ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اربعا خطا 9

اصل کان وٺي انسان خود پسند رهيو آهي ۽ رهندو اچي، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي حسين، جميل، عقلمند ۽ اڪابر سمجهي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ سان بي انتها پيار ڪري ٿو !
پنهنجي واکاڻ ۽ نالو ٻڌي خوش ٿئي ٿو ۽ اها فطري ڳالهه به آهي! ڇو جو جيڪڏهن ماڻهو پنهنجو پاڻ پسند نه ڪري! بيوقوف سمجهي ۽ پاڻ کان نفرت ڪري ته پوءِ جيڪر مرڻ کان اڳيئي مري وڃي !!
اهڙي طرح شهرت به هر ڪنهن کي وڻي ٿي، ماڻهو چاهي ٿو ته مشهور هجان، جيئن ڏسڻ وارا پري کان ئي سڃاڻي وٺن ۽ چون ته، ”او اهو فلاڻو صاحب پيو وڃي!“ ۽ جتان به لنگهان ته ماڻهو ادب ۽ احترام سان سلام ڪن!! ائين آهي به سهي ته ڪن اهڙن ئي مشهور معروف ماڻهن سان ملڻ يا سندن ڪاڄ، راڄ، ڪوٺ ۽ ڪچهري ۾ اچڻ کي باعثِ فخر ۽ عزت سمجهيو ويندو آهي ! پر شهرت به اها جيڪا محنت، مشقت، فن، فڪر، علم، عقل، ادب، تهذيب، سر، سنگيت، ڪردار، گفتار، ڏات ۽ ڏاهپ جي ڪري نصيب ٿئي ؟ باقي پئسن تي پنهنجي پبلسٽي ڪرائي شهرت حاصل ڪرڻ کي سچي پچي ۽ حقيقي شهرت ٿوروئي چئبو !
ڪيترائي ڪروڙپتي گمناميءَ جي زندگي گهاري گذاري ويا، جن جو نالو به ڪنهن کي ياد نه هوندو ، پروري ڪيترا مسڪين ۽ مولائي ماڻهو خدا داد صلاحيتن سبب جڳ مشهور آهن .
سو منهنجا سائين ! آئون به انسان آهيان، ٻين وانگر مون کي به پنهنجي تعريف ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي ! هونئن ته ورهين کان وٺي ڪافيون ڪلام پنهنجا کوڙ سارا ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان نشر ٿيندا رهيا آهن ۽ جڏهن به ٻڌندو آهيان ته ڏاڍا وڻندا اٿم! ڀلا پنهنجي تخليق ڪيئن نه وڻندي ؟ پر ڪڏهن ڪڏهن ڪا شئي ڪنهن سبب جي ڪري وڌيڪ وڻي ويندي آهي ! اڄ کان 24 سال اڳ جي ڳالهه آهي شام جي مهل ريڊيو ويٺي ٻڌم ته منهنجي ئي هڪ ڪافي حسين بخش خادم ڳائي جنهن جا ٻول هئا، ’ڪانگا ڪج ڪا ڳالهه، منهنجي محبوبن سان.‘ شام جي ٿڌڙي ۽ پُرسڪون پهر ۾ حسين بخش جي جوانيءَ واري مٺڙي ۽ سريلي آواز ۾ ڪافيءَ اهڙو مزو ڏنو جو ڪجهه ساعتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺس! پر اڃا به جنهن خاص ڳالهه جي ڪري مذڪوره ڪافي جي اهميت مون وٽ وڌي ويئي آهي، سا هيءَ آهي ته ٻن ڏينهن بعد 12 سيپٽمبر 1967ع تي قبله مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ صاحب جن جو نوازشنامو (خط ) پهتو (خط و ڪتابت جو سلسلو اڳيئي هلندڙ هو، جيڪو سندن مهربانيءَ سان اڃان تائين جاري آهي) جنهن ۾ پاڻ تحرير فرمايائون ته، ”هن وقت شام جا پنج لڳي ٽيهه منٽ ٿيا آهن، ۽ حسين بخش اوهان جي ڪافي ’ڪانگا ڪج ڪا ڳالهه، منهنجي محبوبن سان.‘ ڳائي پيو، جيڪا اسان کي تمام گهڻو وڻي آهي. واھه واھه ! هاڻي ڪافي ته پوري ٿي چڪي آهي، پر دل جي ڪَنن ۾ اڃا ٻُري پئي.“
مخدوم صاحب جن جهڙا عالم، اديب، دانشور ۽ عظيم شاعر ڪِنهن ڪافي، ڪلام کي پسند ڪري تعريفي لفظ لکي موڪلين. اها ته هڪ وڏي ۾ وڏي سَنَد ۽ اعزاز آهي.
سنڌ جي برک ليکڪا محترمه ماهتاب محبوب صاحبا جي لکڻ موجب، جڳ مشهور عالم، اديب ۽ تاريخدان سائين پير حسام الدين راشدي مرحوم کي منهنجا ڪلام ۽ ڪافيون ايتري قدر پسند هئا جو پاڻ انهن جون ڪيسٽون ڀرائي رکيون هئائون، جيڪي دوستن جي ڪچهرين ۾ توڙي اڪيلائي ۾ ٻڌندا رهندا هئا. اهڙو ذڪر ممتاز مرزا صاحب به ڪيو ۽ چيائين ته پير صاحب جن ڪيترا ڀيرا مون کي به چيو ته ٽي ويءَ تي مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو ڪلام وڌيڪ هلايو وغيره... نامياري اديب نسيم کرل مرحوم به منهنجن ڪلامن جون ڪيسٽون ڀرائي رکيون هيون.
بهرحال! هيءَ هئي پنهنجي پاڻ ساراھه جيڪا مون ڪئي! تعريفي ڳالهيون ته اڃا گهڻيون ئي آهن، پر اهي وري ڪنهن ٻئي وقت ڪبيون. دوستو! زندگيءَ ۾ حضرت عشق جي ور به چڙهياسون، پنهنجي طرفان پيار به ڪيوسون (ٻي پاسي کان ته الائجي هو يا نه ؟)

ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو!
محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين!
محبوب ماڻا ڪري رُٺا ته ميڙون منٿون ڪري، روئي رڙي پرچاياسون! ۽ سڄي حياتيءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو آئون به من گهريي محبوب سان ماڻو ڪري، انهي آسري تي رُٺس ته ضرور پرچائيندو... پر منهنجو خيال غلط نڪتو، محبوب کنگهيو ئي ڪونه! پڇا به ڪانه ڪيئين! نيٺ لاچار ٿي هفتي کن کان پوءِ آئون پاڻ وڃي پرتس!
۽ وري هميشه لاءِ رسڻ کان توبهه ڪيم !!!

[ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 4 مارچ 1992ع]