ناول

گذري وئي برسات

هي ڪتاب “گذري وئي برسات” خوبصورت ليکڪ منظور ٿهيم جو لکيل ناول آهي. هي ڪتاب روشنائي پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿهيم جا جنهن پنهنجي ناول جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
  • 4.5/5.0
  • 4872
  • 916
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • منظور ٿھيم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گذري وئي برسات

شهه مريد، نه حاني جو ٿي سگهيو نه انقلاب جو

تيرٿ، عارف والا شهر جي ڪچن پڪن گهرن جي وچ مان گذرندي، بي حد ٿڪجي پوي ٿو. هن پنهنجي ڪلهي تان سفري بيگ لاهي هٿ ۾ ڪيو ۽ ڀرسان سيڙهين تي ويهي رهي ٿو. هن کي ائين لڳو ته وقت جي رفتار جي نسبت، هن جي قدمن جي رفتار ڌيمي ٿي وئي آهي. هو هاڻي شايد پوڙهو ٿي ويو آهي. پر وري ساڳئي لمحي هن پاڻ سان ڳالهايو. هو ڪڏهن به پوڙهو ٿي نٿو سگهي. اڃان هن ۾ حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه آهي. هو پنهنجن ساٿين لاءِ هر تڪليف جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. هن جو جسم ڪمزور ٿي سگهي ٿو، پر هي پنهنجي روح کان اڃان جوان آهي. هن پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ پاڻ سان ڳالهايو ۽ غمگين هجڻ جي باوجود هن جي اکين ۾ جوش هو. پر حقيقت اها آهي ته هن کي اها ڳالهه ستائي رهي هئي ته . ڇا شهه مريد پنهنجي سڄي حياتي ائين گذاريندو؟ هن پاڻ کي جنهن احساس ۾ قيد ڪري رکيو آهي، ان مان ٻاهر اچي سگهندو؟ هن لاءِ هاڻي اهڙي ڪا گهڙي ناهي جيڪا هن کي پنهنجن دوستن، پنهنجن گهر وارن ۽ پنهنجي نظريي ڏانهن موٽائي اچي. هن کي زندگي هڪ ڀيرو ٻيهر وري ان ساڳي صف ۾ اچي بيهاري، جتي اسين سڀ گڏ بيٺا هئاسين. هن کي پنهنجي طرفان ڪو به اميد ڀريو جواب نه ٿو ملي. اهو صاف ظاهر آهي ته شهه مريد سخت روحاني تڪليف مان گذريو آهي. تيرٿ هڪ ڀيرو هن سان ملڻ چاهي ٿو، هن جي غم کي شيئر ڪرڻ لاءِ، ممڪن آهي ته چڱائي جو ڪو رستو نڪري اچي.
تيرٿ کي معلوم ٿيو ته شهه مريد عارف والا جي ڪنهن بزرگ جي مزار تي وڃي ٿو. اُتي ڪافي دير تائين ويهي ٿو، تيرٿ، شهه مريد جي تلاش ۾ هتي آيو آهي.
شهه مريد جي مَڱ حاني، جنهن سان هن جو لڳاءُ ۽ بي حد پيار هو، حاني جي دل به هميشه شهه مريد جي ڳولا ۾ رهندي هئي. خدا تعالي حاني جي جهڙي سهڻي صورت ٺاهي، روح به اهڙو ئي کيس صاف سٿرو ڏنو هو. ۽ وري شهه مريد به ڄڻ هن جو پاڇو هو. پوروقد ڪاٺ، سهڻي شبيهه اعليٰ خيالن جو ڌڻي، نه ڪا آڪڙ نه ڪا وڏائي، خدا ڄڻ هن کي خلقيو ئي حاني لاءِ هو.
اگهم ڪوٽ کان موٽندي سڀئي دوست نذير جي شهادت جي غم ۾ ٻڏل هئا ته هن دوستن کي چيو سنڌ ۾ منهنجي هاڻي دل نه ٿي لڳي. مونکي اجازت ڏيو ته مان واپس پنجاب پنهنجي ڳوٺ فريد پور وڃان، پر جيئن ته دوستن ڪجهه وقت گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. هي به ڪجهه وقت تيرٿ وٽ ترسي پيو هو. پر پوءِ دوستن هن جي حال کي ڏسي هن کي اجازت ڏني ته هو ڀلي پنهنجي ڳوٺ وڃي.
فريد پور، شهه مريد جو ڳوٺ آهي. هتي جي آبهوا، فصل، وڻ، ماڻهن جي محبت نفرت ۽ طبيعت ۾ جوش سڀ ڪجهه سنڌ جي زمين جهڙو ئي آهي. سرائڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. جنهن جي مٺاس جو پنهنجو سرور آهي. فريد پور جي ٻي خصوصيت هتي شهه مريد جي مَڱ حاني آهي. جنهن جي اکين کي سدائين شهه مريد جو انتظار رهي ٿو. شهه مريد، ڪڏهن به دوستن سان حاني جو ذڪر نه ڪيو هو. نه ئي دوستن کي ڪڏهن موقعو مليو ته هڪ ٻئي جي زندگين ۾ جهاتي پائي ڏسن. نذير جي شهادت کانپوءِ شهه مريد جي طبيعت ۾ وڌيڪ مزاحمت، گهري خاموشي ۽ بيزاري اچي وئي هئي. هي هاڻ وڌيڪ تلخ ٿي ويو هو. هو انهن ماڻهن سان هڪ دم اٽڪي پوندو هو، جيڪي ڪنهن به مسئلي جو ڪو حل عام رواجي يا ڪنهن وچين رستي جي ڳالهه ڪندا هئا. هڪ دفعي ته هُن ڀري محفل ۾ مقامي ايم پي اي کي چئي ڏنو ته هن شهر جا ماڻهو اغوا ٿين ٿا ۽ جيڪي روزانو ڏوهه ٿين ٿا، تون نه ٿو ڪرائين ته ٻيو ڪير ٿو ڪرائي، هتي ته ايس ايڇ او به تنهنجي مرضي جو رکيل آهي ته ڊي پي او به تنهنجي پسند جو، ته باقي ڏوه ڪير ٿو ڪري. توهان ووٽ وٺو ٿا، انجو مان به ته رکو نه....!
