ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اڻ پوري آتم ڪٿا 2

هي انهن ڏينهن جون ڳالهيون آهن، جڏهن دل مذڪر ۽ دڪان مونث نه ٿيو هو، هاڻي ته نر، ماديءَ جي خبر ئي ڪانه ٿي پوي. تازو ئي مون پنهنجي اوطاقڙي تي ويٺل هڪ همراهه کي چيو ته هي پنج رپيا وٺ وڃي امتياز جي دڪان تان جنهنور جون ٽڪيون وٺي اچ، جواب ۾ فرمايائين ته سائين دير ٿي وئي آهي، منهنجو دل چوي ٿو ته دڪان بند ٿي ويئي هوندي ۽ ٻيو ته اهي جنهنور جون ٽڪيون ڇا ٿينديون آهن ؟ هاڻي ٻڌايو ته آئون روئان يا کِلان ؟
خير! اسان جو ڳوٺ جيئن ته ٻهراڙيءَ ۾ هو ۽ آئون يا ته هڪ جيڏن سان گڏ ويٺو فوني تي رڪارڊ وڄائيندو هوس، يا وري ڳوٺ جي ڇوڪرن (جيڪي اسان جي هارين نارين ۽ نوڪرن جا پٽ هوندا هئا.) سان گڏجي ٻنين تي گهمڻ راند روند ڪرڻ يا نصير واهه ۽ کٽياڻ واهه ۾ وهنجڻ ويندو هوس.
اسان واري لاڙ (تعلقو ٽنڊوباگو) جي جهنگ ۾ ڄاريون / کٻڙ، ٻيريون، لَيون، ڪَنڊيون، ٻٻر ۽ ڪرڙ عام جام هوندا هئا، جڏهن ته نم ۽ ٽالهي وغيره جا وڻ ڪٿي ڪٿي نظر ايندا هئا، کٻڙن / ڄارين ۾ مَڪ ۽ پيرون ٿيندا هئا، مَڪ به مٺي هوندي هئي پر ڳاڙها، اڇا ۽ ساوا پڪل پيرون ڏاڍا مٺا ٿيندا هئا، جيڪي اسين پٽي کائيندا هئاسون، انهي کان سواءِ ڪنڊين ۾ سنڱر ۽ ڪرڙن ۾ ڳاڙھا پڪا ٿيندا هئا، جيڪي پڻ ماڻهو کائيندا هئا، بلڪ مون به کاڌا، ڪرڙن وارا ’پڪا’ جڏهن ڪچا هوندا آهن ته انهن کي ڏونرا چئبو آهي انهن جو ٻوڙ به رڌبو آهي ۽ سانڌاڻو / اچار به ٺاهبو آهي، ٻنين ۾ وڻن تي گولاڙي ۽ گُرڙ جون وليون چڙهي وڻ کي وڪوڙي وينديون هيون. گولاڙي ۾ ڳاڙهيون لال گولون ٿينديون هيون جن کي شوق سان کائبو هو ۽ گرڙ وري ڪچا کائبا هئا، اهو جهنگلي ميوو / فروٽ هو، جيڪو هر غريب غربو بنان جهل پل جي واپرائيندو هو. تڏهن لاڙ ۾ زمينون مٺيون هيون ايتري قدر جو سانوڻي جي مينهن کان پوءِ پوٺن تي کُنڀيون نڪري اينديون هيون، کُنڀي جو ٻوڙ توڙي تريل ڏاڍيون لذيذ ٿينديون آهن، هاڻي سم ۽ ڪلر ٿي وڃڻ ڪري کنڀيون ٿين ئي ڪونه ٿيون. ان زماني ۾ لاڙ ۾ وڌ کان وڌ ساريال جي پوک ٿيندي هئي جڏهن ته رتڙيا ۽ موتيا چانور ٿيندا هئا، موتين چانورن کي پيهي ماني پچائبي هئي ، جڏهن ته رتڙين چانورن جو پلاءُ، خشڪو ڀت ۽ رکو رڌبو هو، لاڙ جا سُڳداسي چانور مشهور هوندا هئا، جن مان فصل پچڻ وقت توڙي رڌڻ مهل