ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اُبتيون، سُبتيون ڳالهيون 1

صبح جو سويري ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، رسيور کڻي ”هلو“ ڪَيَم تي ٻئي پاسي کان پيراڻي جو آواز آيو. ٻه ٽي مهينا ٿيندا پيراڻي ٽيليفون لڳرائي آهي.
”مبارڪون لک لک مبارڪون!“
”خير مبارڪون پر ڇا جون پيراڻا، پيريءَ ۾ پٽ ڄائو اٿئي ڇا؟“
”نه يار پٽ ڪونهي ڄائو پر تو وارو ڪالم ڇپيو آهي.“ پيراڻي خوش ٿيندي چيو.
”سچ پچ ڇپجي ويو پيراڻا؟“
”هاها، ڇپجي ويو آهي. اخبار منهنجي اڳيان رکي آهي.“
پيراڻي چيو ۽ هڪدم فرمايائين ته، ”آئون شام جو تنهنجي گهر ايندس حسبِ معمول منهنجي پسند جي مٺائي جو انتظام ڪري ڇڏجان.“
پيراڻو اونهاري ۾ گلاب جامن ۽ سياري ۾ کجور ۽ ڳڙڌاڻي شوق سان کائيندو آهي.
”ڀلي ڪري، جِي ڪري هليو اچجان. مٺائي گهرائي ٿو رکان.“ مون چيو ۽ پيراڻي ’خداحافظ‘ چئي فون بند ڪئي. مون جلدي اخبار گهرائي ورتي واقعي ڪالم ڇپيل هو، ڏاڍي خوشي ٿي ۽ جن دوستن وٽ فون آهي تن کي فون تي ۽ ٻين کي ماڻهو موڪلي اطلاع ڏنم ته اڄوڪي اخبار ضرور گهرايو منهنجو ڪالم ڇپيو آهي. خير ائين ڏينهن گذري ويو. شام ٿي ويئي ۽ ’پيراڻو پريم نگري‘ پوري پنجين وڳي پهچي ويو. وڏا ڀاڪر پائي مليو وري به مبارڪون ڏنائين ۽ ٻه ٽي گلاب جامن کائڻ کان پوءِ مرڪندي چيائين، ”يار تون واقعي ڪالم نويس ٿي وئين.“
مون چيو: ”نه پيراڻا ڀائو، هڪ ڪالم ڇپجڻ سان ڪالم نويس نه ٿبو آهي، ٿي سگهي ٿو اخبار وارن منهنجي دل شڪني نه ڪئي هجي ۽ حوصلا افزائي جي خيال سان ڪالم ڇاپيو هجي ۽ تنهن کان سواءِ هاڻي پڙهڻ وارن جي خطن جو به انتظار ڪبو، ڏسون ته ڇا ٿا لکن، اڃا ته پهريون ڪالم ڇپيو آهي ۽ توکي اها به خبر آهي ته اسين پنجتني آهيون، سو گهٽ ۾ گهٽ پنج ڪالم ڇپجن تڏهن پڪ ٿيئيم ته ڪالم نويس ٿي ويو آهيان.“
پيراڻو ڪجهه دير ويهڻ بعد موڪلائي هليو ويو ۽ ڪلهه تائين ٽوٽل ٽيويهه خط پهتا آهن، جن مان ستن خط لکندڙن ڪالم کي پسند ۽ سورنهن ناپسند ڪيو آهي، پر آئون انهن ناپسند ڪرڻ وارن سورهن صاحبن مان هڪ همراھه جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان جنهن لکيو آهي ته ’تنهنجون اُبتيون سُبتيون ڳالهيون اسان جي سمجهه ۾ نه آيون آهن‘ دوست جو شڪر گذار انهي لاءِ آهيان جو مون کي منهنجي ڪالم جو عنوان ملي ويو ’اُبتيون سُبتيون ڳالهيون‘ واهه واھه ٿي ويئي، ڇو جو منهنجون ڳالهيون سچ پچ ته آهن به اُبتيون سُبتيون، تنهن ڪري مهربان پڙهندڙن کي عرض آهي ته منهنجون ’اُبتيون سُبتيون ڳالهيون‘ نه هرو ڀرو ڪنهن جي خلاف هونديون ۽ نه ئي انهن ۾ ڪنهن جي بيجا خوشامد هوندي، ڪوشش ڪندس ته ڪنهن جي دل آزاري به نه ٿيئي، پر وري به انسان آهيان تنهن ڪري جيڪڏهن منهنجون ’اُبتيون سُبتيون ڳالهيون‘ ڪنهن کي نه وڻن يا ناگوار گذرن ته مهرباني فرمائي منهنجي ڪم علمي، ڪم عقلي ۽ ناتجريبڪاري کي نظر ۾ رکي دل ۾ نه ڪندا ۽ معاف ڪري ڇڏيندا ته اوهان صاحبن جي آل و اقبال جو دعاڳو رهندس.
