ناول

گذري وئي برسات

هي ڪتاب “گذري وئي برسات” خوبصورت ليکڪ منظور ٿهيم جو لکيل ناول آهي. هي ڪتاب روشنائي پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿهيم جا جنهن پنهنجي ناول جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
  • 4.5/5.0
  • 4873
  • 916
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • منظور ٿھيم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گذري وئي برسات

پراڻي بس،نوان زخم

اندر مِٽي سان ڀريل پراڻي ماڊل جي بس، عورتن، ٻارن، پوڙهن، ڇيلن، مکين ۽ ماڻهن جي پگهر جي بدبوءَ سان ڀري پئي آهي. اندر مِٽي مان محسوس ٿي رهيو آهي، ته بس تازو تازو ڪچن رستن جو پنڌ ڪري آئي آهي. سيٽ جي اندر ڪاٺ جا تختا ٽٽل، ڦٽل، فوم۽ پلاسٽڪ ڪَور کان ظاهر آهن. سامهون وارين سيٽن تي مائرون پنهنجن ڪمزور خوراڪ جي ماريل معصوم ٻارن کي ٿڃ پيارڻ ۾ مصروف آهن. جسماني ڪمزوري ڪري ٻارن ۾ دٻيل دٻيل روئڻ ۽ چيخن جو آواز، ڪمزور ماءُ جي دل کي بي حد بي چين ڪيو ٿي. جسم جي سوڪهڙي واري بيماري، شهر جي رولو ڪُتن جيان هنن معصومن جو ماس پئي ٿي پٽي.
گاڏي اندر کان ائين آهي، ڄڻ انسان بيحد گندي ڍير مٿان ويٺو آهي. ماءُ جي دل ٻار جي تڪليف تي يقينن روئي رهي هوندي. ٻار جي تڪليف ماءُ لاءِ ته ٻيڻي تڪليف هجي ٿي.
“ هي ته جهنم آهي”
“ ظالمن جي ديس ۾ ائين ئي ٿئي ٿو”
“ انسان کي زمين تي رهڻ جي قيمت ته ادا ڪرڻي آهي”
“ هي غربت ناهي قدرت جو ڏمر آهي”
“حڪمران هنن تڪليفن کان بالاتر ڇو آهن؟”
“ اسانکي پنهنجن گناهن جي سزا ٿي ملي”
“پر ٻار جو گناه سان ڪهڙو واسطو”
“هن ته اڄان دنيا ئي ناهي ڏٺي، هن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ٿي ملي”
“ڪفر ٿو ڳالهائين”
فيروز، کي لڳو ته بس ۾ اهڙا ئي سوال گردش ڪري رهيا هوندا. نوجوانن ۽ پوڙهن جا سوال، خاموش چهرن جا سوال.
جيستائين بس بيٺي رهي، مکين جا ولر ٻارن جي ڪمزور چهرن مٿان ويٺا رهيا. عورتن ۽ مردن جا زندگي کان بيزار چهرا ۽ ڪمزور جسم بت بڻيا سيٽن تي ويٺل آهن، شهر جا فقير اڳئين در مان چڙهي ُسر ۾ پنڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سيٽن تي ويٺل غريب شهري ۽ فقير جي جسم ۽ ڪپڙن وچ ۾ معمولي فرق هو. ڏڪار هڪ ئي وقت سڀني جي جسم مان آرپار ٿي ويو هو. پاسي واري سيٽ تي ڪنهن نوجوان جي ٻانهن جي زخم تي ميرو ڪپڙو ويڙهيل هو، جنهن کي هن پٽي واري خيال کان ويڙهي رکيو آهي. جنهن مٿان مکيون وقفي وقفي سان ويٺيون ٿي. گاڏي جي پوئين سيٽ تي وڏي عمر جو دم ورتل پوڙهو کنگهي رهيو هو. مسلسل کنگهندي هنجو چهرو پيلو ٿي ويو هو. سندس ڀر ۾ ويٺل، شايد هنجو پٽ پوڙهي جي پٽي ٽپي رهيو هو. ڪنهن هن جي پٽ کي چيو، پوڙهي کي اسپتال وٺي وڃ، هتي ڇا ويٺو ڪرين؟ ورندي ۾ هن ڳالهايو ڪنهن ٻڌو نه ٻڌو پر هن جي جملي جي ڪڙاڻ سڀ کي محسوس ٿي، “مان هاڻي اسپتال مان موٽيو آهيان، وري ڇا وڃين ڪيان، دوا لاءِ سوين ماڻهن کي دربدر ٿيندي، ٻارن کي مَرندي ڏسي بابا چيو منهنجو هتي ساه ٿو ُمنجهي مان جيئن آهيان صحي آهيان مونکي ڳوٺ وٺي هل، مان هتي دربدري جي موت مرڻ نه ٿو چاهيان، منهنجي آتما کي چين هاڻي مٽي سان ملڻ کانپوءِ ملندو.نوجوان غم جي مليل جليل ڪيفيت ۾ وراڻي ڏني.
