سنڌ هڪ راز آهي جنهن کي محبت کانسواءِ سمجهي نه ٿو سگهجي
“ انسان جي گناهه کان خوف نه کائو، گناهه جي هوندي به انسان سان محبت ڪريو، ڇاڪاڻ ته اصل دوستي عشق الاهي جو مظهر آهي ۽ لافاني آهي”
بظاهر ته هي شاندار لفظ آهن. جنهنجو نتيجو به لافاني آهي. پر مون پنهنجي ديس ۾ ماڻهن جي ۽ لفظن جي جنهن طرح تذليل ٿيندي ڏٺي آهي، ان کانپوءِ لفظن تي ته ڄڻ ماڻهو جو ويساه ئي ختم ٿي ويو آهي. سال 1954ع کان اڄ تائين فوجي آمرن ۽ سويلن حڪمرانن، عزيز هم وطنو، پهلي پاڪستان جهڙن ٻين ڪيترن لفظن جي ايتري ته تذليل ڪئي آهي جو ڪنهن به ماڻهو کان انهن لفظن جي اهميت پڇندا ته هنن جون اکيون نفرت مان ڳاڙهيون ٿي وڃن ٿيون. اهي حڪمرانن جا محاورا ۽ لفظ آهن. جن ۾ هاڻ ڪابه جان ڪانهي، احساس کان خالي ۽ کوکلا لفظ آهن، جنهن لاءِ ڪنهن وٽ ڪو تقدس به ڪونهي.
مون پنهنجي وطن سنڌ جي ڏکارن ماڻهو جو هڪ وڏو ڪلاس جيڪي سنڌ جي خوشحال ۽ پراڻي تهذيب جا وارث آهن، پنهنجي زمين تان بي دخل ٿيندي ڏٺا اٿم. ٻوڏن ۾ مرندي ۽ لاوارث ٿيندي ڏٺا آهن. مذهب جي نالي تي انسان هٿان انسان جو خون ٿيندي ڏٺا اٿم. سرڪار پاران رليف ۽ انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي بئنڪن جي گارڊن ۽ سپاهين هٿان سنڌ جي اٻوجهه ۽ مسڪين ماڻهن کي ائين لٺيون هڻندي ڏٺو اٿم، ڄڻ ڪي هي انسان نه جانور هجن. هن رياست ڏوهارين، سمگلرن، نسل پرستن، مذهب پرستن، آمرن ۽ فيوڊل کي پاليو نپايو ۽ وري محب وطن، آزادي پسندن جو خون ڪيو. انجي باوجود به ڪو چوي ته گناهن جي هوندي به اهڙن ماڻهن سان پيار ڪيو.
“اها سڀ لاءِ عجب جي ڳالهه نه هوندي”
ڪنهن به انسان جي گرد آسودگي ۽ خوشحالي هئڻ جي باوجود به هو مفلسي ۾ رهي ۽ رليف جي نالي تي لٺيون کائي ۽ حقارت واري زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي، معصوم ٻارن جي خالي هٿن ۾ ڪتاب ڏيڻ بجاءِ فقط پيٽ جي باهه ڏني وڃي ۽ پوري حياتي رڳو ماني لاءِ رڙيون ڪندو رهي، جنهن جي حاصلات لاءِ وري هر قسم جي غلاضت ڀريو ڪم ڪرڻ لاءِ به تيار رهي، عورتن جون دليون موت جي خوف کان هميشه ڀريل رهن ۽ پوري قوم کي ان ڀوائتي حالت ۾ مبتلا ڪيو وڃي ته يقينن اها تشويشناڪ صورتحال آهي. ان حالت ۾ لفظ به پنهنجي قدر وڃائي ويهن ٿا. ليڊر به نظرن کان ڪري پون ٿا. انسانيت جو سچ پچ وڏو الميو هجي ٿو جڏهن انسان جو ويساهه ٽٽي ٿو.
پاڪستان جي اهڙي تاريخ کانپوءِ ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو پاڪستان سان پنهنجي والهانه محبت جو اظهار ڪندو. هن ملڪ جو ماڻهو جيڪوغربت جي لڪير کان به غريب تر واري زندگي گذاري پيو ۽ اهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي، جتي هي پنهنجي حياتي کي گهليندو رهي ٿو يا وري مرڻ کانپوءِ پنهنجي جان آجي ڪري ٿو. بلڪ هي ماڻهو ته دوکي ۾ رهيا مذهب ۽ نسل جي نالي تي جذباتي پڻي جو شڪار ٿيا ۽ هنن کي نوابن، فيوڊل، ۽ ڪاروباري ماڻهن آزادي جي نالي تي جنت الفردوس جا خواب ڏيکاري اهڙي دوزخ ۾ وڃي اڇليو آهي جيڪا هر طرف کان بند آهي.
