ڪالم / مضمون

نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

محمود مغل لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾، ڏاڏاهي صاحب تقريبن اڌ صديءَ جو سفر طئه ڪيو آهي. سندن نثر کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته هٿن جي جاءِ تي، دل جون آڱريون لکي رهيون آهن. لهجي ۾ ڪا بناوٽ ڪانهي ۽ قلم جي ڪاٽَ ۾ پنهنجي جاءِ تي اُها تِکائي آهي، جيڪا ڪنهن ڪالم جو مزاج بڻجي سگهي ٿي. سندن تحريرن ۾ ٻي خاص ڳالهه سندن موضوع آهن. عام رواجي ڳالهين کي بي انتها گهرائپ ۽ ڳُوڙهائپ سان کِلندي کِلندي ڏاڏاهي صاحب بيان ڪري ويا آهن.
ڏاڏاهي صاحب، ڪمال مهربان وجود آهن. وٽن جيڪِي ڪجهه آهي، انهيءَ جي کين ڄاڻ آهي ۽ جيڪِي ڪجهه نه اٿن، انهيءَ جي به سُڌ رکن ٿا ۽ اهو مٿن، سهڻي جو ڪيڏو نه ڪرم آهي. “
Title Cover of book نه هِنَ پاسي - نه هُنَ پاسي

