ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

مُهاڳ: اسين بس اوهان جي پاسي : محمود مغل

ڏاڏاهي صاحب تي رب مٺڙو جل شانه ڇا ته مهربان آهي!
ڏات رب جي پاران مليل اهم نعمتن مان هڪ هوندي آهي. جنهن وٽ هوندي آهي، ان کي شايد ايترو احساس ناهي هوندو، پر جيڪي ان خاص ڏات کان خالي هجن، ڪير انهن کان ته پڇي ڏسي!؟ جن کي ڳائڻ نٿو اچي، سي ڳائڻن کي حسرتن سان ڏسندا آهن، جيڪي اسٽيج تي ڳالهائي نه سگهن، تن لاءِ ڳالهائيندڙ َ عجب جي نشاني هوندا آهن، جيڪي پَچائي نه سگهن تن لاءِ بس... رڳو کائڻ ئي مرحلو هوندو آهي ۽ جيڪي علم و ادب جي جهان ۾ سرجڻهاري نه ڪري سگهن، تن لاءِ پڙهندي، حيرتن جا جهان ڏسڻ ئي بس مقدر هوندو آهي.
پڙهڻ لکڻ ۾ وري هڪ ٻي دري کُلي ٿي، ڪيترائي اهلِ علم، دانشور، ڏاها، نصاب ۾ زور ته هوندا، پر کانئن شاعري يا نثر نه لکبو، ائين ئي جيئن شاعر ۽ نثرنگار، نصابي تحقيق نه ڪري سگهندو. رنگيءَ جا رنگ آهن... جن وٽ آهي، انهن وٽ ان جي ڄاڻ الاءِ ايتري آهي الاءِ نه، جن وٽ ناهي، انهن کي بهرحال اها ڄاڻ هجي ته سي به دانش جي ڏيڍيءَ ۾ ته ويٺل ئي بڻجن ٿا.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي.
نثر، شاعري، راڳ، وضعداري، همدردي ۽ پوئواري، ننڍن لاءِ پيار، دوستن لاءِ هُج ۽ وڏڙن لاءِ ادب سندن شخصيت جا حصا آهن ۽ انهن سڀني حصن کي قدرت ڄڻ پاڻمرادو منجهن اوتيو آهي، پر اتي نيازمنديءَ سان هڪڙي سِٽ مان به لکڻ چاهيان ٿو ته ٻين سڀني حسناڪين لاءِ پاڻ شايد ڪوشش نه به ڪئي هجينِ، پر علم و ادب جي جهان ۾ هنن پاڻ پتوڙيو آهي، تنهن ڪري ته پاڻ کي نه ’هِنَ پاسي سمجهن ٿا، نه هُنَ پاسي.‘ محبتن جي ٻين مامرن ۾ پاڻ سدائين هُنَ پاسي رهيا آهن، جيڪو مضبوط، سگهارو، ٽِڪائُو ۽ سدابهار هجي. بس، هن لکڻ جي جهان ۾ شايد کين پنهنجي قد بُت جي ڪَٿَ، پنهنجي حساب سان ڪرڻ نٿي اچي. کين پنهنجي وجود جو وڻ نِميلِ ئي سٺو لڳي ٿو، پر کين اها خبر به يقينن هوندي ته ان وڻ جي ڇانوَ ۽ ان جو ميوو ڪيڏو نه لاڀ ڏيندڙ آهن.
هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن. سندن ساڻ ويجهڙائپ جي ڪري، جي سندن مزاج ڪجهه سمجهه ۾ آيو آهي ته اِها سندن عام کان احتياط جي حِسَ آهي، جنهن ۾ هُو وڏن وڏن موضوعن کي اهڙي نموني بيان ڪن ٿا، جو ڪنهن تي به بارِ خاطر نه ٿئي. خاص طور وتائي فقير جي واتان جيڪِي ڪجهه چوايل آهي، اهو اوهان پاڻ پڙهي ڏسو، هن فقير پاران ڪيل عرض يقينن اوهان وٽ اگهامي ويندو.
ڏاڏاهي صاحب جي تحريرَ ۾ شائستگي عجيب درجو رکي ٿي. سندن ڪالم ’اربع خطا‘ ۾ جڏهن هُو ان ڳالهه جو ذڪر ڪن ٿا ته اتفاق سان پنهنجي ڪالم جو عنوان هُو اهو رکي چڪا آهن، جيڪو ڊاڪٽر غلام قادر سومري پاران به رکيل آهي ته ان ’الزام‘ جي موٽ ۾ ’عام اطلاع‘ پڙهي ڏسو. ان مان ئي اوهان کي سندن ذهني چستيءَ، قلم جي تيزيءَ ۽ احساس جي نُدرت جو اندازو ٿي سگهندو:
”عام اطلاع
هن وسيلي سڀني عام خاص، خواتين ۽ حضرات کي (ڪالم نگارن کي خصوصن) اطلاع ٿو ڏيان ته مون پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘رکيو آهي، پر جيئن ته منهنجي اڳوڻي ڪالم جي عنوان ’ابتيون سبتيون ڳالهيون‘ جو به نيٺ وارث نڪري پيو، تنهن ڪري ضروري سمجهي احتياطن اڳواٽ پڌرو ٿو ڪريان ته آئون پنهنجي سالم هوش حواس سان، بنان ڪنهن جي دٻاءُ ۽ چوڻ جي، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، وڏي سوچ ويچار، پڇا ڳاڇا ۽ سنگت ساٿ سان صلاح ڪرڻ بعد پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘ رکي رهيو آهيان، پر تنهن هوندي به مذڪوره عنوان جو پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ڏاڏو ڏاڏي، نانو ناني، يا سئوٽاڻي سوٽ وغيره مان ڪو وارث هجي ته هن ڪالم ڇپجڻ کان 15 ڏينهن اندر ٻن عاقل بالغ، معزز شاهدن ۽ تحريري ثبوتن سميت اچي پنهنجو حق (وارثي) ثابت ڪري. ٻي صورت ۾ مدت گذرڻ کان پوءِ ڪنهن جي به وارثي يا حُجت قابلِ قبول نه هوندي ۽ مذڪوره عنوان ’اربعا خطا‘ قيامت تائين منهنجي ملڪيت رهندو.
هٿ اکر صحيح ڪالم نگار جي.“
صرف هن هڪ داڻي چکڻ ساڻ ئي، طعام جي حُسناڪي ۽ چَسُ سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو.
حياتيءَ ۾ احتياط، ڏاڏاهي صاحب جو خاصو رهيو آهي، جنهن جي ڪري هُو گهڻن کي گهڻو ڪجهه چئي نه سگهندا آهن. عرض ڪري چڪو آهيان ته بي انتها وضعدار آهن، جنهن جي ڪري سندن وات ۾ اُها ڇِنڀَ ناهي، جيڪا ڪنهن جي اجائي عمل کي روڪ ڏئي. کين اهو ئي احساس ٿيندو آهي ته متان ڪا دل رنجُ نه ٿي پوي ۽ يقينن اهو ئي احساس آهي، جو هُو سڀ ڪجهه ’وتائي فقير‘ واتان چوائينِ ٿا.
پنهنجي دور جي هن املهه ماڻڪ جي اڌ صديءَ جي تحريرن کي پڙهي ڏسو... شُسته، شائسته، مڌم ۽ موهيندڙ... ۽ اِها تحرير صرف مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو خاصو ٿي سگهي ٿي.
سندن پيرن تي هٿَ رکندي، ان معذرت سان ۽ سندن سِٽُن سان، فقير اجازت طلبي ٿو، ته منهنجو قد بُت، ان لائق ناهي، جو هڪ قادرالڪلام وجود جي ڪاوشن تي اظهارِ خيال ڪري سگهي، پر اوهان جي حڪم پٽاندڙ، جي اها جسارت ڪئي اٿم ته پنهنجي ئي سِٽُن کي ڪَنائيندي، جسارتن ۾ هُج جي درگذر عنايت ڪندا.
همسريءَ جي هامَ ڪهڙي، مان ذرو تون ماهتاب،
نازپرور نينهن جي نادار جي پارت هجئي.

شل آباد سلامت هجو. مولاءِ ڪُل جل شانه اوهان جو افتخار اڃان بلند فرمائي (آمين)

محمود مغل
6 جولاءِ 2016ع