هن ديس جي ماڻهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻيو فيصلو ڪرڻ گهرجي پاڪستان سان گڏ رهڻ جو نئون سماجي معاهدو ۽ اهو هجي قومن جو حق خود اختياري، ممڪن آهي ته هن ڏکاري ديس جي ماڻهن کي ڪجهه راحت ۽ سڪون حاصل ٿئي. پر مان اها ڳالهه ياد ڏياريندو هلان ڇو ته هي قوم پنهنجي روح جي زخمن کي جلد وسارڻ واري قوم آهي ۽ پيرن، ميرن، وڏيرن تي اعتبار ڪرڻ واري قوم آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي رستي آزادي جا موقعا با بار حاصل ناهن ٿيندا، جيئن بنگالين کي تاريخ هڪ موقعو ڏنو، جنهن کي هنن بنگالي نيشنلزم جي نالي تي ضايع ڪيو. ان ڪري خود مختياري جو مطلب سنڌ جي وڏيرن جو راڄ ناهي پر انجو مطلب آهي “سوشلزم”
هتي مان سوشلزم متعلق اجائي نااميدي جي به ٿوري وضاحت ڪندو هلان . سوشلزم جا خيالات مارڪس پنهنجي ذهن مان تخليق نه سماج کي هلائيندڙ قانون ، طريقه ڪار ۽ سرمائيدارانه پيداوار مان جنم وٺندڙ طبقات ۾ تلاش ڪيا، جنهن جي جي آڌار هن سوشلزم جهڙي شاندار عمارت کڙي ڪئي.
“سوشلزم سرمائيداري جو نعمل بدل ناهي پر انجي ارتقا جي ئي هڪ شڪل آهي”
ڪنهن چيو! اهو عجيب ناهي ته سوشلزم جا بنيادي اصول انصاف، مساوات، سماجي انصاف، کي سرمائيدارانه نظام پنهنجا اصول ٺاهي ورتا آهن .
“ها اهو بلڪل سچ آهي “
۽ اهي ملڪ جيئن روس آهي پنهنجن ڪوتاهين ڪري سوشلزم متعلق غلطيون ڪيون ۽ پوئتي رهيا.
“اهو هڪ طرح سان اڌورو سچ آهي”
روس پنهنجي انقلاب جي عرصي دوران سوشلزم جي ڇانو هيٺ شاندار ترقي ڪئي. دراصل بحران ته اتان شروع ٿيو ته روسي قيادت انقلاب کانپوءِ هڪ طرف پنهنجي اصول خلاف سختگير ٿيا ته ٻئي طرف سوشلزم کي بند ڳٽڙي وانگر ويڙهي ان جي تخليقي صلاحيت کي متاثر ڪيو. اسٽالن جي بقول ته اها سيڪنڊ ورلڊ وار جي ضرورت هئي، جنهن کي پوءِ پوري دنيا رد ڪيو ۽ ننديو. اسٽالن جي سخت گير روين ڪارڻ سوشلزم جو انسان دوست ۽ جمهوريت دوست چهرو مسخ ٿي ويو .
“دنيا جون هن وقت به ڪيتريون قومون آزادي جي راه تي آهن “
بلڪه اهو چئي سگهجي ٿو ته دنيا ۾ سوشلزم جي بنيادي اصول انصاف ۽ برابري عام ۽ آفاقي بنجي ويا آهن، ان اصول کي هٿي يورپ ۾ آمريڪي جارحيت خلاف اهي مظاهرا آهن جيڪي عراق جي حق ۾ امريڪا ۽ برطانيه خلاف نڪتا، دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر منظم ٿي رهي آهي ۽ اسان لاءِ به آزمائش آهي ته اسين الله جي زمين تي پکڙيل انسانن کي سوشلزم جهڙي مضبوط عمارت کڙي ڪرڻ ۾ ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا.
“هاڻ وري اسان سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي ڏانهن ڏسون ٿا”
جنهن جي ڪا حد ئي نه هئي، سنڌ جي اُپت تي دنيا جي باقي قومن جو گذر ٿيندو هو، پٽاڻ ته هميشه سنڌ جا بيٺل فصل لٽي کڻي ويندا هئا. راجه ۽ مها راجه ڄورن وانگر سنڌ سان چنبڙيل هئا پر انجي باوجود سنڌ جي زمين ۽ سنڌ جي ماڻهو جي خوشحالي نظر ٿي آئي. سنڌ جي ماڻهو تي هاڻي جيڪا مفلسي آئي آهي ان جي وجهه اسان کي تڏهن سمجهه ۾ ايندي، جڏهن سنڌ جو سفر ڪيون ۽ انهن ماڻهن جو قريب کان مشاهدو ڪيون جن کي محنت ڪندي ورهه ٿي ويا آهن ۽ هر سک کان محروم آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي سنڌ جي سفر ۾ ڪيترن ڳالهين سان گڏ اها ڳالهه محسوس ڪئي. جيتوڻيڪ سنڌ جي ماڻهن جي ڳالهين ۽ دليلن ۾ تسلسل نه هو پر سڀ ۾ مشترڪه ڳالهه هي هئي ته
“رياست يعني حڪومت جو نظام وڏيرن، ذاتين، برادرين ۽ پوليس وٽ آهي”
“عام ماڻهو جو خدا کانسواءِ ڪو ڌڻي سائين ڪونهي”
هن احساس پٽاندڙ سنڌ جو ماڻهو شديد ذهني ۽ جسماني اذيت جو شڪار آهي، رڳو غربت ئي هنجو رت نه ٿي پئي، هي ته پنهنجي فرسوده رسمن، روايتي فيوڊل، حقارت آميز روين ۽ پنهنجي زمين تان معاشي، ثقافتي ۽ روحاني طرح بي دخلي جو به شڪار آهي.