اسان کان اڳئين سيٽ تي، پراڻي چنري ويڙهيل عورت رکي رکي دانهون ڪري روئي رهي هئي. هن جي روئڻ ۽ ڳالهائڻ ڪري سڀ ماڻهو هن ڏانهن متوجهه ٿي پئي ويا. ڪنهن هن جي مرد کان پڇيو مائي ڇو ٿي روئي، ته هن انتهائي ڪرب ۽ تڪليف مان وراڻيو، مون اڪيلي پٽ کي حيدرآباد، سيٺن جي گهر ۾ ڪم لاءِ موڪليو آهي، تنهن تي هي رڙيون ڪري چئي رهي آهي، رام توکي معاف نه ڪندو تو منهنجي اڪيلي معصوم پٽ کي شهر موڪلي منهنجي زندگي کي ويران ڪري ڇڏيو. تون ڪهڙو پيءُ آهين، جو هن سان محبت ڪرڻ جي بجاءِ ڌارين وٽ وڪڻي آيو آهي.
“صحي ته چوي ٿي” بس اندر ويٺل ڪنهن ماڻهو تبصرو ڪندي چيو.
“صحي ته چوي ٿي، پر مونکي خبر آهي ته بک کي ختم ڪرڻ جي قيمت اسان کي ڪيئن ٿي ادا ڪرڻي پوي، پيٽ جي بک ڏاڍي ظالم ٿئي ٿي. هو دانهون ۽ رڙيون ڪري پنهنجو من هلڪو ڪري ٿي. مان پنهنجي اندر ته جهڙو ڪر مري ويو آهيان. هن جون اکيون ڀرجي آيون. هو اڃان ڳالهائي رهيو هو، جو اسانجي ڀر ۾ ويٺل نوجوان رڙ ڪئي. ڪٿي آهي ڊرائيور گاڏي کي اڃان ڪيترو ڀريندو. هنجي آواز تي سڀني هن سان ُسر ملائيندي چيو، هنن کي ته مسافرن جي پرواه ئي ڪانهي. گوڙ تي ڊرائيور به سيٽ تي اچي ويٺو، اچڻ سان ٽيپ تي انڊين گانن جي ڪيسٽ لڳائي ڪو فلمي گانو سڀني جي مٿي ۾ وهائي ڪڍيائين. هاڻ سڀ بي ُسري گاني ۾ محو ٿي ويا. هن گهڙيءَ مان مسافر ائين راحت حاصل ڪري رهيا هئا، ڄڻ هيءَ مختصر خوشي به هنن لاءِ ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪانهي. خاموش زمين مٿان شور مچائيندي، زندگي جي ڏکن، غمن، آسن، نراسن سان ڀرپور، هن بس آخر چُرڻ شروع ڪيو. بس کان ٻاهر ڪچي رستي جي ٻنهي پاسي پاڻيءَ جي ننڍن تلائن ۾ ٻار تڙڳي رهيا هئا.
تيرٿ، ڀر ۾ ويٺل نوجوان کان نالو پڇيو .
“منهنجو نالو، بنسي لعل آهي.”
“پڙهيل آهين.” تيرٿ هن کان پڇيو.
“پنج درجه سنڌي.”
“وڌيڪ نه پڙهين.” تيرٿ هن کان پچيو .
“بابي، چيو تنهنجي پڙهائي جو خرچ نٿو ڀري سگهان.” بنسي وراڻيو.
“هاڻي ڇا ٿو ڪرين؟” تيرٿ کيس پڇيو.
