جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
سائين، منهنجو نالو حبيب آهي، هي منهنجو ڳوٺ آهي. توهانجي ويچارن کي ُٻڌڻ لاءَ اسانجي دل گهري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آسمان مان بادل وسيو پون، پر هنن ويچارن لاءِ، هي دکي ديس سالن کان ترسيل آهي. منهنجي خواهش ۽ وينتي آهي، ته هتان ڀيرو ڏيندا پوءِ اڳتي وڃو. سڀاڻي هن ئي بس ۾ روانا ٿجو، تيرٿ ۽ فيروز هن کي ٻانهون ٻڌي اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن نه مڃيو، هو ٻئي هن سان گڏ هنجي ڳوٺ هلڻ لاءِ بس مان لهي آيا.
رستي تي هلندي تيرٿ حبيب کان ڳوٺ جو نالو پڇيو،
“سائين، ڳوٺ جو نالو ڀٽ ڪامل آهي. ڪامل منهنجي ڏاڏا جو نالو هو. هتي ڳوٺن جا نالا ڳوٺ جي چڱي مڙس يا وري ڪنهن نشاني آڌار رکيا ويندا آهن. منهنجو ڏاڏو هن تر جو واحد ميٽرڪ پاس استاد هو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول کولرائڻ لاءِ ٺاڪرن ۽ سيدن سان وڏيون چوٽون کاڌيون. جيستائين هو حيات هو، اسڪول به هليو. هن جي شهادت کانپوءِ عمارت بيٺي آهي، استاد ڪونهي. ڪيترا ڀيرا مون آفيسرن کي اسڪول هلائڻ جي درخواست ڏني. ٿيو ڪجهه به نه، منهنجا چار ٻار آهن، ٻه ته ميٽرڪ تائين شهر واري اسڪول ۾ پڙهيا، انهن کي وڌيڪ پڙهائڻ جو خيال هو پر گذريل سال جي ڏڪار ۾ جيڪو پئسو ڏوڪڙ هو ختم ٿي ويو. ٻارن کي اڳتي پڙهائڻ وارو ارادو ختم ٿي ويو. ڪجهه مال آهي زمين جو ٽڪر آهي. مالڪ جي مهرباني آهي محتاجي ڪانهي وقت گذري پيو.”
فيروز، حبيب کي ڌيان سان ڏٺو. هن جي چهري تي وقت جا نشان جُهريون ظاهر هيون. گول چهري تي سادگي، اکين ۾ نهٺائي، سِر تي سفيد پٽڪو، پنهنجي خيال ۾ ڳالهائيندي اڳتي ڏسندي رستي کان پورا پنا قدم کڻندو هلندو پئي ويو. اسان به هن سان گڏگڏ پئي هلياسين ٻه گهر ڇڏي ننڍڙي بائونڊري وال کي ڏنل ڪاٺ جي پٽين جو ٺهيل دروازو هو جيڪو کولي پاڻ اندر ٿيو. ۽ چيائين اچو سائين هتي ويهو. چونئري نما گهر اندر چار کٽون پيل هيون. انهن مان ٻن تي اسين ويٺاسين. پاڻ سامهون واري کٽ تي ويهي، فيروز ڏانهن منهن ڪندي حبيب چيو، “توهان جڏهن ڳالهايو پئي ته بلڪل منهنجي ڏاڏا ڪامل فقير جهڙا پيا لڳو. اهو لهجو. اُهي ويچار. تڏهن ته مون توهانکي هتي اچڻ جي وينتي ڪئي. ماڻهو چوندا آهن ته وقت ۽ ماڻهو ڪونه ٿو موٽي، پر اڄ مون ڏٺو وقت ۽ ماڻهو بروبر موٽي ٿو. ڏاڏا مونکي چوندو هو اسان جيڪو ڳالهايون ٿا اسانجي اندر جو آواز آهي اندر جيترو صاف ڳالهائڻ اوترو سٺو ۽ مَٺو، توهان به پنهنجي صاف من سان پئي ڳالهايو . اسانجو هيءَ ڳوٺ پاڪستان کان به اڳ جو آهي. ملڪ ۾ حڪومتون آيون ويون اسان ۽ اسانجا هي ڪچا گهر تڏهن کان ائين آهن. توهان آرام سان ويهو، مان چانهه پاڻي جو بندوبست ڪري اچان.”
