سرمستي ۽ شهادت حياتِ روح آهي
تارن ڀريو آسمان تمراڻي مٿان جشن جو سمان پيدا ڪيو رهيو آهي. چئوطرف آسمان تي ڄڻ موتي ڇٽيل آهن. فيروز ڪافي عرصي کانپوءِ اهڙي آسمان کي ڏسي رهيو آهي. پري کان رکي رکي مورن جي ٽهوڪن تي شهه مريد اُٿي ويٺو. هن کي پنهنجو وطن ٿي ياد آيو. ُمورن جي ٽهوڪار بلڪل اهڙي ئي هئي، جهڙي روهي جي ُمورن جي. هي به ڄڻ هنجو وطن آهي. اهو احساس هن جي وجود ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙائي ٿو ڇڏي. “ڪيڏو سڪون آهي هتي” شهه مريد پاڻ سان ڳالهايو.
“مونکي هڪ سوال پريشان ڪري رهيو آهي” تيرٿ، دوستن ڏانهن ڏسندي چيو” هي مختلف علائقن جا ستايل هاري، جيڪي پناه لاءِ تمراڻي اچي رهيا آهن. سرڪاري مشنري جو مقابلو ڪري سگهندا؟ هي پنهنجو آزاد وجود ۽ ڪميون رواج کي قائم رکي سگهندا؟”
“هنن کي ان ڳالهه جي پرواه ناهي” سنگهار، جوش مان چيو، حقيقت ۾ اهو پوءِ جو سوال آهي. زندگي، انسان مان، ڪنهن جي ڪيئن چونڊ ڪري ٿي، اهو ته اسان هتي ڏسي رهيا آهيون. وقت صوفي مهتاب جي چونڊ ڪئي آهي. مان اُن ۾ عظمت جي بلنديءَ ڏسي رهيو آهيان.
نتيجن جي پرواه ڪرڻ بنا ڪجهه قدم کڻڻ لازمي هوندا آهن. نتيجن جو احساس ڪڏهن ڪڏهن خوف کي به جنم ڏيندو آهي. هي صوفي ان خوف کان آزاد ٿي منزل طرف وڌڻ چاهن ٿا. هنن جي بصيرت ۾ آزادي جو سوال آهي. نظام يا بقا ته پوءِ جو سوال آهي. هنن جيڪا تذليل واري زندگي گذاري آهي، ان مان نڪرڻ جو سوال آهي. هنن کي هتي جيڪا آزادي، برابري، مان ۽ عزت ملي آهي، ان لاءِ هو جيءَ جان سان وڙهندا. ان جي حفاظت ڪندا. هتي احمد ۽ رام هڪ گلاس ۾ پاڻي پيئن ٿا. اهو احساس هنن جي ڪيترين ئي حياتين کي قربان ڪرڻ کان به وڌيڪ ۽ اُتم آهي. محبت ۾ وڏي طاقت هجي ٿي.” سنگهار، اڃان ڳالهائي رهيو هو ته هنن کي گڏجاڻي لاءِ سڏ ٿيو.
صوفي مهتاب، ڪائونسل جي ميمبرن جو هنن سان تعارف ڪرايو.
رستم، تازن ٿيندڙ واقعن کان سنگت کي آگاه ڪيو ۽ ٻڌايو ته مقامي وڏيرن جو وفد گورنر سان مليو آهي. انهن تمراڻي ۾ جمع ٿيل هارين متعلق گورنر کي آگاهه ڪيو. تمراڻي ڪميون رواج کي بغاوت جو اعلان چئي، اُنهن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ گورنر کان مدد گهري آهي. گورنر وفاقي سرڪار کان اجازت ملڻ تائين زميندارن کي صبر جو چيو آهي. زميندارن جو اسرار هو ته جلدي مسئلو حل ڪيو. ائين نه ٿئي ته بغاوت پوري سنڌ ۾ ڦهلجي وڃي.
رستم، اُتر سنڌ مان هارين جي اچڻ جا تفصيل ڏنا.
