ناول

گذري وئي برسات

هي ڪتاب “گذري وئي برسات” خوبصورت ليکڪ منظور ٿهيم جو لکيل ناول آهي. هي ڪتاب روشنائي پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿهيم جا جنهن پنهنجي ناول جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
  • 4.5/5.0
  • 4872
  • 916
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • منظور ٿھيم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گذري وئي برسات

هَنس وتي

هي محل 3 هزار سال پراڻو، راڻي هنس وتي جو آهي. تيرٿ قلعي نما محل ڏانهن ڏسندي چيو، بابا چوندو هو، “هوءَ سامهون واري دري ۾هنس وتي ويٺي آهي. جنهن کي ماڻهو مسڪرائيندي ڏسن ٿا. هوءَ سدائين اتي اُن دريءَ ۾ ويٺي آهي. هوءَ پنهنجي وطن ۽ ماڻهن کي ڏسي مسڪرائي ٿي ۽ پرسوزگيت ڳائي ٿي.”
اهو سڀ ائين آهي، جيئن هوا کي ڏسي نه سگهجي پر محسوس ڪري سگهجي.
هنس وتي هتان جي ماڻهن جي دلين ۾ ۽ انهن جي حواسن ۾ هوا جي جهوٽي جيان رهي ٿي. انفرادي طرح سڄي انسانيت ان مثال سان ڀري پئي آهي، ته ڪجهه ماڻهو غم زده ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن لاءِ راهه نجات بڻجي وڃن ٿا.
ائين به ٿيندو آهي ته عام زندگي گذاريندڙ معمولي ماڻهو جيڪي منتخب رستن تي هلڻ بجاءِ پنهنجن رستي تي هلڻ پسند ڪندا آهن. مضبوط ۽ طاقتور انسانن جي وچ ۾ رهندي، ڪمزور ۽ هٿين خالي هئڻ جي باوجود اوچتو ئي اوچتو غير معمولي، انصاف پسند ۽ ناقابل فراموش حد تائين رهنما بڻجي ويندا آهن.
هنس وتي جي ڪٿا به ڪجهه اهڙي آهي. هنس وتي ڀڳوانن جي جوڙيل ليلا پويان ڊوڙڻ بجاءِ زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجي الڳ رستي جي چونڊ ڪئي. هن کي ڀڳوان، رشي، ڀڪشو، يا داسي بڻجڻ کان وڌيڪ، عام انسان ٿي رهڻ پسند هو. جيڪو سڪون آرام سان کِلي ٽهڪ ڏئي سگهي. مرضي سان روئي سگهي. ڳائي ۽نچي سگهي. تلاءَ ۾ وهنجي ۽ تڙڳي سگهي. هوائن سان ڳالهيون ڪري سگهي. سکين سان انبن ۽ زيتون جي باغ جي ٽارين تي جهولي سگهي. هجوم کان پري پنهنجي بهار ۾ خوش رهي.
هنس وتي اوده پور ڀاڳوت ندي ڪناري جنم ورتو. تيرٿ پنهنجي بابا پاران ٻڌايل قصي جو تفصيل دوستن کي ٻڌائڻ شروع ڪري ٿو، جنهنجي ڪناري عملتاس، گل موهر، سرنهن ۽ نم جا وڻ پهاڙن وانگر اُڀا بيٺل هوندا هئا. جتي هر وقت فطرت، دنيا کي پنهنجا رنگ آڇيندي، نه کُٽي ٿيءَ نه ٿڪجي ٿي. هنس وتي جو اصل نالو نرملا ديوي هو. پر پوءِ هنجي محبوب راجه پيار مان هن کي هنس وتي سڏڻ لڳو.
ڀڳوت نديءَ ڪناري جيرامداس جو واعظ ٻڌڻ کانپوءِ هن خودڪشي جو فيصلو ڪيو. هن اهو طئي ڪيو، ته هوءِ هن ذليل ۽ ظالم دنيا ۾ نه رهندي. جيرامداس چيو، “عورت مجسما شر آهي. عورت ئي سمورين براين جي جڙ آهي. ان جي طبيعت ۾ لامحدود بک ڀريل آهي. جيڪا ڪپڙن، سون جواهرن کان متاثر ٿي پاڻ کي وڪڻڻ لاءَ به تيار ٿي وڃي ٿي. جيئن ته شهرن جا شهر هن جي ڪُک مان جنم وٺن ٿا، انهي ڪري عورت ئي دنيا ۾ شر جي ذميوار آهي. هن تي ڪڏهن به اعتبار نٿو ڪري سگهجي. هن سان محبت نٿي ڪري سگهجي ڇو ته هن جي جسم ۾ بگهڙ جي دل آهي.”
هنس وتي پنهنجي مٿي تان رئو هٽايو ۽ تڪڙي تڪڙي واعظ مان اُٿي هلي وئي. هنجو پاڇو هن سان گڏ هنجي پويان پويان هلندو ويو. هنجي اٿڻ هلڻ جو آواز سڀني ٻڌو.
