ناول

گذري وئي برسات

هي ڪتاب “گذري وئي برسات” خوبصورت ليکڪ منظور ٿهيم جو لکيل ناول آهي. هي ڪتاب روشنائي پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿهيم جا جنهن پنهنجي ناول جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
  • 4.5/5.0
  • 4872
  • 916
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • منظور ٿھيم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گذري وئي برسات

مها ستوا، سان گفتگو

ڪراچي،
ڏينهن. آچر
سنگهار، صبح سوير جاڳيو. هميشه جيان هن چانهه لاءِ پاڻي گرم رکيو، پنهنجي ڪمري جي دري کولي، روز جيان شهر جي طويل بلند عمارتن کي خاموشي سان پنهنجي جڳهه تي بيٺل ڏسي ٿو ۽ پوءِ نيم روشن آسمان جي عبارت کي پڙهڻ کانسواءِ ڊگها گهرا ساه کڻي ٿو.
ٻاهر خوشبو سان مهڪيل سرينهه جي وڻ جي ٽارين تي ويٺل پکي ورڊس ورٿ جو ڪو گيت ڳائي رهيا هئا. دري کلڻ جي آواز تي نه اُهي اڏريا ۽ نه وري انهن ٻُولڻ بند ڪيو. هنن ننڍڙن سهڻن پکين جي اڳيان ته هميشه کان ائين ٿئي ٿو. هر صبح دري کُلي ٿي، بنا اجازت هَوائن جا جلوس گهر اندر گهڙي پون ٿا، سنگهار آسمان ڏانهن نهاريندو هنن جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو، وڏا گهرا ساه کڻڻ لاءِ ٻه منٽ بيهي ٿو ۽ دري جي ڪانس تي هنن لاءِ اَن ۽ پاڻي جون ڪونڊيون ڀري رکي ٿو.
جي ڏسجي ته جيئن هر صبح کي پنهنجي عبارت ۽ پنهنجو گيت هجي ٿو، اهڙي طرح هر ماڻهو انفرادي طرح پنهنجي اندر ۾ ويٺل ڪيترن انسانن سان رجوع ٿئي ٿو، پنهنجن مختلف لمحن ۾ انهن سان ڳالهائي ٿو، پنهنجي غم جي شدت کي گَهٽائڻ ۽ پنهنجي روح کي سڪون ڏيڻ لاءِ انهن چهرن کي پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀري ٿو، انهن سان گڏجي سڏڪي ٿو، کلي ٿو ۽ پاڻ کي انهن جي حوالي ڪري انهن جي شاندار گفتگو کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
روحاني طرح يا نفسياتي طرح هن حقيقت تي اعتبار ڪرڻو پوندو، ته خاموشي انسان جي اندر کي ٺهراءُ، قابليت، صلاحيت آگهي، راه ۽ روشني ڏئي ٿي. هُن سان گهڻي دير تائين رهندڙ گفتگو کانپوءِ، زندگي جي عبارت وڌيڪ آسان، معنيٰ خيز، اطمينان ۽ مسرت ڀري ٿي وڃي ٿي.
انسان اُن دوران ڪيترين ئي اهڙين شين کي پنهنجي اندر مان پيدا ٿيندي ۽ پڙهندي ڏسي ٿو. جيڪي سڀ کان وڌيڪ آسان، سمجهڻ جهڙيون ۽ هميشه رهڻ جهڙيون هجن ٿيون. ايستائين جو هڪ موڙ تي هو پاڻ کان پڇي ٿو ته، هي اهو ئي ماڻهو آهي، جيڪو گذريل ڏينهن اَجايون سَجايون ڳالهيون سوچي هٿن مان ٿِي ويو.
سنگهار هر روز ائين ڪري ٿو. ڪجهه نه ڳالهائڻ جي باوجود هو پاڻ سان گهڻو ڪجهه ڳالهائي وڃي ٿو. هو پنهنجون اکيون هر هر بند ڪري ٿو. قدرت جي وصف تي غور ڪري ٿو. ڄڻ ته گهري سوچ ويچار ۾ هجي.
در حقيقت هي اتي بيهي سوچي نه ٿو، پر هر سوچ کان پاڻ کي خالي ڪري ٿو. پاڻ کي آزاد ڪري ٿو. ايستائين جو جيڪڏهن ڪير هن کي ڇُهي ته به کيس ڪجهه محسوس نه ٿئي. غير موجودگي واري حالت. جيڪڏهن ڪير پڇيس ته هو ڪهڙي ڳالهه تي سوچي رهيو آهي. ته ڪجهه به ياد نه هوندي ۽ بي خبري جي حالت ۾ هي ائين چوي، ته ڪجهه به نه سوچڻ جي باوجود، خاموشي واري حالت ۾ هن پنهنجي روح کي حيران ڪرڻ جي حد تائين توانو ۽ مسرت ڀريو محسوس ڪيو آهي. ته ماڻهو شايد هن ڏانهن حيرت مان نهاريندي ائين چوي،
سنگهار اهو ڪهڙو راز آهي؟
در حقيقت! سنگهار لاءِ اهو راز قدرت جي نظام ۾ پوشيده آهي.
سرينهه جي وڻ جي خوشبو سان مهڪيل هوا جو جهوٽو ۽ پکين جا پُرسوز آواز پنهنجي فطري رنگن سان رنڱجي ڪنهن عقيدت مند جيان هنجي من اندر گِهڙي اچن ٿا ته ارض قدرت جي دنيا ۾ هي پاڻ کي سڀ کا وڌيڪ خوشنصيب سمجهي ٿو، جنهن کي اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو مليو، سنگهار اُن موقعي جو حصو ٿيڻ لاءِ ته صبح سوير اُٿي ٿو. هِن لاءِ سوير اُٿڻ جو انعام شاندار آهي. هِن کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته وقت جيڪوڪيترن تهن ۽ پَرتن ۾ ويڙهيل آهي، هن اڳيان کلنُدو وڃي ٿو يا ڄڻ هو وقت جي پابندي کان آزاد ٿي ويو آهي. هو زمين تي هوندي به پنهنجي موجودگي کان بي خبر ٿي وڃي ٿو. سنگهار اکيون بند ڪري گهرو ساه کڻي ٿو ۽ هميشه جيان هو پنهنجن اکين کي بند ڪري قدرت جي رقص جو حصو ٿي وڃي ٿو.
اُرميل به جاڳي، هن وال ڪلاڪ ڏانهن ڏٺو ۽ ٻيهر چادر ُمنهن تي وجهي سمهي رهي. پر وري ڪجهه ياد ڪندي چادر ُمنهن تان هٽائي بستري تان اُٿي آرام ڪرسي تي اچي ويٺي.
اُرميل جي گلابي چهري جي رونق ۽ شادابي اڄ هميشه جيان ساڳي ناهي. اڄ هن جي چهري جو احساس مختلف آهي. سندس نماڻين اکين ۾ حيرت جا ڄڻ انبار گڏ ٿي ويا آهن. هن کي حيرت ان خواب تي آهي، جيڪو ڪجهه ئي گهڙيون اڳ هنجي اکين ۾اوچتو ڪنهن اجنبي جيان آيو ۽ ڪنهن ڏاهي استاد وانگر سندس دماغ ۾ قدرت ۽ انسان متعلق ڪي مضبوط خيال ڏئي ويو. جنهن جو سحر هن مٿان هن وقت تائين طاري آهي.
انسان، قاعدن ۽ قانونن واري زندگي گهڻي دير تائين گذاري نه ٿو سگهي. فطرت ان کي ائين سمجهائيندي رهي ٿي، جيتوڻيڪ هو مشڪل سان ڪو اسي ورهيه به نه ٿو گذاري جو ڪنهن ُسڪل پَن جيان زمين تي هيٺ اچي ڪري ٿو .
جي ڏسجي ته ان پوري عرصي دوران هي ڪيترا ڀيرا سماجي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃَڪڙي ڪري ٿو. ابتي رخ ۾ هلندي، ڏٺل، محسوس ٿيندڙ دائرن، مذهب، رنگ، نسل، فرسوده روايتن، رسمن کان پاڻ کي آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ضرور اهڙين شين کي محسوس ڪري ٿو، جيڪي هن کي نئين طرح سان سوچڻ، سمجهڻ ۽ جيئڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون.
انسان جي حقيقت ان کان اڳتي ڪجهه به ناهي ته هي ڪائنات جو تمام ننڍڙو حصو آهي. جيڪو هر طرح کان آزاد آهي. هي اها ڳالهه سمجهڻ جي باوجود ته قاعدن قانونن واري زندگي هن کي بزدل، ڪمزور ۽ سمجهوتي باز بنائي ٿي، انجي باوجود هو اهڙي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور آهي
هي ٻين کان مختلف جي زندگي ڪيئن گذاري؟ اهڙن سوالن کان هن پاڻ کي محروم رکي پاڻ لاءِ ڪيتريون حدون ۽ وحشتون مقرر ڪري ڇڏيون آهن، هن پنهن جي روح کي محبت جي احساس کان خالي ڪري، نفرت ۽ هٻڇ سان ڀري ورتو آهي.
اُرميل، خواب سبب حيران آهي. جيڪو ڪنهن ڏاهي استاد وانگر هن کي ڪجهه اهڙيون شيون ڏيکاري ۽ سمجهائي ويو آهي، جيڪي ڪنهن به انسان جي روح کي جنجهورڻ لاءِ ڪافي آهن، پر ساڳي وقت هوءَ ان سوچ ۾ گهيرجي وئي آهي ته انجي چوڌاري جي دنيا اهڙن ماڻهن جي هجوم سان ڀري پئي آهي، جيڪي هڪٻئي کي مارڻ ۽ ُبڇڙائي واري انداز ۾ هڪٻئي کي تڪليف پهچائڻ ۾ يقين رکن ٿا. جيڪي ڪنهن جو رت وهائيندي به کين ڪا پشيماني ڪانه ٿي ٿئي. جيڪي پنهنجن برتر خيالن، بي معني ڳالهين ۽ ڪمزور ارادن ڪري پنهنجن دلين جا دروازا بند ڪري هڪ ٻئي جي مرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
سنگهار، چانهه جو ڪپ اُرميل کي هٿ ۾ ڏئي هن جي چهري ڏانهن ڏٺو.
“توهان رات ڪافي دير تائين پڙهندا رهيا آهيو” سنگهار ڀر ۾ پيل ڪرسي تي ويهندي ارميل کي چيو،
“رات مون عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خواب ڏٺو” اُرميل، ڪجهه گهڙيون خاموش رهندي، سنگهار کي وراڻي ڏني.
“خواب اسانجو تعلق ڪنهن ٻي دنيا سان جوڙين ٿا” مون ائين ڪڏهن به ناهي سوچيو، ارميل اتساه مان وراڻيو، پر جيڪا دنيا مون ننڊ ۾ ڏٺي تنهن ته منهنجي سموري جدليات کي ئي تبديل ڪري ڇڏيوآهي، وزيبل ۽ ان وزيبل جي درميان جي سفر کي مون هميشه شعوري ڪوشش سمجهيو آهي، پر هي شعور کان مٿي ڪيئن آهي؟ مونکي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي.؟! ڇاڪاڻ ته خواب ۾ جيڪا حقيقت مون ڏٺي ان ته مونکي مروج جدلياتي سائنس جي اصولن تي هڪ ڀيرو ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، اُرميل چانهه جو سپ ڀريندي نهايت غور ۽ فڪر سان ڳالهائڻ لڳي،
“خواب اسانجو تعلق ڪنهن ٻي دنيا سان جوڙين ٿا؟” ارميل، حيرت مان ڪنڌ مٿي کڻي سنگهار سان مخاطب ٿي. مان ان سوال کي ڪيئن ٿي رد ڪري سگهان جڏهن ته ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ مان ان دنيا جو حصو رهي آهيان. مان ان حقيقت کي مڃڻ لائق سمجهان ٿي ته خوابن جو تعلق انسانن سان پراڻو آهي ۽ هي اسانجو تعلق ڪنهن ٻي دنيا سان جوڙين ٿا”
“ هي جي ڪنهن ٻي دنيا مان اچن ٿا، ته مان پنهنجي يقين سان چوان ٿي، ته اهڙي دنيا جو وجود آهي، هي محض خواب ناهن، گِهري گفتگو آهي. انهن کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي. هي ته اعتبار ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي. اها گفتگو ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ بي حد پُراسرار ۽ معني خيز آهي.” اُرميل ڪنهن شي کي پنهنجن اکين ۾ ڏسندي ان متعلق ڳالهائيندي رهي.
“توهان جيڪڏهن جدلي ماديت جي فڪر کي پڙهيو ۽ سمجهيو آهي، ته پوءِ خوابن جي دنيا کي سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي ته نه ٿيڻ گهرجي.” سنگهار ، اُرميل سان مخاطب ٿيندي وراڻيو.
“ڄاڻ کان به اڳتي اڻ ڄاڻائي واري ڪيفيت شايد مونجهاري کي جنم ڏئي ٿي” اُرميل چانهن جي ڪپ کي پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ پڪڙيندي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ائين جيئن ڪو قيدي چار ديواري کان ٻاهر جي دنيا کان اڻ ڄاڻ هجي. خواب شايد ڄاڻ ۽ اڻ ڄاڻائي واري ڪيفيت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا آهن. جديد ماديت جو فلسفو پاڻي جي سطح تي بيهي انهن شين کي ڏسي ٿو، جيڪي پاڻي جي سطح کان مٿي آهن، پاڻي جي اندر ڪهڙي دنيا آهي انجي ان کي خبر ناهي.”
“پنهنجي روح ۽ شعور جي محدود حد کي تسلي ڏيڻ لاءِ ته اها ڳالهه صحي آهي. پر جي ڏسجي ته خوابن جي حقيقت، وڌيڪ ُمونجهاري ۾ پوڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي”سنگهار ڪنهن تجربيڪار استاد جيان ڳالهائيندو ويو، خوابن جي ڪا صداقت ڪانهي. هي ته اسانجي بيچين دماغ جي پيداوار آهن، معاشي ناانصافي ۽ غربت ۾ ماڻهو خواب ئي ڏسندا آهن، هنن پويان ڊوڙڻ سان منزل ڏور ٿئي ٿي. ممڪن جي حدن ۾ هلڻو پوندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي سمجهه، شعور ۽ آزادي جي احساس جي آڌار خوشي ۽ اطمنان واري رستي تي هلڻو پوندو. اسانجا خواب اسانکي جيڪو به ڪجهه سمجهائين ۽ ٻڌائين ٿا اهي دراصل اسانجن گذريل واقعن، منظرن ۽ چهرن کي دهرائن ٿا، ان کان اڳتي هنن جي ڪا حقيقت ڪانهي.