فقير اتم چند، ڪميون ڀنڊاري ۾ جمع اناج جو ذڪر ڪيو.
محب، هٿيارن جي تعداد ۽ تياري جو ذڪر ڪيو.
شنڪر ڪولهي، زمين ۽ اپت جا انگ اکر ڏنا.
احمد، نوجوانن جي تربيت جو ذڪر ڪيو.
صوفي مهتاب، سمورا تفصيل ٻڌڻ کانپوءِ واري واري سان سڀني کي هدايتون ڏنيون.
“جيڪي ماڻهو ٻين شهرن کان تمراڻي اچي رهيا آهن. انهن مان هر ماڻهو پنهنجي هنر ۽ صلاحيت آهر ڪم ڪري ۽ هر ماڻهو ٻئي جي مدد ڪري” رستم، کي هدايت ڏيندي صوفي مهتاب چيو، رستم کي ڪجهه ٻيون به هدايتون ڏنيون.
سمورا معاملا اُڪلائڻ کانپوءِ صوفي مهتاب، فيروز ۽ سندس ساٿين سان مخاطب ٿيو.
دوستو، “دنيا تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي عام رواجي ڳالهين ۾ وڌيڪ نه ٿو منجهائي سگهجي. سنڌ جو عوام هاڻي گهڻو وقت ان غربت، جهالت واري حالت ۾ نٿو رهي سگهي. اسلام آباد جي شهنشاهن کي عوام جي پورهئي مان شاندار زندگي گذارڻ جو ڪو حق ڪونهي. اقتدار جي حوس هنن کي حقير، خود غرض ۽ ظالم بڻائي ڇڏيو آهي. هنن اسانجي هزارين ماڻهن جو خون وهايو، پٽ فيڊر، نيلي بارڪي (اوڪاڙه ملٽري فارم) ملتان، پنو عاقل، کان تمراڻي تائين هنن منهنجي وطن جي هزارين هارين جو خون ڪيو. هارين کي پنهنجي زمين تان بيدخل ڪيو. انهن کان ڳرا ٽيڪس وصول ڪيا.
هنن جي تشدد ۽ بربريت جا نشان اسانجي ماڻهن جي جسمن تي اڃان تازا آهن. اسان کان ڪجهه به ناهي وسريو. هنن وٽ تربيت آفته فوج آهي. پوليس آهي.اسان کان ٻيڻ تي منظم آهن. زميندار هڪٻئي کي طاقت ۽ سهارو ڏين ٿا. انجي باوجود ڪمزور آهن. هي اهڙا سوداگر آهن جن کي پنهنجي مال جي فڪر آهي.
عزت سان جيئڻ ۽ مرڻ وارو سوال اسان کي ٻيڻي طاقت ڏئي ٿو .”
صوفي مهتاب ڳالهائيندي کن پل لاءِ خاموش ٿي وڃي ٿو.
ماحول مٿان گهري خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي.
“توهان هن مقصد ۾ اسان سان شامل ٿيو” صوفي مهتاب، فيروز ۽ سندس ساٿين کي مخاطب ٿيندي چيو، اسانجي نوجوانن جي تربيت ڪيو. هنن ۾ صبر ڪرڻ جي صلاحيت ۽ منظم تحريڪ لاءِ تيار ڪيو، توهان ائين ڪري سگهو ٿا. توهان ۾ مان اها صلاحيت ڏسان ٿو. اميد آهي ته توهان مونکي مايوس نه ڪندا. هيءَ جنگ آهي اُن جا ڪهڙا به نتيجانڪري سگهن ٿا. پر نوجوانن ۾ توهانجي تربيت، انقلاب لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي”
ٻئي ڏينهن، چارئي دوست ان ڳالهه تي غور ڪرڻ ويٺا، ته ڪميون تحريڪ لاءِ هو پنهنجون صلاحيتون ڪيئن استعمال ڪن ۽ صوفي مهتاب هنن مان جيڪا اميد ڪئي آهي ان کي ڪيئن پورو ڪن.