هنس وتي، رام دلاري جي باغ طرف مڙي وئي. جتي چوڏهين جو چنڊ باغ جي بلڪل مٿان چڙهي آيو هو. جنهن جي روشني پوري باغ مٿان پنهنجو طلسم طاري ڪري ڇڏيو هو. هنس وتي انب جي وڻ هيٺان ويهي رهي. هنجي ويهڻ سان پنن جي آواز ڪري وڻ جي ٽارين تي ويٺل پکي جاڳي پيا. هڪ عجيب هلچل کانپوءِ وري خاموشي ڇانئجي وئي، جيرامداس جا لفظ هنجي نازڪ جسم تي چهبڪ جيان وسي رهيا هئا.
“نهايت فضول ۽ بي معني لفظ”
هن پنهنجي اردگرد ڏٺو ڪوبه ڪو نه هو. پوءِ هي آواز ڪٿان آيو؟
هنس وتي، ان آواز کي غور سان ُٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. هن غور ڪيو! اهو آواز ته هنجي من مان نڪتو هو. هنس وتي گهرو ساهه کنيو. جيرام جي نفرت آميز لفظن ۾ گم ٿي ويل هنس وتي کي تلاش ڪيو ۽ پاڻ کي ان حقيقت کان آگاه ڪيو، ته “سڄي دنيا جي تهذيبن، مدرسن ۽ ڪليسائن جي حيثيت ڪهڙي هجي ها، جيڪڏهن عورت نه هجي ها. خدا ته اڪيلو رهجي وڃي ها، جيڪڏهن عورت کي زمين تي نه آڻي ها. قدرت وٽ ته عورت لاءِ بيشمار احترام آهي. هنجو رتبو ته جنت کان به مٿي آهي.” عورت لاءِ مجسما شر جهڙا ذليل جملا. جيرامداس جي اندر جي ويراني ۽ منجهس عورت لاءِ بي پناه نفرت ڪري آهن. هنس وتي سوچيندي ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي رهي. هنس وتيءَ کي توڙي جو سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته هنجي من ۽ دماغ ۾ اهي ويچار ڪيئن پيدا ٿي رهيا هئا، انجي باوجود هوءَ پاڻ سان ڳالهائيندي رهي.
“جيئن وڻ جون ٽاريون اُن وڻ جو حصو آهن. جنم جنم کان اُهي هُن سان گڏ آهن. ائين هنس وتي به پاڻ کي ڪائنات جي وڻ جي ٽاري سمجهي ٿي. هُن ڀانيو ته، هن کانسواءِ ڪائنات اڌوري آهي، جئين ٽاريءَ کانسواءِ وڻ اڌورو هجي ٿو. شهرن جا شهر جي عورت جي ڪک مان جنم وٺن ٿا، ته اهو لازوال ۽ مقدس ڪم به ته ڀڳوان جي مرضي سان ٿئي ٿو. ڀڳوان، انسان کي جسم جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ عورت جي ڪک جي چونڊ ڪئي آهي، ته ان حساب سان ته پوءِ عورت جو مقام سڀ کان افضل ٿيو. ڀڳوان کي هن جهان ۾ باقي رهڻو آهي، ته اُن کي عورت جي ڇايا جو سهارو وٺڻو پوندو. ۽ هي جيرامداس راجائن جو گماشتو. پورهيتن جي دان تي پلجڻ وارو. جيڪو هميشه عورتن جو ئي ويري آهي. سو پاڻ به ته ڪنهن عورت جو ڄائو آهي يا هو ڪنهن سوئر جي پيٽ مان نڪتو آهي! خدا کيس غرق ڪري، عورت جيڪا پراڪرتي جي ماءُ آهي، ان کي هي مجسما شَر چوي ٿو...!”
هنس وتي سڪون سان اُٿي ٿي. جيرامداس کي ڦيهه ڪڍڻ لاءِ لٺ ڳولي ٿي. هن کي هاڻي ان ذريعي ئي سڪون ملندو. برداشت هزارين ڀوڳنائن ۽ ڪمزورين کي جنم ڏئي ٿو. هوءَ فرشتو به ناهي، جو سڀ ڪجهه ڏسڻ ۽ ُٻڌڻ کانپوءِ به خاموش رهي. هوءَ عورت آهي ته ڇا ٿيو؟ ڪير هن کي ويهي لُٻي ته، هوءَ ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهي.
هنس وتي، لٺ سان جيئرامداس کي چڱي ڦيهه ڪڍي ٿي. هن جون رڙيون سڀ ٻڌن ٿا. هر ڌڪ کانپوءِ هنس وتي، هن کي چوي ٿي. چوندين ته عورت مجسما شِر آهي. چوندي ائين.....
هن جرئت تي هنس وتي کي سڀ ڏسندا رهيا. خاص طور تي عورتون ته تمام گهڻيون سرهيون ٿيون.
هنس وتي، جيرامداس کي لٺ سان ڪٽڻ کانپوءِ اطمنان سان ٻاهر نڪري آئي. ڪائنات جا سمورا رنگ هن جي وشال من ۾ لهندا ويا. هزارين ميل پري آسمان تي بيٺل چنڊ هن مٿان پنهنجي سفيد روشنيءَ جي بارش ڪرڻ لڳو.
