ڪئمببل اسٽريٽ، تون سڏڪي ڇو رهين آهين؟
سائره، تيرٿ کي اڄ پنهنجي فيملي سان مِلائڻ جي دعوت ڏني. هُن جو والد بي حد شريف صفت انسان آهي. جنهن پنهنجي زندگي ٻن شهرن جي وچ ۾ رهي گذاري. ٻنهي شهرن لاءِ هن وٽ بي پناه عزت ۽ محبت آهي. هو پنهنجي ماضي ۽ پنهنجي شهر نئون ڪوٽ کي ڪڏهن جو وساري ڇڏي ها، پر هو جلدي ئي سوشلزم جو قائل ٿي ويو ۽ زمين جي هر ذري، هر ماڻهو، هر شهر سان پيار ڪرڻ لڳو. جنهن مان هن کي عجيب حرارت ۽ قلبي سڪون ملندو هو. هو تيرٿ سان ائين ڀاڪر پائي مليو، ڄڻ هو سندن ئي فيملي جو فرد هو. سائره جي والد ڪافي دير تائين تيرٿ کي پنهنجي پوئتي ڇڏيل شهر نئين ڪوٽ جا پراڻا واقعا ۽ قصا ٻڌائيندو رهيو ۽ خوشيءَ جي مليل جليل ڪيفيت ۾، هَن پاڻ کي ڄڻ وساري ڇڏيو. هو ڪافي دير تائين هڪٻئي سان ڳالهائيندا رهيا. سائره جي والد تيرٿ کي ٻڌايو ته 1965ع ۾ انڊيا جي فوج پاڪستان جو بارڊر ڪراس ڪري چيلهار تائين پهتي، ته ماڻهن جي وڏي تعداد هندو توڙي مسلمان، باراني علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا، انهن مان ڪي ماڻهو ميرپورخاص ۾ ترسيا ته ڪي حيدرآباد ۽ ڪراچي هليا ويا. دراصل ايڏي وڏي پئماني تي ماڻهن جي لڏپلاڻ جو سبب هو، ته عام ماڻهو ٻنهي ملڪن جي فوج هٿان مارجي رهيو هو. انڊيا وارن عام ماڻهوءَ کي مسلمان ۽ پاڪستاني فوج جو مخبر سمجهي ٿي ماريو، ته پاڪستان جي فوج سوڍن ۽ هندن کي انڊيا جي فوج جو مخبر سمجهي ٿي قتل ڪيو. ٻنهي مذهبن جو عام ماڻهو سخت خوف ۾ ورتل هو. مونکي اڃان تائين اهو واقعو ياد آهي جڏهن چيلهار جي علائقي جا تقريبن 10 کان 15 ماڻهو، ميرپورخاص کان چيلهار پنهنجو ڇڏيل سامان کڻڻ لاءِ ويا، ته انڊيا جي فوج هٿان مارياويا. ان ماري ماري ۾ مان به پنهنجن ٻارن کي وٺي ڪراچي آيس. سائره جو جنم هتي ڪراچي ۾ ٿيو. هتي منهنجو مسيح دوست ۽ هن جي گهر واري بنارس جي ٻن ڪمرن واري گهر ۾ رهندا هئا. جنهن مان هڪ ڪمرو هنن اسانجي حوالي ڪري ڇڏيو. هنن کي ڪو اولاد ڪو نه هو. هنجو نالو فرنند مسيح هو. هو ديوان ٽيڪسٽائل مل جو ملازم هو، جتي پوءِ هنجي ڪوشش سان مونکي به نوڪري ملي.