هنجي اندر هاڻي پورو سچ آهي يا ڪجهه به ڪونهي. هن اڳيان رشتا ناتا هاڻي ائين آهن. سچ چوڻو ئي آهي ته پورو ۽ مڪمل چئي ڏجي. هي ڳالهه ته هنجي روح وٽان هئي، پر ڪن کي ته ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي. بهرحال هو موٽي ڳوٺ ويو. حاني ڪيترن ڏينهن کان هن لاءِ راه نهاري رهي هئي. هن کي ڏسي گل وانگر ٽڙي پئي. پهرين ته هو شهه مريد کي ڏسي خوش ٿي، پر پوءِ هن کي ائين محسوس ٿيو ته شاه مريد پنهنجي دل کان بي چين ۽ خاموش آهي. هن جي چهري جي شادابي ۽ مسڪراهٽ پهرين واري نه هئي. هن کي ڪائي ڳالهه پنهنجي اندر کان تڪليف پهچائي رهي هئي. هن معلوم ڪرڻ ٿي گهريو ته شهه مريد ائين ڇو آهي.
شاه مريد جي گهر پهچڻ ڪري هن جي امان ۽ بابا ۾ به سرهاڻ اچي وئي هئي، گهر ۾ڪيترن ڏينهن جي خاموشي کانپوءِ رونق اچي وئي هئي.
“شهه مريد هاڻي جو آيو آهين ته منهنجي دل ڏانهن ڏس، منهنجي خوشي خاطر ئي صحي شادي ڪر” هن جي امڙ مو قعو ڏسي هن کي چيو، حاني جا گهر وارا به چون ٿا ته پنهنجي ڇوڪري پرڻائي وڃو، ڪو وقت هو، جو تون راضي هئين ته هو راضي نه هئا، ته ڇوڪري پنهنجي تعليم پوري ڪري ۽ هاڻ هو راضي آهن ته تون خاموش آهين. مونکي ته هاڻ تنهنجي شادي ڪرائڻي آهي. تون رڳو ٻڌاءِ ته ڏينهن ڪهڙو رکون.”
هن جي امڙ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، ڪافي عرصي کان هن کي ان گهڙي جو انتظار هو. هن کي پنهنجي پٽ شهه مريد تي هميشه فخر رهيو آهي. مريد جي شرافت ڪري هن کي پوري شهر ۾عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. شهه مريد جي امڙ فخر سان چوندي آهي ته منهنجي گهر ۾ ڪتابن جي برڪت آهي. هو اسان لاءِ نه، علم لاءِ پيدا ٿيو آهي. شادي جو ته هن کي ڪو فڪر ئي ڪونهي. ڪو وقت هو ته هو پنهنجي امڙ کان هڪ پل به پري نه رهي سگهندو هو. امڙ ئي هنجي درسگاه هئي ته هن جي راه به ته روشني به، امڙ به هن کانسواءِ اڌوري هئي. پر هن کي ڪتابن ۾ ڏسي خوش ٿيندي هئي. مريد سڄو ڏينهن ڇا پيو پڙهي ۽ ڇا پيو سوچي. ان کان وڌيڪ دلي سڪون هن لاءِ اهو هو ته هو ڪتابن ۾ آهي ۽ پڙهڻ ۾ مشغول آهي. هن کي پڙهندي ڏسي هنجي من کي راحت ۽ دل کي سڪون ملندو هو. هر ماءُ جيان پوءِ چاهي امير هجي يا غريب انجو ڪهڙو به درجو يا ڪلاس هجي. پنهنجي پٽ لاءِ ائين خواب ڏسندي آهي. پڙهندو ڏسي حرارت محسوس ڪري ٿي ۽ نه پڙهندي رنج ۽ ڏک محسوس ڪري ٿي.
شهه مريد لاءِ ته امڙ دعائون گهرندي هئي. هنجي پوري ڄمار لاءِ ته، هن کي ڪا نهنڊ به نه اچي. هنجي ڪپڙي لٽي. کاڌي پيتي جو بي حد خيال رکندي هئي. هو شهه مريد جي واپسي جي اوسيئڙي ۾ هميشه در ۾ اکيون اٽڪايو ويٺي هوندي هئي. شهه مريد جي امڙ هڪ پرخلوص ۽ نيڪ دل عورت هئي. جنهن پنهنجي اولاد کي سيکاريو ته “ماڻهو کي ورهائي تقسيم ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي ماڻهو جي نيڪي کي ڪنهن مذهب جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. اميري رڳو پئسي سان حاصل ناهي ٿيندي، راحت ڀري زندگي ڪنهن جو سهارو ٿيڻ ڪري حاصل ٿئي ٿي.”
شهه مريد جي امڙ چوندي آهي ته، “ٻج جو ننڍڙو داڻو پاڻ کي ماري ڇاڇا ڏئي ٿو. قدرت جي سخاوت جي ته ڪا حد ڪانهي. هي عقل جي ڳالهه ناهي، ته قدرت لاءِ احترام جا ٻه جملا به نه چئون. هي ته انسان جي احسان فراموشي چئبي.”
اهڙي امڙ جي اڳيان شهه مريد لاءِ مشڪل هو ته انجي دل کي ڪو صدمو پهچائي. پر جيڪا ڳالهه شهه مريد جي دل ۾ آهي پنهنجي امڙ کان پهرين حاني کي سمجهائي. جو هن ڳالهه جو تعلق حاني سان آهي. شهه مريد، امڙ کي دلاسو ڏيندي چيو، امان مان اڃان اتي ئي آهيان، شادي جي تاريخ حالي طئي نه ٿا ڪيون، مان پوءِ توهان کي پاڻ ٻڌائيندس.
مارچ جي نيم گرم شام جا 7ٿي رهيا هئا. شهه مريد ۽ حاني گهر جي ڇت تي رکيل کٽ ٿي ويٺا هئا. سج پنهنجو سفر پورو ڪري غوطي هڻڻ جي تياري ۾ هو. هلڪي سرخي آسمان تي ڦهليل هئي. پکين جون قطارون هڪٻئي جي پويان آيون ويون پئي. حياتي ۾ ڪيئي ڀيرا هي منظر هنن ڏٺاهئا پر اڄ هي منظر هنن ٻنهي لاءِ مختلف هو. حاني لاءِ هي منظر خواب جيان ٿي لڳو، جيڪو حقيقت جو روپ وٺي هن اڳيان هو. شهه مريد هن جي ڀر ۾ ويٺو آهي، هن جي ساه کڻڻ کي به هو محسوس ڪري رهي هئي. شهه مريد جي پيار جي عيوض هن پنهنجي حياتي جا پل هن کي ياد ڪندي گذاريا هئا. هن اڪيلائي ۾ هن کي سجده ڪيا هئا. هو هنجي ڀر ۾ هجي هن سدائين ائين ته چاهيو هو. هن کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي.