هنس وتي جي سامهون، ڌرم، رنگ، نسل، مذهب ۽ فرقن ۾ ورهايل پنهنجو شهر ۽ وشال دنيا آهي. ماڻهن جو هجوم آهي، جن جو ڌرمي عقيدو پڪو ۽ انسان مٿان ويساه انتهائي ڪمزور آهي. بتن ۽ مورتين کي ٺاهي پوڃي هنن وساري ڇڏيو آهي، ته جڳت ۾ پراڪرتي ۽ اُن سان وابسطه انساني رشتا سڀ کان بلند هجن ٿا. انسان کي جاڳائڻ لاءِ زندگي جي ان حقيقت ۽ معنيٰ کي سمجهڻو پوندو.
جهنم ۽ بهشت انسان جا رويا آهن، دک وڌائڻ سان وڌن ٿا.
هنس وتي ملحد ٿي وئي هئي. هن مذهب جي ويچارن کي پنهنجي معني ڏئي ماڻهن جي ذهنن اندر صدين جي اونداهين کي روشني ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. هن جي اعليٰ ويچارن ۽ شاندار شبدن جا قصا ُٻڌي موهر بيل سنڌو جي راجا شنڪر پيتامبر جو هن سان چاه ٿي ويو هو.
هنس وتي جي ها ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي جو وهانو ٿيو .
هنس وتي راجا شنڪر جي راڻي هئڻ باوجود، پاڻ کي ڪڏهن به راڻي نه سمجهيو. هنجي راجا هنجي اعليٰ ويچارن ۽ سڀاءُ ڪري ئي، هن مٿان پنهنجي پيار جو نالو هنس وتي رکيو. هوءَ ته هئي به هنس جهڙي. زمان و مڪان کان آزاد ۽ بهار جي جهونڪي جيان موهيندڙ. هنس وتي هر تهوار تي هيٺئين ذات جي هندو جاتين جي عورتن لاءِ اعليٰ بوجهن جو بندوبست ڪندي هئي. هنن سان گڏ ويهي پاڻ به کائيندي هئي. هنجا پڪا پختا شبد، هنجي اعليٰ ڪردار ڪارڻ، هن جو شهر موهر بيل سنڌو وقت جي هڪ عظيم درسگاه بڻجي ويو. علم، ادب ۽ مذهبي رواداري جو مثال ٿي پيو .
هر طرف کان جوڪ در جوڪ ماڻهو اچڻ لڳا. اڇن ۽ ڳاڙهن گلن سان هنس وتي جي آءَ ڀڳت ٿيڻ لڳي. هر اک هنجي اعليٰ شبدن ڪارڻ نم هئي.
هنس وتي، وقت جي محروم ۽ ستايل عورتن جي زندگي ۾ جوت بڻجي آئي. هن ڪارڻ ائين صدين جون بوسيده روايتون ۽ رسمون عورتن جي زندگيءَ مان ختم ٿيڻ لڳيون.
پرپوءِ اوچتو، راجا شنڪر جي خلاف سندس ئي ڀاءُ سروپ، جيڪو ڪٽر مذهبي خيالن جو ماڻهو هو، بغاوت تي لهي آيو. رامپور جي راجا اسون، جتي سروپ سفير مقرر هو، سان گڏجي هن اوده پور مٿان وڏي حملي جي تياري ڪئي.
سروپ، راجا اسون وٽ هلي ويو ۽ کيس چيائين. “مونکان هڪ عورت جي حڪمراني برداشت نٿي ٿئي. اسانجون تلوارون اسانجي عقيدي جون محافظ آهن، اوده پور جيڪو ايودهيا جو اوتار آهي، ڀڳوت ندي جيڪا گنگا جل جو عڪس آهي ۽ اوده پور جي گادي، جنم جنم کان شيو مهراج جي مها روپ جي علا مت آهي. اُهي محض اسانجون ڪيفتيون ئي ناهن پر اسانجو ڌرم، اسانجي زندگي آهي. راجا شنڪر اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ هن اوده پور، هنس وتيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هنس وتيءَ، ڌرم جي قانونن کي پوئتي رکي ُپرش ۽ استري جي حيثيت برابر ڪري، ڌرمي ويچارن کي ٺڪرائي مها اوده پور واري اسانجي خواب کي ڀَڃي ڀوراڪري ڇڏيو آهي.”
دراصل سروپ جيڪا ڪهاڻي گهڙي هئي، انجو ٻيو پاسو اهو هيو، ته اوده پور هنس وتي جي انسان دوست سڀاءُ ڪري، علم ۽ عقل جو ۽ انساني اعليٰ خوبين جو مرڪز ٿيندو پئي ويو. غريب کي باعزت زندگي گذارڻ جو موقعو ملي رهيو هو. برهمڻ کي اجازت نه هئي، ته ڪنهن گهٽ ذات واري ماڻهوءَ جي تذليل ڪري. عورت ذات انڌهيرن کان ٻاهر اچي رهي هئي. فصل سٺا ٿي رهيا هئا. ميون مان رس ٽمي رهيو هو. گلن سان ڀريل ميدان نچي جهومي ڳائي رهيا هئا. پکي پنهنجن ُسهڻن ُسرن سان نيري گهري آسمان ڏانهن اڏرندا ٿي ويا ۽ چوندا ٿي ويا، ته او! ُڀومي تنهنجي اندر، ٻاهر ڇا ڪجهه ناهي. تون اسان سميت سڀني جي زندگي کي خوشين سان مالامال ڪري ڇڏيو آهي. هن دولت کي کپائڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي.