هنن سان رهي ڪري مون سِکيو ته جاوداني جو تعلق انسان جي اندورني صداقت ۽ روح جي پاڪائي سان هجي ٿو. انسان تعصب ۽ اڻڄاڻائي ۾ جيڪو به ڪم ڪري ٿو، ان ۾ انجي روح جو ڪو دخل ناهي هوندو. هو صرف پنهنجي پيٽ جي عيوض سڀ ڪجهه ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ڪو به ماڻهو انهيءَ طرح جي زندگي گذارڻ نه چاهيندو، پر جيئن ته ان وٽ ٻيو ڪو رستو نه ٿو رهي، ته پوءِ پنهنجي سمجهه آهر هن کي جو وڻي ٿو سو ڪري گذري ٿو. هتي ئي مون پارٽي سياست ڪئي. مان پنهنجي طبقي جي ماڻهن مان ٻه ڳالهيون سِکيون. پهرين ته ڪامريڊ گهر جي ڀاتين جيان هوندا آهن. انهن جون محبتون ۽ تڪليفون ورهايل ناهن هونديون ۽ ٻيو ته پنهنجي طبقي سان وفاداري. جيڪا خصوصيت باقي پارٽين ۽ ماڻهن جي نسبت پارٽي ڪامريڊن ۾ مون وڌيڪ ڏٺي. مان محسوس ڪيان ٿو، پوءِ اهو منهنجو ذاتي خيال به ٿي سگهي ٿو، ته وفاداري واري خصوصيت هاڻي جي ڪامريڊ دوستن جي نسبت پراڻي، پارٽي ڪامريڊس ۾ وڌيڪ هئي. مونکي ياد آهي، لانڊهي جي علائقي ۾ مزدورن جي ميٽنگ هئي. تڏهن منهنجي سامهون سهڻي شبيهه وارو نوجوان ويٺو هو، جنهن پنهنجوتعارف سيد عرفان علي جي نالي سان ڪرايو. مونکي پوءِ خبر پئي، ته اهو سيد عرفان علي دراصل ڪامريڊ حسن ناصر هو. حسن ناصر سان پوءِ منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهيون. هن ماڻهو جي صحبت ۽ شاندار مثالي زندگي منهنجي تربيت ۽ ٽريڊ يونين سياست تي وڏو اثر ڇڏيو. هو عملي انسان هو. جنهن پنهنجي فيوڊل گهراڻي کي ڇڏي، مزدور طبقي جي سياست سان پاڻ کي جوڙيو ۽ ان ئي وفاداري عيوض شهادت ماڻي. هو وفادار به هو، ته پنهنجي مقصد ۾ واضع ۽ چٽو به هو.
تيرٿ، سائره جي والد جي چهري جي افسردگي کي محسوس ڪيو ۽ موضوع کي تبديل ڪرڻ خاطر کانئس پڇيو، “سنڌ ۾ ٽريڊ يونين سياست کي هاڻي ڇا ٿي ويو آهي ڪٿي نطر ئي نه ٿي اچي؟”
هو ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيائين،
“ٽريڊ يونين سياست واحد، ڪميونسٽ پارٽي ڪندي هئي” هُن اتساه مان وراڻيو، پر جڏهن ان کي قانون جي خلاف قرار ڏئي، پابندي ڪيو ويو ته انجو پهريون جهٽڪو مزدور تحريڪ کي لڳو. پنڊي سازش ڪيس به ان سلسلي جي ڪڙي هئي. اها سازش ته دراصل ڪراچي ۾، تيزي سان اُڀرندڙ مزدور تحريڪ کي ڪُچلڻ لاءِ تيار ٿي هئي. حسن ناصر جي شهادت جو سبب ڪراچي اندر مزدور تحريڪ جو سگهارو ٿيڻ هو. ٽريڊ يونين سياست جا مرڪز هن ملڪ ۾ هون به ٿورا هئا، ڇو ته بنيادي طور هيءُ ملڪ زرعي پيداوار وارو ملڪ آهي. هتي وڏي انڊسٽري سواءِ ڪجهه فيڪٽرين جي ٻي ته آهي ڪانه. ان وقت ٻيڙي مزدور يونين ۾ پارٽي ڪم ڪيو، ته هڪ چڱو خاصو گروپ اُڀري آيو، پر بنيادي ڳالهه ته ٽريد يونين سياست جو دائرو مختصر هو. ٻيو ته پاڪستان جي وجود کانپوءِ ملڪ اندر مذهبي نيشنلزم کي وڌايو ويو، ڇو ته ان پويان رياست جا مفاد هئا. انڊيا دشمني ۾ هنن کي ائين ڪرڻو ٿي پيو، ته جيئن ملڪ اندر فوج جي حڪمراني جو جواز مستقل رهي. جنهن ڪري هر طرف مذهبن، نسلن ۽ قومن جي سياست ٿيڻ لڳي. پر انجي باوجود ضرور ڪي خاميون آهن، جنهن ڪارڻ هيءَ تحريڪ اڳتي وڌي نه سگهي. توهان نوجوان آهيو، ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو ته شايد ڀرجي وڃي.”