سنڌ جو زرعي نظام سنڌو درياءِ تي آهي، جنهن کي هماليه جي پهاڙن ڪابل ۽ پنجن ندين ذريعي پاڻي ملي ٿو، هن مٿان ڊيم ٻڌا پيا وڃن جنهن سان هن جو وهڪرو سنڌ تائين پهچندي ڌيمو ٿيندو وڃي ٿو. جنهن سان سنڌ جي آبي حيات تباه ٿي رهي آهي. سمنڊ جو، سنڌ ڏانهن اڳتي وڌڻ ڪري زير زمين پاڻي جي سطح وڌڻ ڪري وڏي ماحولياتي تباهي ٿي سگهي ٿي. جنهن سان سنڌ جي ننڍي آبادڪاري، ماهيگري ۽ قڌرتي وسيلا ۽ ٻيلا هر وقت خطري ۾ رهندا. واپار تي وڏين جائنٽ ڪمپنين جو ڪنٽرول آهي ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ سنڌي آهي ڪونه، سنڌ جا هنرمند بي روزگار ٿيندا ۽ شهر ۽ ٻهراڙي جو وڏو خال پيدا ٿيندو. هن کان به وڌيڪ تڪليفده حالت اها ٿي سگهي ٿي، ته سنڌ جي آبادي 2035ع تائين ڪٿي وڃي پهچندي جڏهن سنڌو درياءِ کي پاڻي پهچائيندڙ هماليه جو پاڻي به ڊائون اسٽريم تائين پهچي ئي نه سگهي ۽ وچان ئي هضم ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته دنيا هن وقت خطرناڪ گلوبل وارمنگ کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن سان زمين جي ماحول ۾ ڪاربن جي سطح تيزي سان وڌڻ ڪري گرمي جو پڌ وڌي رهيو آهي. ماحولياتي ماهر چون ٿا ته گرمي جي ليول ان خطرناڪ حد تائين پهچي سگهي ٿي جو ممڪن آهي ته ايشيا ۾ مَٽي پاڻي جا ذريعه ئي نه رهن يا سخت متاثر ٿين. هي ڳالهه ته مسقبل جي آهي پر حال ۾ ڇا ٿو ٿئي انجو اندازو جنهن کي آهي اهو پريشان آهي ۽ جنهن کي ناهي اهو پاڻ کي تسلي ڏئي چئي ٿو ته
“مستقبل ڪنهن ڏٺو آهي”
جڏهن ته مهذب قومون مستقبل تي نظر رکنديون آهن .
مون پنهنجي هن ناول ۾ ڪيترا ئي غير سلسليوار موضوع کنيا آهن جيڪي پڙهندڙ لاءِ مختلف معنائون ۽ گهرو درد رکندڙ آهن، ناول گذري وئي برسات جا موضوع ڪجهه نوان ته ڪجهه پراڻا آهن، مون لاءِ انهن جي اهميت ان ڪري به آهي ته مونکي ان ۾ پنهنجي سنڌ نظر اچي ٿي، جيڪا سدائين منهنجي ارد گرد رهي آهي. زمين محض رهڻ لاءِ ٽڪرو نه ٿي هجي پر ڪن ماڻهن لاءِ زندگي هجي ٿي. جنهن ڪري به مان ڪڏهن غير جانبدار نه رهي سگهيوآهيان، منهنجو ناول جانبدار آهي، بلڪه دنيا جو هر لفظ جانبدار هجي ٿو. مون پنهنجي ناول ۾ زندگي جي اهڙن ڪردارن کي پاڻ سان ڳالهائيندي ڏٺو آهي جيڪي عام رواجي آهن، جيڪي رستي ويندڙ مسافرن، تاريخي هيروز، بس جي سفر ۾، جوڳين ۽ وقت جي ستايل ڪمزورعورتن جي صورت ۾ مونسان گڏيا ۽ هم ڪلام ٿيا، جيڪي پوءِ مونکي سدائين لاءِ پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندا رهيا آهن. هنن جي منهنجي دل ۽ دماغ درميان موجود هجڻ ڪري ئي مان ڪجهه لکي سگهيو آهيان.