سروپ کي اهو خوف کائي رهيو هو، ته هنس وتي اوده پور جو جيڪو نقشو چٽي رهي آهي، ان ۾ هن جي ته ڪا به گنجائش ڪانهي.
هن راجا اسون کي لالچ ڏني ۽ چيو ته “منهنجي مدد ڪر، پوءِ تون جيئن چاهيندين تيئن ڪندس.”
راجه اسون مهل ۽ موقعو ڏسي، سروپ کي چيو اوده پور تي ڪاهڻ جا ٻه شرط آهن، جي قبول ڪرين، ته مان فوج ڪاهڻ لاءِ تيارآهيان. سروپ کي اندازو نه هو، ته هو کانئس ڇا گهرڻ وارو آهي؟ “ لگان جو اڌ ۽ سندس ڌي چمپا جو سڱ.” اسون چيو.
سروپ جي من ۾ ڄڻ ڀالو کپي ويو. سروپ جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. هن جي روح ۾ زندگي جي جوت ڄڻ هڪ ئي ڦوڪ سان وسامجي وئي. سروپ غصي ۾ اٿيو، گهوڙي تي سوار ٿيندي، اسون کي ڀريل آواز ۾ چيائين .
“لشڪر کي ڪاهه جو حڪم ڏي.” سروپ رستي ۾ روئيندو رهيو. پر انجي باوجود اُهي ڳوڙها هن جي من جي مير کي ڌوئي نه سگهيا.
راجه شنڪر، صبح سوير ننڊ مان جاڳيو. هن پوري رات انتهائي بيچيني ۾ گذاري. هن جي من کي ڪو ڏک ۽ خوف کائي رهيو هو. هن پنهنجو پاڻ کي ڄڻ صحرا جي ريت ۾ ڦاٿل محسوس ڪيو. ان ڪيفيت ۾ هن جا قدم به ڄڻ ڳورا ڳورا ٿي ويا هئا. سمجهه ۽ روح جي غير متوازن تعلق ڪري، انسان کي هڪ قسم جي بيچيني ورائي وڃي ٿي. سج جا ڪرڻا آهستي آهستي زمين تي روشن چادر وڇائي رهيا هئا. ڀڳوت ندي جا ڪنارا ڌهنڌ جي ڪري اڃان ڌهنڌلا آهن. راجا شنڪر پيتامبر زندگي کي هميشه پاڻي جي رواني وانگر سمجهيو. راجا هن حقيقت کان واقف هو، ته زندگي هڪ تعلق جو نالو آهي. جنهن جي ٽٽڻ سان زندگي هڪ نظر نه ايندڙ بي چيني سان گهيرجي وڃي ٿي.
هنس وتي، راجا جي بيچيني کي محسوس ڪندي کانئس پڇيو.
“ڪا ڳالهه ستائي رهي آهي....؟”
“دنيا کي ٺاهڻ کان اڳ ڀڳوان به ته ضرور بيچين ٿيو هوندو، مشڪل ۾ رهيو هوندو؟” راجا ، هنس وتي کان سوال ڪيو.
“سج کي روشن ڪرڻ، پهاڙن کي زمين تي بيهارڻ، سمنڊ کي زمين جو حصو ڏيڻ، زمين مان فصل اپائڻ، پکين ۾ ساه وجهڻ ۽ بادلن مان بارش وسائڻ، هي سڀ ڪم ايشور لاءِ وڌيڪ آسان هوندا. سڀ کان ڏکيو ۽ تڪليفده ڪم هن لاءِ انسان کي روپ ڏئي زمين تي آڻڻ هوندو” هنس وتي اتساه مان وراڻيو.
“انسان ۾، هُن پنهنجا گڻ به ته شامل ڪيا هوندا ؟” راجا شنڪر، سوال ڪيو
“يقينن” هنس وتي وراڻيو
“جي انسان ۾ ڀڳوان جا گڻ شامل آهن، ته پوءِ اهي گڻ ڪٿي آهن؟ راجا شنڪر، بي چيني مان هنس وتي کان پڇيو، خدائي گڻ، جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ته انسان جو هي گڻ خدائي ۽ سڀ کان اعليٰ ۽ سڀ کان افضل آهي، اهو گڻ ڪٿي آهي؟ جيڪو انکي انساني خوبين جي بلندي تائين پهچائي.
هي اسانجو احساس آهي يا واقعي به ايشور، انسان جي روپ ۾ موجود ئي ناهي.مان ته نه، ايشور ٿي سگهيو آهيان، نه وري انسان. مان ته ڏسان ٿو، انسان جا بدلجندڙ روپ، خدائي گڻن کان خالي.” راجا شنڪر ڪرب ۽ پيڙا مان ڳالهائي رهيو هو.