“اچو بابا هاڻي ماني کائو، ماني تيار آهي” سائره کين چيو.
سائره جي والد ماني کائڻ لاءِ اٿڻ کان پهرين تيرٿ کي چيو، “گهڙي کن جي گفتگو ۾ مون پنهنجي اندر بي انتها راحت ۽ خوشي محسوس ڪئي آهي. اهو شايد ان ڪري به جو اسانجو تعلق هڪ ئي مٽيءِ ۽ هڪ ئي شهر سان آهي. منهنجي خيال ۾ دل کي راحت پهچائڻ جو تعلق انسان جي پنهنجي سڀاءُ ۽ پنهنجي مقصد سان وفاداري ۾ به هجي ٿو. مون ماڻهن کي ويجهڙائي کان ڏٺو آهي. ڪيترن ماڻهن کي مون ان نعمت کان محروم ڏٺو. جن ۾ پارٽي جا ڪامريڊ به شامل آهن. پر جن ماڻهن ۾ اها ڳالهه موجود آهي، اڄ به زندگي جي ڪچن پڪن رستن جا مسافر آهن.”
سائره جي والد جي اکين ۾ ڳوڙها چمڪڻ لڳا. تيرٿ هن جو هٿ پڪڙيو ۽ هو ٻئي آهستي آهستي ماني جي ٽيبل ڏانهن اُٿي آيا.
هنن گڏجي ماني کاڌي ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ سائره ۽ تيرٿ واڪ ڪرڻ لاءِ فليٽ کان هيٺ لهي آيا.
سائره کيس ٻڌايو، ته هن بلڊنگ جي فليٽس ۾ رهندڙ فيمليز جون به عجيب دردناڪ اسٽوريز آهن. اسانجي ڀر واري فليٽ ۾ پارسي زال مڙس رهن ٿا. هنن جا وڏا مالابار کان هتي واپار ڪرڻ آيا ۽ پوءِ هتان جا ٿي ويا. هنن کي ٻه ٻار آهن سندن ڌي شادي ڪري لنڊن هلي وئي ۽ پٽ ٻه سال اڳ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هن کي پويان پٽ جو اولاد آهي، جنهن پيءُ جي ڇڏيل ڪاروبار کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيو. هُن معصوم کي مارڪيٽ ۾ رهندڙ چالاڪ ۽ مڪار ماڻهن جي ڪهڙي خبر. هنجي دوڪان جو مال ختم ٿيندو ويو. نئين سامان لاءِ هن وٽ پئسا نه هئا. نتيجن هُن جيڪو ڪمايو ختم ٿي ويو. هاڻي هو انتهائي اڪيلا ٿي ويا آهن. لنڊن مان سندن ڌي ڪجهه پئسا موڪلي ٿي. هنن جي خاموش گهر ۾ ڪڏهن ته رونق هئي، هاڻي بلڪل اداسي ڇانيل آهي. هڪ ماڻهو جي وڃڻ سان ڪيڏو نه فرق پوي ٿو. انسان کي زندگي جي بي رخي ۽ ڪٽورتا کي ڪيڏو برداشت ڪرڻو پوي ٿو.
