اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 3
باقي قرب ۾ قربانيون ته ڏيڻيون پونديون آهن، من گهرئي محبوب جا انگل آرا به کڻڻا پوندا آهن، پوءِ محبت جي مامري ۾ جيڪڏهن سسئيءَ کي جبل جهاڳڻا پيا ۽ پنهون بادشاھه کي ڌوٻي گهاٽ تي ڪپڙا ڌوئڻا پيا، يا مائي سهڻيءَ کي ڪچو گهڙو ڪڇ ۾ ڪري، درياه ۾ بنا گهيڙ گهڙي واڳن جي ور چڙهڻو پيو ته ڇا ٿي پيو ؟
محبت جي مزن ماڻڻ وارن کي ڏک سور ته اوس سهڻا پوندا آهن ۽ اهي سور سختيون نه هجن ته ڪر سچي ۽ ڪوڙي عشق جي پرک پروڙ ڪيئن پوي.
انهن عشق جي آزارن، قرب ۾ قربانين ۽ محبت جي مصيبتن ئي ته اهڙن عاشقن کي امر مڻائي ڇڏيو آهي ۽ سندن ياد تيستائين رهندي جيستائين هي دنيا قائم آهي،ڇا اهو اعزاز ۽ انعام گهٽ آهي عاشقن لاءِ ؟
عشق ناهي راند، جا کيڏن ڳڀرو،
سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿيئي.
مون کي ياد آهي ته اسان جي اصلي ۽ اباڻي ڳوٺ ڏاڏاھه ويجهو هڪ ناچو ڳائڻو مصري ڀيل نالي هو، ذات تي ڏات ڪانهي، مصري ذات جو ته ڀيل هو پر الله سائين کيس سهڻي صورت ۽ مٺڙي آواز جي نعمت سان نوازي ڇڏيو هو. انهي مصري ڀيل جي آواز ۽ انداز تي ٻڍي قمبراڻي جي پاسي جو هڪ شخص ننگر ڪلوئي عاشق هوندو هو ۽ جتي به مصري ڀيل جي محفل هوندي هئي اتي ننگر اڻ ڪوٺيو وڃي سهڙندو هو. مون پاڻ ڏٺو ته جيستائين مصري نچندو ۽ ڳائيندو رهندو هو تيستائين ننگر ڪلوئي پيرن ڀر بيٺو هوندو هو، پوءِ ڀلي ته سنجهي کان صبح ڇو نه ٿي وڃي، ڇو جو مصري هن جو محبوب هو ۽ محبوب بيٺو هجي ته عاشق ڪيئن ويهي آرام ڪري. مصري ڪڏهن ڪڏهن بيزار ٿي کيس ڇڙٻون ۽ دڙڪا به ڏيندو هو، پر نينهن ۾ نروار ٿيل ننگر مرڪندو ۽ مصريءَ کي منٿون ڪندو رهندو هو. اها چاليهارو کن سال پراڻي ڳالهه آهي، خبر ناهي ته ٻئي حيات آهن يا گذاري ويا. تنهن ڪري مڃڻو پوندو ته عشق ڪا وچڙندڙ، خطرناڪ يا مارڻ کارڻ واري بيماري ناهي. ها، باقي اڳوڻي ۽ اڄڪلهه واري عشق ۾ فرق ضرور آهي. انهي باري ۾ منهنجي پڳ مٽ يار پيراڻي پريم نگريءَ موجب ته اڳي واندڪائي به هئي ته سستائي به هوندي هئي ۽ دهشتگردن توڙي ڌاڙيلن جون ڪاروايون به ڪونه هونديون هيون.
جڏهن ته هينئر هر ماڻهو مصروف آهي، ڪنهن کي به فرصت ڪانهي هر ڪو پئسن گڏ ڪرڻ ۽ راتو رات دولتمند ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي. اڳي ڪو مٽ مائٽ يا واسطيدار وفات ڪري ويندو هو ته چاليهي تائين پٿر تي ويهبو هو، جڏهن ته هاڻي ڪانڌي مقام تان ئي موٽ ٿا کائين. اڳي شاعر پنهنجي محبوب جي اکين جي مشابهت تيرن، تلوارن، خنجر ۽ ڀالن سان ڪندا هئا، مثال طور:
تنهنجون تير اکيون، تلوار اکيون،
ڪن روز ڪهڻ جي ڪار اکيون.
۽ هاڻي تازو غازي خان ’گگدام‘ سندس نئين لکيل ڪافي اصلاح لاءِ مون وٽ کڻي آيو، جنهن ۾ محبوب جي مغرور اکين جي ڀيٽ موجوده جديد هٿيارن سان هن ريت ڪيل هئي ته :
تنهنجون ڪاريون ڪلاشنڪوف اکيون،
ٻئي گن مشين يا توف اکيون.
يا اڳي محبوب جي خوبصورت اکين سان گڏ وري تيل ڦليل سان سينگاريل ۽ سنواريل وڏن وارن جي به دل کولي واکاڻ ڪبي هئي، جيڪي ڪارا ڊگها واسينگ وار ويچارن عاشقن کي ونگ وجهي جڪڙي وجهندا هئا ۽ انهن سهڻن سُرهن وارن جي قيد ۾ هڪ دفعو قابو ٿيڻ کان پوءِ رهائي ڪن نصيب وارن کي ئي نصيب ٿيندي هئي. جن لاءِ شاعر ٿو فرمائي ته :
”تنهنجي زلف جي بند، ڪمند وڌا، زندان هزارين مان رڳو.“
۽ هاڻي شيمپو سان ڌوتل ۽ ڪتريل وارن جي تعريف ڪجي ته ڪهڙي طرح ڪجي؟
باقي هاڻوڪن عاشقن کي ايترو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ڪٽيل وارن ۾ قيد ٿيڻ کان بهرحال بچي ويا آهن. ڇو جو ايڏا وڏا وار ئي ڪونه آهن جن جا بند ڪمند پون. هاڻي ته محبوب جي ڪٽيل وارن واري مٿي مبارڪ ۽ ڄاهي ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
اڳي پنهنجي مٺڙي محبوب جي دلربا چهري ( منهن مبارڪ) جي چنڊ سان تشبيهه ڏبي هئي ۽ هاڻي جڏهن انسان وڃي چنڊ تي پهتو تڏهن خبر پئي ته چنڊ ويچاري جي حالت به صفا سنڌي شاعر جهڙي آهي. سچ پچ ته شاعرن لاءِ هاڻي وڏو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. هُو پنهنجي من گهرئي محبوب ۽ دلربا دلبر جي حُسن جمال جي ڀيٽ ڪن ته ڪنهن سان ڪن.
[ ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 01 آڪٽوبر 1991ع]