هنس وتي، ڌيرج سان پنهنجي راجا کي چيو، “مان ته ايشور کي هر روپ ۾ ڏسان ٿي. انسان جا بدلجندر روپ ته، انسان جي لالچ ڪري آهن. ايشور ته ان ڪشمڪش کان آزاد آهي. هن جون اکيون کليل آهن. انسان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن. مون هميشه ڪائنات جي پوري چڪر ۽ علم جي رواني ۾، هُن کي ڏٺو آهي. نگار عالم جي روپ ۾ ايشور ئي ته ڳائي رهيو هوندو آهي. مون هن کي مزدور عورت جي روپ ۾ ڏٺو آهي. ڪائنات جا سمورا رنگ، ان عورت جي هٿن ۾ هئڻ جي باوجود هنجي پيرن ۾ جتي ناهي، مونکي ته ايشور ويشائن جي روپ ۾ فقيرن، درويشن ۽ راجائن جي روپ ۾به نظر آيو آهي. ايشور جا، هي روپ ئي ته آهن جن ڪارڻ، زندگي تلخ هجڻ جي باوجود بامعني آهي.”
هنس وتي، راجا شنڪر کي چيو، “اچو هتي ويهو. بلڪل هتي، جتان نديءَ جي وهڻ جو ُپر شور آواز اچي ٿو. هن ڏانهن نهارڻ سان اسان کي شايد پنهنجون ڪمزوريون سمجهه ۾ اچي وڃن.! توهان کي اهو گيت ياد آهي، جنهن ۾ نديءَ جو انسان سان تعلق سمجهايل آهي.”
مان اوهان کي ياد ڏياريان ٿي ،هنس وتي چيو.
هُن پنهنجا ڳوڙها اُگهيا،
خشڪ ٿي ويل چپن تي پنهنجي زبان ڦيري
مِٽي ٿي ويل ڪپڙن کي ڇنڊڻ کانسواءِ اُٿي بيٺو
گرڌاري لعل، احتياط سان قدم کڻندو ٻاهر اچي ٿو
خواهشن جي حد کان لاحد، ڪنهن قدر شانت
گرڌاري لعل ٻاهر اچي ٿو.
سوين رستا هن جي آمد تي هن جا قدم چمن ٿا
زندگي جا رستا، هن جي انتظار ۾ صدين کان جاڳي رهيا آهن
حسن ۽ ويراڳ جي هن چوواٽي تي
گرڌاري لعل ،گم سم بيٺوآهي
جنمن کان حاصل لا حاصل جو بنواس ڪاٽي
اڄ جڏهن دنيا تياڳڻ کانپوءِ، دنيا ۾ پناه وٺڻ واپس آيو آهي
ته زندگي جون مسرتون
وقت جي قدمن ۾ ڇيرن جي ڇمڪار تي محو رقص آهن .
هن کي سمجهه نه آيو، ته زندگي جي ڪهڙي رستي وڃي
ڪنهن طرف سفر ڪري، زندگي جا رستا ڪي سڌا ته ڪي ٽيڙا
ڪير ڄاڻي پيار۽ نفرت، سمجهه ناسمجهه، موت جو بي رحم آواز
حياتي جي لذت، ويراني ۽ شادابي جو رستو ڪٿان گذري ٿو.
گرڌاري لعل ،حيران بيٺو رهيو
تڏهن هن جي من مان آواز آيو
شهر بيقران جا لعل، ڪنهن به رستي جي چونڊ کان اڳ
ڀڳوت نديءَ ، کي پنهنجو دک ُٻڌاءِ
گرڌاري لعل ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو
ڄڻ هن کي رستو ملي ويو
هن پنهنجا ڳوڙها اگهيا
خشڪ ٿي ويل چپن تي پنهنجي زبان ڦيري
مِٽي ٿي ويل ڪپڙن سميت اٿي بيٺو
ڀڳوت نديءَ جي رستي.

هنس وتي ڪجهه لمحن لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿي.
راجه شنڪر، سامهون ڀڳوت ندي ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ ائين محسوس ڪري رهيو هو، ڄڻ صحرا جي ريت مان ٻاهر نڪري پڪي زمين تي اچي ويو هجي. هن جي من کي ڄڻ لازوال شانتي ملي وئي. هن جي من جي گهٻراهٽ ختم ٿي وئي. سڪون ۽ ذات مظهرجا آواز هن جي من ۾ گونجڻ لڳا.
راجا کي هنس وتي جي ويچارن تي فخر ٿيڻ لڳو. مان ڪيڏو خوشقسمت آهيان، هي پاڻ سان مخاطب ٿيو.
راجه شنڪر آرام گاه مان نڪري درٻار ۾ آيو. جتي کيس خبر ڏني وئي ته سندس ڀاءِ سروپ راجا اسون سان گڏجي اوده پور تي چڙهائي لاءِ تيار ٿيو آهي. اهو به ٻڌايو ويو، ته سروپ، حملي جي بدلي ۾ اسون کي ڇا ڏيڻ تي راضي ٿيو آهي.