“اسان کي صوفي مهتاب جو ساٿ ڏيڻ گهرجي” فيروز، راءِ ڏيندي دوستن کي چيو، هن تحريڪ ۾ انقلابي اسپرٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڄمي بيهڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي تيار ڪرڻ گهرجي.”
“پر اسين ته ٻئي مقصد لاءِ نڪتل آهيون” تيرٿ وراڻيو، اسان کي اگهم ڪوٽ پهچڻو آهي.
“مونکي ٻڌايو!؟ شهه مريد وراڻيو، توهان مان ڪو اهڙو آهي، جيڪو گوريلا ويڙه لاءِ ماڻهن کي تيار ڪري. اسين سڀ يا ته صحافي آهيون يا فلسفو پڙهائڻ وارا ، اهو ته ايڊونچر ٿيندو.
“اهو ڪم ته سڀ ڪن پيا. اسين انهن کان مختلف پنهنجن آدرشن ڪري آهيون، فيروز وراڻيو،اسان پاسدار آهيون پنهنجن نظرين جا. هتي ئي اسانجي پرک ٿيڻي آهي. هيءَ ئي ته آزمائش جو مقام آهي. هتي اسين سکنداسين به ۽ سيکارينداسين به.”
“شهه مريد جي ڳالهه به درست آهي” سنگهار وراڻيو، پر هڪ ٻي ڳالهه کي به سامهون رکو. هن تحريڪ مٿان حاوي عنصر صوفيت ۽ عقيدت جو آهي. هن درميان اسين پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهنداسين؟
“بلڪل ائين آهي! فيروز وراڻيو، هي هاري جنهن مقصد لاءِ وڙهي رهيا آهن. انجو پرچار به ته اسين ڪندا رهون ٿا. هيءَ آزادي جي جنگ آهي. هي محاذ رڳو صوفين جو ناهي اسانجو به آهي. اسان ۽ هنن ۾ طريقه ڪار جو فرق ٿي سگهي ٿو پر فڪر جو ناهي. تحريڪن ۾ سڀ رجحان گڏ هلي سگهن ٿا. هن تحريڪ کي طبقاتي ۽ سياسي تحريڪ جو رنگ ڏيڻ ۾ اسانکي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
“فيروز جي ڳالهه درست آهي” تيرٿ وراڻيو، تاريخ جي رستي تي فتح ۽ شڪست گڏ گڏ هلن ٿيون. جنهن ڪري ئي دنيا ڪنهن نه ڪنهن طرح اڳتي وڌي ٿي.
ڪميون رواج جي تحريڪ سنڌ جي تاريخ جو اهم موڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. سنڌي ماڻهن پهريون ڀيرو قبيلن، ذاتين ۽ مذهبن کان مٿڀرو ٿي سوچيو آهي. هنن ۾ پهريون ڀيرو هڪ قوم جو احساس پيدا ٿيو آهي. ان موقعي تي عملي جدوجهد لاءِ اسان کي به موقعو ملي رهيو آهي، پر ساڳي وقت پنهنجي عزيز ڪامريڊ نذير کي وقت جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون. منهجي راءِ آهي ته، اسان مان ٻه دوست هتي ترسن ۽ ٻه دوست اگهم ڪوٽ روانا ٿين.”
سڀئي دوست تيرٿ جي راءِ سان سهمت ٿيا. فيصلو ٿيو، ته فيروز ۽ تيرٿ تمراڻي ۾ رهندا. سنگهار ۽ شهه مريد اگهم ڪوٽ روانا ٿيندا.