“ٺَڪرن جي ٻني تي هارپو ڪندو آهيان” بنسي وراڻيو. خان جي ٽنڊي ۾ هنن جو ڪوٽ آهي، ڪڏهن ڪڏهن هتي رهن. ڪالهه مان هنن سان هتي آيو آهيان. اڄ وري ڳوڙهيار وڃان پيو جيڪو هنن جو ڳوٺ آهي.”
“ڪيتري عرصي کان ٺَڪرن وٽ ڪم ڪرين پيو؟” تيرٿ هن کان پڇيو
“ڏهه سال ٿي ويا هوندا.” بنسي وراڻيو.
“ان عرصي دوران ڪنهن ٻئي هنڌ ڪم ڪرڻ يا شهر ڏانهن وڃڻ جو خيال دل ۾ آيو؟” تيرٿ پڇيو
“ها! ڪيترا ئي ڀيرا” بنسي وراڻيو، پهريون ڀيرو تڏهن خيال آيو جڏهن ننڍي ٺَڪر ڪنهن ڳالهه تان ڪمند جي ڇَڙي سان ماريو هو. منهنجو جسم ُسڃي ويو هو، وڏا ڪارا داغ ٿي ويا هئا. مون بابا کي چيو مان هتي ڪم نه ڪندس. بابا چيو ڇورا مالڪ آهن، هنن جو سهارو آهي، ٻني به هنن جي کائڻ جو ان به هنن جو. منهنجو ضد هو ته مان هاڻ ٺَڪرن وٽ ڪم نه ڪندس. منهنجي ضد تي بابا خاموش ٿي ويو. ٻئي ڏينهن وڏي ٺَڪر کي خبر پئي، بابا کي گهرائي چيائين ته تنهنجي ڇُوري جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. هاڻي جو هاڻي پنهنجو حساب صاف ڪري نڪر هتان. منشي کي گهريائين. منشي اسان ڏانهن وڏو حساب ڪڍيو. ٺَڪر بابا کي چيو ته توڏانهن جيڪو حساب نڪتو آهي، هينئر جو هينئر ڏي نه ته وجهريائين ٿو ڪاٺَ ۾. بابا جو ساه نڪري ويو. هيڏا سارا پئسا ڪٿان آڻي. بابا ٺَڪر جي پيرن تي ڪري پيو، چوي مالڪ رحم ڪر. مون ڇورو تنهنجي حوالي ڪيو. ماريوس يا جيئاريوس مان ڪنڌ کڻي نه پڇندس. ٺَڪر خاموش ٿي ويو. بابا جي حالت ڏسي مون وري ٻني تي ڪم شروع ڪيو.
ٻيو دفعو مون ٺَڪر کي بلڪل سَڌو چيو، ته جيڪو ڪرڻو هجئي ڪر،
تون ماريندي ته مار، مان بيٺو آهيان.”
اهو ڪيئن ٿيو، اها همت تو ۾ ڪيئن آئي، ڇا ٿيو هو؟” تيرٿ هن کان پڇيو.
“شيوو ڀڳوان جو ميلو هو” بنسي ڳالهائڻ شروع ڪيو، هر طرف کان ميلي جا ياتري جوڪ در جوڪ ميلي ۾ اچي رهيا هئا. ڪي درشن ڪري موٽي ٿي ويا ته ڪن رات گذارڻ لاءِ پڙاءُ ٿي ڪيو. چارئي طرف رونق لڳي پئي هئي. هر مَاڻهو پنهنجي دل جي مراد شيوو کان گهري رهيو هو. هن جي ڪَرپا سان هر ڪو خوش هو. پورنم جو چنڊ آسمان تي روشن هو. هن جي چانڊوڪي ۾ هر شي جَرڪي پئي. دنيا جا رنگ ڄڻ زمين تي لهي آيا هئا، زمين، ياترين جي قدمن جي آهٽ سان جهومي پئي هئي.
شيوو جي ٽين ۽ آخري تاريخ اهڙو واقعو ٿيو. جنهن پوري سنسار کي ڄڻ سنسان ڪري ڇڏيو. دولت رام جي اڪيلي نياڻي جمنا، شيوو ڀڳوان جي درشن لاءِ شام جو دير سان گهران نڪري پئي. سال اڳ جمنا جو پَتا نمونيا جي تَپ ۾ ديهانت ڪري ويو هو. هي اڪيلي پنهنجي چاچا سان رهندي هئي. چاچا هن جو رشتو شهر ۾ رهندڙ ڪنهن عزيز سان ڪيو هو. ويجهڙ ٻنهي جي شادي به ٿيڻي هئي.