شهه مريد لاءِ هي منظر هڪ قسم جو خوف پيدا ڪري ٿو، هو پنهنجي ڏڪندڙ دل سان سوچي ٿو ته حاني هن جي ڳالهه کي نه سمجهيو ته ڇا ٿيندو ۽ پنهنجن خدشن جي خوف کان حاني کي ڪنهن روحاني عذاب ۾ ته مبتلا نه ڪندو. ڇو ته ڪنهن جي محبت کي ممڪن ۽ ناممڪن جي خيال کان ڏسڻ، محبت جي نعمت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي. محبت لاءِ ڪو عذر نه ٿو هجي. بلڪه پاڻ کي خوشنصيب سمجهي انجو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي. شهه مريد شديد ڏک ۽ مشڪل واري حالت ۾ هو.
شهه مريد، پنهنجي اندر جي تڪليف کي هڪ پاسي ڪري حاني کي چوي ٿو.
حاني! مونکي ڪجهه گهڙيون ڌيان ڏئي ُٻڌ. مان توسان جيڪا ڳالهه ڪيان ٿو انجو تعلق اسان ٻنهي ۽ خاص طرح توسان آهي ۽ تنهنجي زندگي سان آهي، جيڪا مونکي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عزيز ۽ پياري آهي.
حاني، ڌيان ڏئي شهه مريد جي ڳالهه ٻڌي ٿي.
شهه مريد، “جنهن سان ماڻهو محبت ڪندو آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ غمگين ۽ ڏکارو ڏسڻ نه چاهيندو آهي. اهڙو ڪو بد بخت ماڻهو هوندو جيڪو پيار ڪرڻ جي دعوا ڪري ۽ پوءِ ان لاءِ مشڪلات پيدا ڪري. اهي ماڻهو سدائين پيار لاءِ ترسندا رهندا آهن، جن کي پيار لفظ جي معني ۽ مفهوم جي به خبر ڪانهي.
مان سچ چوان ٿو ته پيار ڪائنات جي سمورن انساني گڻن مان افضل، لامحدود ۽ بي زر هجي ٿو. منهنجو تون حصو آهين توکانسواءِ مان اڻ پورو ۽ اڌورو آهيان.
پر جيڪا زميني حقيقت آهي ان کان به مان غافل ناهيان. ڪجهه سال اڳ جڏهن مان خيالن ۽ نظرين جي طاقت ۽ انجي حقيقت کان واقف نه هئس ته نماڻي ڏاند وانگر هئس. جيڪو ڪنهن به ڳالهه جي ڪا پرواه ڪرڻ کانسواءِ مالڪ جي اشارن تي پيو هلندو آهي. پر پوءِ زندگي ۾ اهڙو موقعو به آيو، جيڪو شايد قدرت طرفان طئي ٿيل هو. منهنجو ايمان آهي ته انسان جي راهه تلاش ڪرڻ ۾ قدرت جو خاص تعاون هجي ٿو. هر انسان پنهنجي پنهنجي وقت جي انتطار ۾ هوندو آهي. اهو وقت ۽ لمحو ايندي ئي قدرت جو فيصلو نڪري نروار ٿي بيهي ٿو. منهنجو به شايد وقت اچي ويو هو. منهنجي اڳيان سادين اکڙين وارو، نوراني شبيهه ۽ عظمت جي بلندين تي پهتل شخص نذير جي نالي وارو سامهون اچي بيٺو. هن ماڻهو جو رشتو زمين ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن سان ايتري قدر گهرو، پختو ۽ ايمان تي ٻڌل هو، جو هي ظالم جي اڳيان به سچ واري ڳالهه تي بيٺو رهيو ۽ ماڻهن جي حقن ۽ آزادي جي ڳالهه ڪندو رهيو. پنهنجن لفظن کان هڪ انچ به نه هٽيو. هنجي ڳالهين جي خوف کان پاڪستان جي فوجين جنهن جي سينن تي جرعت جا تمغا لڳل آهن، هڪ معصوم شهري جو خون ڪيو.
نذير، منهنجي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. ماڻهو پنهنجي مقصد لاءِ جان ڏئي اها ڪيفيت چرائپ جي ڪانهي جو ڪوبه ديوانو پنهنجي اندر ۽ پنهنجي دماغ کان ڪنهن مرض ۾ مبتلا هجي ٿو، پر انجي باوجود به هو ڪڏهن مرڻ نه چاهيندو. اُهي ماڻهو جيڪي فوجي سلاخن ۾ يا آزادي واري جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿين ٿا، اُهي پنهنجي دل ۽ دماغ کان زمين سان جڙيل ۽ آزاد فضائن ۾ ساهه کڻڻ جا عادي هوندا آهن. مون جيئن چيو ته هر ماڻهو جو پنهنجو وقت هجي ٿو، جيڪو مهل ۽ موقعي جي انتظار ۾ رهي ٿو. منهنجو مقرر وقت به نذير جي روپ ۾ منهنجي سامهون اچي بيٺو. هن جي لفظن جي تاثير ۽ سادگي منهنجي اندر کي جاڳائيندي، هن لاءِ عزت ۽ احترام وڌائيندي وئي. هن ڪو ايڏو ڏکيو به نه پئي ڳالهايو. پر هن جيڪو ڳالهايو پئي اهو ڄڻ ٻارن جي آکاڻي وانگر هو. دلچسپ ۽ معني سان بهرپور. هن جي حق شناسي مونکي پيرن، مولوين ۽ صوفين کان به وڌيڪ معني خيز ۽ حقيقي لڳي. هن جي ڳالهين جو مرڪز ڪو ٻيو ڪو نه هو مان ئي هئس. مونکي کي ئي هو تلاش ڪري رهيو هو، تراشي رهيو هو. هنجي لفظن م ڪو جادو به ڪونه هو، پر اهڙا لفظ هئا جيڪي فراموش ڪرڻ جهڙا ناهن. هن شخص منهنجي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. ان ڏينهن کانپوءِ مان ته قدرت جو انقلاب جو اهڙو ديوانو ٿي ويس جو ان کان ٻاهر ڪجهه سوچيم ئي نه ٿي. مان اهڙو خيال ٿي ويس جنهن جي گهرائي ۾ رڳو موتي ئي موتي هئا.