ان کان مٿئين فليٽ ۾ سانگهڙ جي سنڌي زميندار فيملي رهي ٿي. جنهن ۾ هنجي زال قزبانو ۽ چار ڌيئرون شامل آهن. زميندار جون ٻه شاديون ٿيل آهن. قزبانو هن جي پهرين گهر واري آهي. هن سان ملڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿيندو، ته دنيا جي هيءَ محروم ترين عورت آهي. جنهن ُپٽ نه ڄڻي وڏو جرم ڪيو آهي. هِن کي مڙس فليٽ ڪرايي تي وٺي ڏنو آهي، پاڻ ٻي شادي ڪري ڳوٺ رهي ٿو. قزبانو هر وقت ان جرم جي احساس ۾ رهي ٿي، ته هن کي پٽ جو اولاد نه ٿيڻ ڪري هن جي مڙس ٻي شادي ڪئي آهي. هڪ عورت ائين سوچي ٿي، جيڪا پاڻ عورت ۽ نياڻين جي ماءُ آهي. مزي جي ڳالهه ته هن جي مڙس کي ٻي گهر واري مان به ٻه نياڻيون ئي آهن. هو هتي مهيني ۾ هڪ دفعو ايندو آهي، هنن کي اڻپورو خرچ ڏئي هليو ويندو آهي، سندس وڏي ڌيءَ ڪاليج ۾ پڙهڻ چاهي ٿي پر پيءُ جي اڻپوري خرچ ڏيڻ ڪري، هن کي پڙهائي جاري رکڻ ۾ ڏکائي ٿئي ٿي.سندن پيءُ کي ٻارن جي ڪائي پرواه ڪانهي. نياڻيون هن لاءِ ڄڻ انسان ئي ناهن. ُپٽ جي خواهش هُن کي جهالت ۽ ڪٺورتا جي اوڙاه ۾اڇلي ڇڏيو آهي.
انجي ڀر ۾ اُتر سنڌ کان آيل هڪ هندو ڊاڪٽر جي فيملي آهي.هُن جو پٽ انيل، جنهن جي به هڪ دردناڪ اسٽوري آهي. هُنجي ماءُ کان هڪ ڏينهن انيل جي هٿ تي گهري زخم جو پڇيو، ته سچ پچ هو گهڻي دير تائين روئندي رهي. انيل پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي هٿ تي پڪي مس سان اوم نالو لکرايو، جيئن عام طور ٻارن ۾ شوق ٿيندا آهن. هن به ائين شوق ڪيو. هن کي ڪهڙي خبر ته اهو شوق هُن لاءِ عذاب ٿي ويندو. هر اڻ واقف ماڻهو هن کي هٿ ڏئي، ته هن جي هٿ تي اوم اڪريل ڏسي، هن کي چوي تون هندو آهين؟ هر ڏينهن هن جو اهو تعارف هن جي روح کي تڪليف پهچائي رهيو هو. هو هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهيو. پڪي مس سان لکيل نالو ڊهي به نه پيو. حالانڪ هن ڪافي دفعا برش سان گسائي مِٽائڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر نالو نه مٽِيو.