جمنا، شيوو جي درشن لاءِ چاچا جو انتظار ڪيو پر هن کي ڪٿي دير ٿي وئي ۽ شيوو جي ميلي جو آخري ڏينهن هو. جمنا ريڻ ندي جو ڪنارو ڏيندي وڏا وڏا قدم کڻندي شيو مندر ڏانهن اڪيلي ئي نڪري پئي.
هو ان آسري تي نڪري پئي ته شيوو آهي نه ان جي رڪشا ڪرڻ وارو. تڏهن نشي ۾ ُڌت ننڍو ٺَڪر پنهنجن دوستن سان اتان گذريو. ننڍي ٺَڪر جي نظر جيئن اڪيلي جمنا تي پئي ته هن جو اڳ جهلي بيهي رهيو. هن جي ڳالهائڻ ۾ وحشت هئي. ذليل نفس پرست ڪريل، بداخلاق ٺَڪر ضابطي کان ٻاهر ٿيندو ويو. نشي جي حالت ۾ هي انسان مان وحشي ٿي بيٺو. هو ذليل وحشي ته اڳ ۾ ئي هو، مٿان جو شراب پيتائين ته انجي اندر جي وحشت ٻاهر نڪري آئي. هن جمنا جو هٿ پڪڙيو. جمنا هن کي شيوو جا واسطا ڏنا، هن کي منٿون ڪيون، پر ٺڪر نه مڙيو. اُن وحشي جمنا سان بلاتڪار ڪيو. دولت رام جي مَري وڃڻ کانپوءِ جمنا اڌ ته مَري وئي هئي، هاڻ ُپوري مَري وئي.
هن پنهنجي جسم کي ريڻ ندي ۾ اڇلائي خودڪشي ڪري ڇڏي، جمنا جو چاچو اهو پورو ڏينهن جمنا کي ڳوليندو رهيو. هو رڙيون ڪندو، هر ڪنهن کان جمنا جو پڇندو رهيو. هو سوچي ٿڪي پيو، ته آخر جمنا وئي ته ڪاڏي وئي. هن کي زمين ڳهي وئي آسمان کائي ويو. ٻئي ڏينهن جمنا جو لاش نديءَ جي لهاندي ڪناري کان مليو. ماڻهو چون پيا ته انجي جسم تي گهرا زخم هئا. پر هنجو چهرو ُپرسڪون هو. ائين جيئن ڪو انسان گهري ننڍ ۾ستل هجي. جمنا جي لاش ملڻ کانپوءِ پورو شهر سوڳ ۾ هو. لاش، ٿاڻي جي دروازي تي آڻي رکيائون. داروغي کي چيائون، اسين اوستائين چَتا کي آگ نه ڏينداسين، جيستائين ڏوهاري سامهون نه ٿو آڻين. پورو جو پورو شهر ڇا هندو ڇا مسلمان. سياري جي پوري رات ٿاڻي جي ٻاهران ويٺو رهيو. جمنا جي لاش جي خبر ملڻ کانپوءِ ننڍي ٺَڪر تي خوف طاري ٿي ويو. هن پنهنجي پتا کي سڀ ڪجهه ُٻڌائي ڇڏيو. وڏي ٺَڪر بابا کي گهرايو ۽ کيس چيائين ته بنسي کي چئو، ته خون پنهنجي سرِ تي کڻي. مان عيوض ۾، هڪ سو ايڪڙ زمين لکي ڏيان ٿو ۽ ڪيس جي پيروي لاءِ به خرچ ڏيندس. بابا چيو بنسي سان توهان پاڻ ڳالهايو. وڏي ٺَڪر مونکي گهرايو، هن جي حالت خراب هئي. سندس چهري مان بي وسي ظاهر هئي. هن جمنا جو خون کڻڻ جو چيو ۽ عيوض ۾ زمين جي ڳالهه ڪئي.
مون صاف انڪار ڪيو.”
“تون مونکي جواب ٿو ڏين” هُن مونکي چيو،
“تون پنهنجي پٽ کي پيش ڇو نه ٿو ڪرين.” مون کيس وراڻي ڏني، هن خون ڪيو آهي.