“هتي ڪيڏي خاموشي آهي” تيرٿ اردگرد جو جائزو وٺندي چيو.
“هي خاموشي هاڻي ته هنن جي زندگي جو حصو ٿي وئي آهي” فيروز وراڻيو. هنن جي هيءَ ننڍڙي دنيا ئي هنن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. حبيب پنهنجي همت جي آڌار تي سمجهي ٿو ته وقت آساني سان گذري ويندو، پر دراصل مستقبل ۾ ڏاڍو شور آهي، هي ان شور ۾ شل بيهي سگهن.”
ٻه ٻار ڪوپ هٿ ۾ کنيو اندر آيا. سائين هي منهنجا ٻار آهن. حبيب هنن جو تعارف ڪرائي ٿو. هي وڏو پٽ ان کانپوءَ نياڻيون آهن ۽ آخر ۾ هي جليل. اسان چانهه پيئندي حبيب جي وڏي پٽ کي پنهنجي ڀرسان ويهڻ جو چيو.
“شهر ۽ پنهنجي ڳوٺ ٻنهي مان ڪٿي رهڻ پسند ڪندين؟ جليل کان تيرٿ پڇيو،
“شهر ۾ وڏي خلق رهي ٿي. مونکي پنهنجو ڳوٺ وڻي ٿو” جليل جو جواب واقعي به شاندار هو، “
“ڪيترو پڙهيو آهين ؟” تيرٿ، هن کان پڇيو
“ميٽرڪ، ختم ڪئي ته ڏڪار ُمنهن ڪڍيو، پئسي جو جهل نه هو جو وڌيڪ پڙهي سگهان” جليل جواب ۾ چيو
“هاڻي ڇا ٿو ڪرين؟” تيرٿ کيس پڇيو.
“صبح جو پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهائيندو آهيان، شام جو ٻني جو ڪم ڪندو آهيان”
“ اسڪول ۾ نوڪري آهي” فيروز هن کان پڇيو،
“نه، بنا معاوضي پڙهائيندو آهيان” جليل وراڻيو.
“تنهنجا ٻار ته ڏاڍا فضيلت وارا آهن” تيرٿ حيرت مان خوش ٿيندي، حبيب کي چيو .
حبيب، ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو.
“ڳوٺ ايندي تو پنهنجي ڏاڏا جو ذڪر پئي ڪيو.” تيرٿ، حبيب کان پڇيو،
تنهنجو ڏاڏا ڪيئن شهيد ٿيو؟
“اسانجو ماضي پوري جو پورو غربت جو ريگستان آهي” حبيب غمگين لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون پاڻ ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون بابا سان هتي ڏڪار ڏٺو، لڏپلاڻ ڏٺي، وري هن ئي ڳوٺ کي آباد ٿيندي ڏٺو. منهنجو ڏاڏا بي چين روح هو. پنهنجي دور جي هستي. ماڻهن کان مختلف. هميشه غريب ۽ پورهيتن جو حمايتي. تلسي ۽ ڪبير جو ڪلام کيس ياد هو. هن ڪڏهن به سيدن ۽ ٺَاڪرن جي پرواه نه ڪئي. هن به چاهيو ٿي ته هنجي ڳوٺ ۾ اسڪول، اسپتال، پاڻي، بجلي ۽ رستن جون سهولتون هجن، جنهن لاءِ هن ڪوشش به جام ڪئي. هڪ ڀيري ڊي او جي آفيس ۾ گهڙي ويو ۽ سامهون وڃي بيٺس، چيائينس مان پنهنجي ڳوٺ جي زمين اسڪول لاءِ ڏيان ٿو، مونکي اسڪول ٺاهي ڏي. ڳوٺ جون نياڻيون پڙهيون ته ڳوٺ جي قسمت بدلجي ويندي. اهو اسڪول ڏاڏا جي زمين تي ٺهيو، ڪيترا ٻار ان مان پڙهي نڪتا، پر رڳو مسئلو اسڪول کولڻ جو نه هو غربت اسانجي پاڇي جيان اسان سان گڏ گڏ رهي ٿي، ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ٿيندي ڏسي سيد نواز علي شاه ڏاڏا کي گهرائي چيو. اسانجي مرضي بنان ٿو اسڪول ٺهرائين. ڏاڏا چيو توهان کي مون چيو هو ته اسانجي ڳوٺ کي اسڪول ڏيو. توهان جواب ڏنو ته “ڇُورا پڙهيا ته سلام ئي نه ڪندا”
توهان کي اجائي خوف هو ته اسڪول کلڻ سان ماڻهو توهان کي سلام نه ڪندا.
