ماڻهو ٺاهيو خوشي لاءِ ويو آهي
ديوار سان ٺيڪ ڏيو، ائين ويٺو آهي، ڄڻ ديوار جو حصو هجي.
هنجي ذهن ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هيون، جنهن ڪري هو ملول هو، انهيءَ جي ته خبر ناهي، پر ان قدر گهري فڪر مان لڳي پيو، ته ڪا ڳالهه آهي، جيڪا سارنگ جي دل تي بار ٿي بيٺي آهي.
“دوست ڪهڙي فڪر ۾ آهين؟ مونکي ٻڌائيندين.” فيروز، سارنگ جي ڀر ۾ ويهي کيس پڇي ٿو.
فيروز، سارنگ کي هٿ لاتو، ته هنجو جسم ڪافي گرم هو.
سارنگ توکي ته بخار آهي.
فيروز، هن کي سهارو ڏئي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر سارنگ اُٿڻ بجاءِ فيرز کي چيو، “منهنجي ڀرسان ويهه، مان بخار ڪري پريشان ناهيان.
مون ڏانهن ڏس منهنجا دوست! توکي لڳي ٿو، ته مان موت کان ڊڄان ٿو. يا ڪنهن به طرح منهنجي چهري تي اهڙي نوعيت جي ڪا ڪيفيت توکي محسوس ٿئي ٿي.”
“منهنجو روح اهڙي محبت جي لائق آهي، جنهن کي منهنجا هٿ ڪنهن به تڪليف کان بچائي نه سگهن” سارنگ فيروز جي اکين ڏانهن نهاريندي چيو
“يار! هاڻي شاعراڻيون ڳالهيون ڇڏ،ُٻڌاءِ ته ڳالهه ڇا آهي؟” فيروز، سارنگ سان مخاطب ٿيندي پڇيو،
“مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، ته مان ڇا ڪيان، توهان مونکي ڪا راه ڪڍي ڏيو.” سارنگ، زرينا جو خط فيروز حوالي ڪندي چيو،
فيروز خط دوستن اڳيان پڙهڻ شروع ڪري ٿو.
ڊيئر سارنگ!
يونيورسٽي جي زندگي جا اهم ۽ قيمتي ڏينهن مونکان اڄ تائين ناهن وسريا. مان انهن ڏينهن کي اڄ به ياد ڪري اداس ٿي وڃان ٿي. يونيورسٽي جي لان تي گرمين ۾ گهاٽي سائي وڻ هيٺان ماڻيل ٿڌي هوا جو جهوٽو، اڄ به منهنجي آسپاس رهي ٿو. توهان سان زندگي جي مختلف موضوعن تي بحث ڪري، هڪ خوشي جو احساس ٿيندو هو. بي تڪلف، انتهائي معني خيز ۽ اَتساه سان ڀريل زندگي جا اُهي ڏينهن هئا. چاندي جيان چمڪندڙ تيز اُس ۾ وڻن هيٺان روڊ جا ڪنارا ڏئي هلڻ يا وري تيز ٿڌي بارش ۾ هاسٽل جي سيڙهين تي ويهي قدرت جي سحر ۾ وڪوڙجي وڃڻ، جا پل مان اڄ به ياد رکان ٿي، ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي. قدرت جا منظر انسان جي زندگي ۾ ڪيڏا شامل آهن. ڪوشش ڪرڻ جي باوجود مان ڪجهه به وساري نه سگهي آهيان.
هي خط لکڻ کان اڳ، ڪافي دير تائين مان خاموش ويٺي پنهنجي حياتي تي سوچيو. خاموشي جا پهر ڪيڏا تڪليفده ۽ گفتگو سان ڀريل هجن ٿا. انجو اندازو مونکي پنهنجي ڪيفيت کي ڏسي ڪري ٿيو.
مان مسلسل اُن درد کي ڀوڳي رهي آهيان. جيڪو منهنجي اکين ۾ سميٽجي ائين اچي ويو آهي، جو منهنجون اکيون ڪنهن به خوشي کي ڄڻ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. مان خوف ۾ رهان ٿي. ۽ اميد جي هلڪي روشنائي کي به ڄڻ پنهنجو دشمن سمجهان ٿي. اهڙي ريت واري زندگيءَ، ڪو انسان ته نه ٿوگذاري سگهي.