مون ڪيترن ماڻهن کي زندگي کان پري ڏٺو. قدرت جي لافاني حسن کان به پري. باوجود انجي جو هو اهڙي حسن ۽ زندگي جي درميان رهندا هئا. هنن سدائين پنهنجي روح کي ڪائنات جي حسن کان سڪايو ۽ پوري حياتي انسانيت سان پيار ڪرڻ جي دعوا ڪرڻ جي باوجود اهو وساري ويٺا ته هنن کي به ڪنهنجي هٿن جو سهارو گهرجي. ۽ اهڙا لمحا گهرجن جيڪي فقط ۽ فقط هن جا ۽ هن لاءِ هجن. هنن ماڪوڙين وانگر لائن ۾ هلندي وساري ڇڏيو ته انسان جيڪو ٺاهيو ئي فقط انهن شاندار لمحن ۽ خوشي لاءِ ويو آهي ۽ اهي قيمتي پل هن لاءِ ڪيڏا اهم ۽ ضروري آهن. انقلاب ۽ پنهنجي ليڊر لاءِ پوري حياتي ارپڻ جي باوجود هنن هڪ لمحي لاءِ به اهو نه سوچيو ته هنن جي به پنهنجي زندگي آهي. هنن جا ٻار آهن هنن جو گهر آهي ۽ هنن جي گرد جيڪي ڪائنات جا رنگ آهن، جنهن جي حسن جي ڪا حد ڪانهي، جيڪا انسان جي روح جي اڏام ۽ صداقت لاءِ ايترو ئي ضروري آهي جيتري انجي جسماني واڌ ويجهه لاءِ خوراڪ، هي ڪنهن به طريقي سان ان سان رجوع ٿيڻ بغير ڪيئن ٿي انقلاب آڻي سگهيا ۽ اهڙي آزادي تي يقين ڪير ڪندو جنهن ۾ انسان اندر کان بيدار ئي نه هجي. روح کان بيداري گهري وصف رکي ٿي. هي اهڙي سجاڳي آهي جيڪا ڪنهن به انسان جي اندر جي اونده کي ختم ڪري ٿي.
انسان ڪوبه ڪم ڪرڻ ۽ ڪنهن به طرف قدم کڻڻ کان پهرين ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجو من اڇو اجرو رکي. گوتم جي خيال مطابق هو ائين تڏهن ڪري سگهي ٿو جڏهن “ شعلو به ٿي وڃي ته پتنگ به”
نظريي جي طاقت سان گڏ، انسان جي روحاني طاقت کي به مان ائين سمجهان ٿو، ته هي انسان کي اُجرو ڪري ٿي ۽ انسان هن جي طاقت آڌار آزادي لاءِ اڃان به بهتر ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار ٿي سگهي ٿو. سنسڪرت جي قديم ڪتابن ۾ هڪ حوالو ڏنل آهي ته خاندان جي مفاد لاءِ فرد کي قربان ڪري ڇڏڻ گهرجي، قوم جي مفاد لاءِ خاندان کي، ملڪ جي مفاد لاءِ قوم کي ۽ روح جي خاطر پوري دنيا کي.
روح جي حقيقت سمجهه ۾ تڏهن ايندي جڏهن اسين جانبدار هجون. اسين پاڻ ڏانهن پنهنجي زمين ۽ ڪائنات ڏانهن جانبدار هجون. اسان جو الميو اهو آهي ته اسان جي جانبداري زندگي جي ننڍڙين ننڍڙين شين لاءِ ته آهي پر وڏن ۽ اعلا مقصدن تي وري اسين غير جانبدار آهيون. ڪمپرومائيز جا شڪار آهيون، Non-controversial آهيون. جيڪا اسانکي هڪ ٻئي کان اوپرو ڪري ٿي، موقعي پرستي لاءِ تيار ڪري ٿي. ظاهر آهي ته انجي نتيجي ۾ ڪو پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪري ٿو ته ڪو پنهنجي فرقي جي ته ڪو پنهنجي ملڪيت جي ته ڪو پنهنجي ذات جي. انسان کي ڪيئن هئڻ گهرجي. راحت ۽ خوشي جي ڪهڙي معني هجي ٿي ۽ اها ڪيئن ٿي حاصل ڪري سگهجي. يقينن انهي سوال جو جواب اهڙن ماڻهن وٽ ته نه ٿو ٿي سگهي، جيڪي غير جانبدار ۽ Non-controversial آهن، ڇا ڪاڻ ته روح جي حقيقت جو تعلق طلب سان ناهي هوندو، ارپڻ سان هجي ٿو.
انسان جي زندگي جو سوال معاشي ئي ناهي پر روحاني به آهي. جنهن کي اسين سدائين نظرانداز ڪندا رهيا آهيون.
سنڌ جو ماڻهو، ٻنهي طرف کان محروم ٿيندو وڃي ٿو.
