اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 4
جهڏي گدام شهر جي الهندي پاسي سڏ پنڌ تي پير جمن شاھه قريشي مرحومَ اچي پنهنجو نئون ڳوٺ ٻڌو. پاڻ اڳي اڊوڙي ويجهو خان شاھه جي ميلي وٽ تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ويٺل هئا.
پير جمن شاھه سچ پچ ته بنا لشڪر ۽ بنا خزاني جي سلطان هو. منهنجي والد سيد امام الله شاھه ڏاڏاهي مرحوم سان سندس گهري ، گهاٽي ۽ پڳ مٽ ياري هئي.پير صاحب شڪل ۽ صورت جو موچارو، رعبدار ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ هو، وٽس نه وڏي زمينداري هئي نڪو ٻيو وڻج واپار، پر پنهنجي تر جو بيتاج بادشاھه هو. سندس حويلي جي شاندار جڳهه اڳيان ٽنڊي باگي واري رستي لڳ وڏي ويڪري اوطاق هئي، جنهن ۾ روزانو يار دوست، مهمان مسافر، فقير فقراء جا لڏا لٿا پيا هوندا هئا، پوءِ جهڙا مير تهڙي مهماني، جهڙو ماڻهو تهڙي ماني، پاڻ موجود هجي نه هجي اهو مهمان خانو ٻارهو ئي هلندو رهندو هو ۽ نوڪر چاڪر هر وقت حاضر هوندا هئا، جيڪي آئي وئي جي ٽهل ٽڪور پيا ڪندا هئا. مون پاڻ اکين سان پير صاحب کي گهڻا مهمان ڏسي خوش ٿيندي ڏٺو ۽ هر هر پيو نوڪرن کي سڏيندو ۽ پڇندو هو ته بابا مهمانن ماني کاڌي- کين چانهه ملي.
صبح جو ڪيترا مسافر ته کانئس ڳوٺ جو ڀاڙو به وٺي ويندا هئا. خبر ناهي ته اهو خرچ پکو ڪٿان پورو ٿيندو هو، شايد الله سائين کيس سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ جي ڪري غيبي خزانو عطا ڪيو هو. پير صاحب ڪنن کان ڪجهه ڳرو هو پر انهيءَ ٻوڙاڻ کيس وڌيڪ معتبر، معزز ۽ مدبر بنائي ڇڏيو هو. سندس دوستي ۽ شناسائي ان وقت جي وڏن اميرن، وزيرن، جاگيردارن، آفيسرن، اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن سان هوندي هئي، پير صاحب وٽ بابا سائين سان گڏ منهنجو وڃڻ به ٿيندو هو ۽ ڪڏهن وري پاڻ پنهنجي اٽالي سان نوڪرن چاڪرن سميت اسان جي غريب خاني تي اچي تشريف فرما ٿيندو هو.
ان زماني ۾ پير صاحب ۽ بابا سائين جن جي مشترڪه دوستن ۾ رئيس امام علي خان لغاري، ڪرم علي لغاري وارو، آچار پٽيل ميمڻ ڦراهي وارو، سرائي نبي بخش خان گاڏ وارو، غازي خان جمالي ڏيئي وارو، پير جعفر علي شاھ راشدي جهڏي وارو، ميان جي ڏتل خان، حاجي محمد رحيم لاکو، لالچند ليسن بردار، جان محمد اوٺو، حاجي خدا بخش خان ۽ غلام محمد خان کٽياڻ، وڏيرو کاڪو مهر، احمد خان ڪلوئي، گل محمد ابڙينگ ۽ ٻيا ڪيترائي صاحب شامل هئا.
پير صاحب راڳ رنگ جو به شوقين، ڄاڻو ۽ فنڪارن جو قدردان هو، ڪيترائي مشهور ۽ مقبول ڳائڻا وٽس اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، پاڻ کين داد سان گڏ انعام به دل کولي ڏيندو هو.
پير صاحب پڙهيل ڪونه هو پر سندس گفتگو مان ايئن لڳندو هو ڄڻ ڪو اعليٰ تعليم يافته، اديب عالم پيو ڳالهائي. مرحوم پير جمن شاھ کي ڪوبه نرينو اولاد ڪونه هو ۽ سندس وفات بعد ڳوٺ ئي ڦٽي ويو.