“مان ان ڳالهه کان آگاهه آهيان” اُرميل وراڻيو، خواب اسانجن چهرن ۽ واقعن جا عڪس آهن ۽ انسان کي پنهنجي سمجهه آهر سفر ڪرڻ گهرجي، مان ان ڳالهه سان به متفق آهيان ته، زندگي کي خوابن جي هٿن ۾ نه ٿو ڏئي سگهجي. پر ان کان به اڳتي هي سوال ته زمين اندر ستل ٻج جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪير آهي؟
“هي سوال ته ايڏو ُمنجهيل به ناهي، جو ماڻهن کي سمجهه ۾ نه اچي.”
“خواب به هر انسان جي اندر ستل آهن، هي جاڳن ٿا جڏهن اسين سمهون ٿا.”
ٻج جو ننڍڙو داڻو، صبر سان زمين جي آغوش ۾ رهي ٿو. برسات جي انتظار ۾ ۽ هڪ ئي بوند سان قدرت جا لافاني اشارا ڏئي گل ۽ پوءِ رس ڀريي ميوي ۾ بدلجي وڃي ٿو. ڪيڏو طاقتور ۽ مضبوط وڻ ٿي وڃي ٿو. جيڪو پوءِ انسان کي ڇانو به ڏئي ته پيٽ ڀري کائڻ لاءِ به ڏئي ٿو. اُنهيءِ صداقت تي غور ڪرڻ سان، انسان کي شايد پنهنجو مرڪز ۽ مدار سمجهه ۾ اچي وڃي. اسانجو دماغ به ڪنهن ستل ٻج جي ننڍڙي داڻي وانگر آهي. جنهن مٿان پيار جي جڏهن بوند پوي ٿي ته قدرت جا لافاني اشارا ڏئي جاڳي پوي ٿو.” اُرميل، سنگهار سان مخاطب ٿيندي چيو.
“خواب ننڊ ۾ دهرايل واقعا هوندا آهن. ان کان اڳتي ڪجهه به ناهن.” سنگهار مرڪندي چيو، جي ڏسجي ته خوابن ۾ به طبقاتي فرق هجي ٿو. بي حد غربت ۽ مفلسي واري زندگي گذاريندڙ ماڻهن جا اڌورا خواب، آسوده ۽ ُپر آسائش زندگي گذارڻ وارن کان مختلف هجن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن جا خوابن پيٽ کان شروع ٿين، پيٽ تي ختم ٿين. غربت جي ماريل ماڻهن جا خواب اطاعت، گناهن ۾ ٻڏل ۽ ڇوٽڪاري جي خيال وارا هوندا آهن، جڏهن ته اميرن جا خواب به امير ۽ لذت ڀريا هوندا آهن” سنگهار مذاق ڪندي اُرميل کي چيو.
“ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي، پيٽ ڀريي جا خواب اهڙا ئي هجن ٿا.” اُرميل وراڻي
“ڪنهن غريب کان پڇندو ته تون خواب ڏسين ٿو ته هي چوندو، جيڪي اکيون گهري ننڊ لاءِ سِڪنديون هجن، انهن جا ڪهڙا خواب. اسين اکيون بند ڪيون ٿا ته ڄڻ گهري اونده ۾ هليا وڃون ٿا” سنگهار جي گفتگو مزاح سان ڀرجي وئي هئي.
“ها! ائين ته آهي، مختلف شين جو اثر ته اسانجي پوري حياتي تي رهي ٿو. خواب ۽ تصور ماحول مان اُڀرن ٿا. اهي انسان جي تجربن، مشاهدن جي پيداوار آهن. هر اها شيءِ ۽ هر اهو موقعو پنهنجي وضاحت چاهي ٿو جيڪو لمحه به لمحه ماڻهو جي زندگي ۾ اچي ٿو. اسان جا خيال ۽ عقيدا اُن آڌار ئي ته آهن. پر ساڳي وقت اسان فقط پنهنجن قيمتي يادگيرين مان خواب ئي ناهيون ڏسندا پر بي شمار احساسن ۽ جذبن کان به روشناس ٿيون ٿا” اُرميل، پنهنجن خيالن جي وضاحت ڪندي چيو.
“ها! بلڪل ائين آهي” سنگهار وراڻيو، “جيئن منهنجو صبح ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. دري کان ٻاهر جي نظارن کي ڏسڻ کانپوءِ، هر دفعي منهنجي حياتي ڄڻ نئون روپ ڌاري ڪنهن ٻار جيان غم جي احساس کان خالي، ڪنهن شاندار خواب جيان لڳي ٿي. خواب منهنجي اکين ۾ پکين، گلن ۽ نيري آسمان جي صورت م داخل ٿين ٿا. مون لاءِ اها ئي حقيقت آهي. (گوتم ٻڌ ) هميشه گلن جو ذڪر ڪندو هو. خواب ۾ به گل ڏسندو هو. هن جي ارد گرد گل هوندا هئا، هُن پنهنجي جواني کان وٺي ٽڙيل، مهڪيل ۽ توانا گل ڏٺا. هُو گلن کان آشنا هو. ان ڪري ئي هُو جڏهن به ڳالهائيندو هو ته گلن جا حوالا ڏيندو هو ۽ چوندو هو، ته قدرت پاران هر طرف ڪيڏي خوشي آهي ۽ سمجهه لاءِ ڪيڏا سبق، ڪيترا رنگ ۽ گل آهن، ڪنهن عمدي ڪتاب جيان”
“خوابن جي هڪ ٻي حقيقت به آهي” اُرميل سنجيده ٿيندي چيو. اهي عجب راز جيان ماڻهو جي اکين ۾ لهن ٿا. مون لاءِ اهو ڪنهن حيرت کان گهٽ ناهي ته مان اوائلي دور جي هڪ اهڙي طرز جي زندگي جو حصو ٿي وئي آهيان. جيڪا منهنجي وهم گمان ۾ به ناهي.
هن ڪيفيت ۾ انسان کي پنهنجن عقيدن، نظرين ۽ خيالن تي غور ڪرڻو پوي ٿو. منهنجو مطلب آهي ته اسانجي داخلي دنيا گهري راز جيان آهي. جيئن خوشي ۽ غم جون مختلف ڪيفيتون انسان کي پنهنجي سحر ۾ وٺن ٿيون. بلڪل ان طرح خواب به اُن ٻن ڪيفيتن جو حصو هجن ٿا. هي ڪا وهم پرستي جي به ڳالهه ناهي. جو هر اک خواب ڏسي ٿي. زندگي جو مشاهدو ڪري ٿي ۽ ڌيان ذريعي حيرت ۾ وجهندر منظر ۽ خيال ڏسي ٿي، پر مان پنهنجي ان خواب لاءِ ڇا چوان، جيڪو غم ۽ خوشي کان وڌيڪ سمجهه ڀريو ۽ روح جي صداقت سان ڀرپور آهي.
“ٺيڪ آهي! پر تون پنهنجو خواب ٻڌائيندي ته پوءِ ئي ان تي ڳالهائي سگهجي ٿو” سنگهار چهري تي مرڪ آڻيندي اُرميل کي چيو.
اُرميل، خواب جو تفصيل ٻڌائيندي سنگهار کي چوي ٿي،
“مان پاڻ کي اوائلي دور جي ڪن پراڻين عمارتن جي وچ ۾ ڏسان ٿي. ويڪرا ڪشادا رستا، صاف سٿرا آڳند، انهن درميان مان هلندي وڃان ٿي ته ڄڻ هڪ شهر منهنجي اڳيان کُلندو وڃي ٿو. ديوارن تي شاندار ۽ خوبصورت چٽسالي، مٿان وسيع ويڪرا برج، ٻه تاڪيا ڪاٺ جا دروازا، جن مٿان ويڪري ُمنهن وارا لوهه جا ڪِيل لڳل. انهن جي ڀر ۾ ڏيئي رکڻ لاءِ ديوار منجهه ٺهيل ڏيئا دان، هر گهر ٻاهران نم جا گهاٽا وڻ، جن مان پکين جا آواز نديءِ جي پاڻي جيان پر ُشور آواز ڪندا دل ۾ لهندا ٿي ويا. جهرڪي کان به ننڍڙو پکي بلڪل منهنجي سامهون وڻ جي ٽاري تي اچي ويٺو. هنجي جي ڳلي مان ُسرن جي بارش ٿئي ٿي. هُن ڳايو ٿي ته ڄڻ زمين مان گلاب ٿي ٽڙيا. مون پنهنجي حياتي ۾ اهڙو شاندار آواز ناهي ٻڌو. مون وٽ ان آواز جو ڪو نعمل العبدل ئي ڪونهي، جو مان ان کي ڪنهن ٻئي سان ڀيٺ ڏئي توکي ٻڌايان. شاندار آواز هو. پکي ڳائيندو آسمان ڏانهن اُڏري ٿي ويو. ان ئي جذبي سان آسمان تي ٽڪ هڻي ٻوليندي، زمين ڏانهن ڪرندڙ پٿر جيان سڌو اچي وڻ جي ٽاري تي ويٺو ٿي. هن شاندار منظر کي ڏسڻ کانپوءِ ڪهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو قدرت جي هن شاهڪار تخليق تي حيران نه ٿئي. مان پنهنجي دل ۽ دماغ سميت ان منظر ۾ ان قدر گهيرجي ويس جو اک ڇنبڻ کانسواءِ ئي ان پکي کي ڏسندي رهيس. مان اتي اوستائين بيٺي رهيس جيستائين پکي اتي موجود هو. مان اُن خوبصورت لمحي کان تڏهن ٻاهر آيس جڏهن منهنجي نظر بي نام شهر جي خوبصورت عمارتن تي پئي. عمارتون خوبصورت ته هيون پر عجب جي ڳالهه ته مونکي پري پري تائين ڪوبه ماڻهو نظر نه ٿي آيو. ڄڻ ڪي ماڻهو هن شهر کي ٺاهي جوڙي هليا ويا آهن. هنن جي تعميراتي فن مان لڳي ٿو. هي پراچين تهذيب جا مهذب ماڻهو. شاندار صلاحيتن جا مالڪ آهن. مان حيرت ۽ تجسس مان شهر جي تعميراتي فن کي ڏسندي اڳتي وڌندي وڃان ٿي. ڪجهه پنڌ ڪرڻ کانپوءِ هڪ طرف مون ڏٺو ته ڪجهه جانور وحشياڻي نموني هڪٻئي سان وڙهي رهيا آهن. مان انهن کي ُسڃاڻي نه سگهيس ته اهي ڪهڙا جانور آهن، پر اهي جهڙي طريقي سان وڙهي رهيا هئا، انهن جي خوف کان مان اهو رستو ڇڏي اڳتي نڪري ويس. ٻئي رستي جي هڪ موڙ کان هلندي اڳيان مون ڪجهه فاصلي تي سفيد ۽ گهري نارنگي رنگ جي ڪپڙن ۾ملبوس ويٺل ساڌو فقير ڏٺا. جن جا وار ڪلهن تائين وڌيل هئا. جيڪي هوا جي تيز جهوٽي سان اُڏريا ٿي. هنن جون ٻانهون هڪٻئي سان جڙيل هيون ۽ ٽنگون ملائي ائين ويٺا هئا ڄڻ زمين مان ڦٽي نڪتا هجن. مان ان طرف مڙي ويس. هنن کي مون نمسڪار چيو ته هنن مان ئي هڪ جواب ۾ اسلام عليڪم چيو. مون سمجهيو شايد اهي مسلمان فقير آهن. مون وضاحت واري لهجي ۾ هنن کي چيو معاف ڪجو دراصل مون سمجهيو توهان هندو ساڌو فقير آهيو تڏهن مون توهان کي نمسڪار چيو، هُنن چيو اسان سلام جو جواب نمسڪار ۾ ڏيندا آهيون ۽ نمسڪار جو جواب سلام ۾ توهان نمسڪار چيو اسان اسلام عليڪم ۾ وراڻي ڏني، هن شهر جي ماڻهن جو اهو طريقو آهي.”
“هي ته شاندار طريقو آهي.” مون هنن ڏانهن ڏسندي چيو.
“هي ڪهڙو شهر آهي” مون هنن کان پڇيو، هُنن مونکي شهر جو نالو ٻڌايو
هن وطن جو نالو آهي – “سنڌ “
مان هنن ڏانهن ڏسندي رهيس ۽ هنن سان گڏ زمين تي ويهي رهيس.
“توهان هي طريقو ڪنهن استاد يا ڪنهن درسگاه کان سکياآهيو؟” مون کانئن پڇيو،
“قدرت ئي اسانجي رهنما ۽ اسانجي درسگاه آهي.” هنن وراڻيو،
“قدرت ته خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪري ٿي” مون چيو،
“قدرت ۾ موسيقي آهي، پيار آهي،آگاهي آهي، هتي هرشيءِ پنهنجي قدر قيمت کي سمجهي ٿي، ۽ پنهنجي مدار ۾ رهي ٿي. انسان اسرارن جي تندن سان جڙيل آهي، ڇو ته خدا انسان کي اسرارن جي آڌار رکي ٿو، ته جيئن انسان پنهنجي مدار کي سمجهي سگهي.” هُنن اتساه مان وراڻيو.
“قدرت اسرارن جو هڪ ٻئي سان جُڙيل سلسلي ۽ توازن جو نالو آهي. هُن پنهنجي گفتگو کي جاري رکندي چيو، جڏهن ته انساني سماج جي گهڻائي اُن سلسلي ۽ توازن جي حق ۾ ناهي”.
“اها ئي ڳالهه چوڻ لاءِ اسين توسان مخاطب آهيون” انهن مان ڪنهن چيو
“اسين سڀ اُن حقيقت کان واقف آهيون، پر ڪيترا انسان جيڪي قدرت جي قانون جو حصو ٿيڻ بجاءِ، پنهنجي راحت ۽ طاقت خاطر اُن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ قدرت جي توازن کان ٻاهر ٿيندا وڃن ٿا. زندگي جو توازن ٽٽڻ سان ڪيڏي وڏي تباهي اچي سگهي ٿي، انسان پنهنجي ڌيان ۾ اها ڳالهه نه پيو آڻي!”
