ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اربعا خطا 4

دنيا ۾ سُر تار وارا به کوڙ آهن، ته بي سُرن جي به ڪمي ڪانهي !
جنهن به شعبي ڏانهن نگاهه ڪبي ته ڪم وارن ۽ محنتي ماڻهن سان گڏ ڪجهه ناٽائو ۽ بي ڪمان به ضرور نظر ايندا. جتي وڏا عالم، اڪابر، ڏاها ۽ ڏات ڌڻي هوندا، ته ان ئي شهر يا ڳوٺ ۾ پڪ سان بيوقوفن جي به اڻهوند نه هوندي !
سو اهو قدرت جو قانون آهي جيڪو ڪروڙين سالن کان هلندو پيو اچي ۽ قيامت تائين هلندو رهندو، اُئين ئي جيئن حياتي ۽ موت ؟
اسان جي سنڌ سونهاريءَ ۾ فنڪارن جو ڪڏهن به ڏڪار نه رهيو آهي، ڪلاسيڪل راڳ کان وٺي هلڪي ڦلڪي موسيقي تائين اسان جي سهڻن ۽ سُريلن فنڪارن هميشه بهترين فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايو آهي ۽ پنهنجو توڙي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن پئي ڪيو آهي. سٺا فنڪار اسان وٽ اڳ به هئا ۽ اڄ به آهن، پر سندن چوڻ آهي ته اهي ٻُڌڻ سُئڻ وارا مور ماڻهو ۽ قابل قدردان ناهن رهيا، جن جي قرب وارين ڪچهرين ۽ ماکيءَ کان مٺين محفلن ۾ ڳائي، وڄائي کين دلي سرور حاصل ٿيندو هو !
فنڪار به هڪ انسان آهي، سندس طلبون، تمنائون ۽ ضرورتون به ٻين انسانن کان هرگز مخلتف ناهن ! فرق رڳو اهو آهي ته فنڪار فطري طور ڏاڍو حساس طبع هوندو آهي. صحيح ۽ سچي پچي فنڪار جي سڃاڻ (پرک) اها آهي ته هو دان کي ترجيح نه ڏيندو. هن کي روڪڙي انعام کان وڌيڪ راڳ جي پارکو جي داد جي ضرورت هوندي آهي، جيڪو کيس ڌيان ۽ دل سان ٻُڌي پسند ڪري پوءِ واھ واھه ڪري !
راڳ جي ڄاڻ رکندڙ ۽ فنڪارن جي قدردانن جي ڳالهه نڪتي آهي ته مون کي راڳ جو پارکو، ڪلاڪارن جو قدردان، ماتلي جو مور رئيس ڪريم بخش نظاماڻي شدت سان ياد پيو اچي، جنهن جي محفل سدائين متل هوندي هئي، پاڻ ماتلي ۾ پنهنجي بنگلي تي هجي يا ڪنهن ميلي ۾ اوطاق اڏيو ويٺو هجي، يا کڻي ڪنهن يار قربدار وٽ مهمان هجي. ڳائڻن جا ڪٽڪ سدائين سندس ڪڍ هوندا هئا ! جتي پهتو پاڻ، اتي راڳ رهاڻ ! وٽس ڪلاسيڪي راڳ جا استاد راڳي ( گويا ) هلڪي ڦلڪي موسيقيءَ جا سريلا ڳائڻا، ڳائڻيون، توڙي ڀلوڙ ٽولين وارا، سڀئي پيا ايندا هئا ۽ چونڪي ڏيندا هئا.
پاڻ روڪڙو انعام گهٽ ڏيندو هو، پر ڳائڻا پئسن کان وڌيڪ رئيس جي داد جا طالب ۽ تمنائي هوندا هئا، رئيس طرفان پسنديدگي جي اظهار کي بهترين فن جو سرٽيفڪيٽ سمجهيو ويندو هو. لاڙ جو مشهور ڍولڪ نواز علڻ مڱڻهار ۽ هارمونيم (باجي) جو بادشاھه ڪاريگر استاد شاھه محمد ڪلوئي مرحوم چوندا هئا ته رئيس پڪواز ۽ باجي جو ايڏو ڄاڻو هو، جو اسين سندس محفل ۾ ڊڄي ڊڄي وڄائيندا هئاسين !