منهنجي زندگي جا ڏينهن شايد ڳڻجي چڪا آهن.
منهنجي دل راحت ڪاڻ سِڪي ٿي.
منهنجي ڪيفيت به رامائڻ جي رام ونگر آهي. جيڪو سيتا کي آزاد ڪرائڻ لاءِ لڇمڻ سان گڏ، تيز بارش ۾ اونداهو ٻيلو پار ڪيو هو. تيز بارش ۽ اونداهي جي ڪري هڪ قدم به اڳتي کڻي نه ٿي سگهيو، هو کنوڻ جي تجلي تي پنهنجا قدم کڻي رهيو هو. کنوڻ ختم ٿيڻ سان وري بيهي ٿي رهيو. وري کنوڻ جو چمڪو ٿيو ٿي، ته هنن قدم کنيا پئي. پوري رات هنن ائين سفر ڪيو. تڏهن رام، لڇمڻ کي چيو هو، زندگي به هن اونداهي ٻيلي وانگر آهي. جنهن ۾ انسان جي نيڪي، هن کنوڻ جيان چمڪي ٿي. اسانجي من کي روشن ڪري ٿي. جنهن مان اسان پنهنجا رستا ٺاهيون ٿا.
هتي مونسان ته اڃان به انوکو معاملو آهي. منهنجي من جي روشني مونکي اڃان ڪو رستو نه پئي ڏيکاري. چئني طرف خوف جا پاڇا آهن. هن خوف ۾ ته مان ساه به نه ٿي کڻي سگهان. هر طرف خوف جو سلسلو ۽ عملداري آهي.
جڏهن مون توهان سان پنهنجي رشتي جو ذڪر امان سان ڪيو، ته هوءَ هڪدم خاموش ٿي وئي. امان جي خاموشيءَ مان سخت خوف محسوس پئي ٿيو. مون سدائين خاموشيءَ مان بصيرت حاصل ڪئي آهي. پر هن خاموشيءَ مان خوف جو احساس ٿئي پيو. يونيورسٽي ۾ پڙهندي هيس، ته اوچ نيچ، ذات پات، قبيلي تي منهنجو ڪو ويساهه نه هو. پر بابا چوي ٿو اسين قبيلي کان ٻاهر رشتو ناهيون ڪندا.
قبيلو ئي سڀ ڪجهه آهي.
پوءِ هتي منهنجي تهذيب، منهنجو مذهب، منهنجي اخلاقيات، ڪيڏانهن وئي؟
هونءَ به ڌي جي معاملي ۾ هي سڀ شيون اڳيان اچيو وڃن.
هاڻي مان پنهنجي لاءِ ڪي ٻيا اصول ڪٿان آڻيان.
جيڪي منهنجي حقن جو تحفظ ڪن.
بابا لاءِ منهنجي وفاداري، منهنجو انسان هجڻ ڪا معني ڪو نه ٿو رکي.
هو ته منهنجي باري ۾ قبيلي مذهب ۽ ڪلاس کان سوچي ٿو.
پر هاڻ ته ان کان به خوفناڪ مسئلو منهنجي سامهون اچي بيٺو آهي. جنهن منهجي وجود کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي. مان ڄڻ وجود نه، ڪا جنس هجان، جنهن کي ڏئي بدلي ۾ ٻي شيءَ وٺي ڇڏبي. منهنجي شادي بدلي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. منهنجا ڀائر به ان ظالم تسلسل کي خانداني روايت جو روح سمجهن ٿا. اها ته هڪ قسم جي جهالت آهي. جنهن ۾ اسين سڀ جلي سڙي رهيا آهيون ۽ ان کان به وڌيڪ هن باه کي پاڻ لاءِگلشن سمجهي ويٺا آهيون. مونکي دوستو وسڪي جي هي ڳالهه ياد اچي ٿي ته، “ ماڻهو ٺاهيو خوشيءَ لاءِ ويو آهي. جو ماڻهو قدرت طرفان مڪمل طرح خوش آهي. ان کي حق آهي خوش رهڻ جو. اها خوشي ڪنهن هڪ انسان جو انعام ڪونهي، هي خوشي ته خدا جي رضا کي زمين تي پوري ڪرڻ واسطي آهي. سڀئي نيڪ انسان سڀئي ولي ۽ سڀئي شهيد ان ڪارڻ ئي ته زندگي ۽ قدرت مان خوش هئا”
