سنجيده ٿيڻ به خوفائتي شي آهي
ڊيئر ڪامريڊ سنگهار !
هاڻي هتي دل نه ٿي لڳي يا پوءِ شايد پنهنجي ديس جي مٽي اسان ۾ ايتري رچي وئي آهي، جو ٻئي هنڌ ڪٿي به دل نه ٿي لڳي يا ائين به ٿي سگهي ٿو، ته توهان مان ڪنهن کان به پري رهڻ جو احساس هڪ عجيب بي چيني کي پيدا ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ به اڪيلائپ جو احساس وڌي ٿو، مان توهان مان ڪنهن کان به پري ۽ الڳ رهڻ نه ٿو چاهيان. بي وطني گذارڻ، هاڻي منهنجي وس ۾ ڪونهي. انسان پنهجي فرض کان جڏهن لاتعلق ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي پوري نه ڪرڻ جو احساس به زندگي کي ڪا تسلي نه ٿو ڏئي، تڏهن هڪ عجيب درد ۽ قلب جي بي چيني پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. مان ڪافي موقعن تي توهان سان گڏ ناهيان انجو احساس به زندگي مان بيزاري کي جنم ڏئي ٿو. بهرحال پرديس انسان کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ٿو. بلڪه پرديس ماڻهو کي کائي وڃي ٿو. هي منهنجو وطن ناهي مان هتي ڪمائڻ لاءِ آيو آهيان. هتي جي بارش هتي جي هوا منهنجي پنهنجي ناهي هتي پاڻ کي انتهائي مهذب هجڻ جو ڊرامو ڪرڻ کانپوءِ به اجنبي آهيان.
انتهائي مهذب ۽ سنجيده ٿيڻ به خوفائتي شي آهي. جيڪا ماڻهو جو پنهنجو توجهه پاڻ کان هٽائي ٻين جي توجهه ۽ نوازشن جي فڪر ڪرڻ ۾ رهي ٿي. هتي منهنجي عاجزي پنهنجي رهڻ جي حالتن کي سازگار بنائڻ لاءِ آهي. ڪنهن ٻئي کي متاثر ڪرڻ ۽ ٻئي ڪنهن به ڪارڻ ڪري ناهي. ان حقيقت تي پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ جي باوجود به مان هر روز ائين ڪيان ٿو. ڇو ته ائين ڪرڻ سان مان هتي رهي سگهان ٿو. هر سال جي آخر ۾ سدائين لاءِ مان پنهنجي وطن واپس ٿيڻ لاءِ سوچان ٿو، پر وري پاڪستان جي خراب سماجي حالتن ۽ هتان جي آسائش واري زندگي ۽ ٻارن جي تعليم مون کي مجبور ڪري ٿي ته مان هتي ئي رهان. دراصل هي دوکو آهي، منافقت آهي، ته هڪ طرف پنهنجي ملڪ لاءِ سَڪان ۽ تڙپان ته ٻئي طرف پاڻ ئي هتي ترسڻ لاءِ جواز پيدا ڪيان. هتي پوري انگلينڊ ۾ اسان جهڙن ماڻهن جا ٻه روپ آهن. هي هتي پنهنجي ديس جا ڪلچرل ڊي ملهائيندا، پر پنهنجي مادري ٻولي تي هڪ پائونڊ به خرچ نه ڪندا. بلڪه انهن جا ٻار پنهنجي مادري ٻولي جي الف بي کان به واقف ناهن. هتي عام طور اهو تاثر عام آهي ته پاڪستان جي معاشري ۾ هاڻي اهڙي ڪابه خصوصيت ۽ ڪي سماجي اقدار ناهن رهيا، جنهن بنياد تي وڃي، پنهنجو ديس وسائجي. نه ئي ان ۾ موجوده نئين نسل لاءِ ڪا ڪشش رهي آهي. نئون نسل هن معاشري جي پسمانده روايتن جو حصو ٿيڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته پوءِ اهڙي پاڪستان ڪيئن واپس وڃجي. انجي نسبت يورپ جي معاشري ۾ هر طرح جي خصوصيت ۽ سماجي اقدار آهن، جيڪي نوجوان لاءِ هر طرح جي ڪشش رکن ٿا. هي انجو نقل ڪري پنهنجي زندگي کي ان طرز تي هلائڻ لاءِ تيار به آهن. جڏهن ته ٻيو بحث اهو آهي ته پاڪستان جون سياسي سماجي حالتون هاڻ ڪنهن به طرح درست نه ٿينديون. هي ملڪ هر طرح جي مسئلن ۾ ايتري قدر گهيرجي ويو آهي جو هاڻ ان مان نڪرڻ مشڪل آهي. هي ملڪ جيئن آهي تيئن رهندو. بحث جي دوران مان هميشه اڪثريت جي ڀيٽ ۾ اقليت جو شڪار ٿي ويندو آهيان. ڪو به ماڻهو منهنجي ان ڳالهه سان سهمت ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، ته 18 ۽ 19 صدي ۾ يورپ جون قومون هڪٻئي کي فتح ڪرڻ جي جنون ۾ هڪ ٻئي جو خون ڪري رهيون هيون ته سنڌ ۽ هنڌ جون تهذيبون امن سان