“راجا شنڪر جي سيني اندر ڄڻ ڀالو گهڙي ويو”
درٻار ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. راجه شنڪر جو چهرو سرخ ۽ دل تيز تيز دڙڪڻ لڳي.
راجا شنڪر ڏک ڀريي آواز سان خاموشي کي چيريندي اُٿي بيٺو. وزير خاص سان مخاطب ٿيندي چيائين، “سروپ کي نياپو پهچايو، ته هو اوده پور اچي، هي شهر اسانجو گڏيل شهر آهي. هن جي مِٽيءَ کي رت نه، اسانجو پيار گهرجي. مان سندس هر مشڪل کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.”
راجه اسون ڏانهن نياپو موڪليو ويو ته هو ٻن ڀائرن جي وچ ۾ نه اچي، هنن جي اندروني معاملن کان پري رهي. پر ائين ٿي نه سگهيو سروپ ۽ اسون اوده پور کي فتح ڪرڻ جو طئي ڪري ورتو هو.
هنس وتي اوده پور جو دفاع ڪرڻ لاءِ راجا شنڪر سان گڏ بيٺي رهي. هنس وتي جهانسي جي راڻي جيان عورتن جي رضاڪار فوج جوڙي. جيڪا اوده پور جي حفاظت لاءِ تيار ٿي بيٺي، ماڻهن جو سمنڊ اوده پور جي حفاظت لاءِ تيار ٿي بيٺو. هنن لاءِ اوده پور محض زمين جو ٽڪرو نه هو پر اوده پور آزادي جي علامت هو، ماڻهن جي جذبات ۽ جنون هو. اوده پور سرسوتي ۽ڀڳوت ندي جي ڌارا آهي، گيت آهي. جنهن مٿان هو سڀ قربان ٿيڻ لاءِ تيار هئا. هنن طئي ڪري ورتو هو ته هنن کي واپس اوده پور جي زمين تي اچڻو آهي يا وري ختم ٿي مري وڄڻو آهي. آزادي جي قيمت ڇا ٿئي ٿي،اها کين خبر هئي. هڪ سر نه، بلڪه سوين سر قربان ڪرڻ لاءِ هو تيار هئا.
ڀڳوت ندي ڪناري جنگ جي صدا بلند ٿي.
اوده پور جو انگ انگ جاڳي پيو.
محبت ۽ نفرت جو اٿاه سمنڊ راجا اسون مٿان ڪڙڪي پيو.
راجا شنڪر جي فتح ٿي. اسون ماريو ويو. سروپ قيدي بڻيو.
فتح جي باوجود، هڪ اداس لهر سڀ مٿان ڇائنجي وئي.
هنس وتي، دشمن جي تير لڳڻ ڪري سخت گهائل ٿي پئي.
فتح کان چوٿين ڏينهن، هنس وتي جو ديهانت ٿي ويو.
راجا شنڪر مٿان ڄڻ باهه ڪري.
شام ٿي، شمشان گهاٽ جا رستا ماڻهن سان ڀرجي ويا. جامن، ليمن، انبن جي وڻن تان ڀڳوان اهو نظارو ڏسندو رهيو. چئني پاسي ڪيڏي گهري اداسي هئي.
راجا شنڪر لاءِ اها تڪليفده گهڙي هئي. هن پنهنجو پيار وڃايو. هن کي ڪجهه به سمجهه نه ٿي آيو، ته هو ڇا ڪري. وزيرن، مشيرن کيس تسلي ڏيندي چيو ته جيئن ڪائنات جي تخليق ۽ انجي ٺهڻ جو ڪارڻ آهي، تيئن هنس وتي جي قرباني جو به ڪارڻ آهي، اهو ڪارڻ پرجا جي آزادي، برابري ۽ خوشحالي آهي. هنس وتي جي قرباني ۽ سندس ويچار هميشه اوده پور جي فضائن مٿان گونجندا رهندا.
چون ٿا، راجا شنڪر پنهنجي محبوبه هنس وتيءَ جو مڙهه هن قلعي نما محل ۾ رکرايو.
بلڪل انهي دري وٽ، اڄ تائين ماڻهن کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ هوءَ بيٺي آهي ۽ ان مان نهاري رهي آهي، ڀڳوت ندي جي پرشور لهرن ڏانهن، آزاد اوده پور ڏانهن ۽ ماڻهن جي مسڪرائيندڙ چهرن ڏانهن.تيرٿ تفصيل سان قصو ٻڌائي پورو ڪيو.
شاه مريد ۽ فيروز ويراني ۾ بيٺل ان قلعي ڏانهن ڏسڻ لڳا، جنهن جو شان هنس وتي جي ڪري اڄ به قائم آهي.
“هي خالي، پر شاندار محل، ان ۾ ويٺل هنس وتي، سچ پچ هوا جي تازي ۽ معتر جهوٽي جيان، اسان کي به ڄڻ پاڻ سان کڻي وئي آهي. اسانجي يادن جو حصو ٿي وئي آهي.” شهه مريد چيو.
