خالي پيل رتيڪا جي ڪرسي
سائره سان ملڻ. عجب اتفاق آهي ته هن ئي سائره کي پنهنجن تصويرن جي نمائش واسطي اسلام آباد وڃڻ جو مشورو ڏنو. هَن جو مشورو ته هڪ زنده دل واري ماڻهو جيان هو. پر اهو مشورو ڪنهن حادثي جي صورت ۾ هُن اڳيان ايندو، هَن کي ته انجو احساس ئي نه هو. سائره ته هميشه لاءِ اسلام آباد جي ٿي وئي. اسان ته هڪٻئي جي دلين جي ڪيفيت کي سمجهيو ٿي، ان کي محبت يا عشق نه به کڻي چئجي پر هڪ ٻئي جي روح لاءِ سهڻو سلوڪ ۽ قلب جي راحت لاءِ سهارو ته چئي سگهجي ٿو. هَن پاڻ کي اعليٰ سوسائٽي جو حصو ٺاهي ڇڏيو. جنهن کان هو پاڻ نفرت ڪندي هئي.
سائره اسلام آباد ۾ پنهنجي هسبينڊ سان رهي ٿي. تيرٿ چار سال کانپوءِ هن سان ملڻ اسلام آباد آيو آهي. هو پنهنجي دل هٿان مجبور هو، هن کي سائره جي سَڪ اسلام آباد وٺي آئي هئي.
بس، اسلام آباد جي ڪشاده رستن کان ٿيندي، باره ڪهو جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ داخل ٿي ٿئي. جتي پٺاڻ، ڪشميري، پنجابي ذاتين جا ماڻهو آباد آهن، هتي تيرٿ اڳ به آيل هو، پر هن دفعي هنجي هتي اچڻ واري ڪيفيت مختلف آهي، ائين جيئن. ڪڪر وسي هليا وڃن ۽ پوئتي غم ۽ خوشي ڇڏي وڃن.
باره ڪهو جي علائقي ۾ ماڻهن جي رش تمام گهڻي آهي. شايد ٿڌي موسم جي ڪري به، جو ٿڌي موسم ۾ مَري کان مٿي جي علائقن جا ماڻهو سيارو گذارڻ لاءِ باره ڪهو ۾ اچي رهن ٿا. هي علائقو رهائش لاءِ سستو آهي. تاراچند جو گهر باره ڪهو جي بلڪل اڳياڙي ۾ آهي. هن جي گهر ڏانهن وڃڻ جا ٻه رستا آهن، هڪڙو رستو برج کان هيٺانهين طرف کان ٿيندو وڃي ٿو ۽ ٻيو رستو اسٽينڊ کان ُمڙندي سڌو ڪجهه مفاصلي کان پوءِ هنجي گهر جو رستو شروع ٿئي ٿو. تيرٿ عام طور اسٽينڊ وارو رستو وٺي هن ڏانهن ويندو آهي. پر اڄ هو معمول جي ابتڙ برج وارو رستو وٺي پنڌ ڪري تارا جي گهر روانو ٿيو. هن ائين ڇو ڪيو؟ شايد سائره سان ملڻ جي جوش ۾ هن ائين ڪيو هجي. محبت ۾ ئي ته انسان معمول جي ابتڙ فيصلا ڪندو آهي.
تارا جي گهر جا نقش نگار اڃان تائين هن کي ياد آهن. سنگل ڪمري تي مشتمل هنجو هوادار گهر. جيڪو هنجو بيڊ روم به آهي ته مهمانن جي بيٺڪ به. فرش مٿان ايراني ڪالين وڇايل آهي ۽ ڪُنڊ ۾ سنگل بيڊ رکيل آهي. هڪ الماڙي آهي جيڪا ڪتابن ۽ ڪاغذن سان ڀريل آهي. تارا ناول پڙهڻ جو شوقين آهي.
تيرٿ، جيئن تارا چند جي گهر جو بيل وڃايو ته تارا هڪدم ٻاهر آيو. ڪافي وڏي عرصي کانپوءِ هنن دوستن جي ملاقات ٿي هئي، هنن سَڪ مان هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو.
تارا، گهر ۾ اڪيلو رهي ٿو. هن جي اڪيلائپ پرشور نديءَ وانگر وهندڙ آهي. تارا اڪيلو هوندي به اڪيلو ناهي. هن جي تنهائي کي پنهنجو شور آهي، پنهنجو آواز ۽ موسيقي آهي. جنهن ۾ ڪائنات جو ترنم به آهي ته بي خودي جو رقص به آهي. هن تنهائي کي هن پاڻ لاءِ تخليق ناهي ڪيو، اها هن وٽ رتيڪا جي صورت ۾ آئي آهي.