هنجي صحبت ۾ مون آزادي جو خوبصورت چهرو ڏٺو .
حاني، توکي خبر آهي آزادي ڇا آهي؟
تو لاءِ هي لفظ نئون نه هوندو، پر جيئن ته هي لفظ انسان جو ڌيان چاهي ٿو، ان کانسواءِ هن کي سمجهي نه ٿو سگهجي، مون جيئن چيو مان ته نماڻي ڏاند واري زندگي گذاري پئي، نذير مونکي هن لفظ ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ هن لفظ جي گهرائي کي منهنجي من ۾ لاٿو ته مان تڏهن کان پنهنجي هٿان پاڻ کي ڳولي لڌو. ان کان اڳ مون سمجهيو هو ته انسان جون رسمي ڳالهيون، انهن جا هڪٻئي سان بغض ڀريا رويا، انهن جي غربت، بيماني، نالي ۽ ناموس خاطر حياتين کي قربان ڪرڻ ۽ سمورين خرابين جو ذميوار هو پاڻ ۽ سندس عمل آهي. انجو ٻيو ڪو ذميوار ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هو ته پاڻ پنهنجي هٿن سان سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي. هي سڌ مونکي گهڻو دير سان ۽ نذير جي ڪري ئي حاصل ٿي ته دراصل، سڀني بد ڪارين جو ذميوار انسان نه پر طبقن ۾ ورهايل سماج آهي. ڪو به انسان فطرتن خراب ناهي هوندو، انسان جي لالچ ۽ انجي لا محدود بک ان کي قدرت جي قانونن ۽ ان جي حسناڪين کان گهڻو ڏور ڪري ڇڏي ٿي. جنهن کانپوءِ ئي هن جي اندر شيطانيت پنهنجو ديرو ڄمائي ٿي ۽ آخر ڪار هي انهن سڀ ذميوارين کان آجو ٿي وڃي ٿو جيڪي قدرت هن مٿان لاڳو ڪيون هيون. هي انسان مان وحشي ٿي پوي ٿو. اهڙي حالت ۾، انسان ۽ سماج ۾ انقلاب جي ضرورت پوي ٿي. هن کي نئين طرح سان آزاد ڪرڻ جي ضرورت آهي.
حاني، مان هاڻي مختلف قسم جو انسان آهيان، نذير جي شهادت کانپوءِ منهنجي اندر جو باغي روح وڌيڪ مزاحمت ڪار ۽ سماج جي فرسوده رسمن ۽ ريتن خلاف وڌيڪ مهاڏي اٽڪائڻ وارو ٿي ويو آهي. هن موقعي تي منهنجو اهو رويو مون لاءِ کوڙ ساريون مشڪلات کڻي اچي سگهي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هي جنگ آزادي جي جنگ آهي، جنهن جي قيمت سر جو سودو آهي. مون لاءِ قدرت جو اهو ئي فيصلو آهي.
تون منهنجي ڳالهه سمجهي رهي آهين نه.
مان هتي توکي اها ڳالهه سمجهائڻ آيو آهيان ته، مان هتي ڪجهه ڏينهن رهي هتان هليو ويندس. منهنجي منزل جو سفر طويل ۽ ڪٺن آهي. هي سفر ڪيترن جنمن تائين به طويل ٿي سگهي ٿو. پر مان توکي ڪنهن آسري ۾ نه ٿو رکڻ چاهيان. مان توسان واقعي به بي انتها پيار ڪيان ٿو. ان پيار جي تقاضا آهي، ته تنهنجي حصي جون تڪليفون به مان پنهنجي سَر کڻان. مان توکي ڪنهن معمولي تڪليف ۾ به ڏسڻ نه ٿو چاهيان. توکي آزاد فضائن ۾ مهڪندي ۽ مرڪندي ۽ زندگي ۾ وڌندي ويجهندي ڏسڻ چاهيان ٿو.
مان توکي پاڻ کان آزاد ڪيان ٿو، مونکي پنهنجي راهه وڃڻ ڏي.
مونکي ڀاڀي فريده جو چهرو ياد اچي ٿو. جيڪو طويل انتظار، ايجنسين، پوليس ۽ ڪيترن ئي بي حس ماڻهن جي بي ڍنگي رويي ڪري ڪومائجي ويو هو. مونکي معصوم مارئي جو ٻالڪپڻ ۽ انجي بابا نذير جو وڇوڙو ياد اچي ٿو.
مان نه ٿو چاهيان ته هن بي رحم دنيا ۾ تنهنجو حال به انهن جهڙو ٿئي.
مان پنهنجي روح کي پنهنجن تنهائين ڏانهن موٽي وڃڻ جو چوندس، پر توکي ڪنهن تڪليف ۾ ڏسي شايد منهنجو روح اهو برداشت نه ڪري ۽ گهري ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا ٿي وڃي.
حاني مان تنهنجو آهيان پر توکي شادي جي ٻنڌڻ کان آزاد ڪيان ٿو.
مان توسان شادي نه ٿو ڪري سگهان.
حاني مونکي معاف ڪري ڇڏجان.”
شهه مريد جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اچن ٿيون. شديد ڏک ڪري هن جو آواز ڌيمو ٿي ويو وڃي ٿو. هنجي ڳالهائڻ ۾ ڪو ربط نه هئڻ ڪري هو وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. هو اٿي بيهي ٿو، حاني ڏانهن ڏسي ٿو . هنجي چهري کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي، هنجي نرڙ کي جيون جي پهرين ۽ آخري چُمي ڏئي، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو ڇت تان هيٺ لهي وڃي ٿو.