انيل جو والد شهر جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو. ان وٽ هڪ دوائن جي ڪمپني جو ميڊيڪل ريپ اچي کيس هن کي مجبور ڪندو هو ته هو مريضن کي سندس ڪمپني جون دوائون لکي ڏي، پر ڊاڪٽر هنجي جعلي دوائون کپائڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي هن ڊاڪٽر کي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني. اُن ميڊيڪل ريپ ڪميڻائپ جي حد ڪري ڇڏي. هن ڊاڪٽر جي پٽ انيل تي الزام هنيو، ته انيل پنهنجي اوم لکيل هٿ سان قرآن شريف کي ڇُهيو آهي، ان طرح هن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي آهي.ميڊيڪل ريپ ڪجهه ماڻهو وٺي وڃي پوليس وٽ پهتو. پوليس، ڊاڪٽر ۽ سندس پٽ انيل کي ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي ٻنهي کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ ميڊيڪل ريپ کان پڇيو، ته تو انيل کي قرآن کي ڇُهندي ڪٿي ڏٺو. هو مختلف ڳالهيون ڪري رهيو هو. هر چئي ته مسجد ۾، هر چوي ته مسجد کان ٻاهر. پنهنجي ڳالهه کي ڪوڙو ڏسندي، هُن پوليس آفيسر کي ڌمڪي ڏني ته تون هنن کي سزا ڏين ٿو، ته ٺيڪ آهي، نه ته پوءِ اسان پاڻ ٿا فيصلو ڪيون. پوليس آفيسر خوفزده ٿي ويو. ڇو ته هي نازڪ معاملو هو. پوليس وارن کانئس پڇيو، ته تون ڪهڙو ٿو فيصلو چاهين؟ هن چيو، ته جنهن هٿ سان انيل قرآن کي ڇُهيو، جنهن تي اوم لکيل آهي، ان جو اهو هٿ وڍيو. اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. انيل جي والد يقينن پاڻ کي بيوس ۽ مجبور محسوس ڪيو. ڊاڪٽر هُن کي ٻانهون ٻڌيون. هُن جي پيرن تي ڪِري هُن کان معافي وٺڻ لڳو. ڊاڪٽر پنهنجي پٽ لاءِ ان ماڻهو اڳيان بي وس هو، جيڪو هِن کي بوگس ڪمپني جون غير معياري دوائون لکڻ تي مجبور ڪندو هو. هيءَ انتها هئي. بابا چوندو آهي ته، انسان تعصب ۽ اڻڄاڻائي ۾ جيڪو ڪم ڪري ٿو، ان ۾ انجي روح جو ڪو دخل ناهي هوندو. هو صرف پنهنجي پيٽ جي ڪري سڀ ڪجهه ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي. پر هي رڳو پيٽ جو معاملو ته نه هو. هيءَ ته ڪميڻائپ هئي. هيءَ ته حد درجي جي ناانصافي آهي. جيڪا اهو ماڻهو ڪري رهيو هو، جنهن وٽ انسانيت نالي جي ڪا شيءِ ڪانهي. هيءُ ته ڪنهنجو خون ڪرڻ جي برابر آهي. انيل جو هٿ وڍڻ معنيٰ انجو خون ڪرڻ. محض ان ڪري ته ڊاڪٽر هنجي ڪمپني جون دوائون نه لکيون. پوليس هن معاملي کي تڪڙو اُڪلائڻ پئي چاهيو. هنن کي خبر هئي، ته ڳالهه وڌي ته انجا خراب نتيجا نڪرندا. آخر وڃي اهو فيصلو ٿيو، ته انيل پنهنجي هٿ تان اوم لفظ مِٽائي. اهو لفظ ته برش رڳڙڻ سان به نه مِٽيو هو. هنن ان نشان کي بليڊ جا جهير ڏئي مِٽايو. انيل تڪليف مان دانهون ڪندو رهيو. ظالمن، اڪريل لفظ اوم کي ڇلي، ڪٽي نازڪ هٿ کي رتو رت ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ٻئي ڏينهن پنهنجو شهر ڇڏي، ڪراچي اچي رهيو. اڳئين مهيني هنن جو انڊيا شفٽ ٿيڻ جو ارادو آهي.
سائره غمزده چهري سان ڳالهائيندي خاموش ٿي وئي.
تيرٿ، سائره ڏانهن ڏٺو، جيڪا ڪنهن گهري فڪر ۾ پنڌ ڪندي ڪجهه چوڻ لاءِ سوچي رهي هئي. “هي ماڻهو جيڪي اسان سان گڏ فليٽ ۾ رهن ٿا، انهن جون ڪهاڻيون هڪ طرح سان اهو طئي ڪن ٿيون، ته اسانجو سماج ڪيڏانهن پيو وڃي!” سائره دکي دل سان تيرٿ کي چيو، تيرٿ توکي ائين ڪونه ٿو لڳي ته، “سياستدانن سان گڏو عام ماڻهو به هاڻي مڪار ۽ دوکي باز ٿيندو پيو وڃي. هنن لاءِ ووٽ وڪڻڻ ۽ ڪنهن معصوم جي هٿ جي کل لاهڻ معمول جي ڳالهه آهي.”
