ناول

گذري وئي برسات

هي ڪتاب “گذري وئي برسات” خوبصورت ليکڪ منظور ٿهيم جو لکيل ناول آهي. هي ڪتاب روشنائي پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿهيم جا جنهن پنهنجي ناول جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
  • 4.5/5.0
  • 4872
  • 916
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • منظور ٿھيم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گذري وئي برسات

هڪ مَئين مُسافر بي وطن

ڪراچي جو ماڻهو اڄ پورو ڏينهن شهر جي مني بسن ۾ دٻيل ۽ ٽنگيل رهيو. شهر جا ڪجهه علائقا فساد ڪري بند آهن. ٽريفڪ گهٽ هئڻ ڪري پورو لوڊ مني بسن تي اچي پيو آهي. شهر جا ڪجهه علائقا اڄ پورو ڏينهن سڙندا رهيا. نوجوان ۽ پڪي عمر جا نقاب پوش روڊن تي اچي ٽائرن، بسن ۽ دوڪانن کي ساڙي ڀوتن جيان گم ٿي پئي ويا. شهر ۾ هميشه سڀ ڪجهه اوچتو ٿيندو آهي. هر طرف مصلح دهشت گرد هوندا آهن، جن کي ڄڻ اُها اجازت هوندي آهي ته، شهر سان جيئن وڻين تيئن ڪن. ماڻهن کي مارين، دوڪانن کي لٽين، بسن کي جلائين يا جان بچائي ڀڄندڙ ڪنهن مسافر کي گوليون هڻي مارين. اهو سڀ ڪرڻ جي انهن کي اجازت آهي. شديد خوف ۾ ورتل عام ماڻهو روڊ تي هلندي ڪنهن اوچتي گولي جي خوف کان ڏهه ڏهه اکيون ڪري هلي ٿو، جڏهن ته شهر جي مالدار ماڻهن لاءِ روز جيان دهرايل هي هڪ واقعو ئي هجي ٿو. پر ڪراچي ۾ واقعا اوچتا ناهن ٿيندا. هتي هر ڪهاڻي جو پسمنظر آهي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايجنسيز آهن جن جون الڳ الڳ ذميواريون آهن. ڪراچي ۾ دراصل سرمائي ۽ انجي ڦهلاءُ تي جهيڙو آهي. ٻيا به ڪيترا جهيڙا آهن، هر ايجنسيز جي الڳ الڳ اسائنمينٽ آهي.
شهر جي فضا ڄاڻي واڻي آلوده ۽ بدبودار ڪئي وئي آهي. اڄ هڪ واقعي ڪري هر طرف ماڻهن جي چيخ پڪار، هوڪرن ۽ ايمبولنس جي سائرن جا آواز آهن. بم جي ڦاٽڻ ۽ ماڻهن جي مرڻ کانپوءِ پوري شهر مٿان آفت ڪڙڪي پئي، دنگا، فساد لٽ، مار جلاءُ گهيراءُ شهر جي ڳلين مان ڄڻ ڦٽي نڪتا. شهر جو آسمان هلڪي ناسي دوهين ڪري ڪارو ٿي ويو. شهر جي ويراني کي ڏسي ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪو فاتح لشڪر، لٽ مار ڪري سڀ ڪجهه ساڙي تباه ڪري ويو آهي.
رات جا 10 ٿي رهيا آهن. چنڊ جي روشني جي باوجود شهر ڄڻ شديد اونده ۾ ٻڏل آهي. بي چين ڪندڙ خاموشي هر طرف ڦهليل آهي. انسان جا گهرا ڪارا پاڇا شهر جي ديوارن، بند ڳلين، رستن کي خوف مان ڏسي رهيا آهن. شهر ويراني جي تصوير بڻيل آهي. هر طرف خوف۽ حيراني جا منظر آهن. فضا ۾ ٽائرن جي سڙڻ جي بدبو آهي. باه ۾ سڙيل دڪانن، مسافر گاڏين ۽ ماڻهن جي سڙي ويندڙ خوابن مان ڄڻ اڄان به دونهون نڪري رهيو آهي.
خدا هن غريب ۽ پسمانده ملڪ جي مخلوق کي هميشه اهڙي حالت ۾ ڏٺو آهي. هڪٻئي کي پٿر هڻندي، هڪٻئي جو خون ڪندي، هڪٻئي کي ساڙيندي ماريندي.
اڄ ڪلهه هي ملڪ مذهب ۽ نسل جي نالي ۾انسانن جو خون ڪرڻ ۾ رڌل آهي.