سنگهار ۽ تيرٿ هنس وتي جي جرئت، همت ۽ اعليٰ ويچارن جي احترام ۾ محل جي چوکٽ تي ڪجهه، وارياسي ٻوٽن جا گل ۽ وڻن جا خشڪ پتا رکيا. جن جي مهڪ سنگهار ۽ تيرٿ جي خيالن ۾ وڏي عرصي تائين تازي رهي.
چئني دوستن سفر وري شروع ڪيو. شهه مريد گاڏي جي دري مان محل ڏانهن ڏٺو، هن جي نظر محل جي دريءَ ڏانهن کڄي وئي ۽ هن محسوس ڪيو، ته هنس وتي دري وٽ بيهي هنن ڏانهن نهاري مسڪرائي رهي هئي. سندس چپن تي اهو گيت جيڪو هُن پنهنجي راجه کي ٻڌايو هو.
“شهر بيقران جا لعل، ڪنهن به رستي جي چونڊ کان اڳ
ڀڳوت نديءَ کي، پنهنجو ڏک ٻڌاءِ.....”
گاڏي ۾ ڪجهه گهڙيون خاموشي ڇانيل رهي. سڀ دوست هنس وتي، جي لازوال زندگي جي سحر ۾ ورتل هئا.
“عورت کي پراپرٽي سمجهڻ جي خيال سان انجي ذات جي ڪيڏي تذليل ٿئي ٿي” فيروز ، خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو، عورت مرد جي غلام ٿي رهي، انجي خدمتگذار ٿي رهي، ان لاءَ ٻار پروڊيوز ڪري، ۽ انهن کي وڏو به ڪري ڏئي، ان سوچ جي بنياد تي، دنيا ۾ اڄ به ڪيترين رياستن اندر عورت تي جسماني تشدد ڪرڻ جون وحشي رسمون موجود آهن. ته جئين عورت اندر شيطاني قوتن کي قابو ۾ رکي سگهجي.”
“ها! اها ڳالهه درست آهي.” تيرٿ، چيو، اڄ به نيپال کان انڊيا تائين اهڙيون رسمون موجود آهن. دراصل ڳالهه اها آهي، ته ديوتائن جي فوج جو ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي راڄ آهي. هر طرف کان خوف ۽ موت جا پاڇا آهن، انسانن کي جهالت وڻ ويڙهي وانگر ويڙهي وئي آهي، جنهن مان نڪرڻ محال آهي. ساڌو، پنڊتن، انسان اڳيان بي رنگي دنيا کڙي ڪري رکي آهي، عورت کي هڪ ڳجهارت وانگر پيش ڪيو ٿو وڃي.ان کي سمجهڻ بدران، وجود گناه ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.
۽ وري پنڊت، انسان کي قدرت جي سمورن رنگن ۽ حسانڪين کان ائين چئي محروم ڪن ٿا ته چنڊ جون راتيون، اونهاري جون برساتون، بادلن جون قطارون، جهومندڙ ڳائيندڙ آبشار، هميشه لاءِ سحر ۾ رکندڙ سمنڊ ڪنارا، انبن، ليمن جو کٽو مٽو رس، موتئي جي گلن جي مهڪ ۽ عورت جو پيار هڪ قسم جو گناه آهي. سندس چواڻي، فطرت جا اهي رنگ، انسان ۾ سمجهه ۽ بي چيني جي باه ڀڙڪائن ٿا. جيڪا ڳالهه ُپرش کي ڀڳوان کان پري ڪري ٿي.”
“اها سموري بي وقوفي جي ڳالهه آهي” قدرت جو، ڪهڙن نه بي رنگ ۽ احمق ماڻهن سان واسطو پيوآهي، شهه مريد چيو.
“دراصل، راجائن، پنڊتن، ۽ برهمڻن لاءِ اهو سڀ جائز آهي. منع صرف عام ماڻهوءَ لاءِ آهي، ته هو قدرت جي انهن حسناڪين کان پري رهي ۽ زندگي جي حقيقتن کان محروم رهي.” سنگهار چيو.
“انهن پنڊتن ۽ برهمڻن لاءِ وري ڪا هنس وتي پيدا ٿئي، جيڪا لٺ کڻي هنن کي ڪُٺي” شهه مريد چيو.
“عورت کي پراپرٽي سمجهڻ يا مارڪيٽ جي جنس سمجهڻ سان انساني رشتا بي معني ٿي وڃن ٿا، سرمائيداري، عورت جي اهميت جو تعين به ڪري ٿي ته ان کي ان کان محروم به ڪري ٿي، سنگهار وراڻيو
“عورت احساس به آهي ته سمجهه به آهي، هي ڪائنات جي ماءُ به آهي ته انسان کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ واري سمجهه به آهي، انسان ماءُ کان ئي ڳالهائڻ سکي ٿو، روحاني احساس کان روشناس ٿئي ٿو،
شادي ڪرڻ کانپوءِ هوءَ نئين حياتيءَ جي هڪ ٻئي حصي ۾ قدم رکي ٿي، ٻار پيدا ڪرڻ ۽ زندگي کي نئين روپ ۾ آڻڻ جو فرض نڀائي ٿي. هڪ فيملي جي صورت ۾ دنيا اندر داخل ٿئي ٿي. عورت اهو سمورو فرض پنهنجي محبت ۽ روحاني آسودگي لاءِ ڪري ٿي. جيڪا هنجي ٻارن جي تربيت ۽ سٺو انسان ٿي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي. پر جيئن ته هوءَ ماءُ جي بجاءِ جنس ٿيندي پئي وڃي، ان ڪري ان جا نتيجا پوري سماج کي هڪ ڏينهن ڀوڳڻا پوندا.