حاني هن اوچتي تبديلي لاءِ ته تيار ئي نه هئي. هو ته خوابن جي دنيا ۾ گم هئي.شهه مريد جي اُن فيصلي سان، هو ڄڻ ساڳي واٽ مان ويندي هڪ دم موٽي پئي هئي.هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
حاني، بي جان مورت بنجي وڃي ٿي ۽ سندس دل اداسي سان ڀرجي وڃي ٿي. شهه مريد ڪنهن مهل هيٺ لهي ويو هن کي اها به ُسڌ نه رهي. هو روح کان ڏڪي وئي هئي. پر وري هن پاڻ کي سنڀاليو، سوچڻ لڳي. هن شهه مريد سان پيار ڪيو آهي. انتي هنجو ڀروسو آهي، حاني لاءِ ڪيئن ممڪن آهي ته هو شهه مريد جي مرضي تي هلي. هن ساڻس پيار ڪيو هو. ان پيار جو مفهوم آهي، ته شهه مريد جيئن آهي جهڙو آهي منهنجوآهي. مون کي ان ڳالهه سان ڪو سروڪار ڪونهي، ته شاه مريد سڀاڻي ڪيئن هوندو يا امڪاني حادثن ڪري اسين ڪجهه مختلف ٿي وينداسين. پيار ته ماڻهو سان هجي ٿو انجي ماضي، حال يا امڪانن سان ته نٿو هجي. شهه مريد جن تڪليفن جي ڳالهه ڪري پيو، روهيءَ ۾ رهڻ کان ته وڌيڪ نه هونديون. اسان جا پير روهيءَ جي ڪنڊن سان ته اڳ ئي زخمي آهن. پيار ته، مرحم هجي ٿو پيرن جي زخم ۽ پيار جي پنڌ لاءِ . اهو ته پيار مٿان کلڻ آهي ته مان پيار ڪيان ٿو توسان، پر وڃي ُسکي ٿيان ڪنهن ٻئي سان. مان ڪا پهرين عورت ته ناهيان جنهن پنهنجي مڙس ۽ ٻارن لاءِ ڪشٽ نه کنيا هجن. هتي روهيءَ ۾ رهڻ وڏو ڪشٽ آهي ته پوءِ ماڻهو روهيءَ ڇڏي ويا آهن ڇا؟ محبت آهي ئي ڪشٽ سَهڻ جو نالو. منهنجي نالي سان هاڻي شهه مريد جو نالو جڙيل آهي. مان ڪنهن ٻئي جي ڪيئن ٿي سگهان ٿي. مان پنهنجي اندر ۾ ايتري به ڪمزور ناهيان، جو شهه مريد جي ٻاراڻي فيصلي کي مڃين وٺان. هن کي جي ان ڳالهه جي پرواه ڪانهي ته نه هجي، مان هن سان گڏ جيئڻ، مرڻ جو وچن ڪيو آهي.
هي ٻين ماڻهن کان ڪيترو به مختلف هجي ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جي آزادي سان پيار ڪندو هجي پر منهنجو پيار ته هر شي کان بالاتر آهي. اهو ته اسانجن خواهشن ۽ ارادن کان به گهڻو مٿاهون هجي ٿو. هو سمجهي ٿو ته انقلابي جنگ رڳو هٿيارن سان وڙهي ويندي آهي، ان پٺيان به ته پيار بيٺو هجي ٿو. هي پيار کان خالي جنگ ڪيئن کٽي سگهي ٿو. هو ٻين جي مدد ۾ يقين رکي ٿو پر پنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هو زندگيءَ جا رنج، غم، تڪليفون، مشڪلاتون، پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري ٿو، پر ان کي پنهنجي محبت، جيڪا هن سان پيار ڪري ٿي سان ونڊڻ، ورڇڻ لاءِ تيار ناهي. ڪيئن به ٿئي، هو پاڻ ڪيئن ٿو طئي ڪري سگهي. هن کي ڪو حق ڪونهي. اهو هاڻي جسمن جو، نه پر روح جي صداقت جو معاملو آهي.
هو ايتري سادگي سان ٿو چئي، ته مان تو سان شادي نه ٿو ڪري سگهان. مونکي آزاد ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ مان، هن جي ٻاراڻي سوچ ظاهر آهي. هو ته پوءِ لازوال حقيقت کان اڃان گهڻو پري بيٺل آهي، يا پوءِ ڪنهن اهڙي ذميواري کڻڻ کان خوفزده آهي. پيار ذميواري جو به ته نالو آهي. مان هنجي ۽ هو منهنجي ذميواري آهي. هو ائين ڇو نه ٿو سوچي.
هو پنهنجي روح جي صداقت ۽ پيار کي دنيا جي انقلاب سان، ڇو پيو ڀيٽ ڪري. اهو رويو ته ڪنهن اڪيلي دل جو به ٿي نه ٿو سگهي. جنهن کي ڪو پيار ڪرڻ وارو ڪونهي. اسانجون دليون ته وري به پيار جي لازوال روشنيءَ سان منور آهن. پيار جهڙي ڪامل رشتي سان جڙيل آهن. هو پاڻ کي تنها ۽ اڪيلو رکڻ چاهي ٿو پر هن جي اڪيلائپ ته اهڙي اونداهي غار وانگرٿي ويندي، جنهن کان هر ڪوپيو خوف کائيندو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جنهن ۾ هو خود رهڻ چاهي ٿو جيڪا ڳالهه انتهائي خطرناڪ ۽ ذهني اذيت سان ڀريل آهي. اهڙي خطرناڪ سفر لاءِ هن کي آءُ اڪيلو ڪيئن ٿي ڇڏي سگهان. جيتوڻيڪ مان ڄاڻان ٿي ته هو مونکان سواءِ نه رهي سگهندو. هو مٿئين دل مان ائين چوي ٿو، پر هن کي ائين به ڇو چوڻ گهرجي. دنيا ۾ قدرت ڪنهن ماڻهو لاءِ ڪنهن مخصوص لمهي ۾ پنهنجا فيصلا ڏئي ٿي ته قدرت جو اهو به ته فيصلو آهي ته اسين ٻن رخن وارو هڪ پاسو ٿي وڃون. انسان جو سڄو خيال سدائين لاءِ به ڪنهن هڪ هنڌ ٽڪي نه ٿو سگهي. هو سدائين دنيا کي بهشت بنائڻ وري خيال ۾ته نه ٿو رهي سگهي ۽ نه ئي وري دنيا کي هن باهه لڳائي آهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ هن کي فڪر آهي.
