اڻپوري آتم ڪٿا
وري سوچيان ٿو ته آئون نه سياستدان نه سائنسدان ۽ نه ئي وڏو اديب يا دانشور آهيان، بس فقط هڪ شاعر آهيان ته پوءِ سوانح ڇا لکان!! بهرحال همت ڪري بسم الله ڪريان ٿو اڳتي الله مالڪ آهي ته سائين منهنجا آئون 26 نومبر 1939ع تي والد سيد امام الله شاھه ڏاڏاهي جي گهر پيدا ٿي پيس. الله سائين جي حڪم سان، ان ۾ منهنجي مرضي بلڪل شامل نه هئي، نه ڄمان ها ته به ڪو فرق ڪونه پوي ها، دنيا مون کان اڳي به ائين ئي هلي پي جيئن هينئر پئي هلي! ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ به ساڳيءَ طرح هلندي رهندي. بس فقيرن پارا چند دوست ٻه ٽي ورسيون ملهائي پوءِ وساري ويهي رهندا.
پنهنجي سوانح حيات جو عنوان ’اڻ پوري آتم ڪٿا‘ ان ڪري رکيو اٿم جو مون کي پڪ آهي ته هيءَ آتم ڪٿا ڪڏهن به پوري ڪانه ٿيندي ۽ اڻ پوري ئي رهندي!!
خير هاڻي في الحال آتم ڪٿا کي اتي اسٽاپ ڪري، اڄ ٻه چار ٻيون ڳالهيون ٿا ڪريون. ڪلهه شام جو منهنجي کٽل خاني / غريب خاني تي فقير محمد ڍول اعزازي ايڊيٽر ماهوار ’امرتا‘ فقير محمد انڙ اسسٽنٽ ايڊيٽر، امرتا جو ٽيلينٽيڊ رائيٽر منظور ڪالرو ۽ سندس ٻانهن ٻيلي ارمان گل اوڏ تشريف فرما ٿيا، رسمي آڌرڀاءُ بعد ڪورس جي انداز ۾ فرمائڻ لڳا ته اوهان تي امرتا جو سالگرھه نمبر ڪڍڻ کان پوءِ اسان منصوبه بندي ڪئي آهي ته، عيد بعد اوهان جي سالگره /جنم ڏڻ ڌام ڌوم سان ملهائي اوهان سان قرب واري ڪچهري ڪريون ۽ ڪيڪ به ڪٽرايون، مون جواب ۾ عرض ڪيو ته منهنجا نهايت ئي مهربان، قدردان دوستو اوهان جون لک ڀلايون، اوهان امرتا جو سالگره نمبر ڪڍي جيڪي اڻ ميا احسان ڪيا آهن، آئون ته اهي ئي نه لاهي سگهندس، سواءِ ڳائڻ جي !! ته وري مٿان ايڏو قربائتو قرض ڪيئن لاهيندس، ٻيو ته اوهان سالگره نمبر ۾ راز جي ڳالهه پڌري ڪري وڌي، آئون الائجي ڪيترن ورهين کان 40 ڪڏهن 45 سالن جي عمر پيو ٻڌائيندو هوس، اوهان 63 هين سالگره مبارڪ لکي، ڪم ئي لاهي ڇڏيا، جنهن ڏينهن سالگره نمبر مارڪيٽ ۾ آيو آهي، تنهن ڏينهن کان مون گهر کان ٻاهر نڪرڻ ئي بند ڪري ڇڏيو آهي، هونئن به ٻاهر هاڻي ڀلا نڪران به ڪنهن لاءِ ؟ڪنهن اردو جي خوبصورت شاعر چواڻي ته :
وه شخص تو شهر هِي ڇوڙ گيا،
مين باهر جائون ڪس ڪي ليئي.
سو آئون اڳئي پاڻ مرادو / خودساخته گوشه نشين آهيان، تنهن ڪري ڪجهه ڏينهن مهلت ڏيو جيستائين ڌڪ پچايان! پوءِ جيڪو اوهان جو حڪم، پر همراه پنهنجي هميشه واري هوڏ تان هر گز نه هٽيا ۽ هڪلون ڪندا هليا ويا ته اسين ايندڙ مهيني اوهان جي سالگره هر حالت ۾ ملهائينداسين ۽ جيڪڏهن اوهان هاڪار نه ڪئي ته پوءِ اسين اوهان جي خلاف پهرين علامتي بک هڙتال پوءِ در اڳيان ڌرڻو ۽ آخر ۾ اوهان جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين. هاڻي منهنجا سمجهدار ۽ ساڃهه وند صلاحڪار ادا عثمان منگي قرب وارا ڪوثر ٻرڙا، نازڪ نصير مرزا، پيارا پرڌان ۽ سهڻا سليم بچاڻي ڪا سهڻي صلاح ڏيو ته ٻيلي ڪيئن ڪريان ۽ ڪيڏانهن وڃان ؟
’امرتا‘ جا پيارا پاٺڪو، هيءَ هئي وقت جي ڳالهه، جيڪا آتم ڪٿا روڪي ڪيم، جڏهن ته ’اڻ پوري آتم ڪٿا‘ جيئن جا تيئن جاري رهندي. في الحال ايندڙ مهيني تائين اجازت ڏيندا، الله واهي.
[ڇپيل: ’امرتا‘ ڊسمبر 2003ع]