مان مختلف قسم جي ڪيفيت ۾ گهيريل آهيان. منهنجي خوشي هتي ڪا معنيٰ نه ٿي رکي. هتي قدرت جا اصول اڻ وڻندڙ ٿي ويا آهن. هتي فرسوده روايتن جو مَان آهي. جيڪي اسانجي روح اسانجي آزادي جا دشمن آهن. پورو سماج ان ظلمت تي بيٺل آهي. مان فرار ٿي به ڪاڏي ويندس. مونکي خبر آهي ته مَاري ويندس. منهنجي قبر جو به ڪو نام ۽ نشان نه هوندو. مان پنهنجي ايمان سهاري ۽ پنهنجي مضبوط خيالن جي آڌار تي هي لڙائي نه ٿي کٽي سگهان. جو مان مَردن جي هن وسيع ملڪ ۾ اڪيلي ۽ خوفزده آهيان. ان ڪيفيت ۾ مان پنهنجون اکيون بند ڪري فڪر ڪيان ٿي ۽ پاڻ کان پڇان ٿي، ته اهڙي جرئت منهنجي اندر ڪيئن ۽ ڪٿان اچي. مان خدا ڏي ۽ توهان ڏي نهاريان ٿي. مان سڪون سان جيئڻ ۽ سڪون سان مرڻ چاهيان ٿي.
تنهنجي پنهنجي زرينا .
سڀئي دوست پنهنجي پنهنجي جڳهه تي خاموش ويٺا آهن.
“توکي وڃين زرينا جي والد سان ڳالهائڻ گهرجي.” تيرٿ، سارنگ سان مخاطب ٿيندي چيو،
“هي سنڌي معاشرو آهي، رستم وراڻيو، هتان جا ماڻهوءَ ذات، فرقو ۽ قبائليت ۾ رهڻ جا عادي آهن. سارنگ جو ائين ڪرڻ فيوڊل قدرن ۽ فرسوده روايتن جي خلاف هوندو. انجا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه ڪنهن ٻئي پهلو تي به سوچڻ گهرجي .”
“پر يار! نالي ناموس، نام نهاد عزت، شهرت ۽ فيوڊل باقيات مٿان زرينا کي قربان ٿيڻ لاءِ به ته نه ٿو ڇڏي سگهجي” تيرٿ چوڻ لڳو، بلڪه اسان سڀني کي سارنگ سان هلڻ گهرجي. رستم توکي ياد آهي، هڪ دفعي شهيد صوفي مهتاب پاڻ کي چيو هو، ته “خدا جي هن ڪائنات ۾ انسان خدا جي انتهائي عظيم تخليق آهي جنهن جا حق به مقرر ٿيل آهن. زرينا جو حق آهي، ته پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گذاري ۽ ان کانپوءِ زرينا جهڙي حساس ڇوڪري کي هنن ماڻهن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي.”
“پر اهي ماڻهو، سندس والدين آهن” رستم وراڻيو، اسان ٻنهي جي رضا کانسواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. پر جي زرينا همت ڪري ٿي، ته پوءِ پاڻ کي به پوئتي هٽڻ نه گهرجي .”
“تنهنجي هن باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟ فيروز سارنگ کان معلوم ڪيو.
“مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾نه ٿي اچي” سارنگ ڏک جي مليل جليل ڪيفيت ۾ وراڻيو.
“زرينه سنڌ جي نئين نسل جي نمائنده سوچ آهي” تيرٿ چيو. هي خاموش نه رهندي. هنجي اعصابي تڪليف کي اسين سڀ محسوس ڪيون ٿا. هي موقعو آهي هن سان گڏ بيهڻ جو ۽ اُن کي فيوڊل جي وحشت کان بچائڻ جو. اسين زرينا کي وڃائي نه ٿا سگهون. مان وري به سارنگ کي چوندس ته هي پاڻ وڃي زرينا جي والد سان ملي. سارنگ صحافي آهي ڪو عام ماڻهو ڪونهي. زرينا جو پيءَ، جي سارنگ کي نقصان به پهچائڻ چاهيندو، ته ان متعلق ڏهه دفعا سوچيندو. هي رڳو زرينا جو ئي مسئلو ڪونهي، هي سارنگ ۽ اسان سڀني جي آدرش ۽ انساني زندگي جو مسئلو به آهي. هي اسان جي ڪامريڊ دوست جو مسئلو آهي. هن سوال سان هن جي حياتي جُڙيل آهي.”