مها ڀارت ۾ لکيل آهي ته، “انسان خطرناڪ حد تائين لالچي ۽ تشدت پسند آهي” ذاتي ملڪيت، لالچ ۽ حوس هن جي روح کي ڳڙڪائيندي پئي وڃي. هو جنهن ملڪيت لاءِ پاڻ ۾ وڙهي ٿو، سا ته رهجي وڃڻي آهي. هي انسان ڪيڏو بي صبر ۽ لالچي آهي، ظلم ڄڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي.
پر جي ڏسجي ته هنن شبدن جي معنيٰ هتي بدلجي وڃي ٿي. هتي ته اهڙا بي شمار ماڻهو آهن. جن کي پنهنجي موت جي خبر ئي ناهي، ته هي ڪنهن جي گولي سان ۽ ڇاڪاڻ ماريا ويا. يا وري گهڻن کي اها خبر ناهي، ته هو حادثاتي موت مرندا يا بم جي ڦاٽڻ سان مرندا. اغوا ڪري ماريا ويندا. ڪنهن موت مار وائرس ۽ مليريا ۾ مرندا يا ان خوف ۾ مرندا، جيڪو هر وقت هنن جو پيڇو ڪندو رهي ٿو. هي سڀئي ماڻهو، ملڪيت جي جهيڙي يا پنهنجي ذاتي بغض ۾ ته نه مئا، هنن جي موت کي ڪهڙو درجو ڏجي. هي شهيد به ناهن. هنن کي ڪو گارڊ آف آنر ڏيڻ وارو به ڪونهي ۽ نه وري ايڪويهن توپن جي سلامي هنن لاءِ آهي. ته پوءِ هي شايد اهي عام شهري آهن، جن کي هي ملڪ اڃان تائين ڪا شناخت ناهي ڏئي سگهيو. هنن جا ٻار وڏا ٿي، هن ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
گوتم جا ُٻڌ ساٿي، ڪيڏا سادا هئا. جيڪي چون پيا ته، سٺو يا خراب عمل پنهنجا نتيجا خود پيدا ڪري ٿو. خراب عمل، خراب نتيجا پيدا ڪري ٿو ۽ سٺو عمل سٺا نتيجا. پر ان سماج جو ڇا ٿيندو، جنهن ۾ سٺي عمل جي گنجائش ختم ٿيندي پئي وڃي!
سنگهار ۽ شهه مريد پوري رات تيرٿ ۽ فيروز جي انتظار ۾ويهي گذاري. هي ٻئي دوست پارٽي جي ڪم سانگي لياري ويل آهن. هر طرف مرڻ مارڻ وارو ماحول آهي. هنن جي غير موجودگي سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ ماما غني سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کانپوءِ سڀني ۾ ڄڻ ساه پيو.
شهه مريد، خبر ناهي ڇو ڪراچي ۾ فسادن ڪري وڌيڪ اداس ٿي ويندو آهي. تيرٿ ۽ فيروز جي حوالي سان سنگهار کان وڌيڪ هِي پريشان هو ۽ بار بار هنن جو پڇندو رهيو. شايد هو وڌيڪ سوچي ٿو. هتي ٻهراڙي کان جيڪو به نوجوان اچي ٿو، انجي ڪيفيت شهه مريد جهڙي آهي. مقامي ماڻهوءَ کي هتي نارمل ۽ ايب نارمل زندگي جي عادت پئجي وئي آهي، پر شهه مريد شايد اڃان تائين مشڪل حالتن ۾ رهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ناهي سکي سگهيو. شهه مريد دراصل عام ماڻهن کان مختلف ۽ پنهنجي دنيا ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهي، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي، ته شهه مريد حالتن جي ڪري پريشان، نه، بلڪه پنهنجي سڃاڻپ ڪري پريشان ۽ خوفزده آهي.
شهه مريد، پنجابي نسل، جو سرائڪي ٻولي ڳالهائڻ وارو فطرتن خاموش ۽ سانوري رنگ وارو ماڻهو آهي. ننڍن صوبن ۾ هن نسل جي ماڻهن لاءِ وڏي نفرت آهي.
جنهن جو ذڪر، شهه مريد خود به پنهنجي بيچين روح سان ڪندو رهي ٿو. هن کي ان ڳالهه جي ڪا خوشي ڪانهي، ته هي پنجابي آهي. پر ڏک ان ڳالهه جو آهي، ته ماڻهو هن کي بابا فريد ۽ بلي شاه جي حوالي سان ڇو نه ٿا سڃاڻين. هن کي رولنگ ڪلاس جي حوالي سان ڇو ٿو سڃاتو وڃي. هو پنهنجي سڃاڻپ کان بيزار آهي.