هُنن وڌيڪ چيو، “توکي خبر آهي ته تنهنجي قدمن هيٺان جيڪا زمين آهي، زنده حقيقت آهي ۽ ساهه کڻي ٿي. زمين ڏانهن نهاريندي هن چيو، هي زمين تنهنجي حياتي کي ٺاهي روپ ڏئي ٿي. جيستائين تون آهين تنهنجو روح خوشين سان ڀريندي رهي ٿي. ان جي ساه کڻڻ جو طريقو به بلڪل انسانن وانگر آهي!”
“ اُها تنهنجي قدمن جي آهٽ کي محسوس ڪري ٿي. اُن جي گفتگو ڌيان سان ُٻڌي سگهجي ٿي. هُن کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو. هر طرف کان گلن، ٻوٽن، آبشارن دريائن، ندين، هوائن ۽ پکين جي ٻولين ۾. هُن کي به پنهنجو مدار ۽ پنهنجي حقيقت آهي. هيءَ پوري زندگي جاڳندي رهي ٿي ته جيئن توهان سڪون سان گِهري ننڊ سمهي سگهو. هوءَ ائين نه ڪري ته ڪو به جيو زنده نه رهي سگهي .
پر انسان هن زمين کي ٽڪرن جي صورت ۾ ورهائي پنهنجي طاقت کي ٻيڻي ڪرڻ لاءِ جانور جي حد کان به هيٺ ڪري پيو آهي. پنهنجي بي ضمير روح جي تسڪين لاءِ قتل و غارت ڪري زمين کي هُن رت سان ڀري ڇڏيو آهي. ماضي جي ڀيٽ ۾ جديد دور جو انسان زمين جي وجود لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي. انسان جو زمين ڏانهن بي حسي، بي رخي ۽ بي حرمتي وارو رويو اُن کي وقت کان اڳ اوڙاهه ۾ وڃي ڦٽو ڪندي، زمين جون ٻاهون، وڻ وڍي شهرن جا شهر آباد ڪرڻ جيڪي وري روزانو لکين ٽن ڪچرو پيدا ڪري، زمين جي چهري کي مسخ ڪندا تهذيب ۽ ترقي جي نالي تي انسانيت جو بکيو اڊيڙيندا وڃن ٿا. جنگيون، انساني آبادي جي لڏپلاڻ کي پنهنجي ڪاروبار لاءِ لازم سمجهندڙ جديد دور جو انسان، پنهنجي لاءِ پاڻ قبر کوٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي .
انسان محبت سميت، شرمساري جي حد تائين زمين جي باقي حيات کي به پنهنجي لامحدود بک جي نظر ڪرڻ چاهي ٿو.
“زمين سڀ جو گهر آهي، انسان پنهنجي عقل ۾ اها ڳالهه نه ٿو آڻي”هو ڪجهه ياد ڪندي ۽ ڏک واري ڪيفيت ۾ ڳالهائيندو ٿي ويو.
انسان، پنهنجي بي حد حرص ۽ لالچ جي نتيجي ۾ باقي حيات جي زندگي ۾ زهر ڀري ڇڏيو آهي. انسان جو پاڳل پن ۽ زمين جي حيات تي غلبو پائڻ جهڙا بدحواسي وارا خيال ۽ زمين کي قبضي ۾ ڪرڻ واريون هن جون ديوانگي سان ڀريل خواهشون. مرڻ تائين پوريون ڪونه ٿينديون. پر انجي باوجود هيءَ زمين انسان کي پنهنجو آغوش ڏئي ٿي. ڪنهن به حساب ۽ فرق کانسواءِ هن کي پنهنجو پلئو آڇي ٿي. هُن کي طويل گِهري ننڊ سمهڻ لاءِ جڳهه ڏئي ٿي.”
اسانجي مهربان، “زمين جو تهه گرم ٿي رهيو آهي. ان جو ذميوار صرف انسان ئي آهي. ترقي جي نالي تي هُن وڏي تباهي کي پيدا ڪيو آهي. توکي خبر آهي انجا ڪيڏا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.”
“تون ان خيال تي اعتبار ڪرين ٿي ته ڪائنات هڪ تعلق ڪري قائم آهي؟” هو وڏي جوش سان ڳالهائي رهيو هو.
“ظاهر آهي، هميشهه کان مون ائين سمجهيو آهي، مان ان تعلق تي يقين رکان ٿي.” مون وراڻيو.
“تنهنجو اهو يقين ڪامل بلاشڪ تنهنجي اندر هڪ نئين انسان کي تخليق ڪرڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندو” هن وراڻيو. هي روحاني ترقي تو اندر تبديلي جي جٽادار صلاحيت کي پيدا ڪندي. جنهن کي ڪنهن کان سکڻ جي ضرورت ناهي. هي عمل ۽ اعتبار جو رشتو آهي. جنهن لاءِ تنهنجو ڌيان گهرجي. قدرت ڪٺور تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن اسانجو ڌيان ڪنهن ٻئي طرف هجي ٿو، قدرت، ڌيان ۽ آزادي جو نالو آهي.
جنهن ۾ لامحدود علم پوشيده آهي. جيڪو دلين تي پنهنجو عجيب اثر ڇڏي ٿو. انسان جي معصوم دل هن علم سان منور ٿئي ٿي ۽ پنهنجي زندگي جي سخت ترين مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي ڏينهن کي مسڪرائيندي بي حد احترام ۽ آزادي سان پنهنجي منزل حاصل ڪري ٿي. بي صبري ۽ غير سنجيده انساني گهرجون هن دل کي ويراني سان ڀري ڇڏين ٿيون، جيڪو ئي دراصل زوال آهي انسان جو.”
اسانجي مهربان مهمان! هنن مونسان مخاطب ٿيندي چيو، “زندگي هڪ ٻئي سان جڙيل آهي. تڏهن ئي روان دوان آهي. زندگي ناهموار ۽ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ حقارت آميز هئڻ جي باوجود شاندار آهي. ڪائنات جي صداقت، وحدت ۽ ڪثرت کي اسان زمين تي سمجهي ئي نه ٿا سگهون. ڇاڪاڻ ته ان بابت اسانجي ڄاڻ بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي. اسان ته اڻ ڄاڻ ئي هجون ٿا. دانائي ته سمنڊ وانگر آهي. اسان شيطاني تڪبر ۽ دانائي جو روپ ڌاري دراصل تمام وڏي جهالت جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون.
محبت ئي وسيلو آهي. قدرت جي غير معمولي شين کي ڪنهن حد تائين سمجهڻ جو. قدرت جي شين جي حقيقت کان واقف ئي تڏهن ٿي سگهجي ٿو. جڏهن انهن سان محبت سان پيش ايندي. هميشه لاءِ نوڙت ۾ رهندي هُن اڳيان پنهنجو ڪنڌ نوائي هلجي.
هيءَ ڌرتي اسان سڀ جي درسگاه آهي. هتي محبت جنهن کي ڪا فنا ڪانهي، جيڪا ختم ٿي ويندڙ جسم جي حرڪت کانپوءِ به ازلي ۽ ابدي آهي.
هن اڳيان سيتا جي اگني پرڪشا ڪا معنيٰ ڪانه ٿي رکي. هيءَ ڪنهن اهڙي تماشي تي يقين ئي نه ٿي ڪري سگهي.
رام، ته پست ۽ ڪمزور ذهن جو مالڪ هو. هن کي اهو احساس ئي نه هو ته پيار کي آزمائي به سگهجي ٿو يا انجي پرڪشا به ٿي سگهي ٿي. سيتا ته نديءِ جي وهندڙ صاف پاڻي جيان هئي. هو ته سدا لاءِ مٿان کان هيٺاهين طرف وهندڙ آبشار جي ڌارا بنجي وئي هئي. پيار ته يقين جو نالو آهي. هي ائين آهي جيئن اسين خدا جي وجود ڏانهن يقين رکون ٿا. پيار جي ڪيفيت اسانجي عقل ۽ ڏاهپ جي ڪيفيت کان گهڻو مٿي آهي. پيار لاءِ ڪيتريون ئي وضاحتون ۽ اصطلاح ٿي سگهن ٿا پر ان جي ڪا پرڪشا ڪانهي. پيار ڪا اهڙي شيءِ ڪانهي جنهن کي آزمايو وڃي. هي ته سفر جو نالو آهي، ڪنهن به سامان، سيڌي کانسواءِ سفر جو نالو آهي. پيار تي ڀروسي ۽ يقين ڪرڻ وارا ئي هن سفر ۾ سڦل رهن ٿا. پيار هميشه دلين جي ويراني کي شادابي جي طاقت سان منور ڪري ٿو ۽ ڪمزور ماڻهن لاءِ خدا جي هٿ جيان سهارو ڏئي منزل تائين پهچائي ٿو. جيڪو انسان زندگي ڏانهن محبت کانسواءِ ڊوڙي ٿوهڪ موڙ تي ٿڪجي پوي ٿو، هر ماڻهو زندگي ۾ ڊوڙڻ جي معاملي ۾ پاڳل آهي، اهو پاڳل پن انسان کي ڪنهن موڙ تي ٿڪائي وجهي ٿو.
ائين به آهي ته زندگي ۾ پاڳل پن، اجائي سنجيدگي کان هزار ڀيرا بهتر آهي. جو سنجيدگي زندگي جو ترنم ٻڌڻ کان محروم ڪري ٿي. بلڪه اها ڪوريئڙي جي ڄار وانگر هجي ٿي.”
“سنجيدگي، ڪوريئڙي جو ڄار ڪيئن آهي؟” مون کانئس پڇيو.
“انسان کي صاف موسيقي جي رڌم وانگر هئڻ گهرجي.” هُن وراڻيو. “انسان پنهنجي غير ضروري ۽ بي فائدي گهرجن ۽ خواهشن کي پوري ڪرڻ واسطي سنجيده ٿئي ٿو. جنهن سان هو پنهنجي روح جي آزادي ۽ روح جي خوشي کان محروم ٿي وڃي ٿو، بلڪه هيءَ ڪيترن ٻين بيمارين وانگر هڪ قسم جي بيماري آهي، جيڪاانسان جي پوري وجود ۽ حواسن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏي ٿي. هن بيماري ۾ انسان پنهنجي ذات ۾ڪوريئڙي وانگر پنهنجي ئي اُڻيل تارن ۾ ان قدر قيد ٿي وڃي ٿو، جو پوءِ نه روئي سگهي ٿو، نه ٽهڪ ڏئي کلي سگهي ٿو، نه رقص ڪري، ڳائي سگهي ٿو، ۽ نه وري حقيقي انداز ۾ پيار ڪري سگهي ٿو. هو پاڻ کي کولڻ، ظاهر ڪرڻ کان محروم رکي ٿو. سنجيدگي توهان ڏانهن ايندڙ ڪا اهڙي شي به ناهي، جيڪا اوچتي توهان مٿان غالب ٿي وڃي. هيءَ بي جا فوقيت ۽ برتري جي حالت ۾ لمحه به لمحه داخل ٿيندي وڃي ٿي.”
“هن شهر جا ماڻهو ڪيڏانهن ويا؟” مون انهن کان پڇيو،
“انهن کي شور کائي ويو، هنن ڏک مان وراڻي ڏني، هاڻي هو جانورن جيان وڙهن پيا، تو ڏٺو ڪونه هنن کي.”
“ڪهڙو شور ؟” مون حيرت مان پڇيو “بيڪار ۽ غير حقيقي شين کي حاصل ڪرڻ جو شور.”
مون کي هنن جي گفتگو واقعي به دلچسپ لڳي. مون وري هنن کان سوال ڪيو ته، “توهان ان کي شور چئو ٿا يا هي انساني سوچ آهي. جنهن ڪري انسان ائين آهي. جنهن ۾ انساني ترقي جي خواهش به آهي ته هڪٻئي کي حقارت سان لتاڙي اڳتي نڪرڻ جو جنون به آهي.”
“ويراني ۽ شادابي مان توهانکي ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي آهي” هنن وراڻيو، جنهن کي توهان انساني ترقي چئو ٿا، دراصل اها انسان جي اڪيلائپ ۽ روح جي ويراني آهي ۽ اهڙي لالچ آهي، جيڪا دنيا جو سموريون راحتون پاڻ لاءِ مخصوص ڪرڻ چاهي ٿي. هي سوچ ۽ سمجهه به ناهي، هي پنهنجو پاڻ کان هڪ قسم جي نفرت ۽ ڌڪار آهي. قدرت جي حسناڪين، نعمتن ۽ راحتن کان پنهنجو پاڻ کي محروم رکي، هن پاڻ لاءِ نفرت ۽ حقارت جي چونڊ ڪئي آهي. انسان ائين ڪري سمجهي ٿو، ته هو اهو سڀ ڪجهه ڪري محفوظ ٿي ويو. پر ان سان هيءَ وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويو آهي.”
“توهان ڪهڙي دور جا انسان آهيو” ؟ مون هنن کان پڇيو،
“اسان سنڌو جي پراچين دور جا لوڪ آهيون.” هنن وراڻيو،
“ سنڌو مان توهانجي مراد سنڌو درياءِ آهي” ته هنن وراڻيو، “ها !”
“توهانجا پير ۽ ٻانهون هڪٻئي سان جڙيل ڇو آهن، توهان ائين ڇو آهيو”؟ مون هُنن کا پڇيو،
“ائين برابر آهيون” هنن دوستاڻي لهجي ۾ چيو،
“اسين ائين نه هجون ته پنهنجي مروت، مدار ۽ ڌيان ۾ ڪيئن ٿا رهي سگهون. هي تعلق آهي، جيڪو اسانکي ان لائق بڻائي ٿو، ته اسان پنهنجن ڳوڙهن ۽ پنهنجن ٽهڪن مان پنهنجا رستا ٺاهيون ۽ مشڪل حالتن ۾ به پنهنجي گفتگو جي مٺاس کي برقرار رکون. جيڪڏهن تون وڻ کي ڏسندين ته توکي اسانجو ائين هڪٻئي سان جڙيل هجڻ سمجهه ۾ اچي ويندو. جيڪو ٻج کان هڪ شاندار گل ۽ پوءِ رس ڀريي ميوي تائين جي هڪ تعلق سان جڙيل آهي. ائين اسان جو هر عضوو جسم جي هر ٻئي عضوي سان تعلق ۾ آهي، جنهن ڪري اسان جڙيل آهيون، پر اسين آزاد به آهيون. اسانجي آزادي هوا ۽ روشني جيان آهي، نديءِ جي ڌارا جيان آهي.”