سوين هن دنيا مان، سڪندر هليا ويا
ڇڏي محل ماڙيون، مسافر هليا ويا
پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي ڳالهه نڪتي آهي ته اسان وٽ ڪيترا وڏا شاعر، سگهڙ ۽ فنڪار بظاهر اڻ پڙهيل هئا، پر الله تعاليٰ کين سمجهه ۽ ساڃهه، سُرت ۽ سليقي، فن ۽ فڪر، عقل ۽ ادراڪ جي اهڙي ته ڏات ڏني هئي، جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي سا گهٽ آهي.
اسان جي ئي ڏاڏاهي سيدن ۾ فقير محمد شاھه ڏاڏاهي مرحوم سگهڙ ٿي گذريو آهي، جيڪو پڻ اڻ پڙهيل هو، واقعاتي شاعري چڱي خاصي ڪندو هو، سندس چيل بيت ۽ شعر، پونئيرن پاڻ وٽ محفوظ ڪونه ڪيا، چون ٿا ته تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڏاڏاهه ويجهو زميندار سيد محمد هاشم شاھه ڏاڏاهي جي زمينداريءَ ۾ زمين جو هڪ ٽڪر جنهن کي کڏي ڪوٺيندا هئا، سا هميشه فقير محمد شاھه کيڙيندو ۽ پوکيندو هو.
هڪ دفعي الائجي ڪهڙي سبب ناراض ٿي محمد هاشم شاھه اها کڏيءَ واري ٻني فقير محمد شاھه کان کسي حاجي قاسم ننڌو کي هارپي تي ڏئي ڇڏي، حاجي قاسم جوڙو ٻڌي هر ڏيڻ ۽ کڏي کيڙڻ لڳو، فقير محمد شاھه انهيءَ تي ناراضگي جو اظهار پنهنجي فن ذريعي هن ريت ڪيو ته:
”جيڪو کر کيڙيندو کڏِي،
ماڻس کي مرض ٿيندو،
جوڻس ٿيندي جڏِي.“
۽ ٿيو به ايئن حاجي قاسم جي ماءُ موذي مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويئي ۽ گهر واري ٽنگن کان جڏي ٿي پيئي.
انهيءَ کان سواءِ بُڪيرا شريف ۾ اتي جي هڪ هندو سيٺ مکي رتومل سان پريل شاھه ڏاڏاهيءَ جو جهيڙو ٿي پيو، مُکي هو پئسي وارو ماڻهو، تنهن سيد تي ڪيس داخل ڪري وڌو، پر اڳتي هلي ڪيس ڪوڙو ٿيو ۽ سيد پريل شاھه باعزت بري ٿيو، انهيءَ واقعي تي فقير محمد شاھه چيو ته :
”مکي ويچارو، بڪيرن وارو،
ڪيس جنهن جو ڪوڙو ٿيو،
سيد ٿيو سوڀارو.“
انهي کان سواءِ مون کي ياد آهي ته جهڏي واري پاسي جو عثمان فقير لغاري ڪنڊڙيءَ وارو به اڻ پڙهيل هو پر ڏاڍو سٺو ۽ سهڻو سگهڙ هو، کيس شاهه سائين لاکيڻي لطيف جو سڄو رسالو برزبان ياد هو، عثمان فقير ريڊيو تي فتح خان جي ڪچهري ۾ به ايندو هو، هن وقت خبر ناهي ته حال حيات آهي يا ويو الله کي پيارو ٿي، پر سمجهان ٿو ته اڃا زنده آهي جيڪڏهن وفات ڪري وڃي ها ته الهجڙيو “شاد” جهڏي ۾ سندس ضرور ورسي ملهائي ها. ڇو ته الهجڙيو شاد اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن جو قدردان آهي، ورهين کان وٺي هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن سان شام، ڪنهن جي ورسي ته ڪنهن جي سالگره ملهائيندو رهندو آهي. شابسون هجنس، نه ته هن زماني ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري.
منهنجي ننڍي پٽ سجاد هڪ ڏينهن مون کان پڇيو، ”بابا سائين اوهان جي وفات بعد اوهان جي ورسي ڪير ملهائيندو ؟“
مون چيو، ”الهجڙيو شاد-زنده باد.“
[ ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 09 آڪٽوبر 1991ع]