“ائين ته آهي. هن دنيا جا بنياد ناانصافي تي ٻڌل آهن” تيرٿ واراڻيو، هتي انسان کي اجازت آهي ته، جيئن جنهن کي وڻي تيئن ڪري. هتي طاقت جو بنياد دولت آهي. پر حيرت تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن انسان ڌين ۽ ڌرم کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري ٿو. انسان جون اهي ڪمزوريون اڳتي هلي انسان کي ذهني طرح وڌيڪ ڪمزور ڪنديون. هي ملڪ ماڻهن جو هجوم ٿيندو پيو وڃي. جنهن ۾ انسان جي نيڪي وڃائجي وئي آهي. شهر جا روڊ رستا ته هاڻي پري پري تائين ڦهلجي ويا آهن. تعليم ۽ تدريس جا ذريعا به گهڻو ڦهليا آهن. مندر، ڪليسائون ۽ مسجدون به ماڻهن سان ڀريل آهن. پر انجي باوجود انسان هڪٻئي کي حقارت سان ڏسي ٿو. وڏي مڪاري سان پنهنجي بيهودگي جو اظهار ڪري ٿو. هاڻي ماڻهو به ائين ڪن ٿا جيئن حڪمران ڪن ٿا.”
“اها هڪ قسم جي بيماري به آهي” سائره وراڻيو، اسان هر روز بيمار ٿيندا پيا وڃون. پنهنجي روح کان مري رهيا آهيون. اسانجا ضمير سطحي ٿي ويا آهن. روز مرڻ ۽ روز جيئڻ کانپوءِ انسان اندر روح جي سچائي مري وڃي ٿي. تون جي انسان جي چهرن کي پڙهڻ جو هنر ڄاڻين ٿو، ته تون محسوس ڪندو هوندين، ته ڄڻ انهن چهرن ۾ شيطان گهر ڪري ويو آهي. مونکي ڪالهه ڳوٺ جي هڪ اهڙي عورت ملي جنهن چيو ته منهنجي مڙس پنهنجي ڌيءَ عيوض ۾ ڏئي پنهنجي شادي ڪئي آهي، اها ته شرم ۽ ذلت جي ڳالهه آهي. هي ته زوال آهي. ڪيئن به هجي، مان پنهنجي اندر ۾ ڇرڪي پوان ٿي. منهنجو انسان مٿان ويساه ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو.
پڙهيل ماڻهو وري ڇا ٿا ڪن. موقعي پرست، جن جي پيٽ جو ته ڪو ترو ئي ڪونهي. وڏيرن جا نوڪر. پراڻي انگريزن جي نظام ۾ خوش رهڻ وارا ڪرپٽ سي ايس پي آفيسر، پئسي کائڻ جي مشين.” سائره جي لهجي ۾ تلخي اچي وئي هئي.
“اهو ئي ته آهي پاڪستان جو موجوده ڍانچو” تيرٿ وراڻيو. “هتي انسان جي ذات جو هڪ بحران اهو به آهي، ته هو سماج جي طئي شده لڪير کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. تيرٿ ڳالهه کي ڄڻ ختم ڪرڻ واري انداز ۾ چيو. ماڻهو ظلم کي خدائي عذاب سمجهي ويٺو آهي. ان کان اڳتي سوچڻ لاءِ تيار ڪونهي. مان جيئن آهيان، جهڙو آهيان منهنجي زندگي آهي. ان کي پنهنجي سمجهه ۽ سوچ سان گذاريان. اهو احساس تمام گهٽ ماڻهن ۾ آهي. ٻين جون عادتون ۽ رايا اپنائڻ اسانجي عادت ٿي وئي آهي. اسين ماڻهن کي اختيار ڏيندا آهيون، ته هو انهن تي ڳالهائن. ماڻهو جي ذاتي زندگي هر ماڻهو لاءِ اهم هجي ٿي، پر هتي هر ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ تي ڳالهائڻ پنهنجو حق سمجهي ٿو. ائين ڪرڻ کانپوءِ به هو ايستائين مطمئن ڪونه ٿو ٿئي، جيستائين ان ڳالهه کي سوشلائيز نه ٿو ڪري. خرابي دراصل سوشلائيز ٿيڻ کانپوءِ خطرناڪ ٿي وڃي ٿي، جيڪا سڀ کان خراب ڳالهه آهي.