بحيثيت انسان جي اسان ڪو اهڙو ڪم ڄاڻائي سگهون ٿا، جنهن تي اسان فخر ڪري سگهون؟
سيپٽمبر2010ع جي شام سنڌ جو اتريون پاسو ٻڏو. حڪومت لفظ دهرايا ته ڪچو هميشه ٻڏندو رهندو آهي. 2013ع ۾ سنڌ جو لاڙ ٻڏو، حڪومت هن کي قدرتي آفت چئي پنهنجي جان آجي ڪئي. هن پوري تباهي ۾ عام ماڻهو پنهنجو ڇا وڃايو ان کي اڃان بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي. ماڻهو پنهنجي روح کان ٽٽا، ماڻهن پنهنجا گهر وڃايا، ماڻهن جا خواب ٻڏا، ماڻهن جي اکين جو حيا ٽٽو، ماڻهن پنهنجن ناپاڪ نگاهن سان عورتن کي تڪيو، ٻارن جو اسڪول به ويو ته ماءُ جو آغوش به ويو، ڪيترن ئي ڄاول ٻارن جي ارڙي ۽ مليريا ۾ موت ٿي. مون هتي سج جي تيز اس هيٺان گڏ ٿيل اهڙن مرجهايل چهرن کي ڏٺو جن اڃان زندگي کي ڀوڳڻ سکيو ئي نه هو. جيڪي مينهن، ڍڳين ۽ ٻڪرين جي ڀر ۾ ائين ويٺا هئا جو انهن جو پيشاب ۽ ڇيڻن جا ڇنڊا به انهن جي منهن کي ٿي لڳا. هن پوري پسمنظر کي آءُ ان ڪري ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسين سڀ هاڻ به اهڙي قسم جي زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ پنهنجي گرد انهن ماڻهن جي طويل قطار ڏسي رهيا آهيون، جن پوءِ نيچرل ڊيساسٽر جي نالي تي ڪوڙيون سچون رپورٽون ٺاهيون. بيروڪريٽڪ حرفتون ڪيون. سياسي فنڪاريون ڪيون. پنهنجن گاڏين جا ڪرايا چئڻا ڪيا. من گهڙت ڳالهيون ڦهلائي ماڻهن جي حوصلن کي ڪمزور ڪيو ته جيئن انهن جي ڪمزورين مان ڪو فائدو کڻي سگهن. اين جي اوز جي ورڪرن شيڊ جي نالي تي پنهنجا گهر ٺهرايا. حڪومتي ٺيڪيدارن سالن کان اسٽور ٿيل ُسرو لڳل چانور خريد ڪري ماڻهن کي کارايا ۽ ٻيڻا پئسه وصول ڪيا. سياسي ڪارڪن جو جذباتي پڻو امداد مان ملندڙ چانور ۽ گيهه ڪري ماٺو ٿي ويو. ۽ بين الااقوامي امداد جي سياست جي واهيات تقريرن ۾ عام انسان جو آواز دٻجي ويو. مون هڪ ئي وقت انسان جي بي وسي ۽ خود غرضي کي ڏسي پنهنجي اندر ۾ ڪاوڙ ۽ غصي کي محسوس ڪيو ته هي واهيات پڻو جيڪو سنڌ جي عام ماڻهو سان ٿي رهيو آهي. گذريل 63 سالن کان جاري آهي. جنهن ۾ هاڻ تيزي اچي وئي آهي. مونکي هتي اهو واضع ڪرڻ ڏيو ته هڪ ماڻهو جي اڪيلائپ ۽ سڌي طرح انکي زندگي جي ضرورتن ۽ حقن کان محروم رکڻ جي ذميواري ڪنهنجي آهي؟
آخر هي ملڪ ڪنهنجي لاءِ ٺاهيو ويو آهي؟ جي هي ملڪ عام ماڻهو جي ننڍڙي ٻيڙي کي تارڻ جي به صلاحيت نه ٿو رکي ته پوءِ انجي هئڻ جي به آخر ڪهڙي ضرورت.
جيتوڻيڪ مون پنهنجي ننڍڙي دل کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ناول کي طويل سياسي اثرکان بچايان، مون ان لاءِ ڪوشش به ڪئي پر انجي باوجود مان شايد گهڻو ڪامياب نه ٿي سگهيو هجان. مان هتي صرف ايتري گذارش ڪندس ته منهنجن خيالن کي ناول جي ٽيڪنيڪ مٿان قربان نه ڪندا ته توهانجو احسانمند رهندس. هي خيال سنڌ جي اڪثر محروم ماڻهن جا آهن. جيڪي بهرحال منهنجي زندگي ۽ منهنجي لکڻي جو حصو ٿي ويا آهن ۽ باوجود ان ڪوشش جي سنڌ جي ماڻهو جي ان حد تائين رحم جوڳي روئيندر صورت ڏسي شايد مان گهڻو رومانٽڪ به ٿي نه سگهيو هجان. مان جيئن ته اديب گهٽ سياسي ورڪر رهيو آهيان، ان ڪري به منهنجي ناول ۾ انجو عڪس نظر اچي ٿو . پر ساڳي وقت گذري وئي برسات ۾ انسان جا لازوال ۽ لافاني جذبه به آهن ته محبتون ۽ نفرتون به آهن.
