ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

آخري عشق

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ مان بهار جي بوءِ ايندي آهي، پوءِ ڪو ڪنهن جي لاءِ ته ڪو ڪنهن جي لاءِ! منهنجي ترڪڻي طبعيت اصل کان اهڙي ئي رهي آهي، جهڙي اڄ آهي. شل نه ڪا سهڻي صورت ۽ من موهڻي مُورت ڏسان، بس منٽن ۾ موهجي پيو. سندس آس پاس ڦيرا ڏيندس ۽ وري جي مَنَ گُهريو محبوب / محبوبا مرڪي پوي ته ڄڻ عيدون ٿي ويون، بنا سوچڻ ويچارڻ جي مٿس ’اڪن ڇڪن‘ ٿي پوندو آهيان.
ماڻهن کي عطر عنبير وڻن، پرفيوم پسند اچن. گلن جي خوشبو وڻي، بلاشڪ اهي سڀئي سرهاڻ جا سامان آهن، ڇو نه وڻن، پر آئون سدائين من گهرئي محبوب جي بي بها بدن جي مهڪ تي مست رهيو آهيان ! ڇو جو منهنجي خيال ۾ ٻيون سرهاڻيون ته هٿرادو هونديون آهن ۽ فقط چند گهڙين لاءِ سُرورُ بخشين ٿيون، ليڪن ماهرو محبوب جي جسم جي خوشبو ته هميشه هڪجهڙي هوندي آهي، جيڪا عاشق جو اندر ته ڇا، پر وڻ ٽڻ به واسيو ڇڏي، الله سائين ڪري شال محبوب سدائين مرڪندا رهن.
خير... ڪٿان جي ڳالهه ڪٿي وڃي پهتي! اڄ مون کي ذڪر ڪرڻو آهي پنهنجن پيارن، يارن، قربدارن جو، جن مان سليم بچاڻي به هڪ آهي. سليم ۽ آئون سِڪَ ۽ سنگت جو سڳو سالن کان سوريندا پيا اچون. نڪو هوُ ٿو ڇني نڪو آئون ٿو ڇنان! شابس هجي سليم کي، جو ايڏي عرصي ۾ ڪڏهن به ڪوسو ٿي ڏوراپو نه ڏنو اٿس، نه ته منهنجن لڇڻن جي کيس سڄي خبر آهي.
سليم بچاڻي مون کي اڄ کان پورا پنجويهه سال، پنج مهينا ۽ پنج ڏينهن پهرين پسند آيو هو، اڇو ڳورو، سهڻو سرو قد، نازڪ نفيس، آئون پهرين ملاقات ۾ ئي مٿس دل جان سان عاشق ٿي پيو هوس، جنهن جي خبر کيس اڄ ڏينهن تائين ناهي !!
هونئن اڪثر ائين ٿيندو آهي ته عاشق معشوقن جا انگل آرا کڻندا آهن، پر هتي ان جي بنهه ابتڙ سليم منهنجا انگل آرا کڻندو رهيو آهي. پاڻ ڪچهرين جو ڪوڏيو، راڳ جو ڄاڻو ۽ مطالعي جو شوقين آهي، شاعري به ورهين کان وٺي ڪندو پيو اچي، شاعري ۾ مون کي پنهنجو استاد چوندو آهي اها سندس ذره نوازي آهي، جڏهن ته ادب جي اسڪول ۾ آئون پاڻ کي اڄ به شاگرد سمجهان ٿو.
عاشق به آئون مٿس ۽ وري منهنجون ارڏايون ڏسو، ڪجهه ڏينهن اڳ کيس هڪ ننڍڙي چٺي لکيم، ته: ”ٽيليفون نٿا ڪريو، تنهن کان بهتر آهي ته فون ئي ڪٽائي ڇڏيو.“ جنهن جي جواب ۾ پاڻ مختصر ليڪن جامع خط لکيائين، جيڪو جيئن جو تيئن پيش ڪجي ٿو:
محترم استاد سائين مرتضيٰ ڏاڏاهي!
قبله، نه فون ڪٽائي اٿم ۽ نه وري اوهان مان بيزار ٿيو آهيان، جو هرو ڀرو اوهان کان پاسيرو رهان، پر سائين توهان کي ته منهنجي هيڻي حال جي ڄاڻ آهي، منهنجي طبعيت ۽ صحت کان به واقف آهيو ۽ منهنجي مزاج کان به آشنا آهيو. اوهان جون ميارون مناسب نه آهن، پر جي پنهنجو سمجهي ڏيو ٿا ته اکين تي رکان ٿو. فون ڪرڻ ۾ دير لاءِ معذرت خواه آهيان، ان آس ۽ اميد سان ته هميشه وانگر ناچيز جون ڪوتاهيون درگذر ڪندا ۽ شفقت ڀري نگاهه سان جڏي جيءَ کي جيئڻ جو حوصلو بخشيندا رهندا.
’امرتا‘ رسالي ۾ ’وتائي فقير جو خط‘ پڙهيم، سچ پچ ته ڏاڍو پسند آيو، بندهه کي ان ۾ ياد ڪرڻ لاءِ ممنون آهيان. آئون ته اوهان جي تحريرن، تقريرن، گفتارن، ۽ بيانن ۾، جيڪي منهنجي لاءِ استعمال ڪندا آهيو، انهن اکرن جو ٿورو به لاهي نٿو سگهان، سواءِ دعائن جي - سدائين گڏ.