“تون مونکي ٿو سمجهائين، مان توکي ماري ڇڏيندس.” هن مونکي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون
“ڪجهه به ڪرين، مارين ته مار مان بيٺو آهيان” مون کيس وراڻي ڏني.
ٺَڪر بنڊ وانگر ڦهڪو ڪري وڃي ڪريو.
هاڻي وڏو ٺَڪر اڌ رنگ جي مرض ۾ کٽ تي بيوس ٿيو پيو آهي.
ننڍو ٺَڪر جمنا جي خون ۾ جيل اندر آهي، هن کي چريائپ جا دورا پون ٿا.
جيل ۾ رڙيون ڪندو ديوارن سان مٿو هڻندو رهي ٿو. هن کان موت به نفرت ڪري ٿي.
تيرٿ ۽ بنسي ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويا.
تيرٿ بس جي دري کان ٻاهر ڏسي ٿو، گاڏي جي ڦيٿن جي ڦهليل هلڪي ڌهنڌ ۾ هو ڄڻ جمنا کي ڏسي رهيو آهي. هن جي دل روئڻ ٿي چاهيو، پر هو ائين ڪري نه سگهيو. هو به ڄڻ هاڻي روايتي انسان ٿي ويو آهي. روئڻ لاءِ به هن کي اڪيلائي ٿي گهرجي.
تيرٿ جيڪر عام انسان هجي ها ته هي هتان سڀ ڪجهه ڇڏي هليو وڃي ها. هتي زندگي کي جيئڻ وڏو عذاب آهي، دل تي نقش ٿي وڃڻ وارا خيال ۽ ماڻهو، ڄڻ ته ناپيد ٿيندا پيا وڃن، اداس چهرا ڄڻ پنهنجن پنهنجن قبرن جو انتظار ڪري رهيا آهن. سورهيائپ ۽ مضبوطي سان هٿيار پڪڙڻ جي روايت ختم ڪري غدارن جي تعريف ۾ ُسر سان گيت ڳائڻ جي روايت عام ٿيندي پئي وڃي. تيرٿ اکيون بند ڪري پنهنجي چهري کي پنهنجن ٻنهي هٿن سان ڍڪي سوچي ٿو. هي هنجو ملڪ آهي هنجو پنهنجو ڏکاريل ديس.
بس ڪچي رستي تي هلندي بيهي رهي ٿي. ڪجهه مسافر لهن ٿا گاڏي کان ٻاهر اوچتو ڪنهن عورت جو رڙيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ڪا عورت آهي جيڪا گاڏي جي دروازي جي هٿيي کي مضبوطي سان پڪڙي بيٺي آهي. ۽ ڪو مرد ڪپڙن ۽ وارن مان ڇڪي هَن کي هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي هٿ سان دروازي جي هينڊل کي ائين پڪڙي رکيو آهي، ڄڻ اها بس ئي هن جي زندگي کي بچائي سگهندي. هن جي چهري تي ايڏو خوف ڇانيل هو، جنهن جو اندازو سڀني مسافرن کي ٿيو پئي. پر ڪنهن کي همت نه ٿي ته ان مرد کان ُپڇي ته تون آخر مائي کي وارن مان پڪڙي ڇو پيو لاهين؟ عورت مسلسل رڙيون ڪندي پاڻ کي بس جي اندر ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ مرد بي دردي سان ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مرد جي هر سٽ کانپوءِ عورت جا هٿ هينڊل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي پئي ويا. مائيءَ جي سِر تان چنري کسڪي وڃين هيٺ ڪري، هنجي جسم تي هاڻي وڃي پراڻو چولو رهيو هو، جنهن تي به سوين چتيون لڳل هيون، جيڪو به سٽن کانپوءِ ٻاهن کان ڦاٽي پيو. تڏهن به ماڻهو خاموش ويٺا رهيا، بلڪه ڪنهن ته ائين به چيو، ته مائي کي اڇلايو ٻاهر اسانکي اڳ ئي دير ٿي وئي آهي. مائي جو هٿ هو جو ويتر مضبوط ٿيندو ويو. مرد سهڪي رهيو هو. سهڪندي هن مائي کي پٽي تي ڌڪ هڻي ڪرائي وڌو ته به عورت بس جي هينڊل مان هٿ نه ڪڍيا. هاڻ ته مائي به رڙيون ڪري چئي رهي هئي ته مون کي هن ظالم وحشي کان بچايو. خدا جي واسطي مون کي بچايو. هاڻ ته ڪنڊيڪٽر به مائي کي بد شد چئي رهيو هو .”