بورجوا ۽ فيوڊل رياستون فوجي بجٽ لاءِ هونديون آهن هن حقيقت کي عام ماڻهو جي زندگي کان ۽ انقلابي تحريڪ کان ٻاهر رکڻ جي معني عوام کي دوکي ۾ رکڻ آهي ۽ ڪو به اديب ۽ سياسي ماڻهو ان کان انڪار ڪرڻ جو ڏوهه نه ٿو ڪري سگهي. ڪو به عوامي اديب ائين نه چاهيندو ته پنهنجي شاعري ۽ لکڻين ۾ ماڻهن کي هميشه غم جي حالت ۾ رکي ۽ انهن حقيقن کان محروم رکي جن کان هي پنهنجي عقل آڌار واقف آهي،
“عشق ۽ انقلاب کي ممڪن ڪري ڏيکارڻ ئي ته اديب ۽ ادب جي بلندي آهي” بلڪه هي ٻئي زندگي جو ڪنارو آهن، گڏ گڏ رهن ٿا. دنيا جي ٻين شين کان وڌيڪ هنجي طرفداري ائين آهي جيئن مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ حيرت سان پاڻ کي ڏسڻ. اهڙي ريت ۽ ان رستي بلاول جهڙا لافاني ماڻهو وڃي سگهن ٿا جن ۾ عشق ۽ انقلاب جي جرئت هوندي. اسانجو انتخاب ان کان مختلف رهيو ته ڪو به اديب، شاعر پنهنجن لکڻين ۾ گهڻو وقت زندهه رهي نه سگهندو. هن ئي دور شاه سچل فريد کانپوءِ فيض ۽ جالب کي پيدا ڪيو ته منشي، بخاري، شمشير، نياز ۽ اياز ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو به ڏنا آهن. جن ماڻهو جي ڏکن کي ايڊريس ڪيو ۽ دشمنن کان آگاه ڪيو. هي سڀ پنهنجي فڪر ۾ عوامي ۽ جانبدار ماڻهو هئا. هنن ائين ڪري ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي، جيڪا دنيا جي ڪنهن به ماڻهو لاءِ وڏو انعام هجي ٿي. سنڌ جي زمين شاندار فصل ۽ شاندار ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ زرخيز آهي. هي سلسلو فطرت جي عين مطابق آهي، پر ڪڏهن اسين جذباتي ٿي چئي رهيا هوندا آهيون ته اهو وقت ڪڏهن ايندو جڏهن سماج جا سمورا ماڻهو پوري آواز سان پڪاري اٿن ته گهڻو ٿيو ۽ همت ڪري پنهنجن وسيلن جا مالڪ ٿيڻ جو اعلان ڪن. منهنجي خيال ۾ انجو نه وقت مقرر آهي نه ڏينهن
“هي ته اسانجي وابستگي ۽ جانبداري سان ممڪن آهي”
سنڌ مٿان گذريل ڏهن سالن کان جمهوريت، اسيمبليون، ووٽ جو ڪوهيڙو ڇانيل آهي، هر ماڻهو ان معاملي تي پنهنجي راءِ ڏئي ٿو سرڪاري اديب، سياسي ورڪر، انفارميشن جا ادارا، هر جڳهه تي موجود اين جي اوز جا مئنيجر جيڪي روايتي طرح ماڻهن مٿان اهو تاثر ويهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته،
“ جمهوريت ئي سمورن مسئلن جو حل آهي”
هي ائين ڇو نه ٿا چون ته ماڻهن جون سموريون محروميون ۽ ڀوڳنائون عين ڊيموڪريسي جي فطرت موجب آهن.
ان متعلق حقيقتن کي بگاڙي ائين پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهو اهو نه پڇن ته جمهوريت ۾ انهن لاءِ ڇا آهي؟ حالانڪ سنڌي توڙي اردو جي اديبن ۽ دانشورن جون انقلاب ۽ طبقاتي جدوجهد ۽ ڊيموڪريسي لاءِ سنجيده لکڻيون به موجود آهن جيڪي ماڻهن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن، پر سياسي تحريڪون شايد اڃان سياسي ميچورٽي کان محروم آهن.
منهنجو ناول گذري وئي برسات مختلف دور جو سفر آهي جيڪو Fantasy ته بلڪل ڪونهي هن جا ڪردار اسانجي ارد گرد رهن ٿا اسانجي تاريخ ۾ اسانجي حال ۾ به جيڪي پنهنجن حقن ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪندي نظر ايندا ته ڪٿي فرشتن جهڙا چهرا ڳوڙهن سان تر ٿيل نظر ايندا.
منهنجي روح کي تسلي هڪ لحاظ کان ضرور آهي ته گذري وئي برسات خالص انسان جي دردن ۽ حوصلن تي مبني ناول آهي. جنهن ۾ اهڙا روزمره جا چڀندڙ واقعا آهن، جيڪي هڪ طرح سان اهو طئي ڪن ٿا ٿه اسانجو سماج ڪيڏانهن پيو وڃي. منهنجي راءِ ۾ اسان پنهنجن لکڻين ۾ تربيت، عام ماڻهو جي راءِ ۽ انجي زندگي جي ڏکويل پاسن کي کڻڻ کانسواءِ ۽ طبقاتي فرق کانسواءِ پنهنجي تهذيب کي ۽ ماڻهن کي ڪيئن ارتقا ڏئي سگهنداسين.
هي هڪڙي قسم جو محتاط سوال آهي ۽ گهڻن ماڻهن لاءِ کل جهڙو به ته مان اڃان تائين سوشلزم ۽ طبقاتي فرق واري دنيا جي ڳالهه ڪيان پيو. جڏهن ته دنيا سڪڙجي هڪ گلوبل وليج ٿي وئي آهي. دنيا کي طبقن جي فرق ۾ ڏسڻ بجاءِ انکي رفارميٽڪ ۽ ويلفيئر ۾ ڇو نه ڏسڻ گهرجي؟ ماڻهن کي طبقن ۾ ورهائي ڏسڻ مان ڇا حاصل ٿيندو، قومن کي جمهوري آزادي واري راه وٺڻ گهرجي نه ئي معاشي آزادي ۽ انقلاب جي.