مون کي ڪيئن هئڻ گهرجي، اهو منهنجي زندگيءَ جو ذاتي معاملو آهي. مونکي پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان جيئڻ گهرجي. انهي احساس کي وڌڻ گهرجي. ائين نه ٿيو ته وڏي تباهي ايندي.”
تيرٿ ۽ سائره ڳالهائيندا ڳالهائيندا گهر کان گهڻو اڳتي نڪري آيا هئا. شام جا هلڪا پاڇا رستن مٿان وري آيا هئا. دڪانن جا بلب روشن ٿيندا پئي ويا، ماڻهن جي چهل پهل اڃان به ساڳي هئي، فٽ پاٿ تي ڪجهه فقير خاموش ويٺل آهن، هو شايد پوري ڏينهن جي ٿڪاوٽ لاهي رهيا آهن. ڪجهه نوجوان تيز تيز قدم کڻندا پئي ويا. هو شايد پنهنجي والدين جي هدايت تي عمل ڪري رهيا هوندا، ته پنهنجو ڪم ختم ڪري جلدي جلدي گهر اچو. جنهن ڪري به هاڻ نوجوانن ۾ اجائي ۽ بي معني جي تيزي اچي وئي هئي، هي اهي ساڳيا روڊ رستا آهن، جتي نوجوانن جا گروپ رات جو دير تائين دڪانن جي ڏاڪڻن ۽ صندل تي ويهي چرچا ڀوڳ ڪندا هئا. پنهنجي مستقبل ۽ پنهنجي خوابن تي ڳالهائيندا هئا. پر جڏهن کان سياسي حالات تبديل ٿيا آهن، هنن فٽ پاٿن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. وقت جي بي رحمي ڪري هي فوٽ پاٿ به هاڻي نوجوانن جي ٽهڪن کان محروم آهن. هاڻي ڪوبه نوجوان هتي ويهي پنهنجا خواب شيئر ڪونه ٿو ڪري ۽ نه وري گهر کان ٻاهر نڪري ٿو. هنن جي چهرن جي مسڪراهٽ سندن ئي خوف ۾ دٻجي وئي آهي. هن ئي شهر ۾ هڪ ٻيو ڪلاس به آهي، جيڪو ڊفينس ،ڪلفٽن ۽ بحريه ۾ رهي ٿو. ملڪ جي آسوده سوسائٽي، رٽائرڊ فوجي، بيروڪريٽ سرمائيدارن جو ڪلاس جن جي شاندار تجربن ۽ صلاحيت سبب هي ملڪ هلي ٿو. هيءُ ڪلاس، ملڪ جي اقتصادي پاليسي جوڙي ٿو ۽ اها ئي پاليسي آهي جيڪا وڏين بائونڊريز اندر ٺهي ٿي ۽ اتي ئي خرچ ٿئي ٿي. هنن جي پنهنجي دنيا آهي. جنهن ۾ نيڪي به رشوت عيوض ملي ٿي. هنن جي روز مرهه جا موضوع، ڪپڙن جا اسٽائيل، فيشن، گهر جي ماڊرن ڊيڪوريشن، نئين ماڊل جي ڪار، ، دعوتن ۽ پارٽين ۾ هڪ ٻئي جي زالن جي تعريف ۽ تعلقات وغيره آهن.
.