توهان چاهيو ٿا ته ماڻهو توهان کي سلام ڪن ته پوءِ توهان پاڻ کي ان لائق بنايو، جو ماڻهو توهان کي رُڪي رُڪي عزت ۽ محبت سان سلام ڪن، پر جي توهان ماڻهن کي انسان ئي نه سمجهندا ته ڪنهن کي پئي آهي جو توهان کي سلام ڪري، پر جي ڪجهه ماڻهو توهان کي سلام ڪن ٿا ته اهي ان خوف کان ته متان سيد سلام نه ڪرڻ تي نقصان نه پهچائي، سو بار لاهڻ لاءِ ٿاسلام ڪن.
سيد نواز علي کي اها ڳالهه ڏکي لڳي. پر جيئن ته ڏاڏا جي تر ۾ وڏي عزت هئي، ان ڪري سيد ته خاموش ٿي ويا، پر پوءِ ڏاڏا لاءِ ُمشڪلاتون پيدا ڪيائون.
جيئن ته نيڪ ماڻهن کي هميشه غيبي مدد حاصل هوندي آهي. هميشه روشنائي جا پاڇا انهن جي اردگرد رهن ٿا، جيڪي هر قدم رهنمائي ۽ مدد ڪندا رهن ٿا. ڏاڏا جي به ائين قدرتي مدد ٿيندي رهي. گذريل لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ سيدن ڏاڏا جي خلاف ُملي رمضان کي کڙو ڪيو، جنهن جي واعظ ۾ هميشه سيدن لاءِ تعريف ۽ باقي ماڻهن لاءِ دوزخ جي باهه هوندي آهي. هن جون اکيون، منهن، جسم، هٿ سمورا جا سمورا انسانن لاءِ نفرت جي باهه آهن. ڏاڏا ُملي رمضان کي اڪثريت سان هارايو. سيدن کي خارون وڏيون هيون پر ڪري ڪجهه به نه سگهيا. ڏاڏا هتي عام ماڻهن جي خوشحالي لاءِ ڪيترا ئي ڪم ڪيا. هتي جي ماڻهو جو گذر سفر مال متاع تي آهي، جانور بيمار ٿئي ته شهر وڃڻو پوندو آهي، رستي ۾ جانور مري به ويندا آهن، اهو اسان ماڻهن لاءِ وڏو نقصان آهي. ڏاڏا جي ڪوشش سان جانورن لاءِ اسپتال کُلي، نه ته اڳ ۾ شهر وڃڻو پوندو هو. ماڻهن جي اسپتال ته اڳ ۾ ئي هئي پر ڊاڪٽر موجود نه هوندا هئا. ڏاڏا هن تر جي ڊاڪٽرن کي ڀرتي ڪرايو. پر حڪومت پاران سهولتون نه ملڻ ڪري ۽ سيدن جي رويي ڪري ڪوبه ڊاڪٽر گهڻي وقت لاءِ رهي نه سگهيو. هاڻي هفتي ۾ هڪ ڊاڪٽر، خان جي ٽنڊي مان اچي ٿو، نه ته ڪرايا ڀاڙا ڪري مريضن کي شهر وڃڻو پوي ٿو. ڏاڏا لاءِ سڀ کان ڏکيو وقت ضياءَ جي مارشلا وارو زمانو هو. هي دور اسان ماڻهن جي تذليل وارو دور هو. هر ماڻهو تي نظر رکي پئي وئي. ُٻڍن، ٻارن ۽ عورتن تائين سڀني کي بسن مان لاهي تلاشي ورتي ويندي هئي. نوجوانن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُڀو بيهاري ڇڏيندا هئا. انهن جو بي عزتيون ڪرڻ، انهن کان سامان کڻائڻ، بيگر وٺڻ ، گاڏيون دهرائڻ ۽ غير مسلم ته هنن لاءِ انسان ئي نه هو. غير مسلم نوجوانن تي تشدد ڪرڻ عورتن جا روا ڇڪي انهن جو منهن ڏسڻ، روزانه جو معمول هو. هتي رهڻ لاءِ هاڻ گنجائش نه رهي هئي، ڪيترن ماڻهن هتان لڏڻ شروع