فيروز ۽ تيرٿ اٿي بيهي رهيا.
“صاحب توهان وچ ۾ نه اچو، هي هنن جو ذاتي معاملو آهي.” ڪنڊيڪٽر، فيروز ۽ تيرٿ کي ڏسندي چيو
“هي سڀ جيڪو ٿئي پيو، پنهنجي گهر ۾ ڪن ها ته ٺيڪ هو، پر هتي هي ظلم اسان کان برداشت نه ٿو ٿئي، هي هاڻ ذاتي مسئلو ناهي، هي هاڻ انسان جو مسئلو آهي” فيروز ڪنڊيڪٽر کي وراڻيو.
“مائي مان هٿ ڪڍ” تيرٿ، رڙ ڪري مرد کي چيو، “
“توهان ڪير ٿيندا آهيو، اسانجي معاملي ۾ ڳالهائڻ وارا” مرد سهڪندي تيرٿ کي وراڻيو،
گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن پڙهي لکي تيرٿ جي اکين جي تيزي ڏٺي ته سمجهي ويا ته معاملو سنگين ٿيڻ وارو آهي.
بنسي، پهريون ماڻهو هو جو اٿي بيٺو. “صاحب صحي ته چئي ٿو، مائي مان هٿ ڪڍ ان کي وڃڻ ڏي تنهنجي هوندي ته توڏانهن موٽي ايندي.”
بنسي سان ُسر ملائيندي ٻين به چيو ته مائي مان هٿ ڪڍ، سياڻو ٿي، مائي تي هٿ کڻڻ چڱي ڳالهه ڪانهي، ماڻهن جا تيور تبديل ٿيندي ڏسي، هن مائي مان هٿ ڪڍيا. مائي مٿي چڙهي بس ۾ اچي ويٺي. هن سان گڏ هڪ ٻي جوان عورت به گڏ هئي. ٻئي هڪ سيٽ ته وهندي پنهنجو پلئو ٺيڪ ڪرڻ لڳيون.
مائي، تيرٿ ۽ فيروز ڏانهن احسانمند نظرن سان ڏٺو.
تيرٿ، مائي جي ُسرت ۾ اچڻ تائين خاموش رهيو. مائي اڃان تائين سهڪي رهي هئي. هن جي ڀر ۾ ويٺل شايد هَن جي ڌيءَ هن جي وارن ڪپڙن کي درست ڪرڻ ۾ هنجي مدد ڪئي. تڏهن اوچتو هنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. هن کي رکي رکي ڪا ڳالهه دل ۾ چُڀي ٿي وئي. هن جي ڪمزور ۽ فاقازده جسم ۾ رڙين ڪرڻ جي هاڻ طاقت نه رهي هئي. هن گاڏي جو دروازو ڪراس ڪري ڄڻ صدين جو پند ڪيو هو. هو واقعي به بيحد ٿڪجي پئي هئي. هو پاڻ کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته هو دوزخ پوئتي ڇڏي آئي آهي. ان طوفان مان نڪري آئي آهي، جنهن هنجي وجود هن جي روح کي تار تار ڪري ڇڏيو هو. اڳتي اڃان ڪي طوفان آهن انهن کان بيخبر هن مائي آخر پنهنجون اکيون مليون، ڳوڙها اگهيا ۽ سيٽ تي درست ٿي ويٺي.
“هي ڪير هو؟” فيروز، مائي کان پڇيو
“هي ظالم منهنجو مڙس هو” ان کان اڳ جو فيروز ٻيو سوال ڪري مائي چيو، “توهان مون لاءِ ڀڳوان سمي آهيو” توهان مونکي بچائي مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. توهانجي آواز تي منهنجي همت وڌي، نه ته هتي ته ڪي انسان ئي ناهن ويٺا. مان توهانکي ضرور ٻڌائيندس ته هي سڀ ڪجهه ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. ۽ توهان به سڀ ُٻڌو، هن بس ۾ ويٺل ٻين ماڻهن ڏي منهن ڪري چيو. خدا نه ڪري جو هي درد ڪنهن ماءُ جي حصي ۾ اچي. هتي مائرن ۽ ڌيئرن وارا ويٺا آهن، هن پوئتي منهن ڪري سڀني سان خطاب ڪرڻ جي انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.”