نياز مند
سليم بچاڻي

آئون اهو خط پڙهي روئڻهارڪو ٿي ويو هوس ۽ پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪيو هوم ته هاڻي ڪڏهن به ڪنهن دل واري کي ميار نه ڏبي !
مون انيڪ عشق ڪيا آهن، خوش قسمتيءَ سان ڪنهن هڪ ۾ به ناڪام نه ٿيو آهيان !
مون کي نصير مرزا جو مقناطيسي مرڪڻ، ڪوثر ٻرڙي جو کلڻ، بيدل مسرور جو ملڻ ۽ فقير محمد ڍول جو ’امرتا‘ لاءِ مضمون گهرڻ ۽ پنهنجو روئڻ ڏاڍو وڻندو آهي، انهن چئني ڄڻن جي مذڪوره چئن خوبين ۽ خصوصيتن تي به عاشق آهيان (پنهنجي روئڻ تي نه) آئون زندگي ۾ کِليو گهٽ ۽ رُنون گهڻو آهيان.
ڳالهه پئي هلي سليم بچاڻي جي ته سليم کي سمجهڻ ۽ سڃاڻن سولو ناهي، هُو ڏاڍو ڏکيو، ڏاهو ۽ ڏانءَ وارو شخص آهي، گَهڻ سَهُو به ڪمال جو آهي، ڪير ڀلي ڪيڏي سندس گِلا ڪري ۽ ڪو اچي ٻڌائيس، ته به ڪجهه ڪونه ڪُڇندو، بس مُرڪي ماٺ ٿي ويندو. عاشق به ذري گهٽ مون جهڙو آهي، حُسن اسان ٻنهي جي ڪمزوري آهي. سليم جي عشقن جي انگ جي خبر سليم کي هوندي. باقي مون زندگي ۾ ايڪونجاهه عشق ڪيا آهن، جن مان اٺيتاليهه پُڄاڻي کي پهچي چڪا، جڏهن ته ٽي حال هلندڙ آهن، انهن مان به آخري ايڪونجاهين عشق ته ڪَنَ ڳاڙها ڪري ڇڏيا آهن. نصير مرزا، هڪ اخباري انٽرويوءَ ۾ پنهنجي عشق بابت سئو سيڪڙو سچ ڳالهيو هو. جنهن تي مون کيس پرپُٺ داد ڏنو هو ۽ آفرين چئي هئي. آئون به عشق ، پيار ۽ محبت جون ڳالهيون لڪائيندو ناهيان، جڏهن ته انهن عادتن سبب نقصان به ڏاڍا برداشت ڪيا اٿم، پر مون پيار ڪري ڪڏهن به پڇتايو ناهي، پيار ڪري پوءِ پڇتائبو وري ڪيئن؟ پيار ته ڀاڳن وارن کي نصيب ٿيندو آهي ۽ آئون انهن ڀاڳن وارن مان آهيان. ارادو آهي ته عزيز ناز دائودپوٽي جي ناول ’حميده‘ جون قسطون خير سان پڄاڻي کي پهچڻ بعد، آئون ’امرتا‘ ۾ پنهنجن ايڪونجاهه عشقن جو سربستو احوال لکندس، جيڪو پڪ سان منهنجي ۽ ’امرتا‘ جي آخري ايامن تائين هلندو.


[ڇپيل: ’امرتا‘ اپريل 2003ع]