هي سوال درحقيقت غير اهم به ناهن، هنن سوالن جي اهميت آهي ۽ هر روز ڪيترا ماڻهو هنن سوالن تي بحث ڪندي متفق به ٿين ٿا ته اختلاف به ڪن ٿا. پر بهتر ائين ٿيندو ته هنن سوالن کي تاريخ جي پسمنطر ۾ ڏسجي .
توهان کي ائين نه ٿو لڳي ته ماڻهن جي گهڻائي فاقن کان بچڻ لاءِ محنت ڪري ٿي، ته جيئن پاڻ لاءِ غذا حاصل ڪري سگهي.نتيجن هو پنهنجي محنت جي عيوض تمام وڏي دولت پيدا ڪري ٿو. جنهن سان هڪ مخصوص ڪلاس امير کام امير تر ٿيندو رهي ٿو.
توهان جيڪڏهن ان ڳالهه سان متفق آهيو ته پوءِ انهن ماڻهن جي شرڪت کانسواءِ آزادي ۽ حق ڪيئن ٿا وٺي سگهجن. جيئن مان خيال ڪيان ٿو ته پنهنجي جدوجهد جو آغاز جيستائين ان اڪثريتي محروم ڪلاس کان شروع نه ٿا ڪيون ته جدوجهد نتيجا خيز نه رهندي جنهن سان پوءِ تحريڪن ۾ شديد مايوسيون پيدا ٿين ٿيون.
دنيا گلوبلائيز ٿي رهي آهي انجو مطلب ڇا آهي؟
گلوبلائيزيشن پنهنجي اندر ۾ سامراجيت جو ئي روپ آهي جنهن جو مقصد ڪاروباري آهي، جنهن جو مقصد هائبرڊ ٻج پيدا ڪري زراعت کي پنهنجي زير تسلط رکڻ، اقتصادي ڍانچن کي جائنٽ طاقتور ڪمپنين جي هٿ وڪڻڻ ، پاڻي، بجلي، تيل، ڪوئلو، تعليم، صحت، مواصلات، کي نجي ڪمپينن کي وڪڻي ڏيڻ، هڪ طرف ڊيموڪريسي جي نالي تي فيوڊل، فوج ۽ سرمائيدارنه ڪمپنين کي رعايت ڏيڻ ته ٻئي طرف مذهب جي نالي تي ماڻهن کي تقسيم ڪري انهن جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جو نالو ئي ته گلوبلائيزيشن آهي.
ان ڪري هڪ ئي وقت ڪيترن محاذن تي وڙهڻ جي ضرورت آهي. هي اسانجي ضرورت به آهي ته وقت جي تقاضا به، پر مان اوهانکي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي ناول هڪ طرح سان هڪڙي اهڙي دور جي عڪاسي به آهي جن جي ڪردارن پنهنجي دور ۾ فقط آزادي ۽ انقلاب لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو، جن مان پوءِ ڪيترن شهادت ماڻي ته ڪي سرخرو ٿي نڪتا ته ڪي اڄ به خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. ڪن موقعي پرستي ڪئي ۽ ڇا ڪجهه نه ڪيو جنهن تي ڪجهه به لکڻ کانسواءِ صرف ان ڳالهه کي ويچار ۾ آڻيون ٿا ته اهو مقصد جنهن لاءِ هنن پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو پوءِ انجو حاصل ڇا ٿيو؟ ڪاڏي گم ٿي ويا اُهي شاندار ماڻهو جيڪي بلاشبه سڀني کان بلند ۽ عظيم هئا. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به انسان ۾ ذات ۽ زمين ڏانهن پاڻ کي ذميوار سمجهڻ جو احساس سڀ کان بلند ۽ عظيم هجي ٿو، جنهن جي هي پرچار ڪندا رهيا، پر جيئن ته هي به عام ماڻهو هئا هنن کان به غلطيون ٿيون، ڇاڪاڻ ته فيوڊل سماج جون خرابيون به ته هڪ ڏينهن ۾ ختم ٿي نه ٿيون سگهن. هاڻ انهن ماڻهن جي غير موجودگي ڪارڻ سياسي تحريڪن تي ملامت ويهي ڪجي ان سان ڪجهه حاصل ته نه ٿيندو.