ڪيو، شايد مان هجان ها ته هتان لڏي وڃان ها، پر ڏاڏا همت سان بيٺو رهيو. هو چوندو هو ته هتي فوجي ڇانوڻي ٺهڻ جي پلاننگ ٿي رهي آهي. هتان کان ننگر تائين ڇور وارو سڄو پاسو فوجي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ چاهن ٿا. هنن جو اسان ماڻهن سان بيحد نفرت آميز رويو ڄاڻي واڻي آهي، ته جيئن ماڻهو خوف مان هتان لڏي وڃن ۽ هي پورو علائقو هنن جي قبضي ۾ اچي وڃي، ڪنهن به مزاهمت ۽ اعتراض کانسواءِ. ڏاڏا تر جي سڀني ذاتين جي چڱن مڙسن کي گُهرايو. هنن کي سمجهايو ته همت سان ويٺا رهو. پنهنجا گهر ۽ زمينون نه ڇڏيو. انجي باوجود ڪيترا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا.
مان سوچيندو آهيان ته “دنيا ۾ فوج نه هجي ته ڪيڏو سک هجي.”
ڏاڏا، بابا کي چوندو هو، “ته اسانجي ُسکي ستابي سنڌ جيڪا ٻين لکين ماڻهن کي نپائي کارائي ٿي، سڀني جي اکين ۾ ڪَنڊو ٿي پئي آهي. پاڪستان جا حڪمران ۽ ايجنسيز، جمهوريت پسند ۽ صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل سنڌو تهذيب کي فتح ڪرڻ چاهن ٿا. اسانجي جمهوريت، ڏاهپ، اسانجو تصوف، هنن جي برداشت کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. هنن جي نظر مستقبل جي سنڌ تي آهي. هو اسانجي قدرتي وسيلن، زمين، پاڻي، درياءَ، سمنڊ ۽ بندرن تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا. هو سنڌ کي معاشي طرح سان ڪمزور ڪرڻ چاهن ٿا. تڏهن ئي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهندا. هاڻ ته ڏاڏا جي هي ڳالهه درست ثابت ٿي رهي آهي.”
“سنڌ جي رستي کان انڊيا ويندڙ هي واحد بارڊر آهي” حبيب جائزو پيش ڪندي چيو، جيڪو وڏي عرصي کان بند آهي، سنڌ جي ماڻهو کي انڊيا وڃڻ لاءِ هتان کان کوکرا پار جو رستو سڀ کان ويجهو ۽ سڀ کان سستو آهي. هتان هنجو ڪامياب ڪاروبار ٿي سگهي ٿو. هتان ماڻهو پنهنجن خاندان جي ماڻهن سان ميل ملاقات ڪري سگهن ٿا. ثقافتي ٽوئر ڪري سگهن ٿا. توهان کي خبر آهي، ته هتي جيڪو مال مويشي، ُسون سپاري سمگلنگ ٿئي ٿو، اهو قانوني طرح سان ٿئي ته وڏي خوشحالي اچي سگهي ٿي. پر عام ماڻهو کي اجازت ڪانهي. کهوکرا پار جي ريل ته هلي ٿي پر نه هجڻ جي برابر. ته عام ماڻهو پاڻ منڊين جي تلاش ۾ نڪرندا، پنهنجو مال متاع هٿ جو هنر وڪڻي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر ايجنسيون ائين ڪيئن چاهينديون.
جڏهن ته، پنجاب کان واگها بارڊر جي ذريعي ته ڪاروبار ٿي رهيو آهي، شاعر، فنڪار، اديب ۽ سياسي ماڻهو اچن وڃن پيا.
