا اُجرا، نازڪ نفيس ۽ ماکيءَ کان مٺا ماڻهو سچ پچ ته خوش قسمت قومن ۾ مدتن کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. پاڻ بهترين شاعر، نثر نويس، نظم توڙي نثر جي ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف ۽ موسيقيءَ جا ماهر هئا. قبله طالب الموليٰ سائين سان هالا، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي قرب واريون ڪچهريون ۽ روح رهاڻيون ٿيون، ڪيترن ئي مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ سندن خدمت ۾ حاضر رهيس، اهي قربائتيون ڪچهريون وسارڻ سان به نٿيون وسرن، سندن سُهڻي صورت ۽ من موهيندڙ مُرڪ اڄ به اکين آڏو آهي. پاڻ جڏهن طبيعت ۾ ناخوش رهڻ لڳا ته پوءِ ڪڏهن روبرو ته ڪڏهن ٽيليفون تي سندن خيريت معلوم ڪندو رهندس هوس، فون تي ڪڏهن ته پاڻ به ڳالهائڻ جي مهرباني ڪندا هئا، ڪڏهن وري سندن خدمتگار/ملازم ٻڌائيندا هئا ته سائين خوش آهن، انهيءَ کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن قبله جميل سائين يا عقيل سائين جن سان ٽيليفون تي رابطو ٿي ويندو هو ته کانئن سائين وڏن جي صحت بابت پڇي وٺندو هوس.
1955ع کان قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن سان نياز مندي ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو آخري وقت تائين قائم رهيو، آئون پاڻ لاءِ اهو هڪ اعزاز ٿو سمجهان ته مخدوم صاحب جن جا کوڙ سارا خط مون وٽ موجود آهن، پاڻ منهنجي هر خط جو جواب باقاعدگيءَ سان لکندا هئا، ايتري قدر جو ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، راولپنڊي ۽ لنڊن مان به خط لکيائون ۽ قبله حضرت طالب الموليٰ سائين هر عيد تي، عيد ڪارڊ پڻ اُماڻيندا هئا.
مون کي ياد آهي ته ڊسمبر 1984ع ۾ آئون، منهنجو دوست سليم بچاڻي صاحب ۽ منهنجو وڏو پٽ شير محمد شاھه (مرحوم) هالا ۾ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين ۽ مون منهنجي ننڍي پٽ سجاد علي شاھه جي طهر (3 جنوري 1985ع) جي دعوت جو ڪارڊ پيش ڪيو، پاڻ پڙهي فرمايائون ته ڏاڏاهي صاحب موسم به سياري جي آهي، پر تنهن هوندي به جيڪڏهن طبيعت صحيح هوندي ته اسين پاڻ اينداسين، نه ته به اسان مان ڪو (فرزندن مان) ضرور شرڪت ڪندو ۽ پوءِ مقرر تاريخ 3 جنوري 1985ع تي رات جو سندن فرزند قبله مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ صاحب تشريف فرما ٿيا. وري سندن طرفان اڃا به وڌيڪ عزت ۽ مانُ ڏيڻ جو خوبصورت انداز ڏسو ته قبله مخدوم سعيد الزمان عاطف صاحب هٿ هڪ خط به لکي موڪليائون، جنهن ۾ لکيل هو ته، ”طبيعت جي ناسازيءَ سبب اسين پاڻ نه اچي سگهيا آهيون، ليڪن پنهنجي پاران مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ موڪلي رهيا آهيون، اوهان کي ڪاڄ جون مبارڪون ڏيون ٿا.“
قبله مخدوم طالب الموليٰ سائين جي قربن ۽ نوازشن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڪجن! الله سائين جهڙي کين سُهڻي صورت ڏني هئي اهڙي ئي پيار، پاٻوھ، خلوص ۽ محبت واري دل به عطا ڪئي هئي، ليڪن وساريو پونئيرن به ناهي، قبله مخدوم امين فهيم صاحب، سندن لائق فرزندان قبله جميل الزمان صاحب ۽ مخدوم عقيل الزمان صاحب توڙي ٻيا مخدوم صاحبان به ياد ڪندا رهندا آهن. مثال طور 15 آڪٽوبر 1993ع تي قبله جميل سائين ٽيليفون ڪيو ۽ چيو ته، ”مرڪزي بزم طالب الموليٰ طرفان 4 نومبر 1993ع تي رات جو سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي بيت الحڪمت هال ۾ پهريون ڪل سنڌ مخدوم طالب الموليٰ يادگار مشاعرو ڪرايو پيو وڃي ۽ مرڪزي بزم طالب الموليٰ جي چيئرمين ۽ درگاھه حضرت مخدوم نوح عليه رحمت جي موجوده سجاده نشين قبله مخدوم امين فهيم صاحب جن جي خواهش موجب اوهين انهيءَ مشاعري ۾ خاص مهمان هوندا.“ ۽ واقعي يادگار مشاعرو ٿيو، صدارت مخدوم شفيق الزمان (مرحوم) ڪئي، قبله جميل سائين به موجود هئا، مشاعري جي ڪاروائي مشهور شاعر انور هالائي (مرحوم) هلائي، مذڪوره مشاعري ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پنجاھه کان وڌيڪ شاعرن شرڪت ڪئي.