اهو ته ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي ته محبت جو به ڪو وجود هجي ٿو. منهنجو اهو انداز سادو ئي صحي پر مان ائين ڪڏهن به نه ٿي سوچي سگهان.
اهو فقط هنجو خيال آهي. هو سدائين پنهنجي اڻپوري حصي جي حاصل ۽ لاحاصل جي غم ۾ رهڻ ٿو چاهي. جي ائين آهي ته هن کي بلاشبه پنهنجو جائزو وٺڻ گهرجي. مان ڪا ايڏي پڙهي لکي به ناهيان ۽ نه ئي اُٺ ڪتابن جا پڙهيا ۽ گڏ ڪيا آهن، پر اها ڳالهه سمجهان ٿي ته، دنيا کي محبت جي وسيلي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. اها ته روح جي گهراين تائين لهي انسان کي وڌيڪ مضبوط، لافاني بڻائي ٿي. فرد جي محبت ذريعي ته انسان ڪائنات جي روح کي ڏسي ٿو. ان جي حسناڪين کان واقف ٿئي ٿو. محبت وڃائڻ جو مطلب روشني کان محروم ٿيڻ آهي. هو چوي ٿو، اهي سمورا پَل، جيڪي اسين گڏ گذاريا، ٻالڪپڻ کان هيستائين اُهي سڀ يادون. اُهي منظر، سڀ واپس ڪرڻ ڪنهنجي به وس ناهن، ته پوءِ هن لاءِ اهو ڪيئن آسان آهي ته مونکي پنهنجو پاڻ کان ڇني ڇڏي .
سماج جي پوري وزن کان منهنجي محبت جو وزن ايڏو ڀاري به ڪونهي جو نه کڻي سگهي. سماج جي بار جي ڀيٽ ۾ منهنجو پيار ته ڪک جو وزن به نه ٿو رکي. پيار وزن نه پر محسوس ڪرڻ جي ڪيفيت هجي ٿي. اهو ته راه ڏيندڙ روشني آهي. پيار ته انسان جي اندر غير معمولي صلاحيتن کي پيدا ڪري ٿو. سمورن خوف خطرن کان محفوظ ڪري ٿو. جيڪو سماج جي مختلف ماڻهن جي روين کان ملي ٿو.
حاني، پوري رات ڇَت تي تارن کي ڏسندي، پنهنجي من کي آٿت ڏيندي، پنهنجي پيار تي يقين رکندي، پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي، خبر ناهي ڪيڏي مهل سمهي رهي.
شهه مريد، پنهنجي امڙ سان به اها ڳالهه ڪئي، ته ڪن مجبورين ڪري هو حاني سان شادي نه ٿو ڪري سگهي. امڙ اها ڳالهه ُٻڌي ڄڻ سڪتي ۾ اچي وئي.
“تو ائين ڪيئن سوچيو، توکي ڪٿي ٻئي هنڌ شادي ڪرڻي آهي؟” امڙ هن کان پڇيو.
“هن کي شادي ڪرڻي ئي ڪانهي” شهه مريد امڙ کي چيو، امان مونکي پنهنجي رستي وڃڻ جي اجارت ڏي”
امڙ لاءِ اهو ڪيئن ممڪن هو ته هو شهه مريد جي ان ڳالهه تي اعتبار ڪري. هن کي اهو فلسفو سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو ته، هو پنهنجي زندگي جا ڏک سک پاڻ کڻڻ ۽ پوري حياتي اڪيلو رهڻ چاهي ٿو.
“حاني، کي شريڪ ڪرڻ سان توکي وڏي راحت ملندي. هو توسان ان قدر پيار ڪري ٿي، جنهن جو ڪو اندازو ڪونهي. مون هن کي چرين وانگر دروازي ڏانهن ڊوڙندي ڏٺو آهي، جڏهن هن کي خبر ملي ته تون اچين ٿو. امڙ کيس سمجهائيندي چيو.”
“مان سڀاڻي ماريو وڃان ته منهنجا ٻار يتيمي واري زندگي ڇو گذارن” شهه مريد، پنهنجي زندگي جا خدشا امڙ اڳيان رکي ٿو. هُن ماءُ کي چيو ته، هو نه ٿو چاهي ته
هن جي ڪري ڪا نوجوان عورت پوري حياتي ان ماڻهو جي محبت ۾ گذاري ڇڏي، جنهن وٽ هن لاءِ ڪو وقت ئي نه هجي. هي ائين نه ٿو چاهي ته ايجنسين جا ماڻهو هن جي گهر واري جي مٿي جو رئو ڇڪي اڇلين، ان کي ڌڪا ۽ گاريون ڏين يا انجي عزت نفس جي تذليل ڪن. مان ان ڳالهه جو وڌيڪ خيال ڪيان ٿو ته شادي کانپوءِ اخلاقن، فرضن، حاني سان منهنجي موجودگي بي حد ضروري آهي. مون لاءِ اها ملامت جي گهڙي هوندي ته ڪنهن به موقعي تي انجي بيماري ۾، انجي غم، خوشي ۾ مان موجود نه هجان. ان کان به وڌيڪ مان پنهنجي عمر کان به اڳ ماريو وڃان، جيئن نذير سان ٿيو ۽ انجي نتيجي ۾ حاني جي جواني کي وقت ۽ ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيان. مان ائين نه ٿو ڪري سگهان. اهڙا واقعا مون ڏٺا آهن.مان پاڻ سان اهي واقعا دهرائڻ نه ٿو چاهيان.”
“خدا جي واسطي حاني تي رحم ڪر. هوءَ توکان سواءِ مَري ويندي. مون هن جي اکين ۾ تو لاءِ بي حد پيار ڏٺو آهي. مون پنهنجي عُمر ۾ اهڙي سليقي ۽ سلوڪ واري ڇوڪري ناهي ڏٺي.” امڙ منٿن واري انداز ۾ شهه مريد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
“امان تون ته مونکان واقف آهين. مون توکان ته سکيو آهي ته قرباني سڀ کان اُتم جذبو آهي. مونکي پنهنجي راه وڃڻ ڏيو ۽ حاني کي به اها ڳالهه سمجهايو.
شهه مريد جي امڙ کي ڪيتري وقت تائين هن جي ڳالهين تي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته ڪو هو، اهڙو به فيصلو ڪري سگهي ٿو. هو جيڪي ڳالهيون مون سان ڪري ٿو اُهي مان حاني کي ڪيئن سمجهائي سگهنديس. حاني جڏهن اهاڳالهه ُٻڌندي ته هو ته چَري ٿي ويندي.