سائين منهنجا! هڪ محفل ۾ ڪنهن گويئي پڪو راڳ پئي ڳايو، سرگم ۽ پلٽن جي ڌُم لڳي پيئي هجي، ٻڌڻ وارن ۾ راڳ جي ڄاڻ سان گڏ ڪو مون جهڙو اڻ ڄاڻ به ويٺو هو، تنهن سمجهيو ته استاد شايد چرچا پيو ڪري، سو هٿ ٻڌي گويئي کي چيائين، ”استاد گهڻي ئي ڀوڳ چرچي ڪتئي، هُڻ ڪو ڪلام آکو“ سو پاڻ به گهڻا ئي ڀوڳ چرچا ڪيا هاڻَ ڪو ڪلام چئون.
چوڻي آهي ته جهڙو ديس تهڙو ويس ۽ اها قدرتي ڳالهه آهي ته هر ملڪ، علائقي ۽ قوم جون پنهنجون رسمون پنهنجا رواج، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي تهذيب هوندي آهي، اسين سنڌي ماڻهو اصل کان وٺي سادا، سٻاجها، درگذر ڪندڙ، وڏي ننڍي ۽ نياڻي سياڻي جي عزت ۽ احترام ڪرڻ وارا، سخي ۽ مهمان نواز مشهور آهيون، ڪو زمانو هو جو مٿي اگهاڙي نه بزرگن جي ڪچهريءَ ۾ وڃبو هو ۽ نه ئي ڪنهن مائٽ عزيز جي گهر ۾ داخل ٿبو هو، گهر ته ڇا پر ڳوٺ ۾ به مٿو اُگهاڙو ڪري نه هلبو گهمبو هو ۽ اڄ ڪلهه وري پٽڪي ۽ ٽوپيءَ واري کي مورڳو ڄٽ، جاهل ۽ اڻ سڌريل چيو ٿو وڃي، اڳي ڪنهن گهٽيءَ يا گس تان ڪا زائفان سامهون ايندي هئي ته مرد اهو دڳ ڇڏي وڃي ٻي واٽ وٺندا هئا ۽ هينئر سُڌريل دور جا نوجوان گهمڻ ئي انهن گهٽين ۽ بازارن ۾ ٿا وڃن، جن ۾ عورتن جي اچ وڃ گهڻي هوندي آهي، اڳي گهر جو سامان وکر، ڪپڙو لٽو، دوا درمل مرد وٺي ايندا هئا ۽ هاڻي پنهنجو ته ٺهيو پر مردن جا ڪپڙا لٽا، پرفيوم پائوڊر، ويندي شيونگ ڪريمون به عورتون وٺيو اچن، منهنجو مقصد اهو هرگز ناهي ته ڪا عورت کي آزادي بلڪل نه هجي، پر هر ڳالهه جي هڪڙي حد مقرر هئڻ گهرجي، اڳي عورت پاڻ کي ٽوپي واري اڇي برقعي يا اجرڪ ۾ اهڙو ته ويڙهجي سيڙهجي ڍڪجي نڪرندي هئي، جو سندس هٿ پير به نظر ڪونه ايندا هئا پر هاڻي برقعو ته ڇڏيو پر پوتي به مٿي بجاءِ ڪلهي تي هوندي آهي. اڳي گهڻا ماڻهو ته سئنيما ۾ فلم ڏسڻ به عيب سمجهندا هئا، هاڻي سئنيما ته پنهنجي جاءِ تي مورڳو گهرگهر وي سي آر اچي ويو آهي، ڄڻ هر گهر ’سئنيما هائوس‘ بڻجي ويو آهي، ڏينهن توڙي رات وي سي آر تي فلم پئي هلي، زائفائون گهر جي ڪم ڪار سبڻ ڀرڻ کان کوٽي ته ٻارن جي پڙهائي به چٽ، وري وڏو آزار اهي ڀارتي فلمون آهن جن ۾ اهڙا منظر هوندا آهن جن جي ڏسڻ سان عورتون ته ڇا! مردن کي به شرم ٿو اچي، انهي کان سواءِ انهن فلمن ۾ حد کان وڌيڪ مار ڌاڙ سبب ٻارن تي ڏاڍو خراب اثر پئجي رهيو آهي، گڏو گڏ وي سي آر ۽ انڊين فلمن جي ڪري ملڪي فلمي صنعت کي به وڏو نقصان پهتو آهي، وي سي آر ۽ فلمن جون ڪيسٽون مسواڙ تي هلائڻ ڪاروبار بڻجي ويو آهي، هر شهر ۾ ڪيسٽن جا دڪان کُليا پيا آهن، ڪير به کين روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪونهي، فلمون اسان به پنهنجي وقت ۾ ڏٺيون، کوڙ ڏٺيون پر اهي ههڙيون اخلاق کان ڪريل نه هونديون هيون، هيتري مار ڌاڙ ۽ ڊزا ڊز بلڪل نه هوندي هئي، پاڻ انهن فلمن ۾ برائي کان بچڻ ۽ چڱائيءَ کي اپنائڻ واريون سبق آموز ۽ نصيحت ڀريون ڳالهيون هونديون هيون، جن جي ڏسڻ سان سچ پچ برن ڪمن کان نفرت