تيرٿ، حبيب ڏانهن نهاريو، هو جوش سان ۽ دور انديش ٿي ڳالهائي رهيو هو. هن پنهنجي گفتگو جي سلسلي کي جاري رکندي چيو، “زندگي ۾ مسلسل ڊوڙ انسان کي ٿڪائي وجهي ٿي، پر هي ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته ڏاڏا جي چهري ۾ مون نه ڪڏهن بيزاري نه ٿڪاوٽ ڏٺي. هن وٽ رينجرس جو ميجر ۽ سول ڊريس ۾ ڪجهه ايجنسيز جا ماڻهو آيا. هن کي چيائون، تون اسانجي خلاف ٿو ڳالهائين. توکي اسانجي طاقت جي خبر ناهي. هنن ڏاڏا کي ڌڪا ڏنا، گهٽ وڌ ڳالهايو پوءِ هليا ويا. ڏاڏا اُٿيو ۽ ٻاهر نڪري ويو شام جو خبر پئي ڏاڏا ايجنسيز ۽ ان ميجر مٿان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٿاڻي تي ويوهو، پر پوليس ميجر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ڏاڏا ٿاڻي تان اُٿي پريس ڪلب ويو. انهيءَ ميجر ۽ ايجنسيز وارن خلاف سخت پريس ڪانفرنس ڪري آيو .”
پريس ڪانفرنس جي ڇپجڻ جي هڪ هفتي کانپوءِ رات جو بابا ۽ مان ڏاڏا وٽ ويٺا هئاسين، ڏاڏا ڳالهايو ويٺي، هنجي گفتگو ۾ خيالن جي بلندي ۽ پاڪيزگي هئي. هن مون کان پڇيو، ته اسڪول ڪيئن پيو هلي. مون ڏاڏا کي ٻڌايو ته هاڻي مان به ٻارن کي پڙهائيندو آهيان.
ڏاڏا خوش ٿيو، هن مونکي چيو ته ٻارن کي دنيا جو علم به سيکاريندو ڪر. مطلب ته ٻار کي خبر هئڻ گهرجي، ته ٻولي ڇا هوندي آهي؟ انجي اهميت ڪهڙي آهي. زمين رڳو اَن پيدا ڪرڻ لاءِ ڪانهي، اُن جو تعلق انسان جي روح سان هجي ٿو. انسان ڇا آهي انجا فرض ڪهڙا آهن؟ زندگي جي معني ڇا آهي؟ ان ڏانهن اسانجو رويو ڪيئن هئڻ گهرجي؟ مون چيو ڏاڏا هفتي ۾ هڪ دفعو انهن موضوعن تي ٻارن سان توهان به گفتگو ڪيو، هن چيو، ابتدا تون ڪر پوءِ مان ايندس. اسان جي هر رات هڪٻئي سان ان موضوع تي اڪثر خوشگوار، علمي ۽ وڻندڙ گفتگو ٿيندي هئي. ڏاڏا جي مونسان خاص محبت هئي، شايد هي مونکي ان عظيم مقصد لاءِ تيار ڪري رهيو هو. جنهنجو سڌو تعلق پنهنجي زمين پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي آزادي ۽ عزت سان هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هو غير معمولي خيالن سان ڀرپور گفتگو ڪندو هو. ڳالهائيندو ويندو هو ۽ وچ ۾ تلسي ، ڪبير ۽ شاه لطيف جا شعر به چوندو ويندو هو. چوڏهين جي تاريخ هئي. چنڊ جي چانڊوڪي ۾ آسمان ۽ زمين ٻئي مهڪيا پئي. ُمورن جا آواز ڏور تائين ُٻريا پئي. چانڊوڪي ۾ بي چين روح ئي جاڳندا آهن. هي مور به ته هن ريگستان جا بيچين روح آهن. ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته چنڊ جي چانڊوڪي ۾ پکي بيچيني مان رڙيون ڇو ڪندا آهن. ۽ 29 واري گهري انداهي ۾ خاموش ڇو هو ٿي ويندا آهن. شايد اونداهي، خوف ۽ موت جي علامت آهي ۽ روشني، زندگي جو نالو آهي. بابا جي اٿي وڃڻ کانپوءِ به ڏاڏا ۽ مان ڪافي دير تائين ويٺا رهياسين. جو اوچتو ڪا گاڏي آئي، جنهن جي مٿان سرچ لائيٽ لڳل هيون. انهن جي تيز روشني سبب اسان کي ڪجهه