“توهان ۾ زندگي کي بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪهڙي جستجو آهي؟” مون کيس پڇيو
“اسان ان وحدت جو عڪس آهيون، جنهن جي ڪثرت هر طرف کان موجود آهي. هنن مان ڪنهن چيو،
راڳ، جي روپ ۾ ميگهه، ڇايا، للت، ڀاڳيا شري، آسا وري.
روشني، جي روپ ۾ سج چنڊ ستارا .
زندگي، جي روپ ۾ پاڻي، بادل، بارش، وڻن، گلن ۽ پکين ۾.
انسان، جي روپ ۾ جذبن، احساسن، محبتن، خيالن، غم ۽ خوشي ۾.
راڳ، روشني، زندگي ۽ انسان هي زندگي جا نغمه آهن. جيڪي زندگي کي مڪمل ڪن ٿا، ته جيئن ڪائنات جو چراغ روشن رهي. جنهن جي جهلڪ ۽ روشني جي بنياد تي اسين پاڻ کي بهتر ۽ درست ڪيون ٿا. هي ائين آهي جيئن درياءِ جو پاڻي لهڻ کانپوءِ زمين سائي چادر اوڍي يا بهار جي ُمند ۾ هر طرف کان گل ٽڙن يا بارش ۾ زمين جا موتي، رنگين پٿر ۽ ڪوڏ ظاهر ٿي پون. هي احساس روح جي گهراين تائين محسوس ڪرڻ جو آهي.”
“خدا انسان کي عقل ڏنو ته ان سهاري پنهنجن ڪمزورين ۽ خامين کي درست ڪري، ڇو ته قدرت پنهنجي طرف کان گونگي، ٻوڙي ۽ ڪنهن حد تائين بي رحم ۽ غير هموار هجي ٿي. توهان ائين سمجهو ٿا؟”مون کيس پڇيو.
“قدرت جو هر وجود اسرارن ۾ پوشيده آهي” هُو ڪنهن ڏاهي استاد جيان ڳالهائڻ لڳو، جنهن ۾ شاندار موسيقي جو رڌم ۽ اعليٰ آگاهي آهي. مان توهان کي وڌيڪ آسان ڪري سمجهايان ٿو ته ڪيئن قدرت جي هر پهلو ۾ رواني پوشيده آهي. قدرت جو ننڍڙي کان ننڍڙو جيو پنهنجي متحرڪ خيال کان نه، پر پنهنجي قدرت جي قائدي جو پابند رهي پنهنجو جيون گذاري ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪائنات جي حيات ۽ هستي جي اها ئي حقيقت آهي. ُهن قدرت جي قاعدي تي هلندي، شاندار زندگي جي ابتدا ڪئي، ٻار جي دل وانگر تجسس ڀري، ڪنهن به عيب کان پاڪ.
قدرت جي فياضي جو اندازو ٻج جي هڪ داڻي مان لڳائي سگهجي ٿو. جيڪو هڪ مان هڪ هزار جي تعداد ۾ پيدا ٿئي ٿو. قدرت هر جيو جي خوراڪ جو بندوبست پنهنجي ڪک مان ڪري ٿي، هر جيو جي خوراڪ جو ذريعو زمين آهي، پر مختلف صورتن ۾.
انسان ئي واحد مخلوق آهي. جيڪو قدرت جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندو رهي ٿو. پنهنجي وجود کي هميشهه لاءِ آرام ڏيڻ. طاقت ڏيڻ ۽ راڄ ڪرڻ جي خيال کان انهن شين جو انتخاب ڪري ٿو، جيڪي هن لاءِ وڌيڪ مصيبتون پيدا ڪن ٿيون. فخر ۽ برتري جي خواهش ڪمزور ماڻهن جي نشاني آهي.
اسين سڀ ڪائنات جي چڪر جا تمام اهم ۽ ننڍڙا حصا آهيون. انسان هميشه فوقيت جو اظهار ڪري ٿو. جيئن هو هميشهه کان ڪندو اچي ٿو. آدم کان جنهن جي سزا هي هن وقت تائين ڀوڳي پيو. اسان کي ڏک آهي ته انسان ڪنهن به سرگرمي لاءِ ڪمزور دليلن جو سهارو وٺي ٿو ۽ غرض کي هميشه محبت کان مٿانهون رکي ٿو. انسان جي هي وڏي ڪمزوري آهي.
جيڪا دل محبت کان خالي آهي، انجي سرگرمي سطحي ۽ بي معنيٰ هجي ٿي. مان هيءَ ڳالهه وري دهرايان ٿو، ته محبت کان مٿاهين ڪا به شيءِ ڪانهي ڪو به دليل نه.
قدرت، تعلق چاهي ٿي ۽ انسان لاتعلقي. ڇا انسان وٽ نيڪي جو اهو صِلو آهي؟”
مان توکي ٻڌايان ٿو،هو ڳالهائيندو ويو، “خدا جي هن دنيا ۾ انسان پنهنجي عقل کان ڪابه نئين شيءِ ڪونه ٿو ڪري. ڪائنات جي موجود شين مان ئي پنهنجي ڪم ۽ مقصد جي شين جي تلاش ڪري انهن کي پنهنجي استعمال ۾ آڻي، پنهنجي مطلب جون شيون حاصل ڪري ٿو ۽ ڪنهن حرفتي جيان ان کي مارڪيٽ جي جنس ۾ تبديل ڪري ٿو. انسان قدرت جي هر شي کي مارڪيٽ جي جنس سمجهي ويٺو آهي، انسان قدرت جي رحم کي پنهنجو عقل سمجهي ويٺو آهي.”
“اسين قدرت جي نعمتن جي ساراه ڪرڻ بجاءِ ان کان ڄڻ انتقام وٺي رهيا آهيون.” هُن نهايت بي چيني ۽ شڪوه واري انداز ۾ چيو،
مان توهانکي ٻڌايان ٿو ته، “قدرت اسان کي ڏسي به ٿي، ٻڌي به ٿي ۽ جهولي ڀري ڏئي ۽ کسي به ٿي”
فقيرن مان هڪ اُٿيو ۽ مونکي چيائين، “مونسان گڏ اچو، هڪ هنڌ مونکي بيهاري زمين مان ڪنهن ٻوٽي جو ٻج کڻي هُن منهنجي هٿ تي رکيو. مون ڏٺو ته ٻج مان سَلو ڦٽي ٿو. ٻج پنهنجي پاڙ هڻڻ لاءِ منهنجي هٿ ۾ سوراخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مون کي تڪليف محسوس ٿي ته، مون ٻج کي زمين تي اڇلايو. فقير مونکي ڏسي چيو، ٻج جي اها ڪٺورتا زندگي جي لاءِ آهي، نه ئي توهان کي تڪليف پهچائڻ لاءِ . هن ٻج کي پنهنجي زندگي جي شروعات ۽ پاڙ هڻڻ لاءِ سخت ٿيئڻو پيو، اها هنجي ضرورت به آهي ته فطرت به، جنهن کانسواءِ هن جو وڌڻ ممڪن ڪونهي. پر هن جو اهو رويو زندگي کي پيدا ڪرڻ آهي،هي زندگي جو چڪر آهي، فنا ۾ ئي دراصل بقا هجي ٿي، قدرت جي اها ئي وصف آهي.”
هُن اڃان ڳالهايو پئي ته مون ڪجهه آواز ٻڌا جن مان ڪجهه ڳالهيون مان سمجهي سگهيس. اهي آواز چئي رهيا هئا، “هن کان پاسيرا ٿي گذرو، هن جي جسم مان مانس جي بدبو اچي ٿي، هنجو جسم قدرت جي نعمتن کان خالي آهي! هي جسم روح ۽ راحت کان خالي آهي، هن کان پاسو ڪري هلو.”
مون پڇيو هي ڪير آهن؟
“هي توهانجا وڃايل ارواح آهن” هُن وراڻيو.
سنگهار، ارميل جي گفتگو مان لطف اندوز ٿي رهيو هو.
ارميل: ڪجهه گهڙيون خاموش ٿيندي سنگهار کي چيو، “هي واقعي به عجيب خواب هو، جتي زندگي واقعي به حيرت ۾ وجهندڙ هئي، هر ماڻهو پاڻ سان جڙيل، سَتار ۽ کڙتال وڄائي ڳائي نچي رهيو هو. هتي ڪنهن کي ڪا جهل پل ڪانه هئي.”
“هي شاندار عمارتون ڪنهن جون آهن”؟ مون ڪنهن فقير کان پڇيو، هن وراڻي ڏيندي چيو، “هي شاندار نه پر ويران آهن. هي انسان جي ويراني جون نشانيون آهن. هر هنڌ ڦهليل آهن. هنن ۾ هاڻ ڪا به زندگي ڪانهي. هنن بي تهاشا زمين والاري رکي آهي. تو ڏٺو هوندو حد نظر تائين اهڙا محل آهن. پر زندگي کان خالي آهن. هو ڏس اسانجا ساڌو وڻ جي گهاٽي ڇانو هيٺان ڪيڏي سڪون سان ويٺا آهن.”
“توهان پنهنجو نالو ٻڌائيندا؟” مون اُن کان پڇيو،
هن پنهنجو نالو ڪجهه عجيب طرح جو ٻڌايو.
“مهاستوا “
مونکي سمجهه ۾نه آيو.
“انجي معنيٰ ڇا آهي؟” مون اُن کان ُپڇيو،
“زندگي جو جوهر ، روح” هن وراڻيو،
ارميل، خاموش ٿي وڃي ٿي.

“واقعي به هي خوابن جي دنيا انوکي آهي” پر اها اسانجي دائره عقل کان ٻاهر ڪيئن ممڪن آهي؟ سنگهار، ارميل سان مخاطب ٿيندي چيو، خوابن جي دنيا اسانجي محسوس ڪرڻ، ڏسڻ ۽ ڇُهڻ جي صلاحيت سان جُڙيل آهي، ان حقيقت کي فلسفي جي استاد کانسواءِ ٻيو ڪير ٿو سمجهي سگهي؟”
رات تو پراچين سنڌ جي تهذيب تي ڪو ڪتاب پڙهيو آهي. جنهن جي اثر ڪري اهو ننڊ ۾ ڪنهن ڪهاڻي وانگر گذري ويو آهي. خواب کي ايڏو سنجيده نه وٽ!” سنگهار ، اُرميل ڏانهن نهاريندي چيو.

“ هي اسانجي دائره عقل کان ٻاهر جي دنيا آهي” اُرميل اتساه مان وراڻيو، هن خواب مونکي نئين طرح سان سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، مون ڪجهه گهڙيون اڳ خواب ۾جيڪا گفتگو ڪئي آهي، توکي ائين نه ٿو لڳي ته اها ڪا عام رواجي گفتگو ناهي، توکي ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻو پوندو ته انجو تعلق ڪتابن ۾ پڙهي ويندڙ تاريخ ۽ تهذيب سان ناهي پر منهنجي نماڻي دل ۽ دماغ لاءِ شاندار نياپو آهي.
“ابتدائي زمانن ۾ ممڪن آهي ته ائين سمجهيو ويندو هجي ته هيءَ ڪا ٻي، عقل کان مٿاهين دنيا آهي” سنگهار، اُرميل کان چانهن جو ڪپ وٺندي چيو، پر پوءِ سائنس جي کوجنا ان کي معجزو چوڻ بجاءِ اهڙي حقيقت ڪري سمجهيو، جيڪا انسان جي روزمره جي سرگرمي جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. توهان فلسفي جا استاد آهيو، توهان ته اها ڳالهه سمجهي سگهو ٿا. ان ۾ ڪنهن ٻي دنيا جو ذڪر مون لاءِ عجيب آهي، ائين ته نه سوچو!”
“خواب ته لاشعورUnconsciousness جي دنيا آهن. جنهن ۾ ماڻهو جيڪو ڏسي ٿو. اهو ڪنهن طرح شعور Conscious جي دنيا سان جڙيل هجي ٿو. هي ڪا الهامي شيءِ ته ڪانهي.” سنگهار، ارميل ڏانهن ُمسڪرائيندي چيو.
“بلڪه انسان پنهنجن شروعاتي سالن ۾ ته ڪي خواب ڏسي ئي ڪو نه، جواني جو جوش ان کي پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي تي سوچڻ ئي ناهي ڏيندو. هر وقت ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پوڻ کانپوءِ خواب ۾ ڏسڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه رهي ئي ڪونه ٿو. نه شين کي ڌيان سان ڏسڻ. نه ڪنهن جو انتظار ڪرڻ. خوف ۽ خطرن سان کيڏڻ. مذاق ڪرڻ. ٽهڪ ڏئي کلڻ ئي هنجي دنيا هجي ٿي.”
“خواب ته سماج ۾ موجود روين، جاين، جڳهن، ماڻهن، تهذيبن قصن ۽ ڪهاڻين جي سلسلي جو حصو آهن. ڇاڪاڻ ته اسين ان تعلق ڪري ئي آهيون. اسين جڏهن شين تي سوچون ٿا. انهن جي اسرارن تي غور ڪيون ٿا. پيار ڪيون ٿا نفرت ڪيون ٿا ته آهستي آهستي اسانجو دماغ جاڳڻ شروع ٿئي ٿو. دماغ انهن شين جي تلاش ڪري ٿو. جيڪي ان کي خوشي ۽ راحت ميسر ڪري ڏين. هي خواب پوءِ انساني دماغ جي بند دروازن کي کوليندا داخل ٿيندا وڃن ٿا. هي تبديلي انسان جي پنهنجي وس ۾ نه ٿي هجي، بنا سمجهه جي ٿئي، بنا ڪنهن ارادي، خواب پنهنجن ئي تلخ ۽ وڻندڙ يادگيرين جو اظهار آهن. جيئن درياءَ جو وهڪرو آهي.ڪڏهن ُپرشور ته ڪڏهن خاموش. ڪڏهن اڇُل ڏئي ٻوڙڻ وارو ته ڪڏهن ڪناري لڳائڻ وارو.”