اربعا خطا 1

تازو روزانه ’آفتاب‘ حيدرآباد ۾ محترم ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جو ڇپيل ڪالم ’ابتيون سبتيون ڳالهيون‘ ڪنهن دوست مون کي موڪلي ڏنو.
جنهن ۾ ڪالم نگار لکيو آهي ته ’ابتيون سبتيون ڳالهيون‘ جي عنوان سان پاڻ سال کن کان روزانه ’آفتاب‘ ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي ۽ اهو عنوان سندس ملڪيت آهي، جنهن تي مون جيئري زوريءَ قبضو ڪيو آهي وغيره.
سومرا صاحب، اعتبار ڪندا ته مون انهي ڪالم کان اڳ اوهان جو مذرڪوره ڪالم ڪڏهن به نه پڙهيو آهي، نه ته آئون هرگز اهو عنوان ڪونه رکان ها، بهرحال اوهان کي عنوان جي ڪري جيڪڏهن ڪا ذهني تڪليف پهتي آهي ته ان لاءِ معذرت خواه آهيان.
باقي هونءَ ته ڀائُو-ساڳيو عنوان رکڻ ڪا ’اربعا خطا‘ ته ڪانهي، جو اوهان ڪاوڙ ۾ اچي ان تي سڄو سارو ڪالم لکي وڌو آهي. منهنجا ته ماڻهن ڪلام چورائي پنهنجا نالا وجهي ڳائڻن کان ڳارائي ڇڏيا، پر مون ته کين ميار به ڪانه ڏني. ٻئي پاسي وري اوهين ڊاڪٽر الائجي پِي ايڇ ڊِي الائجي ايم بِي بِي ايس... اسين فقير ماڻهو، اوهان جي مقابلي ۾ ذري گهٽ اڻ پڙهيل ۽ اڻ ڄاڻ، تنهن ڪري اسان تي ڪاوڙ ڪرڻ اوهان کي ڪانه ٿي جڳائي.
ڪو زمانو هو جو ماڻهو سيدن تان سر قربان ڪري ڇڏيندا هئا ۽ اوهين رڳو عنوان به اُڌارو ڏيئي نه سگهيا. خير سائين وٺو پنهنجو ’عنوان‘ رکو پاڻ وٽ قابو ڪري، اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ اوهان جو عنوان اوهان کي بخشي بچائي ڏي، شال وڌي، ويجهي، وڏو ٿئي ۽ مينهن وسندي ڪم اچي. (آمين)
ڊاڪٽر سومرا صاحب، مزاح به ادب جو حصو آهي، اسان وٽ مزاح نگار اديبن ۾ مرزا قليچ بيگ، مولوي نور محمد نظاماڻي، مرحوم محمد هاشم مخلص، رشيد احمد ڀٽي، محمد خان غني، غلام حسين ڪروڙپتي، نور عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي صاحب ٿي گذريا آهن. جن پنهنجي وقت ۾ مزاحيه افسانا، ناٽڪ، ڪالم ۽ مضمون لکيا. ڊاڪٽر صاحب اوهان پنهنجي ڪالم ۾ پراڻن ڪالمن مان ’نظري خوش گذري‘ ڪالم جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪو شايد 1960ع کان 1967ع تائين روزانه ’عبرت‘ حيدرآباد ۾ هفتيوار ڇپبو هو، جنهن ۾ منهنجا مزاحيا نظم ’ڪنوارن جو بلو ڪريو‘، ’آڪڙباز پڙهن‘، ’ڇا ٿيندو‘، ’فڪر ناهي‘، ’نئون سال‘، ’ماضي ۽ حال‘، ’زمانو باوفا آهي‘، ’چوڏهين صدي آ‘، ’ظالم زمانو‘، ’ڪنهن عيد ڪئي‘، ’ماني‘، ’برسات ۾‘ ۽ ٻيا ڪافي تعداد ۾ ڇپيا هئا. ان وقت مزاحيه شعر لکندڙ شاعرن ۾ خواجه قلب علي ’قلب‘ جيڪو ’ٽِڪلُو بِي اَي‘ جي نالي سان به لکندو هو، مجذوب لاشاري، لطف بدينوي، پروانو ڀٽي، مجرم لغاري، سومرو سودائي، نور عباسي ۽ عبدالحميد منتظر سومرو جا نالا ياد ٿا اچن، جن مزاحيه شاعريءَ ۾ پاڻ مڃرايو.
انهن ڏينهن ۾ مزاحيه مشاعرا، ڪانفرنسون ۽ ڪچهريون به ٿينديون هيون. ڊاڪٽر غلام قادر سومرا صاحبَ! اڄ کان آئون پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘ رکان ٿو، پر ڊپ ٿو لڳي ته متان ان جو به ڪو وارث پيدا ٿي پوي. تنهن ڪري هن ئي ڪالم ۾ عام اطلاع ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان.
عام اطلاع
هن وسيلي سڀني عام خاص، خواتين ۽ حضرات کي (ڪالم نگارن کي خصوصن) اطلاع ٿو ڏيان ته مون پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘رکيو آهي، پر جيئن ته منهنجي اڳوڻي ڪالم جي عنوان ’ابتيون سبتيون ڳالهيون‘ جو به نيٺ وارث نڪري پيو، تنهن ڪري ضروري سمجهي احتياطن اڳواٽ پڌرو ٿو ڪريان ته آئون پنهنجي سالم هوش حواس سان، بنان ڪنهن جي دٻاءُ ۽ چوڻ جي، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، وڏي سوچ ويچار، پڇا ڳاڇا ۽ سنگت ساٿ سان صلاح ڪرڻ بعد پنهنجي ڪالم جو عنوان ’اربعا خطا‘ رکي رهيو آهيان، پر تنهن هوندي به مذڪوره عنوان جو پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ڏاڏو ڏاڏي، نانو ناني، يا سئوٽاڻي سوٽ وغيره مان ڪو وارث هجي ته هن ڪالم ڇپجڻ کان 15 ڏينهن اندر ٻن عاقل بالغ، معزز شاهدن ۽ تحريري ثبوتن سميت اچي پنهنجو حق (وارثي) ثابت ڪري. ٻي صورت ۾ مدت گذرڻ کان پوءِ ڪنهن جي به وارثي يا حُجت قابلِ قبول نه هوندي ۽ مذڪوره عنوان ’اربعا خطا‘ قيامت تائين منهنجي ملڪيت رهندو.
هٿ اکر صحيح ڪالم نگار جي.

[ڇپيل: روزانه هلال پاڪستان 03 نومبر 1991ع]