ٿيڻ لڳندي هئي. ڳالهه فلمن جي نڪري پئي آهي ته منهنجي هڪ يار جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، سندس نالو آهي ’عاشق فلمي‘. فلمي انهي ڪري جو اڳي فلمن ڏسڻ جو شوقين هوندو هو، روزانو ٽيئي شو باقاعدگي ۽ پابنديءَ سان ڏسندو هو ۽ آچر ڏينهن مارننگ شو به ڏسڻ نه وڃائيندو هو، جڏهن آچر تي موڪل ٿيندي هئي. وقت گذرندو ويو، فلمون ڏسي ڏسي هاڻي اچي اداڪاريءَ جو شوق ٿيو اٿس، سو ڪلهه مون سان پنهنجي من جي ماجرا بيان ڪري وڌائين، پر مون سندس ها ۾ ها نه ملائيندي کيس سهڻي صلاح ڏني ته انهي ڳالهه تان لهي وڃ ڪوبه فلمساز يا هدايتڪار توکي پنهنجي فلم ۾ ڪم نه ڏيندو، ها جيڪڏهن ڏوڪڙن جو بندوبست ڪري سگهين ٿو ته (خبر اٿم پئسي وارو آهي) پاڻ فلمساز بڻجي وڃ، هڪ ٻن رنگين فلمن ٺاهڻ جو اخبارن ۾ اعلان ڪري ڇڏ، کوڙ نوان چهرا ڏسڻ جو به موقعو ملندئي، پوءِ پنهنجي فلم ۾ هيرو کان سواءِ جيڪو به رول ڪرڻ چاهين ڪجان. چيائين، ”هيرو ڇو نه؟“
”هيرو انهي ڪري نه ٿي سگهندين جو تنهنجي عمر پنجاھه کان چڙهي چڪي آهي. ها باقي هيرو جو پيءَ ٿي سگهين ٿو.“
چيائين، ”ڀلا اهو به ٺيڪ آهي اداڪاري مون کي ضرور ڪرڻي آهي، تنهن ڪري آئون هيرو جي پيءَ جو رول ضرور ڪندس پر هيرو وري منهنجو سچو پچو ۽ سڳو پٽ الهه بچايو ’بچل‘ هوندو ۽ سندس فلمي نالو ’بچل ڪمار‘ رکيو ويندو،“
مون چيو، ”يار عاشق هڪ مسلمان جو هندڪو نالو ڪيئن رکندين؟“
چيائين، ”ڇو نٿو رکي سگهجي، جڏهن يوسف خان، دليپ ڪمار ۽ سيد موسيٰ رضا، سنتوش ڪمار ٿي سگهي ٿو ته پوءِ منهنجو عاقل، بالغ ۽ لائق پٽ بچل ڪمار ڇو نٿو ٿي سگهي، ٻيو ته انهي سان وڏو فائدو اهو به ٿيندو جو منهنجو پٽ الهه بچايو ’بچل‘ شاعر به آهي. فلم جا گانا به پاڻ لکندو، اڳي به سندس ڪيترائي گانن جي طرزن تي ٺاهيل ڪلام ڳائڻن ڪيسٽن ۾ ڳايا آهن، تازو سندس گانن جي ڌنن وارن ڪلامن جي ڪيسٽ مشهور فنڪاره ’قسمت بانو‘ جي آواز ۾ آئي آهي. جنهن تي ڳائڻي قسمت بانو سان گڏ شاعر ’بچل‘ جو رنگين فوٽو به ڇاپيل آهي، ’بچل‘ موسيقيءَ جو به ڄاڻو آهي، تنهن ڪري مرداڻي آواز وارا گانا پاڻ ڳائيندو، جڏهن ته فيميل سنگر قسمت بانو هوندي، انهي ڪري خرچ جي به گهڻي بچت ٿيندي باقي هڪ عدد هيروئن، هڪ ولن ۽ ڪجهه ايڪسٽرا اداڪار ۽ اداڪارائون کپنديون، تن لاءِ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي ۾ اشتهار ڏيئي ڇڏينداسين. اداڪاري جا شوقين پاڻهين اچي پهچندا.“
فلمساز، اداڪار، هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار عاشق فلمي ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو هو ته پيراڻو پريم نگري اچي ويو، پيراڻي کي فلمون اصل ڪونه وڻن، تنهن ڪري عاشق فلمي مون کان موڪلائڻ لڳو ۽ موڪلائيندي ڪن ۾ چيائين ته، ”سڀاڻي اچي فلم جي ڪهاڻي ٻڌائيندس، پر اها ڳالهه پيراڻي کي متان ٻُڌائين، ڇو جو هو هميشه ۽ هروڀرو منهنجي هر ڪم جي مخالفت ڪندو آهي.“

[ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 14 آگسٽ 1991ع]