اُٺ، ويسر ۽ آئون!
۽ واقعي ائين آهي به سهي. اُٺ کي ٻٻر جي وڻ سان ٻڌو، ٻير سان ٻَڌو يا کٻڙ سان، ٽنهي کي کائڻ شروع ڪري ڏيندو، ڪنڊن جو به خيال ڪونه ڪندو. لاڙ ۾ لاڻو يا لاڻي به ٿيندي هئي (هاڻي ته الائجي ٿئي ٿي يا نه) جنهن کي اُٺ وڏي شوق سان کائيندو آهي، وري اوڳو ۽ موڳو به حد درجي جو آهي ۽ ويسر مون کان به وڌيڪ اٿس. مهري اُٺ کي هر سال اٺ سوار / اوٺي، سليقي سان پنڌ\هلڻ سيکاريندا آهن، بارگيرن کي نه ! پر هُو سال کان پوءِ سڄي سکيا وساري ڇڏيندو آهي، ٻئي سال وري نئين سئين هلڻ سيکاريو ويندو، اُٺ با اصول به ڏاڍو آهي، ڦرڻو گهرڻو اصل نه آهي، جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ هلندو ويندو، جيستائين کيس واريو نه !
لاڙ ۾ لاڻن ۽ لاڻين جي ذڪر مان ياد پيو ته اها لاڻي ڳوٺاڻا لُڻي/ وڍي باهه ڏيئي ساڙي انهي جي ڇار / ڦُلهيار کي ’کار‘ چوندا هئا ۽ ان کي سوڍا کار جي جاءِ تي استعمال ڪبو هو، مايون ڪُني ديڳڙي يا ڏٻي ۾ اها کار پائي، ان ۾ ميرا ڪپڙا وجهي چُلهه تي چاڙهي رڌينديون هيون ۽ پوءِ ڪجهه دير ڪپڙا چلهه تان لاهي پاڻيءَ سان مَهٽينديون ۽ ڌوئنديون هيون ۽ بنان خرچ جي ڪپڙا ڌوپجي اڇا اجرا ٿي پوندا هئا.
اُٺ رڙندو اڄ به اهڙو ئي آهي، جهڙو سوين سال پهرين، ويهي ته به رڙي، اُٿي ته به رڙي ۽ هلي ته به رڙي، تڏهن ئي شايد چيو ويو هو ته اُٺ تڏهن رنا / رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا، پر اها چوڻي بارگير اٺن لاءِ آهي، مهريَن لاءِ نه! ڇو ته ٻورا بارگيرن تي رکيا ويندا آهن، پر رڙڻ ۾ مهرين کي به ماٺ ڪانهي! رڙڻ شايد اُٺ جي فطرت ۾ شامل آهي، پوءِ بار بردار هجي يا سواريءَ وارو مَهري !!
مون کي به اڄ الائجي ڇو اُٺ گهڻو ياد پيو اچي، جڏهن ته منهنجي آتم ڪٿا سان اُٺ جو ڪهڙو تعلق ! سواءِ ويسر ۽ موڳائيءَ ۾ هڪ جهڙائيءَ جي !
سچ پچ ته اڄوڪي هن قسط جو عنوان ’اُٺ، ويسر ۽ آئون‘ به ان ڪري ئي رکيو ويو آهي، جيئن جلدي سمجهه ۾ به اچي وڃي ۽ آتم ڪٿا وارو تسلسل به متاثر نه ٿئي، اُٺن کي اسان جي شاعرن به زمانن کان وٺي ڳايو آهي. اُٺ جو مارئيءَ ۽ عمر بادشاھه ، مومل واري راڻي ۽ سسئيءَ جي ڏيرن /پنهونءَ جي ڀائرن سان سٺو يا خراب پر واسطو ضرور رهيو آهي.
اُٺ مون کي ان ڪري به وڻندو آهي جو منجهس هستي به آهي، ته مستي به آهي، سياري جي مند ۾ مست ٿي پوندو آهي ۽ گُڙندو رهندو آهي، ڪي چون ٿا ته اُٺ کي سياري ۾ چئن مهينن جو عارضي عشق ٿي پوندو آهي، تنهن ڪري مست ٿي گوڙ ڪندو آهي، وري ڪي چون ٿا ته اُٺ ويچاري کي عشق جي ڪهڙي خبر؟اهو سڀ ڪجهه سياري جي سيءَ سبب آهي. بهرحال حقيقت جي سربستي خبر ته جانورن جي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کان معلوم ڪرڻ گهرجي.
[ڇپيل: ’امرتا‘ اپريل 2004ع]