به نظر نه پئي آيو. انهن مان ٽي همراه لٿا، ڏاڏا کي ٻانهن مان گهليندا گاڏي ۾ کنيو هليا ويا. منهنجن رڙين تي ڏاڏا چيو، گهر جو خيال رکجان. سڀاڻي ٽنڊي ساٿين ڏانهن وڃجان. ڏاڏا کي وڌيڪ ڳالهائڻ جو موقعو نه مليو، بابا به اٿي آيو پر گاڏي تيزي سان نڪري وئي. پريس ڪانفرنس مظاهرن جي باوجود هفتي تائين ڪا خبر نه پئي ته ڏاڏا ڪٿي آهي. ڏاڏا جي گهر واري کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو. پاڙي جي عورتن جي وسوسن ۽ خدشن ويتر هنجي پريشاني ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو. هفتي کانپوءِ اسانجي گهر اهڙو واقعو ٿيو، جنهن اسان سڀني کي جنجهوڙي ڇڏيو. ڳوٺ جي عورتن، ڏاڏا جي گهر واري کي چيو، ته ڏاڏا ڪامل هاڻ ڪونه موٽندو، جو فوجين جنهن کي به کنيو آهي اهو سلامت گهر ناهي موٽيو. هن ڳالهه جو ڏاڏا جي گهر واري تي ايترو اثر ٿيو جو کوهه ۾ وڃين ٽپو ڏنائين. هي اسانجي تر جو پهريون خودڪشي جو واقعو هو، جنهن اسانجي پوري خاندان کي گهري ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو .
حبيب جوش ۽ ڏک ۾ ڳالهائيندي خاموش ٿي ويو. هن کي گهرو ڏک هو، جنهن هن جي دل کي نپوڙي ڇڏيو هو. هن جو من ڳوڙهن سان ڀرجي ويو. هن سان فيروز جي ٿورو به ڳالهائي ها ته هو روئي ڏئي ها. هُن مشڪل سان پنهنجن سڏڪن کي روڪي رکيو هو. هنجو ڏاڏا جيڪو هن کي انتهائي عزيز هو، جنهن کي هو هڪ لمحي لاءِ به وساري ناهي سگهيو، هن کان ڦريو ويو هو.
رات ڪافي گذري چڪي هئي. هنن جي ننڊ اڏامي وئي هئي.
فيروز، حبيب جي ڪلهن تي هٿ رکيو.
اها ڏاڍي طويل ۽ ڏکاري رات هئي.
حبيب پاڻ کي سنڀاليندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڏاڏا جي دوستن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو، مظاهرا ڪيا، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي. اسانجو خيال هو ته هن کانپوءِ ڏاڏا کي پيش ڪيو ويندو. پر انجي بلڪل ابتڙ ٿيو. ڇهه مهينن کانپوءِ ڳوٺ جي ٻاهران ويراني ۾ ڏاڏا جو لاش مليو. ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا، لاش کڻي پوليس وٽ آيا، قانوني اختيارن ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪيو. فوجي راڄ هئڻ ڪري هرڪو خوف ۾ هو.
هر ماڻهوءَ جي اک آلي هئي. هزارين ڪلهن ڏاڏا جي خاموش وجود کي سهارو ڏئي زمين حوالي ڪيو، دوست ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا. جن ڏاڏا کي شهيد ڪيو. انهن تي هر طرف کان ملامت ٿي رهي هئي .
“اسان کي ڏاڏا جي قبر تي وٺي هل” فيروز، صبح جو حبيب کي چيو،
حبيب، ڳوٺ جي ٻاهرين پاسي کان، خاموش رستي کان هلندي، ڪافي مفاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ پڪي سَرن سان جُڙيل قبر مٿان اچي بيٺو. حبيب پنهنجي ڏاڏا جي قبر ڏانهن اشارو ڪيو. سڀ خاموشي سان بيهي هن شخص جي شاندار ۽ عظيم زندگي جو خاڪو پنهنجي ڌيان ۾ چٽڻ لڳا.
