ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

عشق نه پڇي ذات

ماضيءَ جي لاتعداد خوبصورت يادگيرين مان هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي ته اسان جي ڳوٺ بلڪ اوطاق تي يڪتاري پوٽا، کڙتال / چپڙيءَ تي ڳائڻ وارا، ويهي هارمونيم تي ڳائيندڙ قاسم علي شاھه ، ڀورو خالصو ۽ مٺُو ڪڇي، بيهي ڳالهه ڪري ڳائڻ وارا اسحاق ڪارو مڱڻهار، علو درس، ڏوڏو شيدي ۽ ناچو ڇير ٻڌي ڳائڻ وارن ۾ سيد سليمان شاھه ، حُسين جمالي، مصري ڀيل ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ۽ مقبول هئا، ناچن ۾ مصري ڀيل جو جهڙو نالو تهڙو آواز به مٺو هو ۽ اهڙو ئي شڪل صورت جو به سهڻو هو، جنهن مهل ڇير ٻڌي، پنهنجا وڏا ۽ ڪارا وار ڪلهن تي کولي نچندو ۽ سريلي آواز ۾ ڳائيندو هو ته ڏسندڙن ۽ ٻُڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هو ۽ ماڻهو مٿانس نوٽن جون گهورون پيا گهوريندا هئا، اسان جي ڳوٺ کان ڳپل پنڌ تي ٻڍي قمبراڻي واري پاسي جي ننگر خان ڪلوئي نالي همراهه کي ٻه ٽي ٻارا ٻنيءَ جا به هئا ته مالوند به هو، سو مصري ڀيل جي مٺي آواز ۽ سهڻي صورت تي اڪن ڇڪن ٿي پيو، پهريائين پاڻ وٽ گهرائي کيس ٻُڌندو ۽ انعام/گهور ڏيندو هو، پر جڏهن آهستي، آهستي سندس مالي حالت ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ ٻنيون ٻارا ۽ مال متاع به عشق جي نذر ٿي ويا ته پوءِ جتي مصري جي محفل هوندي هئي، اتي اڻ ڪوٺيو وڃي سهڙندو هو، چون ٿا ته مصريءَ کيس گهڻو سمجهايو ۽ سنگتين ساٿين به صلاحون ڏنيون ۽ هدايتون ڪيون پر ننگر نه مڙيو، ڀلا عشق ۽ عقل پاڻ ۾ ڪڏهن ٺهيا آهن ! جو عاشق تي ڪنهن نصيت جو اثر ٿئي ؟
سو نيٺ اها حالت وڃي بيٺي مصريءَ جي متوالي ننگر نماڻي جي، جو مصري ڀيل جي سازندن سان گڏ ڍولڪ يا هارمونيم/باجو کڻيو پيو هلندو هو، چون ٿا ته مصريءَ کي ڪنهن ڪاڄ يا محفل ۾ جڏهن گهور گهٽ ملندي هئي ته ننگر کي نڀاڳو چئي دڙڪا ڏيندو هو ۽ الائجي ڇا جو ڇا چوندو هو، پر مجال آهي عاشق ننگر جي، جو پنهنجي محبوب مصريءَ جي مهڻن ۽ طعنن جو ڪو جواب ڏي ؟
بس زاروزار روئڻ لڳندو هو، پوءِ ڪجهه لمحن بعد جڏهن مصري کيس ڳراٽڙي پائي پيار مان پرچائيندو هو ته ننگر خان جون عيدون ٿي وينديون هيون.
آئون انهن ڏينهن ۾ ننڍو هوس پر مون مصري ڀيل جو ڳائڻ ٻڌو ۽ سندس ناچ ڏٺو هو ۽ ننگر کي به ڏٺو هيم !!
هاڻي خبر ناهي ته جيئرا آهن جهان ۾ يا ويا وارو وڄائي !
اهو ڪو هڪڙو واقعو ناهي پر اهڙا ڪيترائي سونهن تان صدقي ٿيڻ وارا عاشق ويچارا هئا ۽ هينئر به آهن ؟ عاشق عشق ۾ ذات پات، حسب نسب ۽ غريبي اميريءَ کي ٿورو ئي ڏسندو آهي ! عاشق ته پنهنجي معشوق، مرغوب، مطلوب، محبوب جي هر ادا ۽ هڪ هڪ ناز تان سئو سئو ڀيرا صدقو ٿيندو آهي، جيئن ننگر خان مصري ڀيل تان !!


[ڇپيل: ’امرتا‘ مئي 2004ع]