مان حاني جي امان کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس، حاني جا ڀائر ڇا سوچيندا، شهه مريد جي امڙ جو ته هانو ٻڏندي ٿي ويو.
“امان، حاني پڙهي لکي عورت آهي، منهنجي ڳالهه کي سمجهي ويندي” شهه مريد، امڙ جي پيرن جي ڀرسان ويهي چوي ٿو، توهان پنهنجي دل کي گهڻو ملول نه ڪيو، مان انهن موقعن کان بچڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيان پيو. منهنجي امڙ مونکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.”
اها اهڙي مشڪل گهڙي هئي جنهن جي شاه مريد کي به خبر نه هئي. ته انجا ڪهڙا نتيجا نڪرندا. هن پنهنجي خيال سان جيڪو طئي ڪيو هو. انتهائي خطرناڪ هو. هن اهو رسڪ کڻي پاڻکي ڄڻ ٻي واٽي تي اچي بيهاريو هو.
شهه مريد، بي حد روحاني تڪليف ۾ هو. هن کي اهو به احساس هو ته حاني هن سان شديد پيار ڪري ٿي، هن جي ڳالهه کي ڪيترو سمجهي ۽ برداشت ڪري سگهندي، هن کي انجو اندازو ڪونهي. ان کانپوءِ ٻيا ماڻهو ڪيئن سوچيندا، انهن مطابق اها ته بد اخلاقي آهي، ته ڪو ماڻهو ڪنهن سبب کان سواءِ پنهنجي مَڱ سان شادي کان انڪار ڪري ٿو.
پر جيئن ته شهه مريد طئي ڪري چڪو هو ۽ هر مصيبت کي ُمنهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو هو، ان ڪري هُن پنهنجي دل کي ان ڳالهه لاءِ پختو ڪيو ته هنجو فيصلو درست آهي. هو پاڻ سان گڏ ڪنهن به ٻئي کي مصيبت ۾ وجهڻ نه چاهيندو. حاني کي ته بلڪل به نه.
“مونکي ان ڳالهه جو احساس آهي ته منهنجي رستي تي تڪليفون ئي تڪليفون آهن. مان پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجن ٻارن کي اهڙن ممڪن تڪليفن کان پري رکڻ چاهيان ٿو. شهه مريد پاڻ سان ڳالهائيندو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، مونکي خبر آهي ته مان ابتي رخ ۾ هلڻ وارو ماڻهو آهيان. منهنجي حصي ۾ خوشي جا لمحا مختصر آهن. مان شادي ڪري پنهنجي ٻارن جا ڪوماڻيل ۽ زندگي کان محروم چهرا نه ٿو ڏسڻ چاهيان. مان شايد انهن کي اهو مقام به نه ڏياري سگهان، جنهن جي هو خواهش ڪندا هجن. مان شادي ڪري انهن سڀني جو خون نه ٿو ڪري سگهان.”
شهه مريد، جي امڙ، حاني جي والدين کي گهرائي انهن کي شاه مريد جي مرضي کان واقف ڪري ٿي. هنن کي چوي ٿي ته، “منهنجو پٽ ڪنهن سان به شادي ڪرڻ چاهي ئي ڪونه ٿو ته، اهڙي حالت ۾مان هن لاءِ دعائن کانسواءِ ڇا ٿي ڪري سگهان. مونکي معاف ڪجو. توهان پنهنجي نياڻي ڪنهن ٻئي هنڌ اُٿارڻ چاهيو، ته بيشڪ ائين ڪيو.”
حاني کي ان ڳالهه جو شديد ڏک ٿيو. هن به پنهنجي والدين کي چئي ڇڏيو ته هو هاڻي شهه مريد جي آهي. ٻئي ڪنهن جي ڪيئن ٿي سگهي ٿي. جي هو شادي ڪرڻ نه ٿو چاهي ته، نه ڪري، ضرورت کيس به ڪانهي.
“جڏهن سمجهو ته مان توهان تي بار آهيان، ته گولي هڻي ماري ڇڏجو.”
حاني جي امڙ پنهنجي ڌي جي اها ڪيفيت ڏسي، پنهنجي چهري کي ڳوڙهن سان تر ڪري ڇڏيو. هي بيحد تڪليف جي گهڙي آهي هڪ ماءُ لاءِ.
حاني جي امڙ، پنهنجي ڌي جي غم کي سمجهي ٿي، پر هن جي حياتي جي ويراني کي نه ٿي ڏسي سگهي. حاني، پنهنجي امڙ کي صاف چئي ٿي منهنجي سڱ ۾ شهه مريد آهي ٻيو ڪير به ٿي نه ٿو سگهي. مان دوڪان جو وکر ناهيان، جو جنهن کي وڻي ته وٺي، وڻي ته نه وٺي. بلڪه ڪو به ماڻهو دوڪان جو وکر ناهي. هو مڪمل ۽ ڪامل انسان آهي. جنهن جا پنهنجا خواب آهن ۽ دل جو مسرتون آهن. منهنجي قسمت ۾ شهه مريد سان ملڻ ناهي ته آزادي سان رهڻ جو حق هن جو به آهي .
بلڪه اهو عجيب نه آهي ته، “شاه مريد پنهنجي انقلابي فرض کي پوري ڪرڻ لاءِ پيار جو خون ڪري. زمين تي بهشت قائم ڪرڻ لاءِ پاڻ لاءِ دوزخ تيار ڪري. دنيا کي آزاد ڏسڻ جي خواب ۾ حقيقي آزادي کان محروم هجي. انسان جي روحاني خوشي ته باقي سمورين آزادين ۽ مسرتن کان وڌيڪ هجي ٿي.”
شهه مريد جي فيصلي جو سڀ کان وڌيڪ اثر حاني ورتو هو. هي پنهنجي روح کان سخت صدمي ۾ هئي. هو سوچي پئي، ته ماڻهو به شايد هن کي ئي ُبرو سمجهن. هر ماڻهو ائين سمجهندو ته حاني ۾ ڪا خرابي هوندي، جنهن ڪري شهه مريد مجبور ٿي مڱڻو ختم ڪيو. حاني، پنهنجي اخلاقي سڃاڻپ ڪري به تڪليف ۾ هئي. حاني ڪافي ڏينهن کان خاموش هئي. هن جي من کي بي چيني ورائي وئي هئي. هي پنهنجي روح کان ڀَڄي ُڀري پئي هئي. روحاني تڪليف ڪنهن به عذاب کان وڌيڪ ايذاءُ ڏيندڙ هجي ٿي. جيتري وڌيڪ محسوس ڪجي ٿي اوتري گهري ٿيندي وڃي ٿي.