“مان تيرٿ جي موقف سان سهمت ناهيان” رستم وراڻيو، تيرٿ کي چوندس ته رڳو جذبات سان نه سوچي. هتي سوچ ۽ ڪلاس جو فرق آهي. اسان جنهن ڪلاس ۽ فڪر ۾ رهي ڪري سوچي رهيا آهيون، ان کان اسان جو سماج ۽ فيوڊل معاشرو تمام گهڻو پوئتي بيٺل آهي. زرينا جا والدين جي فيصلو ڪري چڪا آهن، ته پوءِ هو ائين ئي ڪندا. سارنگ نه انهن جي ذات مان آهي نه قبيلي مان ۽ نه انهن جي ڪلاس مان. سارنگ جو زرينا جي والد وٽ وڃڻ مسئلي کي اڃان پيچيده ڪرڻ آهي. سارنگ جي سڃاڻپ هڪ صحافي واري آهي. جنهن جي رڳو اسان پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ اهميت آهي. زرينا جي والد وٽ انجي ڪا اهميت ڪانهي. هو هڪ روايتي وڏيرو آهي ۽ ان کانپوءِ اسان کي خبر آهي ته اهڙي ڪنهن به ڏکي وقت ۾ سارنگ جي صحافي برادري هن ڳالهه تي هن سان ڪيترو گڏ بيهندي.
هي ته هن جو ذاتي معاملو آهي، چئي سڀ صحافي خاموش ٿي ويندا. بلڪه زرينا جي والد جي ڌُر ٿي ويندا. هن صورتحال کان پوءِ ته سارنگ کي منظر تان هٽائڻ به آسان ٿي ويندو. هتي صحافين جا پنهنجا پنهنجا پاڪٽ آهن. سنڌي صحافت اڃان ان سطح ته ناهي پهتي، جو پنهنجي ڪارڪن لاءِ بيهي رهي يا انهن جا ڪيس هر ليول تي کڻي. اخباري مالڪن جي ڪارڪن سان ڪا دلچسپي ڪانهي. هنن جي اخبار ته اشتهارن تي هلي ٿي. باقي ڪارڪن هڪ ويو ته ٻيو ايندو. منهنجي راءِ آهي ته زرينا ڪورٽ ۾ پيش ٿئي ۽ ان فيصلي کي چيئلنج ڪري.”
“زبردست! ڪورٽ ۾ فيصلي کي چيلنج ڪري ۽ پوري حياتي فيصلي جو انتظار ڪري” تيرٿ وراڻيو، نه فيصلو ٿئي نه هن جي جان ڇٽي. يار هي ڪورٽون به ته هن فرسوده سسٽم جو حصو آهن. هي ڪي آسمان تي ته قائم ناهن. منهنجي نظر ۾ عدالت ۽ انصاف ٻه الڳ الڳ شيون آهن. ملڪ ۾ عدالتون انصاف واسطي قائم ئي ناهن. مان ان تي هزارين دليل ڏئي سگهان ٿو. هتي اهي عدالتون رياست جي جبري روپ کي قائم رکڻ واسطي آهن. هنن جي ان روپ ڪري ئي، ته هي طبقاتي نظام، جهالت، بربريت، لٽ مار، استحصال قائم آهي. هتي عدالت آهي ئي ان واسطي ته عدل نه هجي. هي موجوده جبري رياست جون نمائنده آهن. اُهي سماج ۾ ڇڪتاڻ جون عادي آهن. جيڪا هنن لاءِ مفيد ۽ نتيجا خيز آهي. عدليه دراصل عام ماڻهوءَ کي پابند ٿي ڪري ته هن طبقاتي ۽ جابر رياست ۾ وفادار ٿي رهو. هنن مان انصاف جي تقاضا خيال کانسواءِ ڪجهه به ناهي. هن نظام ۾ انساني حق عدالت جي ذريعي حاصل ٿيڻا ئي ناهن. زرينا کي بچائڻو آهي ته زرينا جي والد سان سڌو ڳالهائڻو پوندو. ان کي چتاءُ ڪجي ته هنجو فيصلو درست ناهي. زرينا جي راءِ به ان ۾ شامل ڪئي وڃي. منهنجي نظر ۾ ان کانسواءِ زرينا کي بچائڻ جو ٻيو ڪو رستو ڪونهي.”