هنس وتي اهڙي ئي بي رحم سماج جو مقابلو ڪيو. جيرامداس جو عورت ڏانهن رويو ۽ الزامن جي بوڇاڙ ان جي اندر جي انسان جي ڪري نه پر اندر ۾ ويٺل مرد جي ڪري هو.
“هنس وتي اهو سڀ ڪيئن ڪري سگهي؟” فيروز، پڇيو.
“هنس وتي ٻن سببن ڪري ائين ڪري سگهي” تيرٿ وراڻيو، جي ائين نه ٿئي ها، ته برهمڻ ۽ راجا هن کي زنده جلائي ڇڏن ها. اول ته هنجي مڙس راجا شنڪر پيتامبر جو هن سان پيار هو، جنهن ڪري هن ۾ همت ۽ جرئت پيدا ٿي، ۽ ٻيو وڏو سبب جيڪو سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، اهو هو ته هنجي ذات ۾ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ جرئت جيڪا هن ۾ اڳ ئي موجود هئي. لٺ کڻي جيرامداس کي ُڪٽڻ لاءِ همت ۽ فيصلي جي صلاحيت ٿي گهرجي. جيرامداس جهڙا ڪردار جيڪي اسانجي ارد گرد موجود آهن ته هنس وتيون به موجود آهن پر جرعت انسان کي مختلف بنائي ٿي.
هنس وتي، زندگيءَ جي تلخين مان گذري. هن عورتن سان ائين ٿيندي ڏٺو. هن پنهنجي آگاهي جو ذريعو قدرت ۽ ماڻهو کي ٺاهيو. هن جي اعليٰ درسگاه هنجي زمين، پرشور نديءَ ۽ هنجي پنهنجي پرجا هئي.
اوده پور هنجو پنهنجو وطن هو، جنهن جي رستن پهاڙن ندين ۽ باغن سان هن کي نهايت پيار هو. ڀڳوت ندي جا سرسبز ڪنارا هميشه هنجي اکين ۾ گهنگهور گهٽائين جيان تر و تازه هئا. اُن ئي نديءِ ڪناري ئي هن زندگي جو آواز ٻڌو ۽ ان ئي آگاهي ۽ علم سهاري، هن پنهنجي شهر جي نئين سري سان تعمير ڪئي. هنس وتي عام عورت هئي، پر اعليٰ ويچارن ڪري ماڻهن جي نظر ۾ خاص ٿي وئي. انجي باوجود هڪ احساس هميشه سندس دماغ کي چڪرائي ڇڏيندو هو ته هوءَ عورت آهي. عورت جي وفاداري جي ڪائي قدر قيمت ڪانهي، عورت جي زندگيءَ جو اهو ڪمزور پهلو هن جي اندر ۾ هميشه دکندو رهندو هو. جيئن اسين غم کي پنهنجي دل مان ناهيون ڪڍي سگهندا، تيئن هنس وتي به، ان درد کي پنهنجي دل مان نه ڪڍي سگهي هئي. ڪمزور عورت هئڻ جو احساس بهرحال هڪ روڳ ۽ بيماري جيان هنکي لڳل هو، پر انجي باوجود هن پنهنجي اکين ۾ ان خوف کي ڪڏهن به ظاهر ٿيڻ نه ڏنو.
هن پنهنجو پاڻ ۽ ٻين ماڻهن کي محبت جي نظرن سان ڏٺو ۽ انهن جي محبت کي سگهه بڻايو.پنهنجي طاقت ٺاهيو، اهو ئي سبب هو، جو هر خوف سندس من مان ختم ٿي ويو هو.
هنس وتي. جي پيار ۽ احترام ۾ اوده پور جا ماڻهو هي گيت ڳائيندا هئا.
غم نه ڪر منهنجا عزيز
هن راڻي پنهنجو ڪجهه به ناهي وڃايو،
صرف اکيون بند ڪيون آهن
ڪرب جي رات، تنهائي جو خوف
خاموشي جي رواني هن اڳيان، واري جي ذرن جيان اڏري وڃن ٿا
خوف نه ڪر، منهنجا عزيز
هي راڻي پاشاڪ بنجي، اوده پور جي تن بدن جو سنگار ٿيندي
غلط ارادا، پنهنجي موت پاڻ مرن ٿا
اکين ۾ نمي، دلين ۾ پيار
منتظر رهن ٿا، انهن لاءِ جيڪي زمين سان پيار ڪن ٿا
هنس وتي ورندي،
آزاد، اوده پور، جي نشيلي جهرڻن، ندين جو سنگيت ٻڌڻ لاءِ
غم نه ڪر منهنجا رفيق
خوف نه ڪر منهنجا عزيز.”