شهه مريد ته پنهنجي دنيا ۾ مگن رهڻ وارو ماڻهو آهي. هو ڪڏهن به حالتن جي حساب سان ناهي هليو. هن وٽ ڪنهن لاءِ ڪا نفرت نه هجڻ جي باوجود هو پاڻ ان جو شڪار آهي. هيءَ پيڙا هن کي اندر ئي اندر کائي رهي آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن کي حرف به ناهي چيو، حقارت جي نظرن ڪارڻ هو هر ماڻهوءَ جي ڳالهه قبول ڪري وٺندو آهي. محض پنهنجي اندر جي خوف ۽ انجي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪمزوري ڪارڻ هو ائين ڪري ٿو. هو هن وقت جي ٿورو به بهادر آهي، ته پارٽي جي حوصلي ۽ انجي تربيت سبب ڪري آهي.
ڪالهه فسادن کان ڪجهه گهڙيون اڳ هو سنگهار وٽ پهچي ويو هو. پر جيڪڏهن هو هنن هنگامن ۾ڦاسي وڃي ها، ته شايد پاڻ کي سنڀالي نه سگهي ها. نسلي فسادن ۾ انسان جي آدرش کان وڌيڪ نسل ڏٺو وڃي ٿو. سنڌي، مهاجر فسادن ۾ ائين ئي سڀ ٿيو. بلڪه پوري دنيا ۾ ائين ئي ٿئي ٿو.
شهه مريد ان ڏينهن واقعي به اداس هو. هن سنگهار کي چيو، “منهنجو ساه ٿو منجهي. خوفائتا آواز پنجابي پنجابي چئي، منهنجو پيڇو ڪن ٿا.۽ ڄڻ ته اوچتو هنن جا هٿ منهنجي ڳلي مٿان ڇُري ڦيري، مونکي ڪنهن سڙڪ مٿان ڦٽو ڪري ڇڏين ٿا. مونکي محسوس ٿئي ٿو ته، ڄڻ منهنجو قتل ٿي ويو آهي.”
سنگهار، “مان ڄڻ مرده شخص آهيان. مونکي ڪراچي جي ڪنهن روڊ تان کڻي ڪنهن نديءَ ڪناري دفن ڪري اچ. منهنجي بي نام لاش کي، نه پنهنجي ديس جي مٽي نصيب ٿي، نه ڪفن. مون سمجهيو هو ته هيءَ زمين منهنجي ماءُ ۽ هيءَ پوري دنيا منهنجو وطن آهي، پر اهو ڄڻ ته اسانجي آدرش تائين محدودآهي. حقيقت ۾ ائين ناهي.”
هي ڳالهائيندو ويو، سنگهار چاهيو ٿي، ته هو ڳالهائي ۽ پنهنجي اندر جي غم کي هلڪو ڪري.
“هتي منهنجو ڪو مقام ڪونهي. منهنجي خوابن کي منهنجي نسل سان ڏٺو ٿو وڃي. انسان مِٽيءَ جي بي جان مورتين کي ٺاهي ته پوڄي ٿو، پر منهنجي ڳالهه ُٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ناهي، مان هنن ماڻهن ۾ ڇو رهان. مان زنده رهان ڇو ته مان انسان آهيان، پر مان ته ائين نه ٿو سمجهان، مونکي ته اهو حق ئي نه ٿو ڏنو وڃي. مان فرشتو ناهيان، جو هر تڪليف کي برداشت ڪري سگهان. نه مان عيسي آهيان. جنهن کي صليب تي چاڙهيائون ته به هن لفظ نه ڳالهايو. هن کي تڪليف پنهنجي جسم ۾ لڳل ڪلين ڪري نه، ماڻهن جي خاموشي ۽ روح جي ڪمزوري مان ٿي پهتي. عيسي، کي خدا جو پٽ سمجهندڙ ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه ٿي آئي. ته هي انسان آهي. سوچيندڙ، سمجهندڙ، محبت ڪندڙ ۽ نجات جو رستو ڏيکاريندڙ.”
شهه مريد، محبت ۽ رنج واري ڪيفيت مان فقط ايترو چئي سگهيو ته، “مان پنهنجي زمين تي بيٺل اهڙو شخص آهيان، جنهن جي پيرن هيٺان مٽي به انجي ناهي.”
شهه مريد ديوار کي ٺيڪ ڏئي ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ غير متوقع طور تي انتهائي درد ۽ ڏکاري آواز سان ڳائڻ شروع ڪري ٿو.