ٻئي طرف سنڌ جي ماڻهن لاءِ تشويشناڪ ڳالهه هي آهي ته انهن متعلق منفي رويا پيدا ڪري انهن جي ڪردارڪشي ڪئي ٿي وڃي ته جيئن هڪ جمهوريت پسند هجڻ واري صوبي جا ماڻهو سائيڪالاجيڪل دٻاءُ ۾ رهن ، پر سوال پنهنجي جڳهه تي آهي ته سنڌ جي ماڻهن ڏانهن هي رويا ڇو آهن؟ ان جو اسانکي پنهنجي دل جي گهرائي سان جائزو وٺڻ گهرجي. پنهنجن پيرن سان پاڻ کي لتاڙڻ جو جائزو وٺڻ گهرجي. سنڌ سان پيار جنون ٿي سگهي ٿو پر ان سان وفاداري ان ۾ آهي ته ان جي ڪمزورين کي به ايڊريس ڪجي. سنڌي ماڻهن لاءِ هي تاثر عام ٿيندو وڃي ٿو ته هي سست ۽ ڪاهل قوم آهي، ڪم کان لنوائيندڙ جيڪي تاش جي پتن سان کيڏندي ۽ هوٽلن تي وهندي. چوريون ڪندي ڀتا وٺندي پنهنجو گذر ڪن ٿا. مونکي ذاتي طور تي ڪيترا دفعا اهو به ٻڌڻو پيو آهي ته تون سمجهين ٿو ته هن قوم خلاف ڪو سازش ڪري رهيو آهي. دراصل هن خلاف ڪو به سازش ڪو نه پيو ڪري هي قوم آهي ئي اهڙي. هي قوم ڪڏهن به پاڻ ڏانهن ذميوار ناهي رهي نه جرئتمندانه فيصلا ڪرڻ جي ڪا هن ۾صلاحيت. هي ته پاڻ پنهنجي دشمن آهي. هن خلاف ڪو به سازش نه پيو ڪري، هي پاڻ کي تباه ڪندي پئي وڃي. اتر ۾ عورتن کي ماري واه ۾ ائين ٿا ڦٽو ڪن ڄڻ ُسڪل ڪاٺي هجي. اقليتن لاءِ مصيبت بنيل آهن. هن قوم جا ڪرپٽ سنڌي آفيسر ۽ حڪمران ۽ نسل پرستي کي هوا ڏيندڙ ليڊر، بلڪه هاڻ عام ماڻهو به ائين ٿيندو پيو وڃي، ڇا ڪجهه نه پيو ڪري سنڌي ماڻهو.
حالانڪ مون سميت منهنجا ڀائر، دوست ۽ استاد مختلف موقعن تي سنڌي علائقن ۾ رهڻ جي وڏي قيمت به ادا ڪندا رهيا آهن. سنڌين هٿان ڦريا ويا آهن، اغوا ڪيا ماريا ويا آهن. عام ماڻهو ته ائين به سوچي ٿو ته سنڌي سماج اخلاقي ۽ سياسي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي. هتي قانون ڪا معني ڪونه ٿو رکي سنڌي منافق، موقعي پرست ۽ ظالم ٿي ويو آهي، ڪمزور تي چڙهت ڪرڻ وارو ۽ ڏاڍي جي هيٺانهين ڪرڻ وارو آهي.
هي انسان جون ذاتي ڀوڳنائون ۽ تلخ تجربه آهن ۽ ڪنهن حد تائين درست به آهن. جو انسان جي سوچڻ جو رستو پيٽ کان شروع ٿئي ٿو، پر جي پاڻ ٿوري گهڙي به سوچون ته هي رجحان بحيثيت قوم جي اسانکي ڪيڏانهن وٺي ويندو ۽ ڇا سنڌي قوم ان طرف وڃي پئي؟ جي ائين آهي ته ان جو اسان سڀني کي سنجيدگي سان جائزو وٺڻ گهرجي.
“يقينن اسان ائين ٿيڻ نه چاهينداسين جيڪو اسان متعلق بيان ڪيو وڃي ٿو”
پر جي پاڻ راهب جي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي ماڻهن جي ننڍڙن گناهن کي درگذر ڪيون، انهن کي محبت جي نگاه سان ڏسندي انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون، انهن جي ڪمزورين کان انهن کي واقف ڪيون، ڇاڪاڻ ته اصل دوستي عشق الاهي جو مظهر آهي ۽ لافاني آهي ۽ خدا جو گهر ته انسان جي دل آهي جيڪا يقينن قيمتي آهي.
“ مان پنهنجي ننڍڙي دل جي صداقت سان چوان ٿو ته ائين ممڪن آهي”
مان سنڌ ڏانهن ڏسان ٿو، جنهن جي بي عيب اکين ۾ مون هميشه پنهنجن منجهل سوالن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ حيرت انگيز جواب حاصل ڪيا آهن، اڄ به مونکي شاندار جواب حاصل ٿيو ته .
“سنڌ هڪ راز آهي جنهن کي محبت کانسواءِ سمجهي نه ٿو سگهجي”
آخر ۾ هميشه جيان مان پنهنجن دوستن فياض لطيف، ڊاڪٽر تيرٿ، نثار احمد، حيدربخش، احمد سولنگي ۽ رسول بخش سولنگي جو نهايت شڪر گذار آهيان، جيڪي هن پوري مرحلي دوران منهنجا مددگار رهيا. هونءَ به هنن دوستن جون محبتون مون سان هميشه گڏ رهيون آهن.
حيدرآباد سنڌ 24 آڪٽوبر 2014ع
منظور ٿهيم manzoorthaheem67@gmail.com