سموري بحث ۾هڪ سخت تلخي شامل ٿي وئي .
سارنگ، نماڻين ۽ ٿڪل نيڻن سان سڀني کي اهڙي طرح ڏٺو، جيئن چوندو هجي، ته هي بحث وڌيڪ جاري رهيو ته هي بيهوش ٿي ڪري پوندو. هو اڳ ڪڏهن به اهڙي حالت مان نه گذريو هو .
سارنگ جو چهرو ڪومائجي ويو هو، فيروز، غور سان سارنگ کي ڏٺو.
بي وسي سان گڏ هڪ اميد جي ڪيفيت هنجي چهري تي موجود هئي .
“هي حقيقت آهي ته زرينا سخت مشڪل ۾ آهي” فيروز وراڻيو، هو پنهنجي بلند ۽ اعلا خيالن ڪري به ائين آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه هن کي ستائي رهي آهي، اها پنهنجي والدين جي فرسوده سوچ، جنهن باعث هي ڪو فيصلو به نه ٿي ڪري سگهي.”
مان زرينا جي اعليٰ ۽ عمده جذبن جو اندازو هن خط مان ڪري رهيو آهيان.
“هنجي من ۾ سارنگ لاءِ بي انتها محبت آهي. اها محبت هنجو سهارو به آهي. اهڙي حالت ۾ ڪو به اُٻهرو فيصلو ڪنهن حادثي کي به جنم ڏئي سگهي ٿو.”
فيروز، اٿيو، سارنگ جي ڪلهي تي هٿ رکي کيس چيو، اٻاڻڪو نه ٿي! سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. سوچڻ جي مهلت ڏي. رات به ڪافي ٿي وئي آهي. ننڊ به اکين کي سڏي پئي. سڀاڻي ان معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
سڀ دوست اُٿيا، ويا هليا پنهنجن پنهنجن بسترن ڏانهن.
صبح جو فيروز، سارنگ جي اچڻ کان پهرين تيرٿ ۽ رستم کي اُٿاريو. ۽ کين چيو، “معاملو ته واقعي به پيچيده آهي. وري به مون جيڪو سوچيو آهي، توهان سان شيئر ڪيان ٿو، ته پاڻ وري به ان تي ڳالهائي سگهون ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون. فيروز چيو.
“منهنجي خيال ۾ سارنگ، زرينا کي جواب ۾خط لکي.” فيروز چيو، جنهن ۾ هن کي پنهنجي والد جي فيصلي خلاف کيس همت ڪري بيهڻ لاءِ چوي. “زرينا، هي لڙائي، گهر جي دائري ۾ رهي ڪري لڙي. زرينا کي هيءَ لڙائي سارنگ سان شادي لاءِ نه پر في الحال پنهنجي حق لاءِ وڙهڻ گهرجي. ۽ گهر جي ڀاتين کي پاڻ سان کڻي. انهن کان الڳ رهي ڪري لڙڻ مان اهو رسڪ وڌيڪ آهي، ته زرينا مارجي نه وڃي. ان ويڙهه جا پنهنجا نتيجا نڪرندا، جنهن کي وقت درست ڪرڻ ۾ زرينا جي مدد ڪندو. زرينا جي صلاحيت جو به هن ۾ وڏو ڪردار هوندو. هي زرينا لاءِ آزمائش هوندي، ته ناموافق حالتن کي پنهنجي حق ۾ ڪيئن ٿي ڪري. ظاهر آهي، ته هن ڪم لاءِ حوصلو ۽ همت گهرجي. جي زرينا اهڙي همت ڪري ٿي، ته پاڻ پريس کي موبلائيز ڪندي، زرينا جي ڪيس کي هاءِ پرفائل ڪرڻ ۾ سارنگ جي مدد ڪنداسين .”
جي زرينه ايئن نه ڪري سگهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ رستم سواليه نظرن سان فيروز کان پڇيو. “سارنگ کي پوءِ خاموش ٿي وڃڻ گهرجي.” فيروز چيو.
“يار ! اهو ته سمجهوتو آهي.” تيرٿ وراڻيو.