قبله مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ سائينءَ جي يادگيرين جو جيڪڏهن تفصيلي ذڪر ڪبو ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويندا، پر ڪي اهڙا لحما به ياد ٿا اچن جو بي اختيار اکين مان لڙڪ لڙيو پون، تاريخ ته ياد ناهي پر اندازن سال 1965-66ع جي ڳالهه آهي ته آئون صبح جو سندن حيدرآباد واري بنگلي تي پهتس، کين ٻڌايو ويو، پاڻ بنا دير جي سڏايائون ۽ هميشه وانگر مرڪي مليا، خوش خير عافيت ٿي، حال احوال ورتائون، تيستائين نوڪر اسپيشل چانهه کڻي آيو ۽ رکي هليو ويو، مخدوم صاحب جن پاڻ چانهه ٺاهڻ لڳا، مون عرض ڪيو، قبله آئون ٿو چانهه ٺاهيان، چيائون نه اوهان ڇڏيو، اسين ٿا ٺاهيون ۽ پاڻ پنهنجن هٿن مبارڪن سان چانهه ٺاهي، هڪ ڪوپ مون کي ڏنائون ۽ پاڻ به پيتائون. اهڙا قرب ۽ اهڙي پنهنجائپ ڀلا ڪٿي ٿي وسري سگهي، ڇا ته ماکيءَ جهڙي مٺي نرم لهجي واري سندن گفتگو هئي، ڇا قرب واري ڪچهري هئي، هر لفظ سوچي ويچاري توري تڪي ڳالهائيندا هئا. سال 1994ع جي جنوري مهيني جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي ان وقت جي پروگرام پروڊيوسر (هاڻي پروگرام مئنيجر) منظور قريشي صاحب جو ٽيليفون آيو ته سڀاڻي ٽي وي اسٽيشن تي پهچي وڃو. قبله مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن جي پهرين ورسيءَ جي سلسلي ۾ سندن ياد ۾ پروگرام رڪارڊ ڪرڻو آهي، آئون مقرر تاريخ ۽ ٽائيم تي پهچي ويس، رڪارڊنگ ٿي جنهن ۾ قبله مخدوم جميل الزمان صاحب، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب، امداد حُسيني، عبدالقادر جوڻيجو، جميل الدين عالي صاحب ۽ آئون شريڪ ٿياسين ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ڪمپيئرنگ ڪئي، مذڪوره پروگرام پي ٽي وي ڪراچيءَ تان 11 جنوري 1994ع تي شام جو ٽيليڪاسٽ ٿيو.
قبله حضرت مخدوم طالب الموليٰ سائين مون کي ته تمام گهڻي عزت ڏيندا هئا، پر منهنجي پٽ جاويد کي به ڀائيندا ۽ پيار ڪندا هئا. شال الله تبارڪ و تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جايون ڏي ۽ پونيئرن کي سندن نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

[ڇپيل: ’امرتا‘ جنوري 2002ع]