رهندي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ موسيقي جي رستي ترقي ڪري رهيون هيون. سنڌ جي تهذيب جا اعليٰ اقدار نهايت قابل احترام آهن. هندوستان جي ۽ پوءِ پاڪستان جي بدبختي مغربي ڌارين لوڪن ۽ فرنگين جي داخل ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي ۽ هاڻي به ملڪ جون واڳون انهن موقعي پرست حڪمرانن جي هٿن ۾ آهن جيڪي اقتدار خاطر ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ماڻهن ۾ پنهنجي وطن کان ناخوشي جو انداز دراصل جواز آهي يورپ ۾ رهڻ جو، هو صداقت سان ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ته قدرتن ۽ فطرتن هو پنهنجي ڌرتي جو حصو آهن. اها ڳالهه نه سمجهڻ ڪري ئي هو مختلف وهمن، وسوسن ۽ دل جي ويراني جو شڪار آهن، ائين ڪيئن ممڪن آهي، ته حالتون سدائين هڪ جهڙيون ئي رهنديون. ڇا عقل ان ڳالهه کي مڃي سگهي ٿو ته جيڪي حالتون صبح ساڳيون هيون شام جو به ساڳيون رهنديون. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ملڪ جيئن اڄ آهي سڀاڻي به ساڳيو رهندو. پر جيئن ته انهن ماڻهن کي هتي رهڻ جو جواز گهرجي، ان ڪري هو وساري ويهن ٿا ته ان ملڪ ۾ هنن جا مٽ مائٽ به آهن، ڪروڙن جي آبادي آهي جيڪا به ته رهي ٿي. دراصل هنن هتي پنهنجي دنيا ٺاهي آهي. هنن ماڻهن کي پنهنجي وطن کان پري رهڻ جو ڏک ۽ درد به آهي ته وري هتي رهي زندگي جا مزا به وٺڻ چاهن ٿا. جنهنجا هنن وٽ پنهنجا سبب آهن، جن سببن ڪري اهي پنهنجو وطن ڇڏي آيا.
سنگهار، هتي پرديس ۾ هر طرف هاڻي تلخي ۽ ڌارين ماڻهن لاءِ نفرت آهي. ڪالهه رات مقامي نوجوان انگريزن، هڪ پاڪستاني کي پٿر هڻي زخمي ڪري وڌو هو. هي هاڻ هتي روز جا واقعا آهن. مان رات جو نڪران ٿو، هڪ عجيب خوف محسوس ٿئي ٿو. ڪالهه رات اسان ڪجهه دوست ريحان احمد جي گهر ويٺا هئاسين جيڪو ترقي پسند اديب آهي ۽ ڪافي عرصي کان لنڊن ۾ رهي ٿو. اسين پوري رات ان موضوع تي گفتگو ڪندا رهياسين ته يورپ ۾ مسلمانن جي سڃاڻپ هاڻي اسلامي ڪٽر پڻي واري آهي ۽ جي ڏسجي ته هي ڪنهن حد تائين صحي به آهن. اسلام کي تاريخ جي پسمنظر ۾ ڏسڻ انجي رواداري ۽ انسان دوستي واري پهلو کي اجاگر ڪرڻ بجاءِ مذهبي ڪٽر پسندن ان کي ڪفر ۽ اسلام ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آهي. اسين رات جو دير تائين ان ڳالهه تي سوچيندا رهياسين ته اسان ماڻهن لاءِ پرديس گذارڻ هاڻ ڪنهن مشڪل کان گهٽ ڪونهي. پر اسان مان ڪو آهي جو چوي ته هاڻي ڪافي ٿيو، هاڻي وڌيڪ دور ديس جي سزا ڀوڳي نه ٿي سگهجي. مان جيئن به آهيان جيڪو به آهيان پنهنجي وطن جو آهيان جتي مون لاءِ جيئڻ هڪ تسلي آهي. مان پنهنجي ذات جي خود غرضي ۽ انجي تسڪين لاءِ پاڻ کي هاڻي وڌيڪ دوکو نه ٿو ڏئي سگهان. مان هتي پنهنجي آسائش لاءِ وڌيڪ ذلت واري زندگي گذاري نه ٿو سگهان. ڪو آهي جو اهو سوچي هن عذاب مان نڪري وڃي. مان سمجهان ٿو ڪوبه ناهي. ڪو به پاڪستاني هتان وڃي پاڻ کي مصيبت ۾ وجهڻ لاءِ تيار ناهي. هتي جي هر تڪليف ۽ مشڪل پاڪستان جي وحشت ۽ لٽ مار جي نسبت ڀلي لڳي ٿي. اسين هر هفتي اهڙي طرح جي گفتگو ڪري بنا ڪنهن نتيجي اٿي ويندا آهيون. مان پنهنجي ذات کي هاڻي گهڻو دير بي معنويت جي سفر ۾ گهلي نه ٿو سگهان ۽ پاڻ کي ان ڳالهه تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان پيو ته انسان کي پنهنجي خيالن ۽ آدرشن آڌار جيئڻ گهرجي. زندگي ۾ مسرتن جو حاصل وقتي هجي ٿو. مونکي تنهنجي خط ۽ تنهنجي مشوري جو انتظار رهندو .
فيروز
ناروچ، انگلينڊ.