دلڙي لُٽي سهڻي يار سڄڻ
ڪَدي ُموڙ ُ ُمهار تي آ وطن

روهي دي ڪنڊي ٽالڙيان
ميڏا ڏکن ڪنان ديان والڙيان

اسان راتان ڏکان وچ چا گذاريان
روهي چا بڻاليائي ديس وطن

دلڙي لٽي سهڻي يار سڄڻ
وَسدي هاسي وِسدي ناسي
سهڻي يار دي آسي پاسي

جو دم گذري نال خوشي دي
ساڪون نکڙن ياد نه هاسي

سڻندي هاسي مٺڙيان ڳالهين
ساڪون يار سڻيندا هاسي

خــوش دل مــيڏي ڀــلڙي گــلـڙي
مينون روندي ڳل نال لا وي ميان
جهڙي ماهي نال ملاسي
روهي چا بڻاليائي ديس وطن

دلڙي لٽي سهڻي يار سڄڻ
روهي دي عجب بهار دسي
جتي مئين نماڻين دا يار وسي

اُٿي عاشق لک وي هزارتسين
هڪ مَئين ُمسافر بِي وطن

دلڙي لٽي سهڻي يار سڄڻ


شهه مريد ڪلام ختم ڪري سڏڪن ۾ پئجي وڃي ٿو. هنجي روح کي ڪا ڳالهه بار بار ستائي رهي آهي. هن پنهنجو ُمنهن ڳوڙهن سان تر ڪري ڇڏيو. هو پنهنجو منهن ٻانهن ۾لڪائي پنهنجي دل کي خدا اڳيان انصاف لاءِ پيش ڪري ٿو ڇڏي.
سنگهار، هنجي ڀر ۾ اچي ويٺو. هنجي ڪلهن تي هٿ رکي، هن کي ڪامريڊ چئي مخاطب ٿيو.
سنگهار، هن سان انتهائي پيار ۽ پنهنجائپ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
شهه مريد منهنجا دوست! “ زندگي پنهنجي طرف کان ڪجهه به طئي نه ٿي ڪري، اسان کي پاڻ پنهنجي لاءِ طئي ڪرڻو آهي. اسان کي ڪيئن هجڻ گهرجي، انجو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي. اسان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ جي ضرورت ڪانهي. تون پنهنجي اندر جي انهي ڪمزوري کي ڪڍي ڦٽو ڪر. تون ۽ مان هوا جي مخالف رخ ۾ هلڻ وارا آهيون. اسان تڪليفن مان پنهنجا رستا ٺاهيندا آهيون. اها اسان لاءِ نارمل صورتحال ناهي. هي تنهنجي سامهون جيڪو شهر آهي، تنهنجي آدرشن آڏو واري جو ڍير آهي جنهن کي توکي نئين سر تعمير ڪرڻو آهي. ان لاءِ ڪيڏو حوصلو ۽ صبر گهرجي توکي انجو احساس ۽ ادراڪ هئڻ گهرجي. تون سڀ کان الڳ ۽ مختلف آهين. توکي پاڻ ۾ ان ڳالهه جو احساس پيدا ڪرڻو آهي، ته تون اڪيلو ناهين. اسين پهرين ڪامريڊ، آهيون پوءِ ڪجهه ٻيو.”