“مان ته فيروز سان اتفاق ڪيان ٿو.” رستم وراڻيو
“تو ته ڪڏهن عشق ڪيو ڪونهي، ائين ته چوندين.” تيرٿ وراڻيو
“انسان کي پنهنجي مرضي جي زندگي گذارڻ ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟” اهوانسان ته خوشقسمت آهي، جنهن سان ڪو محبت ڪري ٿو. اهو فيصلو سارنگ ۽ زرينه کي تسلي ڏئي نه سگهندو. هي ٻئي گڏ رهڻ چاهن ٿا، ته پوءِ ڪنهن جي به پرواه ڇو ڪن. ڪنهنجي به خوف ۾ مبتلا ٿيڻ ڪمزوري آهي. جيڪا هزارين ٻين ڪمزورين کي جنم ڏئي ٿي. هي ڪهڙي زندگي آهي، جو ماڻهو سڄي حياتي پيار لاءِ سِڪندو رهي.”
“پر جيئن اسين چاهيون ٿا، ان ۾ ته وڏو رسڪ آهي” فيروز وراڻيو.
“اهو رسڪ کڻڻو پوندو” تيرٿ وراڻيو.
“مان سارنگ يا ڪنهن به ساٿي کي وڃائي، اهڙو رسڪ کڻڻ نه ٿو چاهيان، اسان اڳ ئي تمراڻي ۾ تمام وڏو نقصان کڻي چڪا آهيون” فيروز، تيرٿ کي تلخ لهجي ۽ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو.
“منهنجي راءِ کي منهنجي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي. مون ان بابت گهڻو غور ڪيو آهي. هتي محبت جو ڪوقدر ڪونهي. ان سماج ۾ رهندي محبت کي حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي. هتي توهانجي اهڙي عمل کي ڪوبه بهتر نه سمجهندو جيڪو مروج روايتن جي خلاف هجي. توهان کي ڪٿان ڪابه مدد نه ملندي.
جيڪا شي سماج ۾ موجود ئي ڪانهي ان کي تون ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهين. جي تون سمجهين ٿو سارنگ، زرينا کي ڀڄائي وڃين نڪاهه ڪري، ته تون سمجهين ٿو ته سارنگ ائين ڪري سک سان رهي سگهندو. هو حد کان وڌيڪ تڪليف ۾ اچي ويندو، يا تون سمجهين ٿو ته ڪورٽ ميرج ڪرڻ کانپوءِ به هي محفوظ رهندا؟ ۽ وري ڇا پريس هنن جي حمايت ۾ هنن جي پويان بيهي رهندي؟ جي ائين ٿي به وڃي ته انجي باوجود به هي فيوڊل سماج هنن کي زنده رهڻ نه ڏيندو. جو هنن فيوڊل ڪلاس کي چيلنج ڪري اهو قدم کنيو. اسين ان ڪلاس کي تڏهن چيلنج ڪري سگهون ٿا جڏهن اسان خود انهن جي طاقت برابر هجون. ٻي صورت ۾ ماريا وينداسين مان ان قسم جي ايڊونچر جي اجازت نه ڏيندس. بلڪه ڪوبه صالح دماغ انجي اجازت نه ڏيندو.
“پر مان هميشه اهڙي حياتي گذارڻ کي ترجيح نه ڏيندس” تيرٿ وراڻيو، هر سنڌي عورت اهو رسڪ نه کڻندي ته آزاد ڪيئن ٿيندي.”
“منهنجي خيال ۾ جذبات سان سماج تبديل ناهن ٿيندا” رستم وراڻيو، سنڌ اندر اهڙا ڪيترا ئي مثال موجود آهن. ڪيترن نوجوان جوڙن اهو سمجهي وڃي شادي ڪئي ته انهن جي زندگي آهي. پيار ڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ ۾ هو آزاد آهن. پر پوءِ هڪڙو به اهڙو جوڙو ٻڌاءِ جنهن اها همت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي زندگي آرام سان گذاري هجي.
اهي سڀ ماريا ويا. اسين ملامت ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهيون ڪري سگهندا. فيوڊل سماج سان بيهي وڙهڻ جي ضرورت آهي. پنهنجن ذاتي خواهش لاءِ مصيبت ۾ پئجي وڃڻ سان مسئلو حل ناهي ٿيڻو. سارنگ کي اڳتي اڃان گهڻو ۽ بنيادي ڪم ڪرڻو آهي.”