هو اڃان يونيورسٽي جو شاگرد هو، جو رتيڪا هن جي زندگي ۾ هوا جي تازي جهوٽي جيان داخل ٿي. رتيڪا جي به هن سان بي پناه محبت هئي. تارا يونيورسٽي مان جيئن فارغ ٿيو، هنن ٻنهي شادي ڪري ڇڏي. پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ مسرتن جي وشال دنيا قائم ڪري ورتي. هڪ ئي ڪمري ۾ رهيا هڪ ٽيبل ۽ ٻه چيئر رکيون. هي هنن جي دنيا هئي، هڪ سال کانپوءَ هڪ ڏينهن، رتيڪا کي رت جي الٽي آئي. ڪنهن کي به گمان ڪونه هو، ته ڪو اهڙو ٿيڻ وارو آهي. رتيڪا کي ليور جو ڪينسر هو. ڊاڪٽرن جي اوچتي انڪشاف لاءِ ڪو تيار ئي نه هو. رتيڪا اسپتال ۾ داخل ٿي وئي. تارا جو چين ويندو رهيو. رتيڪا ۽ تارا جي حصي ۾ زندگي جو پيار شايد ايترو ئي هو. تارا پوري رات جاڳي رتيڪا جي ڀر ۾ ويٺو رهندو هو. اها ڄڻ هَن جي عبادت هئي. هن وٽ عبادت جو پنهنجو طريقو هو. تارا، رتيڪا جي هڪ آواز تي جاڳي پوندو هو. رتيڪا، هن جي جسم ۽ روح جو ڄڻ حصو ٿي وئي.
انسان جي بي وسي سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ آهي. هن ڪيفيت ۾ نه ڄاڻ ڪيترا درد هڪ دم اچي جسم ۽ روح کي جنجهوڙين ٿا. رتيڪا ڪيترا ڏينهن اسپتال جي پلنگ تي پيل هجڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن اسپتال جي ڪمري ۾ گذاري وئي. تارا وقت جي هن بي رحم سفر ۾ اڪيلو رهجي ويو. محبت لاءِ تڪليف وارو سفر ڄڻ هاڻي هن لاءِ شروع ٿيو. هن جو رتيڪا سان پيار هو، جنهن جي گهرائي جي ڪا حد نه هئي. هن پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ رتيڪا کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ورتو هو. ان ڏينهن کان تارا پاڻ سان ۽ رتيڪا سان وچن ڪيو ته هو هاڻي شادي نه ڪندو، پوري حياتي رتيڪا جي يادن سان گڏ رهندو. تڏهن کان تارا اڪيلو آهي. هن ڪڏهن به ٻن ڪمرن وارو گهر نه ورتو. ۽ ڀر ۾ ٻه چيئر رکندو آهي. ان احساس سان ته سامهون رتيڪا ويٺي آهي. رتيڪا هن لاءِ هر اهو لمحو ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هي موجود هئي. هن جي مسڪراهٽ هنجي هٿن جي آٿت ۽ اکين جو حوصلو هن لاءِ هاڻ اُهي لمحا ئي زندگي آهن. هن رتيڪا سان گڏ رهڻ سکي ورتو آهي. هن لاءِ تنهائي روڳ نه آٿت ۽ جيئڻ لاءِ حوصلو آهي.
“اسلام آباد تبديل ٿي ويو آهي، پر تنهنجو گهر ۽ تنهنجو مزاج تبديل نه ٿيو، هر شي ساڳي ۽ ساڳي هنڌ پيل آهي” تيرٿ، تارا کي چيو،
“مسافر، جي زندگي آهي ائين ئي رهندي” تارا وراڻيو
“اسلام آباد مسافرن جو شهر آهي ؟” تيرٿ کَلندي چيو،
“منهنجو مطلب آهي ته اسلام آباد منهنجو شهر ته ناهي، رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ مان هتي نه رهندس، ان ڪري مسافر ٿيس نه.” تارا وراڻيو.
“تون پهريون سرڪاري ملازم آهين، جيڪو رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ رهڻ نٿو چاهي، باقي ته هر ماڻهو هتي رهڻ جي خواهش رکي ٿو “ تيرٿ چيو.
“ها! ائين آهي پر مان هتي رهڻ نه ٿو چاهيان.” تارا وراڻيو
“پوءِ تون ڪٿي رهڻ چاهيندين.” تيرٿ پڇيو
“مونکي پنهنجي ديس جو جل ۽ رتيڪا جي ڇايا گهرجي “ تارا، ائين چئي خاموش ٿي وڃي ٿو .
صبح جا 9 ٿيا آهن، تيرٿ سائره سان ڳالهائڻ لاءِ نمبر ڊائل ڪيو .
ٻئي طرف کان سائره جو آواز آيو. تيرٿ هن سان پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو “مان تيرٿ آهيان”
سائره هڪدم تيرٿ کي سڃاتو ۽ شام جو گهر اچڻ جي هن کي دعوت ڏني. تيرٿ کي لڳو ڄڻ ڪجهه به ناهي بدليو. هن جو لهجو هن جو انداز ۽ پنهنجائپ وارو رويو، هن جي شادي کانپوءِ هي پهريون دفعو هو، جو هو سائره سان ملڻ وڃي رهيو هو. ان خدشن کان هٽي ڪري ته هنجو مڙس ڪهڙي طبيعت جو آهي، هنن جي ملاقات کي ڪيئن ڏسندو يا وري هي رواجي مردن جيان ملندو، بهرحال هن کي خوشي آهي ته هو اڄ پنهنجي پراڻي ڪامريڊ ساٿي سان ملندو.