“پر مونکي ته ائين ڪو نه ٿو لڳي. توهان سمجهو ٿا ته خواب پوڙهائپ جا دورا آهن؟” اُرميل ڪجهه سوچيندي ڳالهائڻ لڳي، خواب ته انسان جي فطرت ۾ سدائين کان شامل آهن . هر اهو دماغ جيڪو سوچي ٿو خواب ڏسي ٿو. ان ۾ ڪنهن عمر جي ته ڪا پابندي ڪانهي. اهي ته هڪ اسرار جيان آهن. هر انسان جي اندر هڪ فلسفي موجود هجي ٿو. پنهنجي پيدائش کان. توهان کي ائين لڳي ٿو ته فوٽ پاٿ جا ٻارڙا ڪي خواب ئي ناهن ڏسندا. جتي هو سمهن ٿا. شهر جي ٻارن کي اسڪول ويندي ڏسن ٿا. شهر جا امير انهن کي آواره ۽ ناجائز سمجهي. پنهنجن گاڏين ۽ ٻارن کان پري ڪن ٿا. هنن ٻارن جا خواب مختصر ئي صحي، پر هنن جون اکيون ته وري به انسانن واريون آهن، فقط غربت جو ئي ته فرق هجي ٿو .”
“پر! خوابن جي حقيقت ۽ اهميت به ڪهڙي آهي؟” سنگهار، اُرميل جي اکين ۾ نهاريندي چيو، مان اها ڳالهه مڃان به کڻي ته خواب انسان جي فطرت ۾ شامل آهن، ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن کي خواب ڏوهه ڪرڻ کان روڪي سگهيا آهن يا خواب هڪ بهترين استاد وانگر انسان جي بڇڙاين ۽ گندين حقارت آميز عادتن کي تبديل ڪرڻ ۾ڪا مدد ڪندا هجن. ائين ٿيو آهي ڇا ته انسان ڪنهن جي دل آزاري ڪري، ڪنهن کي دوکو ڏئي ۽ پوءِ خواب ۾ اچي ان تي ملامت ڪري چوي ته تون جيڪو ڪرين ٿو انجا نتيجا سٺا نه نڪرندا، پاڻ کي سنڀال ڪنهن جي دل آزاري نه ڪر.
ائين ڪڏهن ٿيو آهي ڇا؟.
“منهنجو ان باري ۾ ته مشاهدو ڪونهي پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جي دل آزاري ڪري ٿو، ته ان تي هڪ طرح سان پنهنجي ضمير کان ضرور ملامت ٿيندي هوندي” اُرميل پنهنجي ڳالهه کي يقين سان چوڻ لڳي. ڪجهه وقت تائين مان به ائين سوچيندي هئس جيئن توهان سوچو ٿا. پر پوءِ مون هن سوال کي پنهنجي انداز سان تراشيو. مان هن کي الهامي کان وڌيڪ هڪ اهڙو گهرو راز سمجهان ٿي يا اهڙو اشارو سمجهان ٿي، جنهنجو تعلق انسان جي روز مره زندگي سان ئي هجي ٿو پر مختلف طرح سان، مثلن جيئن زمين آهي. ماڻهو ڪنهن به سبب هن جي فطرتي رنگن کان محروم رهي ٿو ۽ جڏهن سڀئي ماڻهو اهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور هجن ته پوءِ ماڻهن جي گهڻائي خواب ڏسڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي. سماج انهن کي ڳهي وڃي ٿو. بلڪه اهڙي حالت ۾ ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائن ٿا. بيجا زندگي گذاري مَري وڃن ٿا. ٿڪل ۽ روحاني تڪليف ۾ رهن ٿا. ايذاءُ ڏيندڙ ۽ جهڳڙالو بڻجي وڃن ٿا. ستت ئي پوءِ المناڪ حد تائين ڪري پون ٿا ۽ وري هڪڙا ماڻهو اُهي آهن. جيڪي پنهنجي زمين سان واڳيل آهن. هي زمين جي هر ذري، هر پن ۽ پنهنجي ارد گرد جي حيات سان پيار، شفقت ۽ نرمي سان پيش اچن ٿا. هيءَ ڪيفيت مٿين ڪيفيت کان مختلف هجي ٿي. اهڙي ريت خواب انهن ڪيفيتن جي آڌار انسان جي اکين ۾ لهن ٿا. شاندار خواب اهي ئي اکيون ڏسن ٿيون. جيڪي پنهنجي زمين سان واڳيل آهن. انجي فطرتي رنگن کي پنهنجي روح ۽ نگاهن ۾ ڀرين ٿا. خوشي ۽ گرمجوشي سان ڀرجي وڃن ٿا. هيءُ احساس انسان اندر هڪ ٻي دنيا کي جوڙي راس ڪري ٿو. اهڙو جهان جنهن جي موجودگي تي اعتبار ڪرڻو پوندو.
اهو سڀڪجهه انوکو ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هو! مان ڪنهن نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ناهيان ۽ نه وري ڪنهن واقعي کان متاثر آهيان ۽ نه وري اهو ڪنهن پاڳلپڻي جو اظهار آهي، هُنن ته قدرت ۽ انسان جي لاڳاپي جي ڳالهه ٿي ڪئي، ۽ لاڳيتو ڏاڍي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا هئا ته انسان کي پنهنجي ملڪيتي جنون کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي ۽ زمين کي سڀ جو گهر ڪري سمجهي. ارميل آرام ڪرسي تان اٿڻ جي ڪوشش ڪندي چيو،
“ ها ! انوکو ضرور آهي، پر هي جديد دنيا آهي، هن دنيا کي هاڻي اڳتي وڃڻو آهي” سنگهار کيس ڏسندي چيو،
“انسان کي ڪيترو اڳتي وڃڻو آهي؟ تباهي جي حد تائين!” اُرميل بنا ڪنهن سوچ ويچار جي چئي وئي.
“گهڻي پڙهڻ ۽ وقت تي نه سمهڻ سان اهڙا خواب ته ايندا ......!” سنگهار، ارميل سان مذاق ڪندي چيو،
“توهان سمجهو ٿا ته هي خواب ننڊ ۾ بيچيني يا اوجاڳي جي ڪري آهي، مان ته ائين نه ٿي سمجهان “ اُرميل، کيس پوئتي ڪنڌ ورائي چيو
“خواب ۾ ته ڪجهه به ڏسي سگهو ٿا”؟ سنگهار وراڻيو.
“هي خواب بهرحال اُن حقيقت تان پڙدو کڻي ٿو ته انسان پاڻ لاءِ وڏو شور پيدا ڪيو آهي.” ارميل، سنگهار ڏانهن نهاريندي چيو.
“ها! زندگي جي حقيقتن جو اڀياس مختلف آهي” سنگهار ڳالهه جاري رکندي چيو، زندگي ته هميشه کان اڳتي وڌندڙ آهي. انساني ترقي ذهني صلاحيت جي ڪري آهي. جنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي. ان ۾ تبديل ٿيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي. ان ڪري ئي ته متحرڪ ۽ پريڪٽيڪل آهي.”
“زمين سان جڙڻ ۽ ان لاءِ عزت ۽ محبت کانسواءِ ترقي بي معنيٰ آهي، ان ۾ پريڪٽيڪل ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت ۽ ڪهڙي معني آهي؟” اُرميل، سنگهار ڏانهن نهاريندي چيو،
“هي ڳالهه ته انساني صلاحيت جي آهي” سنگهار وراڻيو، ڏسو نه! “جن علائقن ۾ بارش ڪانه ٿي پوي، جيئن ڪاڇي ۽ ٿرپارڪر جا علائقه آهن. هتان جا مقامي ماڻهو ذرخيز علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ دربدر ٿيڻ بجاءِ پنهنجي محنت ۽ صلاحيت تي ڀروسو ڪندي زير زمين پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کان مدد وٺن ٿا. اونها کوه کوٽي انهن ۾ مشينون لڳائي پاڻي حاصل ڪن ٿا. پنهنجن غير آباد زمينن کي آباد ڪن ٿا، فصل پوکن ٿا، ميوا ۽ ڀاڄيون پوکن ٿا. وري جن علائقن، جيئن پاڪستان جا شمالي علائقا آهن، جتي گهڻي بارش پئي ٿي، اُتان جا ماڻهو ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي پاڻي کي اسٽور ڪري ان مان زمينون آباد ڪن ٿا ۽ پاڻي کي پنهنجي روزمره جي استعمال ۾ آڻين ٿا. هي انساني صلاحيت آهي، جنهن قدرت جي ذريعن جو استعمال پنهنجي عقل ۽ ڏاهپ جي بنياد تي ڪندي انهن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو. زندگي هن طرح سان اڳتي وڌي ٿي. فلسفي جي استاد آهين، توکي انهي ڳالهه جو احساس هوندو، ته قدرت جو طريقو سادي کان پيچيده طرف هجي ٿو. انساني صلاحيت قدرت جي سادهه ۽ پيچيده شين کي گهڙي ٺاهي صورت ۽ شڪل ڏئي پنهنجي ضرورت ۾ آڻي ٿي. هي انساني صلاحيت معمولي ڳالهه ناهي. هزارين ايڪڙ زمينون هاڻ ان طرح آباد ٿين ٿيون. پر انجو مطلب اهو به ناهي ته انسان قدرت جي خلاف ٿي بيهي رهي. جيئن ايٽم بم ۽ نيٽران بم جي ايجاد. هي صلاحيت قدرت جي قانون ۽ انجي حقيقت جي خلاف آهي، اُن سان وڏي تباهي ٿيندي.”
“مان عدم مطابقت جي ڳالهه ڪيان ٿي” اُرميل چيو، مونکي ان ڳالهه جو احساس آهي ته انسان جي صلاحيت انسان کي ترقي جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو آهي. ان ئي ڊوڙ دنيا جي ماڻهن جي گهڻائي کي غربت جي دوزخ ۾ به اُڇلي ڇڏيو آهي ۽ باقي ڪي چند، انسانن جي پورهيي جو بي حد استحصال ڪري آسوده ترين به آهن. جن مائرن جا ٻار خوراڪ جي ڪمي سبب مَرن ٿا، اتي ٽيڪنالاجي جي ترقي کي ڪهڙو نالو ڏجي. هن کي چئبو آهي پريڪٽيڪل ٿيڻ.”
“عدم مطابقت مان مراد طبقاتي سماج آهي، ته پوءِ ته اها ڳالهه صحي آهي. سنگهار وراڻيو، پر ان جو مطلب قدرت تي انحصار ڪرڻ آهي ته پوءِ اسان کي انساني ترقي جي تاريخ جو اڀياس ڪرڻو پوندو. انسان عدم مطابقت ڪري ئي اڄ حيات آهي نه ته گهڻو اڳ مري کپي وڃي ها”
مثلن، “اڳوڻو قديم سماج ايڏو سادو ڪونه هو، جيترو تو خواب ۾ ڏٺو آهي. خونريز جنگين ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٻارن جو يتيم ٿيڻ. عورتن کي غلام ڪري انهن جي عصمت دري کي حق سمجهڻ. تخت ۽ تاج جي لالچ ۾ ڀاءُ جي هٿان ڀاءُ جو خون، ڇاڪاڻ ته رشتن جي ڀيٺ ۾ تخت تاج اهم هو. بيمارين ۾ هزارين ماڻهن جو هڪدم مَري وڃڻ. ڏڪار ۽ قدرتي آفتن ۾ وڏي پئماني جي تباهي. هٿرادو خدائن کي راضي رکڻ لاءِ انسانن کي قربان ڪرڻ. نياڻن کي جيئري دفن ڪرڻ. پنهنجي مرد جي موت تي عورت جو ستي ٿيڻ ۽ پاڻ کي جيئري جلائڻ. اهو هو اڳوڻو پراچين دور، يقينن انسان جي هٿن جي لالچ مان بي انتها مشڪلاتون پيدا ٿيون آهن، ته انهن ئي هٿن انساني حيات کي ڪيترن ئي بيمارين، موت مار وائرس ۽ جهنگلي جانورن جو شڪار ٿيڻ ۽ انساني موت مار فرسوده روايتن ۽ رسمن کان بچائڻ لاءِ لازوال ڪارناما به سَر انجام ڏنا آهن. قدرت انسان جي درميان هڪ ممڪن حد تائين دائرو مقرر ڪري ٿي. اُن دائري کان ٻاهر وڃڻ سان يقينن انسان پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿو.”
“مان به ته ڪجهه ان نوعيت جي ڳالهه ڪيان پئي. اُرميل ٽوٿ برش ڪندي وراڻيو، دراصل دولت جي حد مقرر نه هجڻ سبب انسان ۾ پئسي جمع ڪرڻ جي حوس گهٽ نه ٿي ٿئي، جيڪو انتهائي ڪميڻو ۽ ذليل احساس آهي. هي حد انسان کي مقرر ڪرڻي آهي ته ان کي پهرين ان حوس مان نڪرڻو پوندو.”
“هي انسان خود سان شايد ائين ڪڏهن به نه ڪري سگهي، سنگهار پنهنجن چيل جملن کي دهرائڻ بجاءِ رياست جي قانونن تي ڳالهائڻ لڳو، اهو ممڪن تڏهن ٿيندو جڏهن سماج ۾ انقلاب اچن. جڏهن انسان جو رويو سماج ڏانهن ۽ پاڻ ڏانهن تخليقي، تعميري ۽ تنقيدي هجي، اها ئي واحد ۽ گهري حقيقت آهي”
“ پر هن خواب مونکي مختلف طرح سان سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي” اُرميل نهايت اتساه مان چيو،
“هي خواب آهي، جديد روايتن جي تقاضا ڪجهه ٻي آهي” سنگهار بحث ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته، قدرت سان هم آهنگ ٿيڻ سان گڏوگڏ سائنسي، طبعي، فلڪي ۽ زرعي علم به لازمي آهي، ان کانسواءِ انساني ترقي ممڪن ڪونهي. انسان کي محض قدرت جي آڌار ڪونه ٿو ڇڏي سگهجي. انسان ۾ ئي اها خوبي آهي، ته پاڻ کي محفوظ کان محفوظ تر بنائڻ لاءِ روڊ رستا گهر تعمير ڪري، بيمارين کان بچاءَ لاءِ علم پڙهي، پراچين دور جون ڪيتريون تهذيبون ۽ ٻوليون ختم ٿي ويون. دنيا اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. انسان انهن سڀني کان مختلف آهي. توهان زندگي کي هڪ رخ کان نه ڏسو زندگي جو ٻيو رخ به آهي، جيڪو انسان کي مجبور ڪري ٿو ته پنهنجن ڪمزورين کي ختم ڪندو اڳتي وڌي. انسان کي اڃان گهڻو اڳتي وڃڻو آهي.”