“هن معاملي ۾ مان سماج سان ٻڌل ناهيان” تيرٿ وراڻيو، سارنگ جي زندگي آهي ان کي گذارڻ جو اُن کي پورو پورو حق آهي.”
“پر هو پنهنجي زندگي لاءِ اهڙو فيصلو ڇو ڪري جنهن سان هي پاڻ ۽ هن سان وابسطه ٻيا رشتا ڪنهن عذاب ۾ وڃين پون.” فيروز وراڻيو.
“سارنگ جي خط کانپوءِ صورتحال واضع ٿي ويندي. زرينا همت ڪري ٿي ته پوئتي اسين به نه هٽنداسين. رستم، ڳالهه کي ختم ڪرڻ واري انداز ۾ چيو.
سارنگ، زرينا ڏانهن خط لکيو، جنهنجو مختصر متن هيئن هو .
ڊيئر زرينه،
تنهنجو خط پڙهڻ کانپوءِ منهنجي دل تنهنجي خيالن سان معطر ٿي وئي. يونيورسٽي ڇڏڻ کانپوءِ عام طور ماڻهوءَ جي زندگي جون ترجيحات تبديل ٿي وڃن ٿيون پر تنهنجا اعليٰ ويچار اڄ به قائم آهن.
سنڌ جي عورت ۾ ان قسم جي خيالات ۽ احساسات جي هجڻ مان محسوس ٿئي ٿو، ته سنڌ تبديل ٿي رهي آهي. توهان خط لکي چڱو ڪيو، ان سان اسان هڪٻئي جي خيالن کان واقف ٿي سگهنداسين ۽ پنهنجن ڪمزورين ۽ خامين کي به درست ڪري سگهنداسين. يونيورسٽي ۾ اسين جن موضوعن تي ڳالهائيندا هئاسين، هن وقت اسين سچ پچ ان تجربي مان گذري رهيا آهيون. توهان جن مسئلن جو ذڪر ڪيو آهي، مجموئي طور تي سنڌ جي عورت ان مان گذري رهي آهي، نه صرف عورت پورو سماج ان اذيت مان گذري رهيو آهي، دراصل فيوڊل ڪلاس جي بقا آهي ئي ان ۾ ته هو مذهب جي، قبيلن جي، رسمن ۽ رواجن جي آڙ ۾ پنهنجا ڪم ڪري پاڻ کي قائم رکي.
يونيورسٽي ۾اسان جڏهن فلسفي جي تاريخ پڙهي رهيا هئاسين ته جاگيرداري واري دور کي سڀ کان وڌيڪ ظالم ۽ ڪٺور محسوس ڪيوهو. ائين آهي به جاگيرداري پنهنجي آخري پساهن تائين ائين رهڻ چاهيندي آهي. ان ڪري پهرين ته فرسوده رسمن جي خاتمي لاءِ هر طرف کان پهل ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ توهان انهن خوشنصيب عورتن مان هڪ آهيو، جنهن وٽ تعليم آهي علم آهي ۽ جرعت به آهي. ان ڪري به هي ذميواري توهان تي عائد ٿئي ٿي ته توهان نياڻن جي تعليم، انهن جي آزادي انهن جي سياسي سماجي حيثيت مڃرائڻ لاءِ جدوجهد ڪيو. هتي عورت معاشي طور ڪمزور آهي ۽ انهن ۾ علم نه هئڻ جي برابر آهي. سنڌ جي عورت ان ڪري به غلام آهي. عورت جڏهن اقتصادي طور تي مضبوط ٿي وئي ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکي ورتو ۽ دنيا کي علم جي ذريعي ڏسڻ لڳي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان کي غلام نه رکي سگهندي. ۽ نه وري ڪو ماڻهو هن مٿان پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهي سگهي ٿو.