منهنجون ملاقاتون رئيس ڪريم بخش خان سان، مير جان محمد ٽالپر مرحوم ڊگهڙيءَ واري سان گڏ سمن سرڪار جي ميلي ۾ ٿينديون هيون، رئيس جي ماهر موسيقي هئڻ جي ته اسان سڀني کي آڳاٽي خبر هئي، پر جڏهن سندس آتم ڪهاڻي (يادگيرين) جي ضخيم ڪتاب ’ڪيئي ڪتاب‘ جا ٻه جلد ڇپجي پڌرا ٿيا (جيڪي مون وٽ موجود آهن) تڏهن اها به سُڌ پئي ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻي راڳ جي پارکو هئڻ سان گڏ وڏو اديب، ليکڪ ۽ دانشور به هو ( هاڻي ٻڌو اٿم ته ’ڪيئي ڪتاب‘ جو ٽيون جلد به ڇپيو آهي) رئيس شاعري به ڪئي، سندس ڪلام مشهور لوڪ فنڪار اسحاق ڪارو مڱڻهار مون کي اچي ٻڌائيندو هو. رئيس زنده دل ۽ خوش مزاج ماڻهو هو، سندس خوش طبعي جي باري ۾ اسحاق ڪاري ٻڌايو ته هڪ ڀيري اسين درجن کن ڳائڻا رئيس جي بنگلي تي واري واري سان ڳائي رهيا هئاسون ته هڪ ڳائڻو پهريون دفعو اچي پرگهٽ ٿيو، ڪجهه دير بعد نئين آيل ڳائڻي کي وارو ڏنو ويو، همراھ حد کان وڌيڪ بي سُرو هجي ! پر رئيس کانئس ٻه ڪلام به ٻڌا ۽ پنجاھه رپيا انعام به ڏنو. اسين خاموش رهياسين، صبح جو جڏهن اهو ڳائڻو موڪلائي ويو هليو، تڏهن مون دل جهلي رئيس کان پڇيو، ”سائين اسان ٻن ڏينهن کان ڳائي ڳائي ٿڪي پياسين پر اوهان اسان کي رپيو به ڪونه ڏنو ۽ هن بي سُري ڳائڻي کي پنجاھه رپيا ڏيئي ڇڏيو، سو ڇو؟“
رئيس چيو، ”ڪارا فقير، سُرتار وارا فنڪار مون ورهين کان پئي ٻڌا آهن، پر ههڙو بي سُرو ڳائڻو ڪڏهن ڪونه ٻڌم، تنهن ڪري هن کي سندس بيحد بي سُرائيءَ جي باوجود به ڳائيندو رهڻ تي انعام ڏنم.“
اڄ لاڙ وارا پيارا ماڻهو ياد پيا آهن ته ڏاڏاھه ۽ ڏيئي شهر جي وچ پنڌ تي ميمڻن جي ڳوٺ واري لوڪ ڳائڻي علو درس جي صورت اکين اڳيان پئي ڦري جيڪو پنهنجي وقت جو سٺو ۽ سريلو ڳائڻو هو ۽ هو ڏانڊئي تي نچي ڳائيندو هو، انهي زماني ۾ ڏوڏو شيدي به ساڳي ريت ڏانڊئي تي ڳائيندو هو، هڪ ڀيري سمن سرڪار جي پڙ ۾ علو درس ڳائي رهيو هجي ۽ ماڻهو کيس دل کولي انعام ڏيئي رهيا هجن. ڏوڏو شيدي به واري ملڻ جي انتظار ۾ واجهائي رهيو هجي! پر نه علو جي ڪلامن جو سلسلو کُٽي ۽ نه ڏوڏي کي وارو ملي! علو درس هڪ پويان ٻيو، ٽيون ۽ پوءِ چوٿون ڪلام شروع ڪيو، جنهن جا ٻول هجن:
اک اُڃايل، دل بکايل، سي ٻئي بند ۾ ڪنهن وڌيون،
تنهنجي سُورن جون ڪي سنگهرون، منهنجي ڪنڌ ۾ ڪنهن وڌيون.
ڏوڏو شيدي، جيڪو سڙيو ويٺو هو، تنهن هڪل ڪري چيس، ”علو! اهي سنگهرون سمن سرڪار وڌيون اٿئي.“
انهي تي محفل ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ علو درس کي ويهاري ڏوڏي شيدي کي وارو ڏنو ويو:
اڄ دکيءَ دل کي وري، دلبر دلارا ياد پيا!
راتڙيون راحت ڀريون، ڏينهڙا پيارا ياد پيا!
هُو عجيبن جا اوتارا، مور ماڻهو، محبتي،
اُتر، اولهه، ٿر، ڪراچي، لاڙ وارا ياد پيا!

[ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 04 ڊسمبر 1991ع]