“مونکي توهان سمجهڻ جي ڪوشش نه پيا ڪيو” اُرميل ڪرسي تي ويهندي چيو، مان چوان ٿي جديد اقدار، روايتون ۽ ترقي جا رجهان اُهي سڀ شيون يقينن انساني ترقي ۾ اهم آهن. پر انهن جي قدرت سان مطابقت ۽ هڪجهڙائي به ته هئڻ گهرجي نه . هتي انساني رشتا غربت ۽ آسودگي جي وچ ۾ڪچليا پيا آهن. هي ڪهڙا جديد قدر آهن ....؟ هي ته وحشي پڻو آهي. ترقي جي نالي ۾ توهان ان ڳالهه جي اجازت ڏيندو ڇا ته قدرت جي وسيلن کي پنهنجي نه ختم ٿيندڙ بک مٿان قربان ڪجي. مان ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ترقي جي بڻ بڻياد کي ختم ڪرڻ چاهيندس. هي سرمائيدارانه ترقي جا رجحان آهن. جيڪي انساني ترقي جي شڪل کي بگاڙين ٿا. ترقي جي نالي ۾ دراصل هي وڏي تباهي آهي “
“يقينن هي سرمائيدارنه اقدار آهن” سنگهار وراڻيو، پر تنهنجو خواب هنن اقدارن جي ته خلاف بيهي ٿو. سرمائيداري جي مخالفت هڪ روايت طور نه ڪرڻ گهرجي. هي نظام هڪ طرح سان ماضي جي باقي نظامن کان وڌيڪ ترقي يافته نظام آهي. اسان وٽ هن نظام خلاف هڪ رد عمل آهي. جنهن تي اسان واضع به ناهيون. پاڪستان جي معاشري اندر پيداوري رشتن جي نوعيت ڪهڙي آهي۽ موجوده نظام ڪهڙي تبديلي جي تقاظا ڪري ٿو، اهو غير واضع هجڻ ڪري به اسانجون تحريڪون سياسي ۽ نظرياتي ڄاڻ کان محروم آهن. نتيجن سياسي تحريڪون پنهنجن ڪمزورين جي نشاندهي ڪرڻ کانسواءِ روايتي طريقا اختيار ڪن ٿيون. هن وقت سنڌ جون سموريون تحريڪون ان ڪيفيت جو شڪار آهن. يقينن دنيا هن وقت سرمائيداري جي دور مان گذري رهي آهي، جنهن جا مثبت ۽ منفي پهلو به آهن. پاڪستان جو الميو ته مختلف آهي. هتي اوائلي جاگيرداري جي ڪابه گنجائش نه هجڻ جي باوجود فوجي حڪومتون پنهنجي سرمايي جي حفاظت واسطي ان ۾ ساه وجهنديون رهيو آهن.”
“ماڻهن جي مشڪلاتن آڌار ڪنهن به سماج جو آساني سان جائزو وٺي سگهجي ٿو، ته هڪ اوزار ۽ مشين جي ڀيٽ ۾ انسان جي قدر ۽ قيمت ڪهڙي آهي؟ اُرميل پنهنجي دليل کي وڌيڪ پختو ڪرڻ لاءِ ڳالهه کي جاري رکيو، ريتن، رسمن جي ڀيٽ ۾ انسان جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ پورهيت جيڪو خدا جو دوست آهي، زندگي کان ان قدر بيزار ۽ بي وس ڇو آهي؟ نه هن کي جيون ۾ ڪو سک حاصل آهي نه وري انجي پورهيي جي قبوليت آهي. هي اهڙا سوال آهن جن جي آڌار تي ڪنهن به سماج جي جوڙ جڪ ۽ طبقاتي بيهڪ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. پر ان کان به وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته هڪ فرض جنهن کي اسين پوري ريت ادا ڪري نه سگهيا آهيون.اهو آهي پنهنجي ذات جي خود داري، قوم جي آزادي ۽ قدرت سان محبت ۽ عاجزي وارو رويو. حقيقت ۾ اهي قدر دنيا جي ٻين شين کان وڌيڪ محبوب هئڻ گهرجن. هي سوال هڪ نقطي سميت پوري ڪائنات سان جڙيل آهي. اهي سوال ئي ته سنڌ جي بقا جو ضامن آهن.”
“سماج متعلق توهانجي آبزرويشن ڪهڙي آهي”؟ سنگهار ارميل کان پڇيو.
“منهنجو خيال آهي ته سنڌي سماج گهڻ رخن مسئلن جو شڪار آهي” اُرميل جواب ۾ ڳالهائڻ لڳي، هتي پيداواري رشتا اوائلي هجڻ جي باوجود قائم آهن. بلڪ شريڪ اقتدار آهن. جن سماج جي سمورن ادارن کي پنهنجي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي. فيوڊل جتي به آهي ان ادارا تباه ڪيا آهن. جنهن سان ڪيترن خرابين منهن ڪڍيو آهي. عورتن جي وڏي آبادي کي شعوري طرح جاهل، ڪمزور ۽ غلام رکڻ جو مقصد سنڌ جي هڪ وڏي آبادي کي فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ڪرڻ آهي، ته جيئن جاگيردارانه سماج قائم رهي. عورت جڏهن پنهنجي گهر ۽ ٻار جا فيصلا درست نموني ڪري سگهي ٿي، ته پوءِ ان کي ملڪ جي ترقي وارن فيصلن ۾ به شريڪ ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جو ٻيو وڏو مسئلو انساني آبادي آهي. ماڻهن جو بي انتها وڌڻ ۽ غير هموار ترقي جي ڪري اسانجون ٻهراڙيون تباهه ٿيون آهن. اندروني سنڌ مان جيڪي وڏيرا چونڊجي اچن ٿا. انهن جو مقامي ترقي ۾ ڪو ڪردار نه هجڻ ڪري ماڻهن جا زمين سان پيداواري، ثقافتي ۽ جذباتي رشتا ٽٽا آهن. زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم ڳوٺن جا ماڻهو شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري به سنڌي سماج هڪ قسم جي ثقافتي بحران جو شڪار آهي.
پاڪستان “دولاشاه جي چُوهن” وانگر ٿي ويو آهي. جنهن جي دماغ ۽ جسم وچ ۾ ڪو توازن ڪونهي. جسم، دماغ کان ڏهوڻ تي وڌيل آهي.” ارميل ائين چئي خاموش ٿي وڃي ٿي .
سنگهار! ارميل ڏانهن نهاريو، اُن جي خاموشي ۾ جوش هو ۽ ظرافت سان ڀريل نقطه نظر هو.
“منهنجي راءِ توهان کان مختلف آهي” سنگهار، ارميل سان مخاطب ٿيندي چيو، مان ائين سمجهان ٿو، ته اجارهه دار سرمائيداري، دنيا جي قومن کي مفاد پرست،لالچي ۽ خود غرض ڪري ڇڏيو آهي. هنن اڳيان انهن جا معاشي مفاد ئي اولين حيثيت رکن ٿا. جيڪا ڳالهه انسانيت لاءِ ڪنهن شرم کان گهٽ ڪانهي. پئسي کي گڏ ڪيو ۽ انجي لاءِ مرو. هي آهي اڄوڪي دنيا. ان بنياد تي پوري دنيا ۾ سياست ٿئي ٿي. اتحاد ٺهن ٿا. جي 8، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ ان نيچ ڪم سان لڳل آهن. ان بنياد تي پاڪستان جي پيداواري رشتن ۽ سياسي بحران جو جائزو وٺڻ گهرجي. هتي ملان جي تبليغ به ان پسمنظر ۾آهي ته بئنڪن جو سرمايو ۽ پاڪ سرزمين جي فوج ۽ ملڪ جا دولت مند حڪمران ان مقصد سان آهن. عوام لاءِ ته غربت واري زندگي کي ڀوڳڻ ۽ دولت پيدا ڪري خاموشي سان مَري وڃڻ آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته پاڪستان، فوجي سرمايي جي صورت ۾ ۽ گهڻ قومي ڪمپنين فنانشل سرمايي جي صورت ۾ جنهن جي حفاظت لاءِ فيوڊل چوڪيدار ٿيو بيٺو آهي. جهڙن مسئلن ۾ گهريل هجڻ ڪري بحران ۾ آهي. خدا جي مخلوق ته ڍور ڍڳن وانگر هڪلي پئي وڃي. ڪڏهن فوج جي پويان ته ڪڏهن نام نهاد سويلن، بئنڪر، واپاري، فيوڊل جي پويان، هرڪو مٿن راڄ ڪندو کيسا ڀريندو وڃي ٿو .”
“اها ته تنهنجي پارٽي لائن آهي !” ارميل، سنگهار ڏانهن نهاري مسڪرائيندي چيو،
“اها غور طلب ڳالهه آهي” سنگهار وراڻيو، پر هي جيڪو اُءُ چوان پيو. اهو منهنجو ذاتي نقطه نگاهه آهي. موجوده پاڪستان جي جيڪا معاشي شڪل آهي، ان جي بنياد تي ملڪ جي سياسي صورت جڙي ٿي، هي رجحان ئي هاڻ پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ بحران جو سبب آهي”
“پاڪستان ته ڪٿي پوئتي رهجي ويو؟ اُرميل هٿ مٿي ڪندي وراڻيو، هي ته پهرين مارشلا کانپوءِ زمين دوز ٿي ويو، حڪمران ته هنجا هڏا به چٻاڙي ويا!”
“پاڪستان اڃان باقي آهي” سنگهار وراڻيو، هن ملڪ کي رهڻو آهي. هن ملڪ جي خوشقسمتي آهي جو اُن ۾ پراڻي تهذيب واريون قومون آباد آهن. جيڪي هڪ ٻئي سان اختلاف هئڻ جي باوجود گڏ رهن پيون. انهن مان اڪثر جا ڏک درد هڪ جهڙا آهن. هنن جا اختلاف ته رياست جي ڪوڙ ۽ فريب ڪري آهن. جيڪا چور ۽ قاتلن تي مشتمل آهي. هن ملڪ جي زمين زرخيز ۽ آبهوا شاندار آهي.”
“توهان ان جي شڪل و صورت جي متعلق ڪا حتمي راءِ قائم نه ٿا ڪري سگهو” اُرميل، سنگهار ڏانهن نهاريندي چيو، هتي ماڻهو رڙي رهيا آهن، زندگي جي بنيادي ضرورتن لاءِ. هتي زندگي کي گذارڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو. انسان سڪايل ٻار جيان سڏڪي رهيو آهي. هن لاءِ نه اسڪول آهن، نه اسپتالون، نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، مان پنهنجي تهذيب کي نام نهاد جهادين هٿان تباهه ٿيندي ڏسي رهي آهيان. فوج جي ڪا تهذيب ناهي ٿيندي. هنن جو ڪم تهذيبن کي تباهه ڪرڻ آهي، جيئن پاڪستان ۾ ٿئي پيو. پاڪستان جي اها ئي صورت آهي ۽ اهڙي ئي رهندي، دنيا جي مارڪيٽ لاءِ سستو ليبر پيدا ڪرڻ. بيرڪريسي، فوج ۽ پوءِ فيوڊل لاءِ دولت پيدا ڪرڻ کان اڳتي هي ملڪ ڪجهه به ناهي.”
“توهانجو پنهنجو نقطه نگاهه آهي. جيڪو يقينن اهم آهي” سنگهار ڪرسي تان اٿيندي چيو، پر اوهان کي اهو به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته رياست ڪا مستقل قائم رهڻ واري شي ناهي. انساني آزادي ۽ خوشحالي جو سوال رياستن جي ڪردار کي تبديل ڪري ٿو. بلڪه ذهني ترقي ۽ انقلاب جو سوال انساني سماج کي ڪيترن سالن تائين قائم رهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سنڌ بهرحال پنهنجي موجوده افلاس ۽ مصيبت واري حالت کان ٻاهر نڪري ايندي. سنڌ جو ماڻهو ان لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهي. هي قائم رهڻ واري قوم آهي.”
“تهذيبون ختم ٿين ٿيون، پوري دنيا ان مثال سان ڀري پئي آهي” اُرميل ڳالهائيندي چيو، مان توهان کي انجو مثال ڏيان ٿي. يونان کي زوال آيو. ڇاڪاڻ ته يوناني ائين سمجهندا هئا ته انساني غلامي قدرتي سلسلو آهي ۽ وري يوناني فلسفي موجب موسيقي، رقص، فلسفو ۽ شاعري تلوار کان به تيز ڌار ٿئي، هنن ديومالائي قصه گهڙي پنهنجي نظام کي هلائڻ لاءِ مقامي هارين مٿان ڳرا ٽيڪس لاڳو ڪيا. ماڻهن جي پيٽ جي بک فلسفي ۽ خيالي ُپلائن سان ختم ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي!
جڏهن ونڊال قوم جي لشڪر روم تي حملو ڪيو، ته هن کوکلي شهر کي فتح ڪرڻ ۾ هنن کي ڪا مشڪل ئي ڪانه ٿي. 170ڪتابن جي خالق ارسطو، جنهن پوءِ پوري حياتي جلاوطني ۾ گذاري، سڪندر اعظم جي آمرانه انداز جي مذمت ڪئي، ته هُن سندس ئي ڀاڻج جو سِر جسم کان ڌار ڪري موڪليو. محض اهو ڏيکارڻ لاءِ ته ڏاهپ جي ڀيٽ ۾ تلوار جي ڌار تيز هجي ٿي.