خوشبو پئي ايندي هئي، لاڙ جا ماڻهو ٻارنهن ئي مهينا ماني موتين / ڳاڙهن چانورن جي کائيندا هئا، ڪڻڪ بيراج ايراضي مان ڪڏهن عيد برات تي آڻبي هئي، اسان جي زمينداري ڊگهڙي تعلقي ۾ به هئي، تنهن ڪري بابا ڪڻڪ اُتان کڻائي ايندو هو. لاڙ جا ماڻهو اڪثر مالونَد هوندا هئا، مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون هر ڳوٺ ۾ هونديون هيون ڌراڙ / ڌنار، شام ٽاڻي جڏهن مال چاري واپس ٿيندا هئا ته ’ولاڙو‘ سُر سان ڳائيندا ايندا هئا جنهن جا ٻول ڪجهه هن طرح هوندا هئا»
او ولَو، ولَو ولَوڙي ولَو
اهي مٺڙا سُريلا ٻول شام جي ٿڌڙيءَ ويل ڏاڍا وڻندا هئا، تڏهن کير وڪڻڻ جو رواج نه هو، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي خبر ناهي، پر ٻهراڙين ۾ کير وڪرو ڪرڻ عيب سمجهيو ويندو هو، بلڪ ٻڍڙا ۽ ٻڍڙيون چونديون هيون ته ، ”ابا کير ۽ پُٽ ڪير وڪڻي؟“
شادين مرادين تي ڪاڄ ڌڻي جي چوڻ تي آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻهو کير جون چؤنريون ۽ گهڙا ڀري کڻي ايندا هئا، مرڻي ۽ پرڻي جي موقعن تي هنڌ بسترا، ديڳيون ۽ چر جي ٻارڻ لاءِ ڪاٺين جون گاڏيون به ڳوٺاڻا پهچائينداهئا، ڊيڪوريشن ڪانه هوندي هئي تنهن ڪري ڇنا به مٽ مائٽ، سنگت ساٿ وارا ۽ وڏن ماڻهن جا هاري ونگار ڪري ٺاهيندا هئا، بلڪ ٻڪريون پاڏا ۽ ڍڳا به مدد ۾ مفت ملندا هئا، سيدن، پيرن، ميرن، رئيسن ۽ وڏيرن لاءِ ٽامي جا قلعي ٿيل ڍاڪون ڪائي/شيشي جا گلاس استعمال ٿيندا هئا، باقي راڄن جي عام ماڻهن جي کاڌي/ڀت کائڻ لاءِ ٺڪر جون ڦيلهيون ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ ٺڪر جون ڇلون ڪنڀارن کان هزارن جي تعداد ۾ آرڊر تي ٺهرائبيون هيون، لاڙ جا ماڻهو راڳ روپ جا به شوقين هئا ۽ اڄ به آهن، هر خوشيءَ جي موقعي تي رات جو سمهڻي مهل کان فجر تائين ڳائڻا ڳائيندا رهندا هئا، جن ۾ ڪلاسيڪل فنڪار، نيم ڪلاسيڪل راڳي ۽ ناچو شامل هوندا هئا، سرگس مهل به گهوٽ جي گهوڙي اڳيان ڳائڻا ڳائيندا هلندا هئا. گهوٽ جا مِٽَ مائٽ ۽ يار دوست نوٽن جون گهورون گهوريندا هلندا هئا. شاديءَ جا ڏينهن ٻَڌڻ (تاريخ مقرر ڪرڻ) کان وٺي شادي ٿي وڃڻ تائين گهوٽيتن جي در تي روز ‘دس’ وڄندو هو، بس مڱڻهار جي دهل جي ڌُم لڳي پئي هوندي هئي، ڇا ته اهي پيار، محبت، ۽ خوشيءَ جا ڏينهن هئا!

[ڇپيل: ’امرتا‘ فيبروري 2004ع]