حاني، هاڻ ڪنهن به ڳالهه تي خوش ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. اوجاڳي هن جي اکين مٿان قبضو ڪري ورتو آهي. هن جيڪي شهه مريد سان زندگي گذارڻ جا خواب ڏٺا هئا اُهي ذرو ذرو ٿي ويا. هو پنهنجي خوابن جي سامهون حقير ۽ ڪمزور ٿي وئي هئي. جنهن سان هن کي وڌيڪ روحاني تڪليف ٿئي پئي.
شام ٿيڻ ۾ اڃان به چار ڪلاڪ هئا، جو حاني جي گهر مان چيخن ۽ رڙين جا آواز آيا. جيڪي پوءِ ويا تيز ٿيندا ۽ وڌندا. شهه مريد جي امڙ کي ڪنهن اچي ٻڌايو ته، “حاني پکي سان رسو ٻڌي خود ڪشي ڪري ڇڏي.” هن زندگي جو دروازو ئي بند ڪري ڇڏيو، جتان ڪڏهن شهه مريد جي گذرڻ جي اميد هئي.
شهه مريد مٿان ڄڻ آسمان جي بجلي اچي ڪري. هو پاڳلن وانگر رڙيون ڪندو ان ڪمري جي در تي اچي بيٺو. جتي هنجي سامهون حاني پنهنجن سمورن خوابن سميت لٽڪيل هئي. شهه مريد بت بڻيو حاني کي ڏسندو رهيو. هن وٽ ڳالهائڻ ۽ ڪجهه چوڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. هن لاءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. هن يا ته رڙيون ٿي ڪيون يا مڪمل خاموش هو.
حاني، زمين جو متبرڪ حصو ٿي وڃڻ جي باوجود، شهه مريد اڳيان هر وقت موجود آهي.شهه مريد جون اکيون هر وقت حاني کي ڏسن ٿيون. هن ڪيفيت، هنجي زندگي جي سمورن مقصدن ۽ آدرشن کي ڪڍي ڇڪي ٻاهر اُڇلي ڇڏيو .
شهه مريد، کي اڄ چوٿون ڏينهن هو. هو خاموش آهي يا رڙيون ڪري روئي ٿو. ائين پنجن مهينن تائين، شهه مريد جو دوستن سان ڪوبه رابطو نه هو، تيرٿ جڏهن سندس گهر وارن سان رابطو ڪيو، تڏهن هن کي ان واقعي جي خبر پئي .
تيرٿ، هن سان هنجي ڳوٺ فريد پور ملڻ آيو آهي. پر هو ڳوٺ ۾موجود نه هو، کيس ٻڌايو ويو ته، “شهه مريد هاڻي نارمل انسان نه آهي. حاني جي موت کانپوءِ ان جي زندگي مان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. هاڻي هو ُبت آهي. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي”
پر تيرٿ کي ڪنهن ٻڌايو ته عارف والا شهر ۾ ڪنهن بزرگ جي مزار آهي اتي ويندو آهي. شايد اتي کيس ملي وڃي. تيرٿ عارف والا مزار تي پهچي ٿو. ڪنهن ملنگ فقير کان شهه مريد جو معلوم ڪري ٿو. ملنگ فقير تيرٿ کي ٻڌائي ٿو، ته شهه مريد ڪافي عرصي تائين هتي ايندو هو. اچي منهنجي ڀرسان وهندو هو اڄ کان مهينو اڳ به هتي آيو هو، پر هو ڪافي بدليل هو. پهرين جڏهن به ايندو هو ته، ڪافي دير خاموش ويٺو هوندو هو. هن کي ڪا گهري چوٽ لڳل هئي، پر پوءِ مون هن کان پڇيو ته تنهنجي روح کي ڪهڙي ڳالهه جي تڪليف آهي، ڇو ته هتي اهي ئي ماڻهو اچن ٿا جيڪي دنيا جا ۽ ماڻهن جا ڌڪاريل يا دلي طور ڏکارا هجن ٿا. هو ڪجهه گهڙي خاموش رهڻ کانپوءِ پنهنجي چهري کي ٻانهن ۾ هڻي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. مون هن کي روئڻ ڏنو ته جيئن هي پنهنجو من هلڪو ڪري. ان کانپوءِ هن چيو، “منهنجا هٿ حاني جي خون سان رنڱيل آهن. مان گنهگار آهيان. منهنجو روح هميشه حاني اڳيان گنهگار رهندو. مان اقرار ڪيان ٿو ته مان پنهنجي ذات جي انديشن ۽ خوف کان هڪ زنده وجود جو خون ڪيو. جيڪا منهنجي قدمن جي آهٽ ُٻڌي ٻار جيان ڊوڙندي ايندي هئي. مون سدائين هن کي پنهنجي اردگرد ڏٺو پر انجي باوجود مان ڪنهن ٻي منزل جي تلاش ۾ رهيس. هنجو چهرو جڏهن مون پنهنجن هٿن ۾ ورتو هو ته سڄو پيلو ٿي ويو هو. هن جو اکيون مون ڏانهن کليل هيون. منهنجا هٿ ڏڪيا ٿي. مان هن کي سڏي رهيو هئس. هن ڪوبه آواز نه ٿي ڏنو.”
ملنگ بابا چيو، “اوچتو هو اٿي بيٺو. هن چيو مان هاڻ هتي ٻيهر نه ايندس.
مان اڄ اقرار ڪري پاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو. مان وڌيڪ دير هتي ترسي نه ٿو سگهان،” شهه مريد ائين چئي اٿي ويو.
“ڪيڏانهن ويو ڪا خبر ناهي”
“تون جي انجو دوست آهين، ته هاڻي هن کي وساري ڇڏ.”
“ شهه مريد هاڻي ڪنهن جو به ناهي
هو حاني جو آهي يا گهري نيري آسمان جو.”