بابلي ۽ سميري تهذيبون پنهنجي ئي نسل پرستي ۽ طاقت جو بک بڻجي ويون. سنسڪرت قديم ٻولين مان هڪ آهي، جنهن کي زنده زبان جي حيثيت حاصل هئي. ويد ۽ مهاڀارت جهڙا شاندار تمثيلي ڪتاب اُن ئي ٻولي ۾ لکيا ويا. ڪاليداس جهڙي نامور شاعر جو تعلق هن ئي ٻولي سان هجڻ جي باوجود سنسڪرت ڳالهائن وارا هاڻ چند ماڻهو ئي آهن. اُهي شاندار تهذيبون هيون، جيڪي ختم ٿيون. اسان وٽ آزادي جي سوال کي روح جي بيداري کان نه ٿو ڏٺو وڃي. اورنگزيب عالمگير جي پوٽي معز الدين پنهنجن ڀائرن جا سِر وڍي قلعي ٻاهران نيزن تي ٽنگرائي ڇڏيا. پر جڏهن راجه اشوڪ بيدار ٿيو ته هِن شاندار تهذيب کڙي ڪري ڏيکاري. تهذيبون تباهه ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته انسان اڳتي وڌڻ جا بي پناهه رستا ٺاهيا آهن، ته جيئن انسانن جي هڪ وڏي حلقي کي غلام رکي سگهي ۽ انهن غلامن جي پورهيي مان نيون تهذيبو ن (ايمپاير) وجود ۾ آڻي. اُها انسان جي ڪمزوري آهي، ته پاڻ کي زنده رکڻ لاءِ ٻي زنده شيءِ جو خون ڪري. تهذيبون ائين ئي ڪنديون رهيو آهن. سنڌ جي شاندار تهذيب سان به ائين ٿي سگهي ٿو. هندوستان جي پارليامينٽ جو ريزوليشن. ٽيگور جي گيت لاءِ نه پر سنڌ جي تهذيب لاءِ هو، پر انجي باوجود توکي محسوس نه ٿو ٿئي، ته سنڌ جي تهذيب سخت خطري ۾ آهي. سنسڪرت جي ٻولي جا هي شاندار لفظ آهن ته، خاندان جي مفاد لاءِ فرد کي قربان ڪرڻ گهرجي، قوم جي مفاد لاءِ خاندان کي، ملڪ جي مفاد لاءِ قوم کي ۽ روح خاطر پوري دنيا کي.
روح جي آسودگي وڏي معني ٿي رکي. قومن کي روحاني طرح ختم ڪرڻ سان قومون خود به خود مري وڃن ٿيون. قوم جو روح انهن جا سياسي، علمي، ادبي ادارا هجن ٿا. جيڪي سماج اندر هر تبديلي جو بنياد هجن ٿا.
توهان کي ائين محسوس نه ٿو ٿئي ته سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ فلسفي ۽ انقلاب جي سوالن کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي روايت گهٽجي وئي آهي. فلسفي ۽ دليل جي جڳهه تي هٿيار اچي ويا آهن. انجو مطلب اهو ناهي ته ڳالهائڻ لاءِ موضوع ختم ٿي ويا آهن. پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته رياست جا قانون، حڪمران ۽ عوام دشمن ادارا، سنڌ جي تحريڪ اندر فلسفي ۽ انقلاب جي روايت کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي سياسي، سماجي ڪلچر ۾ انقلاب لاءِ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي رهي آهي. سنڌ ته هن وقت تائين به پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ کان به محروم آهي. اهو سڀ ڪجهه تهذيبن جي سماجي، سياسي، معياري قدرن جي ترقي ۽ انقلاب لاءِ رستا بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا آهي؟ هي رجحان تهذيبن جي تخليقي صلاحيت کي ختم ڪري ان کي تاريخ جي اونداهين ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ “
“تاريخ ۽ فلسفي جي موضوعن تي ڪم ڪرڻ ان کي عوامي موضوع بنائڻ جي ذميواري ته ادارن جي آهي. پر هتي اهو ڪم عام ماڻهو يا سياسي ورڪر ڪري ٿو.” سنگهار وراڻيو، ان سان ماڻهن جي سوچ ۾ بنيادي تبديلي وارو سال ڌنڌلو ئي رهي ٿو، سنڌ هن وقت تائين به ڪٽنبي نظام تي انحثار ڪري ٿي، ڪٽنبي نظام ۾ ته کُلي ڳالهائڻ وڌيڪ مشڪل هجي ٿو .
“يونيورسٽيون به روايتي طريقن جون قائل آهن” اُرميل ڳالهائڻ لڳي، حقيقت هيءَ آهي، ته جيڪو سماجي ۽ سياسي فلسفو مان ڪلاس ۾ پڙهايان ٿي، درحقيقت ڪنهن ڳٺڙي جيان بند آهي. جنهن جو ماڻهن جي زندگي سان ڪو تعلق ئي ڪونهي. جيڪو پيٿاگورس کان شروع ٿئي ٿو ۽ افلاطون تي ختم ٿئي ٿو. پر ان کانپوءِ جي فلسفي ۾ جيڪو انقلاب آيو، ان تي اسان وٽ ڪو ڪم ڪونه ٿو ٿئي. سرمائيداري ۽ سوشلزم جهڙن آفاقي موضوعن تي ڪو تحقيقي ڪم ڪونهي. نه ان تي ريسرچ پيپر آهن ۽ نه ئي اهڙي ڪا روايت.”
“اها حقيقت آهي ته درسگاهن ۾ ان سطح جو ڪم نه هئڻ برابر آهي.” سنگهار وراڻيو،
“حقيقت ۾ يونيورسٽي ۽ ان کان ٻاهر سياسي، سماجي ادارا ۽ پورهيتن جون انجمن نوجوانن جي سکڻ جا ادارا آهن” اُرميل وراڻيو، هي درسگاهون توانائي جو ذريعو آهن. انقلابي ليڊر شپ پيدا ٿيڻ جو اُهي رستو آهن. اُهي ئي روحاني بيداري ۽ آزادي جي راهه آهن، فلسفي جي صداقت، آزمائش ۽ قابليت جو اندازو ان ئي رستي ممڪن آهي. فلسفي کي ڪورسن جي ڪتابن تائين محدود رکڻ ان کي ڳٽڙي ۾ بند ڪرڻ برابر آهي. زندگي جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ انهن ماڻهن جي درميان اچڻو پوندو، جيڪي پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهن. الميو اهو آهي ته، اسان مان ڪنهن کي به، انهن ادارن جي ۽ ان رجحان جي ڪا پرواهه ڪانهي، بلڪه موجوده وقت ۾ ته هر ماڻهو پنهنجو اعلي مقام حاصل ڪرڻ جي اهڙي ڊوڙ ۾ آهي. جو ان موضوع تي ڳالهائڻ پنهنجو نقصان سمجهي ٿو. اسان هڪ لمحي لاءِ به پوئتي نظر ڪري انهن کي ڏسڻ لاءِ تيار ناهيون، جيڪي اسانجي زندگي ۾ هر طرح سان شامل آهن. اسان پنهنجي فرض کي ڪيڏو محدود ڪري ڇڏيو آهي. اسان هر ڪم جو معاوضو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، بغير معاوضي جي ته اسين ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.
مون پنهنجي ليڪچررشپ واري پوري عرصي ۾، هميشه ان ڳالهه کي محسوس ڪيو آهي، ته فلسفي جي سوال کي سماج جي محروم طبقن کان علحده ڪري ڪڏهن به سمجهي نه ٿو سگهجي، پر ان لاءِ عملن مان ڪجهه نه ڪري سگهي آهيان. ماڻهن جي ڏکن سکن ۾ ڀائيوار ٿيڻ چاهيان ٿي، پر ان لاءِ منهنجو ادارو منهنجي ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.”
“اهو ڪم تون پنهنجي همت ۽ پنهنجي سياسي شعور سان به ڪري سگهين ٿي.” سنگهار، اُرميل ڏانهن نهاريندي چيو،
“تنهنجو هي خيال شاندار آهي.” مطمئن دل مان ارميل وراڻي ڏني. پر توکي خبر آهي ته، “مون پاڻ هن سوال تي ڪيترا ڀيرا سوچيو آهي. مان توکي پنهنجي زندگي جو هڪ واقعو ٻڌايان ٿي، جنهن پوءِ منهنجي زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيو. مون فلسفي جهڙي خشڪ سبجيڪٽ جي چونڊ جو فيصلو ان واقعي کانپوءِ ڪيو، ته جيئن مان ڄاڻي سگهان ته، هيءَ جيڪا اسانجي چوڌاري غربت آهي، اسانجي گناهن جي سزا آهي يا انجو بنياد رياست جي طبقاتي فرق ۾ آهي؟
“مان جڏهن ٻار هئس اسانجي پاڙي ۾ هڪ واقعو ٿيو” اُرميل واقعو ٻڌائي ٿي، ڪنهن غريب گهر جو ٻار غذائي ڪمي سبب فوت ٿي ويو. سڀني کي حيراني ٿي ته ٻار کي ڪيتري غذا کپي، هن جي خوراڪ اڌ گلاس کير. پر پوءِ خبر پئي ته دراصل ٻار جو موت ماءُ جي ٿڃ نه ملڻ جي ڪري ٿيو. غربت سبب ماءُ ۾ ٿڃ نه پئي ٺهي ۽ هي غريب، پائوڊر وارو کير خريد ڪري نه پئي سگهيا.
ُبک جي تڪليف ۽ Malnutrition ڪري ٻار جو موت ٿيو، اهو واقعو مون لاءِ ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هو. جنهن پوءِ منهنجي زندگي ئي تبديل ڪري ڇڏي.
مون ان واقعي کي ايترو سنجيده ورتو، جو ان ڏک ۽ افسوس ۾ پورو ڏينهن ماني نه کاڌي. ماني نه کائڻ ڪري بک جي احساس ته ويتر منهنجون اکيون کولي ڇڏيون، ته ُبک ڪيڏي بي رحم هجي ٿي، اُها ڪيڏي نه ظالم آهي، جيڪا انسان جي سمورن حواسن کي ٽوڙي ڀڃين ڀورا ڪري ٿي ڇڏي. مون کي پنهنجي آسودگي کان نفرت ٿيڻ لڳي، مان ڄڻ پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳس. مان ڪنهن حد تائين ائين محسوس ڪرڻ لڳس، ته معصوم ٻارڙي جي موت جي ذميوار مان آهيان. مون ان جي حصي جي خوراڪ کاڌي، مان انجي حصي جو جيون جيان پئي. هن واقعي مون کي بيحد روحاني تڪليف پهچائي. جڏهن مان يونيورسٽي ۾ داخل ٿيس ۽ استاد ٿيڻ تائين به هن واقعي جو اثر منهنجي دل ۽ دماغ تي رهيو. ان سوال جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ته انساني سماج ۾ هنن واقعن جي ڪهڙي اهميت آهي ۽ هنن جو ڪارڻ ڇا آهي؟ جهڙن سوالن جي تلاش لاءِ مون فلسفي کي بطور سبجيڪٽ کنيو. هن سبجيڪٽ ذريعي مان زندگي جي حقيقتن جي سامهون اچي بيٺس. مون محسوس ڪيو ته غربت دراصل انسان جي اندر ڪيترن ئي ڪمزورين کي جنم ڏئي ٿي. هي ظالم ۽ طبقاتي رياستون ان ُبک کي قائم رکڻ جو ذريعو آهن. هنن رياستن کي ختم ٿيڻ گهرجي، پر ان کان به وڌيڪ آزادي جي خيال کي مون خوراڪ جي حاصلات تائين محدود نه سمجهيو. مون اها ڳالهه به سمجهي، ته زندگي جو حاصل صرف خوراڪ لاءِ زنده رهڻ ناهي ۽ نه وري پنهنجي ذات جي ضرورتن جو قيدي ٿيڻ ۾ آهي، پر پنهنجي روح ۽ ضمير جي آسودگي، سچائي وارو اعليٰ گڻ، خود داري ۽ پيار جهڙو لافاني احساس به آهي، جنهن کانسواءِ زندگي بي رونق ۽ بيڪار آهي.”
“اهو مقصد ته سياسي انقلابي پارٽي کي جوائن ڪرڻ سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، پر توهان ته ائين نه ٿا ڪيو؟” سنگهار، اُرميل ڏانهن نهاريندي چيو
“سياست ۾ مون لاءِ ڪڏهن به انسپائريشن ناهي رهي” اُرميل وراڻيو، مون زندگي کي پنهنجي مرضي سان تراشڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
“انسپائريشن کان وڌيڪ ته نظرين جي اهميت جو سوال آهي.” سنگهار ڳالهايو
ارميل، “مون لاءِ نظريه سدائين اهميت وارا رهيا آهن. هڪ استاد جي ناتي انهن کي ڪيئن ٿي غير اهم سمجهي سگهان. باقي پارٽي سياست مون لاءِ ڪڏهن اتساه ڏيندڙ ناهي رهي. هتي نظرين جي محض ڳالهه آهي. گروپ آهن، پارٽي ته ڪٿي به ڪانهي. نظرياتي ميچورٽي جي شڪل ته مونکي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.”
“توهان ائين ڪيئن ٿا چئي سگهو” سنگهار، ارميل جي اکين ۾ نهاريندي چيو،”توهان ڪڏهن پارٽي جا سرگرم ميمبر ته ناهيو رهيا.” سنگهار ارميل سان پارٽي سياست تي بحث ڪرڻ چاهي ٿو.
“ٺيڪ آهي، پر توهانجي ناتي مون اُن کي ويجهڙائي کان ته ڏٺو آهي” اُرميل ڪرسي تي ويهندي چيو، پارٽي جي اختلافن ۽ انجي نتيجي ۾ ٺهندڙ گروپن ۾، مون توهان کي سدائين غمگين ڏٺو آهي. ان سبب ڪري ئي توهان پنهنجي چوگرد وڏو هلڪو ٺاهي نه سگهيا. توهان پنهنجي مايوسي ۽ اميد سهاري سفر ڪيو ٿا، بلڪه مايوس ڪندڙ حالتن ۾ وڌيڪ رهو ٿا. هيءَ حالت هڪ طرح سان ماڻهو جي زندگي جو حصو به ٿي وڃي ٿي. جيڪا پوءِ انسان جي شخصيت تي خراب اثر وجهي ٿي. توهان پنهنجي اندر تقسيم ۽ غير متوازن زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا آهيو. مونکي ان ڳالهه تي به پريشاني آهي. ته اهڙي نراسائي واري حالت ۾ انسان جي پنهنجي حياتي ۾ به دلچسپي ختم ٿي وڃي ٿي. جيڪا ان کي ڪو انتها وارو قدم کڻڻ تي به مجبور ڪري ٿي. عام طور جڏهن انسان خوابن جي دنيا مان نڪري حقيقي زندگي سان منهن مقابل ٿئي ٿو ۽ لاحاصل جي ڏک ۾ گهيرجي وڃي ٿو ته، پوءِ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته، ماڻهو کي پنهنجو وجود اجايو ۽ بي معني محسوس ٿيندو آهي. پارٽي اندر اها ڪيفيت هاڻ مونکي عام نظر اچي ٿي، جن ماڻهن پوري حياتي پارٽي ۽ انقلاب واري فرض لاءِ پنهنجن سکن کي تياڳو، انهن ماڻهن جا خواب ٽٽل شيشي جيان ٿي ويا. ان ماڻهو مٿان ڇا ٿي گذري، جيڪو اندر کان ٽٽي پوي ٿو. هڪ ايماندار ورڪر ڪيئن ٿو ٽٽي. انجي خبر مونکان وڌيڪ توهانکي هوندي.”