هي بهادر شخص، ڄڻ اسان هنن سان ڳالهائي رهيو آهي ۽ چوندو هجي .
توهان کي جيڪڏهن عزت سان جيئڻو آهي ته پوءِ توهان کي زماني جي مقرر ٿيل طريقن، اصولن ۽ رستن جي ابتڙ سفر ڪرڻو پوندو. اهو احساس توهان کي پنهنجي اردگرد نه ملندو. اُن لاءَ توهان کي پنهنجي زندگي نئين طريقي سان ترتيب ڏيڻي پوندي. جيڪي طاقتون هن وقت سنڌ جي روح کي درهم برهم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. اهي چاهن ٿيون، ته توهان کي اهڙي حالت ۾ اُڇلي ڦٽو ڪجي، جو توهان جي اندر ۾ زندگي جو صَلو وري نه ُڦٽي.
توهان بيڪار ۽ فقيري جو شڪار ٿي وڃو.
توهان کي اهڙي آگاهي، بصيرت ۽ جرئت جي ضرورت آهي، جيڪا توهان کي ان حالت مان ڪڍي اچي. توهان کي اهڙي جرئت ڪرڻي پوندي. توهان کي ٿوري وقت ۾ گهڻا ڪم ڪرڻا آهن. ايمانداري ۽ روح جي صداقت سان .
ڪافي دير تائين ڏاڏا سان هم ڪلام ٿيڻ کانپوءِ سڀئي واپس وريا.
بس جي اچڻ جو وقت ويجهو ٿي رهيو هو. حبيب نيرن ڪرائي. تيرٿ، ۽ فيروز جي دل نه پئي چاهيو ته حبيب کان موڪلائن. هنن چاهيو پئي ته، ٻه ڏينهن رهي هن جي غم کي هلڪو ڪن. هنجي خالي دنيا ۾ زندگي جا ڪجهه رنگ ڀرين. پر هو پاڻ به همت وارو انسان هو. هن آزادي جي اهميت کي سمجهيو ٿي. کيس علم لاءَ اُتساه هو ۽ ڏاڏا جي تريبت ۾ هن کي جيڪا جرئت ملي هئي، اها هن بي رحم دنيا ۾ هن لاءِ روشني وانگر هئي.
هنن ڳوٺ تي هڪ نظر وڌي. حبيب جي ٻارڙن جي نرڙ کي چميو. هن کان موڪلائي اگهم ڪوٽ واري بس ۾ روانا ٿيا.
“سنڌ جا هي گمنام هيروز دنيا جي نظرن کان ته اوجهل آهن” فيروز، تيرٿ کي چيو، پر جي ڏسجي ته هنن جي قرباني ۽ هنن جو لازوال ڪم دنيا کي تبديل ڪرڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. هنن ڪڏهن به ائين نه سوچيو، هوندو ته هنن کي انجو ڪو اُجرو ملندو يا هنن مٿان يادگار اَڏيا ويندا. هي سرفروش محض پنهنجي اندر جي گهرائي ۽ خودي جي بنياد تي وقت جي ظلمت خلاف وڙهندا رهيا. هنن کي ته اهو به احساس نه هو ته سنڌ جو نئون نسل، هنن کي پنهنجن ڳالهين ۾ ياد به رکندو يا نه. اهي بيحد عزت ۽ احترام لائق ماڻهو آهن. انقلابي پارٽين کي گهرجي ته انهن گمنام هيروز جي ٻارن جي تعليم جو بندوبست ڪن. انهن کي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڪن. هنن جا ڏهاڙا ملهائن. يونيورسٽي جا شاگرد هنن جي جدوجهد تي ريسرچ ڪن. هنن تي پيپر ۽ مقالا لکن. ڊاڪيومينٽريز ٺهڻ گهرجن، هي ئي ته دراصل سنڌ جا حقيقي ڪردار آهن. هي زنده ڪردار آهن. نئون نسل هنن مان اُتساه وٺي، پنهنجي زندگي جا قدر مقرر ڪري سگهي ٿو.”