اسان ٻنهي جو رشتو لوه قلم ۾ محفوظ آهي. ڪابه طاقت ان کي ڇني نه ٿي سگهي، پر جيڪا ڳالهه بدلي ۾ توهان کي پرڻائڻ جو سوال آهي تنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪرڻ گهرجي. ان معاملي ۾ مان توسان گڏ بيٺل رهندس. ان سلسلي ۾ توهان جيڪو به قدم کڻندو مونکي قبول آهي. جيڪا ڳالهه غلط آهي ان کي غلط چوڻ جي جرئت پيدا ڪرڻي پوندي. مان توهان کي اهڙو مشورو به نه ڏيندس جيڪو اسانجي وقار ۽ اسانجي آدرش خلاف هجي. مان ان لڙائي جي حق ۾ آهيان جيڪا صبر ۽ تحمل سان وڙهي وڃي. مان چاهيندس ته توهان پنهنجن مايوسين مان ٻاهر نڪري اچو. توهان پنهنجي روح کي پنهنجي جسم کي انهن تڪليفن لاءِتيار ڪيو. جيڪي ان مرحلي دوران درپيش آهن. مان هتي جيڪا بنيادي ڳالهه اوهانکي چوندس اها آهي ته انسان جون ذاتي خواهشون پنهنجي اندر ڪا وڏي معني ڪونه ٿيون رکن. اسان جڏهن اهڙي زندگي اندر جهاتي پائينداسين ته پاڻ کي معمولي ڀائينداسين. خواهشون توهان جي احساس شعور کي گرفت ۾ آڻي توهانجي وجود توهانجي زندگي کي بيسود ۽ بي معني بڻائي ٿيون ڇڏين. تڏهن ته انسان مايوس ٿئي ٿو ان ۾ هڪ خالي پن جو احساس وڌندو رهي ٿو. ڪنهن شي يا ڪنهن جنس لاءِ جيئڻ يا ان لاءِ خواهش ڪرڻ اهو سڀ معمولي زندگي کانسواءِ ڪجهه به ناهي. هي دنيا انتهائي خوبصورت آهي، جنهن کي ڪجهه انسانن جهنم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا ڪثر ناهي ڇڏي. انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. انسان جنهن مقام تي آهي ان تائين ان کي پهچڻ لاءِ ان کي ڪيترن قربانين ۽ انقلابن مان گذرڻو پيو آهي. اڄ ان جي حفاظت ۽ وڌيڪ آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو وقت آهي. اسان سميت ڪيترا ئي انسان محبت جهڙي نعمت کان اڄ به محروم آهن. ان نعمت لاءِ انساني آزادي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪرڻ، حقيقت ۾ نيڪي کي ڦهلائڻ جي برابر آهي. هي نيڪي تاحيات رهڻي آهي.
مان چاهيان ٿو ته توهان پنهنجي اردگرد واري زندگي کي ڏسو. محسوس ڪيو، محفوظ ڪيو ۽ فڪر ڪيو. توهان ڏسندو ته توهان جي روح ۾ نئين دنيا کلندي ويندي. توهانکي پنهنجي اندر جي ۽ ٻاهر جي دنيا سان هڪ تعلق قائم ڪرڻو آهي. جيڪو علم سان بصيرت سان خوداري سان ۽ پڪي، پختي ۽ سچي عمل سان ممڪن آهي. پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪر. جذبات کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏي. ڏکين حالتن کان گهٻرائجي نه وڃ. پنهنجي گهر جي ڀاتين کي پاڻ سان گڏ کڻي هل. صداقت اڳيان ڪو به بند ٽڪي نه سگهندو. توهان پنهنجي خوشي ۽ آزادي لاءِ جيڪو به فيصلو ڪندو، وقت ان کي درست ثابت ڪندو. جو به ڪيو پنهنجي فرض ۽ مقصد کي سامهون رکي ڪجو. مان صرف ايترو چوندس توهان هي ويڙهه پنهنجي دائري اندر رهي ڪري وڙهو، مان توهان سان شادي ڪرڻ جو ڪوبه اهڙو طريقو جنهن ۾ تون ۽ مان، فرار ٿي، شادي ڪرڻ واري خيال کي هڪ معمولي بغاوت ته سمجهان ٿو، پر هي سوال مجموئي طور زندگي جي دائري مان نڪري وڃڻ جي برابر آهي. اسان کي ڀڄڻ نه گهرجي، پنهنجي پنهنجي جڳهه تي رهي فرسوده روايتن خلاف وڙهڻ گهرجي. بلڪه هن خيال ۾ به ته هڪ ٻئي لاءِ بي لوث محبت پوشيد آهي.
توهانجو پنهنجو.
سارنگ.
رستم کي سمجهائي، سارنگ سان گڏ رهڻ جي ذميواري ڏئي.
تيرٿ ۽ فيروز اگهم ڪوٽ روانا ٿين ٿا.