“مونکي ٻڌايو، هڙي ماڻهو جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟” سنگهار، ڪجهه به نه ڳالهايو.
“مونکي معاف ڪجو” اُرميل جوش مان ڳالهايو، مان توهانجو حصو آهيان، توهان جي تڪليفن کي محسوس ڪيان ٿي. مان شايد جذباتي ٿي وئي آهيان، پر مونکي اهو ڏسي شديد ڏک ٿئي ٿو، ته هر اهو ماڻهو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پارٽي جي رشتي سان جڙيل آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ڪيئن نه پنهنجي اندر ٽٽو آهي ۽ ڪيترن ڪيئن نه موقعي پرستي ڪئي آهي. افغان انقلاب کانپوءِ ته ڪيترا موقعي پرست، بيگم مراد، لالاآفريدي ۽ سبحان واحد، جهڙا ماڻهو ان آسري پارٽي ۾ شامل ٿيا، ته اهو انقلاب افغانستان رستي پاڪستان ۾ به داخل ٿيڻ وارو آهي. ڪا اهم ذميواري حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجو رنگ ۽ چهرو تبديل ڪيو.
پوءِ ڪاڏي ويا اهي ماڻهو؟ توهانجي ليڊرشپ جنهن پنهنجي مخلص ورڪرس کي عام رواجي نعرا هڻڻ وارو روبوٽ ٿي سمجهيو ۽ وري بي انتها مخلص ورڪر، جنهن پنهنجي ليڊرشپ کي ڪڏهن پنهنجي عقل جي ترازيءَ ۾ تورڻ سکيو ئي ڪونه......! انهن ليڊرن ڇا ڪيو؟
شهيدن جي لاشن کي ڪڍي ٻاهر اڇلايو.
ايتري تائين جو، چند رعايتن عيوض انهن کي نيلام ڪيو. اها آهي توهانجي پارٽي. ته پوءِ مون وٽ اُن جي اهميت هڪ پائي جيتري به ناهي.”
اُرميل جي ڳالهائڻ جو انداز ائين هو، جيئن ڪنهن دوست هُن سان دوکو ڪيو هجي. هوءَ ڏکاري ۽ جوش ۾ هئي. هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. مان هتي ان ايماندار ورڪر جي ڳالهه ڪيان ٿي. جيڪو پنهنجي روح سان پنهنجي من جي سچائي سان پنهنجو ڪم ڪري ٿو. جنهن لاءِ اختلاف ڪنهن حادثي کان گهٽ ڪونهن. جنهن کي پنهنجي محنت جي بي معنيٰ هجڻ تي ڏک ٿئي ٿو. تو جهڙا ٻيا به اهڙا سوين ڪارڪن آهن. جيڪي پنهنجي زندگي ڏيڻ جي باوجود هاڻ هرمن هيس جي سڌارٿ وانگر دنيا تياڳي ويٺا آهن. انهن جي خوابن جو ڇا ٿيو جن پنهنجون جوانيون جيلن ۾ گذاريون. موت سان وڙهندي ڪي شهيد ٿيا، ته ڪي سرخرو ٿي آزاد ٿيا ۽ جڏهن آزاد ٿيا، ته انهن جي پارٽي جنهن سان هنن جو عشق هو، جنهن مٿان هي پروانن جيان فدا ٿيندا هئا، پوءِ ڇا ٿيو انهن، سرفروشن جو؟ انهن جي ٻارن اڻپوري تعليم ڇڏي، ڏهاڙي تي وڃي پورهيو ڪيو. اهي غريب ورڪر دم ۽ سلهه جي بيماري ۾ بي يارو مددگار اسپتالن جي جنرل وارڊن جي گندن بسترن تي چُڙي چُڙي مري ويا. ڪيترن سرڪار جو سهارو ورتو ته ڪيترا نام نهاد، اين جي اوز جا پيڊ ورڪر ٿي ويا. ارميل غصي ۽ غم جي ڪيفيت ۾ ڳالهائيندي وئي.
سنگهار، خاموشي سان ارميل کي ُٻڌي رهيو هو. ارميل جي مسلسل سوالن واري سلسلي تي سنگهار جا چپ دل جي بار کي هلڪي ڪرڻ لاءِ ته کليا پئي، پر جواب ۽ لفظن کان خالي هئا.
اُرميل ڪجهه سوچيندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “حقيقت اها آهي، جنهن تي اسان ڪڏهن غور ئي ناهي ڪيو. ته انسان جيڪو صدين کان هتي رهندو پيو اچي تنهن کي عام رواجي خيال کان نه ٿو سمجهي سگهجي. انسان ڪپڙي جي تهه وانگر هجي ٿو، سمنڊ جي لهر وانگر، هوا جي جهوٽي جيان، هر تهه ۽ سمنڊ جي هر لهر جو احساس هڪٻئي کان مختلف ٿئي ٿو. هنِن جو ائين هجڻ ئي حقيقت آهي. هي ائين آهي جو توهان ٽرين تي سفر ڪيو ٿا، ته هر اسٽيشن جي ماڻهن جو ڪلچر، ڳالهائڻ جو انداز مختلف هجي ٿو، اها ئي صداقت آهي ته پوءِ ان احساس کي اسان پنهنجي اندر ڇو نه سمائي سگهيا آهيون. هتي اهڙي ڪنهن به هم آهنگي کي ته مون ڪڏهن به محسوس ناهي ڪيو. منهنجي خيال موجب اسان صرف انقلاب جي مٽيريل ايپروچ کي فالو ڪيو. انسان جي روحاني تربيت اسان کان رهجي وئي. انقلاب جو مٽيريل سوال ختم ٿيو. ته اسان اهڙا ٽٽاسين ڄڻ هئاسين ئي ڪونه. روحاني تربيت مان منهنجي مراد درگاهون ۽ چلا ڪڍڻ ناهي. اُن مان منهنجي مراد، انسان جي پنهنجي اندر جي صورت کي نمايان ڪرڻ آهي. پنهنجي ڪردار ۾ پنهنجي قول ۾.
مان هن صداقت کي اوهان آڏو بيان ڪيان ٿي ته، جيڪو ماڻهو لاحد آهي ۽ وقت جي رفتار کان اڳي ۽ آزاد آهي ۽ پاڻ کي ابدي ۽ لافاني سمجهڻ بجاءِ محبت جي ڪنهن ڪارڻ سان جڙيل آهي. پنهنجي دل کي ٻين لاءِ نرم ڪري ٿو. سهارو ڏئي ٿو. سچ ڳالهائي ٿو. جنهنجي قول ۽ فعل ۾ فرق نٿو هجي ۽ انسان جي دائمي مسرت لاءِ پاڻ کي جهڪائي ٿو. حقيقت ۾ اهو ئي سڀني ۾ انوکو ۽ محبت لائق هجي ٿو ۽ اهو ئي ان احساس کي ڇهڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڪنهن شيءِ کي تبديل ڪرڻ جي همت به.”
“محبت دلين جي درسگاه هجي ٿي. اُرميل ڳالهائيندي وڃي ٿي، هيءُ اهڙو علم آهي جو سِکڻ سان به حاصل نه ٿو ٿئي. هِن ڪجهه سوچينديءِ غور ڪندي سنگهار کي چيو، “جيئڻ جي ڪيفيت کي سِکي سگهجي ٿو پر مرڻ کي نه ٿو سِکي سگهجي، محبت کي نه ٿو سِکي سگهجي پر، نفرت کي سِکي سگهجي ٿو.
مان هيءَ ڳالهه پنهنجي يقين سان چوان ٿي، ته هزارين قدم روزانو زمين مٿان هلندي پنهنجو سفر ختم ڪن ٿا، هر زندگي پنهنجي مدار ۾ رهندي سفر ڪري ٿي، ته ڪي وري پنهنجي لالچ جو شڪار ٿي، موت مَرن ٿا. وقت کان به اڳ پنهنجي مقرر سمي ۽ پنهنجي مدار کان به اڳ جن تي ڪو ماتم ڪرڻ وارو به ڪونهي. پر هيءَ ڪيڏي نه متاثر ڪندڙ حقيقت آهي، ته جيڪو ماڻهو پنهنجي مٽيءَ سان جڙيل آهي ۽ پنهنجو اهو وعدو پورو ڪري ٿو ۽ زمين مٿان عاجزي سان هلندي، هُن کي پنهنجو سنگيت ڏيندو، انسان ذات کي خوشي ميسر ڪري ڏيڻ لاءِ پاڻ کي پابند ڪندو. ڪمزورن جو سهارو ٿيندو، زمين جي باقي حيات، پکين، جانورن سان هميشه شفقت ۽ پيار سان پيش ايندو ته زمين به ان لاءِ پنهنجي چادر ڪشادي ڪري ٿي. ان کي زنده جاويد ڪري ٿي. ان جو چهرو چُمي ٿي ۽ان جا خيال چڱي طرح ياد رکيا ويندا.
اهي زندگيءَ جا ابتدائي اصول آهن. جنهن ڪري ئي انسان هن زمين تي باقي مخلوق کان مختلف آهي. جن ماڻهن ان اصول کي اپنايو، حقيقت ۾ اهي ئي وقت کان اڳي آهن. تڏهن ته هر منظر ۽ هر خيال ۾ آهن. هميشهه کان ائين ٿيو آهي. ڪو به ماڻهو جڏهن پنهنجي طبعي موت مَري ٿو، ته زمين جي مٽيءَ ان کان ُپڇي ٿي، ته تو پنهجو واعدو پورو ڪيو. پنهنجي حياتي ۾ هِن مٽي کي اهڙو ڪو گيت، سنگيت ڏنو ۽ هن لاءِ ڪا مسرت واري گهڙي جيڪا انساني قدمن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪري ۽ هي مٽي توکي آغوش ۾ وٺڻ کان اڳ تو تي فخر ڪري سگهي.
انسان جو ڊنل روح پنهنجي حصي جا ٻه ٽي قابل تحسين ڪم به شايد ڳڻائي نه سگهي. هي ته اهو آهي، جيڪو فخر ۽ غرور سان زمين مٿان پيرن کي ڇنڊي هلي ٿو. زمين کي ورهائي وڏي خلق کي لڏڻ تي مجبور ڪري ٿو. زمين جي ٿوري ٽُڪري لاءِ ڪنهن جو خون ڪري ٿو. اُن مٿان ٿڪون اڇلي ٿو. هن ڪڏهن به پنهنجي دل کي ان لاءِ نرم نه ڪيو ۽ نه وري ڪي احترام جا ٻه لفظ چيا. هي ڄور وانگر ته ان سان چنبڙيل آهي، پر ڪنهن به احساس کان خالي آهي. هن کي ته ان ڳالهه جو به احساس ڪونهي، ته هن جي پڄاڻي ڪيئن به ٿئي، پر وري به هن کي آغوش ته مٽيءَ جو ملڻو آهي. هي انسان ڪيڏو نه خوشقسمت آهي، جو سندس لاش کي بدبو کان بچائڻ لاءِ وري به مٽيءَ ئي پنهنجو پلئو آڇي ٿي.
مون پنهنجيءَ مٽي کي هميشه پاڻ کان اتم رکيو آهي. اُرميل سرهائي سان چوي ٿي، بلڪهه اُن جي ڀيٽ ۾ مان ڪجهه به ناهيان. ڇاڪاڻ ته هڪ مٽِي، ٻي مٽيءَ سان محبت واري رشتي ۾ ٻَڌل آهي. اها حقيقت آهي، ته مٽيءَ کي محبت سان ڇهندي، ڪائنات جا سمورا رنگ توهان جي اندر سموئجي وڃن ٿا. اُها ڪيڏي نه وڏو نعمت آهي، جيڪا هر ڪنهن کي نصيب ناهي ٿيندي. دنيا کي درحقيقت وقت جي حدن کان آزاد ڪجهه اهڙن ماڻهن پنهنجو ترنم، پنهنجو خون ۽ پنهنجي جسم جو ماس ڏنو آهي. اهڙن گمنام ماڻهن ۾ اهي سياسي ۽ انقلابي ڪارڪن به آهن، جن پنهنجي هستي کي مٽائي، بغير ڪنهن معاوضي بغير ذاتي خواهشن جي بغير ڪنهن پارٽي سياست جي ڪنهن به خوف کان، آزادي لاءِ ۽ پنهنجي مٽيءَ لاءِ موت جي منهن ۾ هليا ويا. مان به شايد انهن مان آهيان.”
اُرميل ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪجهه گهڙين لاءِ آرام ڪرسي تي پنهنجون اکيون بند ڪري پنهنجي اندر کي ان احساس سان تر ڪري ٿي، جيڪو هن وقت هڪ اسرار جي صورت ۾ هن وٽ آيو آهي.
اُرميل، ڪرسي تان اُٿي ڪچن ڏانهن وڃي ٿي.
سنگهار ڪرسي تي خاموش ويٺو آهي، هُن جي اکين ۾ غم جا بادل لهي آيا آهن. هُن اُرميل سان پارٽي سياست جي اهميت تي ڳالهائڻ پئي چاهيو، پر نه ڳالهائي سگهيو.
ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي.
سنگهار، اُرميل کي اڄ شام فيروز جي اچڻ جو ُٻڌائي ٿو.
فيرز سان نذير جا ٻه دوست به ايندا، پارٽي جي ڪم سان آيل آهن.
سنگهار: پنهنجي ٻڏل دل سان اُرميل کي چيو.
“نذير جي اچڻ جو پروگرام به آهي ڇا”؟ اُرميل سنگهار کان معلوم ڪيو.
“هن جو پروگرام ڪونهي” سنگهار وراڻيو.