منهنجي شادي کي اڃان ٽي، چار سال مس گذريا هوندا، جو منهنجو مڙس رئيسن جي ٻني تي ڪم ڪندي، نانگ جي ڏنگڻ ڪري فوت ٿي ويو. مان پنهنجي ڌيءَ سان اڪيلي ٿي ويس، مون پنهنجي ڌيءَ لاءِ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو. مون پنهنجي دل کي هزارين ڏک ڏئي، پنهنجي نياڻيءَ لاءِ ُسک پيدا ڪيا. پورهيو ڪيو، ڪپڙا سبيا، پنهنجي ۽ پنهنجي نياڻي جي لَٽي ڪپڙي جو انتظام ڪيو. مان پنهنجي ڀائرن جي گهر ۾ رهڻ جي باوجود انهن تي ڪڏهن بار نه ٿيس، بلڪه انهن جي مدد ڪندي رهيس. ان دوران هنن کي به پنهنجا ٻار ٿيا. پنج ڇهه سالن کانپوءِ هنن مونکي چيو، ته رشتو آهي، تنهنجي ٻي شادي ڪرايون ٿا، مون چيو منهنجي ڌيءَ هاڻي جوان ٿيڻ تي آهي، مونکي ته پنهنجي ڌيءَ جو فڪر آهي. بهرحال ڀائرن جو ضد هو، ته شادي ڪري ڇڏ. هي جيڪو توهان ڏٺو ظالم، وحشي منهنجو ٻيو مڙس آهي.
هو منهنجي ڀائرن جي واسطي وارو هو. پئسي وارو ۽ جوان هو، پر هن کي دم جي بيماري هئي. ڪو به هن کي پنهنجي نياڻي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هن رئيسن جي مدد سان رشتو گهريو ۽ منهجن ڀائرن کي پئسه به ڏيڻا ڪيا. منهنجن ڀائرن پئسي جي عيوض منهنجي رشتي لاءِ ها ڪري ڇڏي. مان به قسمت جو فيصلو سمجهي ماٺ ٿي ويس. دراصل مان پنهنجي ڌيءَ خاطر ائين ڪيو، ته هن کي پيءُ جو سهارو ملي ويندو ُمڙس جي مَرڻ کانپوءِ هي ئي ته منهنجي دنيا هئي. مان شادي ڪري هتي آيس پنهنجي مڙس وٽ، جيڪو هي توهان هينئر ڏٺو. هن جي مون، دل سان خدمت ڪئي.هن کي دم جي بيماري گهٽجي وئي. هڪ ڀيري مون ڏٺو، ته هو منهنجي ڌيءَ سان نامناسب حرڪتون ڪري رهيو هو. هن کي پنهنجي ڀر ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. تڏهن به مون سمجهيو، اهو پتا جو پيار آهي. پر هڪ رات منهنجي ڌيءَ سڏڪا ڀري هنجي حرڪتن جي دانهن ڏني. مون کي ڄڻ ڪاري ضرب لڳي. مان ته هن دنيا جي بدقسمت عورت آهيان، جنهن کي خدمت عيوض اهو صَلو مليو.
اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم هوندو. هي دنيا ته جهنم کان به بدتر آهي . صبح جو مان هن جي مٿان وڃي بيٺس. حقير، وحشي، خدا تنهنجو حشر خراب ڪري، تون پنهنجي نياڻيءَ سان ٿو ائين ڪرين. هُن مونکي ڌڪ هنيا ۽ چيو، ته مان توکي ماريندس. منجهند ڌاري هنجي غير موجودگي ۾ مان ڌيءَ کي وٺي ڀائرن ڏانهن وڄڻ لاءِ بس تي چڙهڻ لڳس، ته هن اچي ٻانهن مان جهليو. هاڻي مونکي ٻڌايو هن گهر کان ته مرڻ بهتر آهي. مان ڪمزور آهيان. مون خدا کان هميشه ايترو گهريو آهي جيتري منهنجي حيثيت. پر هاڻي ته منهنجو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. هن دنيا ۾ خدا ڪٿي به ڪونهي. جي آهي ته پوءِ هن کان اهو سڀ ڪيئن ٿو برداشت ٿئي. هن چڪرکي پڄاڻي تي ڇو نه ٿو پهچائي. خدا مون تي رحم ڪري .