سنگهار، شهه مريد کي محبت سان ڏسندو رهيو. شهه مريد جو ڪنڌ اڃان پنهنجن ٻاهن ۾هو ۽ هو سڏڪي رهيو هو. پر پوءِ هن ڪنڌ مٿي کنيو اکيون کوليون سنگهار کي ڀاڪر پائي روئيندو رهيو. سنگهار هن جي ڀر ۾ اوستائين ويهي رهي ٿو جيستائين هن جي من جو غبار هلڪو ٿئي ٿو.
شام ٿي چڪي آهي. رستن تي ٽريفڪ جو شور وڌي ويو آهي. شهر پنهنجن ماڻهن جو ٻليڌان ڏئي، سانت ۾ اچي ويو آهي. ڪيترن گهرن ۾ ماتم هئڻ باوجود انسان وري جيئڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. انسان ۾ واقعي به پنهنجو سڀڪجهه وڃائڻ باوجود، هن ۾ وري جيئڻ جي صلاحيت آهي. هن جي حصي ۾ اڃان ڪيترا ڏک، واقعا ۽ حادثا لکيل آهن، هن کي انجي ڪا خبر ڪانهي. هن تماشي کي جاري رکڻ واري پوشيده طاقت کي شايد اڃان اهو جاري رکڻو آهي.
خدا، به انسان جي احمقانه حرڪتن کي صبر سان ڏسي رهيو آهي. هو جي چاهي، ته انهن سڀني ماڻهن ۾ خوف ڀري سگهي ٿو، جيڪي ماڻهن جو خون ڪري رهيا آهن. سرن جي ڀٺن تي ڪم ڪندڙ عورتن ۽ ٻارن مٿان باه وسائيندڙ سج کي ڇانوري ڪرڻ جو حڪم ڏئي، ته دير ئي نه ٿئي. مزدور جي قدر زائد تي امير ٿيندڙ سرمائيدار ۽ هاري جي محنت سان لنڊن ۾ پڙهندڙ زميندار جي ٻار کي ڏسي خدا کي هاري جي ٻارن تي يقينن رحم ايندو هوندو، جي چاهي ته گهڙي ۾ سڀ ڪجهه برابر ٿي وڃي. خوراڪ جي ڪمي ۾ مرندڙ هزارين مائرن جا ٻار پنهنجن حياتين جو در بند ٿيندي ڏسن ٿا. خدا جي چاهي ته پوري حياتي انهن لاءِ زندگي جا در کولي سگهي ٿو. پر شايد، خدا، انسان جي همت ڏسڻ چاهي ٿو. هُو مٿي ويهي حڪم ڏيڻ بجاءِ انسان ۾ جيئڻ لاءِ پنهنجي اعليٰ بلندي ۽ انقلاب ڏسڻ چاهي ٿو. انسان ته خدا جي ڪامل تخليق آهي، هن کي هو ڪمزور ڪيئن ٿو ڏسي سگهي...!