بس ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي.
“اسان اڻڄاڻائي ۾ ڪيڏي وڏي زيادتي ڪري رهيا هئاسين” اسان سمجهو ته هي روز جيان زال مڙس جي وچ ۾ ٿيندڙ واقعو آهي. پر هي ته وحشي پڻو آهي.”
“تو هن مائي جي ڳالهه ُٻڌي؟” فيروز، ڪنڊيڪٽر کي چيو،
“تون ئي ته چئين پيو ته توهان هنن جي وچ ۾ نه اچو.” شرمساري کان بس ۾ ويٺل ماڻهو بت بڻجي ويا هئا.
عورت ڏانهن اسانجو اهڙو رويو ۽ اهڙن موقعن تي خاموشي مان ظاهر آهي ته اسان مان هر ماڻهو اهو ڏوه ڪري رهيو آهي. يا اڻ سڌي طرح ان وحشي پڻي ۾ شامل آهي، هتي الميو هي آهي ته عورت سان اهڙي قسم جي وهنوار کي ڪو ڏوه يا جرم نه ٿو سمجهيو وڃي. هر ماڻهو ان ڏوه ۾ شريڪ آهي ۽ ان کي پنهنجو حق ٿو سمجهي. اهو حق انهن کي ڪنهن ڏنو آهي؟ اسانکي دنيا جا باقي سڀ خوف آهن، دوزخ جو خوف آهي، پر اهو خوف ڪونهي ته هڪ انسان شديد مشڪل ۽ تشدت جي زد ۾ آهي. انجي ڪا مدد ڪجي.
توهان کان خدا نه پڇندو، ته توهان ان موقعي تي خاموش ڇو هئا؟
خاموش رهڻ جو گناهه، خدا جي نظر ۾سڀ کان وڌيڪ ڀاري هجي ٿو.
توهان ته عربن جي ظالم دور کان به اڳتي نڪري ويا. هو ته نياڻين کي جيئري پوريندا هئا. توهان ته نياڻي کي نه مرڻ ٿا ڏيو نه جيئڻ. شهر ۾ وري اسان ُمهذب انسانن جو ڊرامو ڪيون ٿا ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ وري عورت کي جانور سمجهندي جهالت جون حدون پار ڪري وڃون ٿا. اسان نالائق، ائين سمجهون ٿا، ته هڪ ڳوٺاڻي عورت وٽ شهري عورتن جي ڀيٽ ۾ ڪي جذبا ئي ڪونهن. هنن جي گفتگو جهالت سان ڀريل هجي ٿي. هنن جي مقدر ۾ ذلت لکيل آهي. اسان ڪيڏي زيادتي ڪري رهيا آهيون، هڪ اهڙي عورت سان جيڪا پنهنجي مرد کي پنهنجو ٻيو خدا سمجهي، ان جي ڏينهن رات سيوا ڪري، ان لاءِ پورهيو ڪري، جيڪا پنهنجن ڀاتين تي ساه ڏئي، انهن جي حصي جا ڪم پاڻ ڪري، گهر جا سمورا ڪم ڪرڻ کانپوءِ مال متاءُ جو به سنڀال ڪري، ان جي باوجود اُن جي وفاداري تي شڪ ڪيو وڃي. هي ته جهالت آهي. اسان انجو ان کي معمولي صلو به نه ٿا ڏيون. هڪ طرف خدا کي مڃون ٿا ۽ ٻئي طرف انجي خوبصورت تخليق لاءِ گهر ۽ زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. خدا توهان کي معاف نه ڪندو.
بس ۾ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي، ڪيترن ئي عورتن جي اکين ۾ لُڙڪ چمڪيا پئي. مردن جي جسم مان ڄڻ ساهه ڇڏائي ويو هو. انهن جون نظرون پنهنجي ئي ضمير جي بار کان جُهڪي ويون هيون. هنن کان ڄڻ سفر وسري ويوهو. هو پنهنجي اندر جي گم ٿيل انسان کي تلاش ڪري رهيا هئا. هنن جي چهرن جي خاموشي کي ڏسي چئي سگهجي ٿو، ته هنن جي ُسن ٿي ويل اندر کي ڪڏهن ڪنهن سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪو نه ڪئي آهي.