فيروز ۽ تيرٿ، تمراڻي ۾ آگاهي جي نالي سان تربيت گاه قائم ڪئي. جنهن ۾ هُنن تمراڻي جي نوجوانن جي ذهني، جسماني ۽ جنگي تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪيو، هُنن عورتن جي تعليم جو به بندوبست ڪيو، جنهن جي ذميواري هڪ مقامي عورت حليمان جي سپرد ڪئي وئي. تيرٿ ۽ فيروز تمراڻي جي اعليٰ ڪائونسل جا مستقل ميمبر چونڊيا ويا. ٻئي طرف گورنر ۽ زميندارن، صوفي مهتاب جي وڌندڙ اثر کان سخت پريشان هئا. هنن پنهنجي ماڻهوءَ ذريعي صوفي مهتاب ڏانهن نياپو موڪليو ته پنهنجون سرگرميون بند ڪيو، هٿيار ڦٽا ڪيو ۽ سمورن پناه ورتل هارين کي واپس ڪيو، ائين نه ڪرڻ سان حڪومت پنهنجي رَٽ بحال ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪندي.
فيروز ۽ تيرٿ ٻن مهينن کان به وڌيڪ هتي آهن. وقت ڪيڏو تيزي سان گذري ويو، هنن کي ان ڳالهه جو احساس ئي نه رهيو. هنن ان دوران ڪيئي اهم ڪم ڪيا هنن تمراڻي کي هڪ نظام ۾ جوڙي ورتو. مختلف ادارا جوڙيا آبپاشي جو ادارو، شفاخانه، ماليات، تجارتي گدام، دفاع ۽ رٿابندي، اسڪول ۽ سياسي ۽ خارجي معاملن جا ادارا قائم ڪيا. فيروز ۽ تيرٿ هتي پنهنجي زندگيءَ جا مصروف ترين ڏينهن گذاريا. سج جي تيز چڀندڙ اُس هجي يا تيز برسات هنن جو جسم اهو سڀ ڏسڻ جو عادي ٿي ويو هو، بلڪه هنن شعوري طور تڪليف جي چونڊ ڪئي، هنن کي تڪليف مان راحت حاصل ٿي رهي هئي. هنن شعلو ٿي وڃڻ سکي ورتو هو.
هي ڄاڻين واڻين ڪشٽ کڻندا هئا، ته جيئن سخت حالتن ۾ به پاڻ کي توازن ۾ رکي سگهن.
ٻاهر ڪنهن در جي ڪُنڍي کڙڪائي. احمد جي هٿ ۾ لفافو هو. تيرٿ کي ڏيندي چيائين، سائين توهان لاءِ آهي. ارميل جو خط هو. تيرٿ، فيروز کي به سڏ ڪيو. هنن جي خوشي جي ڪا حد نه هئي. هنن جلدي جلدي خط کوليو ۽ پڙهڻ ويٺا. ارميل، سنگهار ۽ شهه مريد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته اگهم ڪوٽ پهچڻ کانپوءِ اُهي مسلسل تڪليف ۽ برداشت مان گذري رهيا آهن. نذير اڃان قيد ۾ آهي، اگهم ڪوٽ ۾ هر ڏينهن نذير جي شهادت جا افواهه گردش ڪن ٿا. ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته ڇا ٿيندو. اسان پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال تي ويٺل آهيون. شهه مريد، شهرين سان گڏ، اگهم ڪوٽ پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال تي ويٺل آهي. هن سائره لاءِ لکيوته اسلام آباد ۾ هنجي ڪامياب تصويرن جي نمائش ٿي. سائره نمائش کانپوءِ به 15 ڏينهن اسلام آباد ۾ترسي. هنجو اسلام آباد جي ڪنهن بيروڪريٽ سان افيئر ٿيو. گذريل هفتي هوءَ شادي ڪري اسلام آباد شفٽ ٿي وئي آهي.
تيرٿ، انتهائي اطمنان ۽ گهري سڪون سان ڪجهه گهڙين لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪيون. ائين ڪرڻ هن لاءِ ضروري هو، نه ته پوءِ شايد هو رڙيون ڪري روئي ها.
تيرٿ، ناممڪن تي پنهنجي اندر ۾ روئي رهيو هو. هن کي خبر هئي ته سائره ۽ هن جو ميلاپ ناممڪن هو. انجي باوجود هو حيرت ۽ ڏک مان سائره جي فيصلي سان سهمت نه هو. هو زندگيءَ جي وڏي حقيقت کان واقف هوندي، به ان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو .
هو اطمنان سان اُٿيو. ٻاهر اس جي تيز ڪرڻن کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيندو پنهنجو پاڻ کي گهليندو، ٻاهر نم جي وڻ سان پنهنجو مٿو ٽيڪي ويهي رهي ٿو. منجهندتائين هي ان حالت ۾ هو. ڌرم هٿان هڪ ٻيو خون ٿيو.
هن کي ائين محسوس ٿيو. هيءَ دنيا، هن جي جڳهه ناهي. هو ڪنهن کي چاهڻ ۽ پيار ڪرڻ لاءِ ناهي ٺهيو. هن لاءِ قدرت جو الڳ فيصلو آهي. هن کي ائين لڳو، هنجو صبر ٽٽي رهيو آهي، پر پوءِ هڪ عجيب جهٽڪي سان هن پاڻ کي سنڀاليو.پاڻ سان مخاطب ٿيو، پاڻ کي ان طرح ڏک واري حالت ۾ رکڻ لاءِ هي مناسب موقعو ناهي.
تيرٿ، پنهنجي روح جي بيچيني کي قابو ۾ رکڻ لاءِ اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُٿي نه سگهيو. هو وري به انسان هو ۽ غم جي شدت اڳيان پنهنجن ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيو. هن جو چهرو ڳوڙهن جي پاڻي سان تر ٿي ويو.
هي پنهنجي غم کي دل اندر دٻائڻ کان لاچار هو. ڪافي دير هي ان حالت ۾ رهڻ کانپوءِ، نم جي گهري ٿڌي ڇانو، هن کي پنهنجن ٻانهن ۾ ڪيڏي مهل کڻي وئي، هن کي انجي ُسڌ ئي نه رهي، هن کي ڪا گهڙي ننڍ اچي وئي.
ڪنهن مهل احمد اچي هن جي ڪلهي تي هٿ رکيو، هن کي جاڳايو.
استاد سائين، ڪائونسل جي ضروري گڏجاڻي لاءِ توهان کي گهرايو اٿن.
رستم، ڪائونسل کي آگاهي ڏني ته گورنر ۽ زميندارن، تمراڻي جي ڪميون رواج کي ڪچلڻ لاءِ فورس جمع ڪرڻ شروع ڪئي آهي. فورس ۾ زميندارن جا هٿيار بند ماڻهو به شامل آهن. هي ڪيڏي مهل به تمراڻي تي هلان ڪري سگهن ٿا. غور ۽ فڪر کانپوءِ صوفين جي اعليٰ ڪائونسل فيصلو ڪيو، ته شهر جي چوڌاري خندق کوٽي ان ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي ته جيئن دشمن جون گاڏيون ۽ موٽرون شهر ۾ داخل ٿي نه سگهن.
صوفي مهتاب چيو، “جيئن ته اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، ان ڪري سامهون ٿي وڙهڻ بجاءِ گوريلا ڪاروايون ڪري دشمن جي طاقت کي ڪمزور ڪنداسين.”
فيروز ۽ تيرٿ لڳاتار نوجوانن جي جنگي تربيت تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. هي نوجوانن کي جيڪي بنيادي ڳالهيون سمجهائي ۽ سيکاري رهيا آهن انهن ۾.
پنهنجي تعداد کي پوشيده رکڻ .
دشمن جي تعداد تي نظر رکڻ .
ڪمزور پاسي تي ضرب لڳائڻ .
رات جي آخري ۽ ٿڌي سمي حملو ڪرڻ .
حملي کان اڳ باه ڏئي افراتفري پيدا ڪرڻ .
صبر ۽ تحمل سان پنهنجو ڪم ڪري اچڻ .
واپسي جو رستو تبديل ڪري اچڻ .
تيزي سان حملو ڪري واپس ٿيڻ .
مارڻ جي بجاءِ زخمي ڪرڻ .
ٽولين ۾ حملو ڪرڻ، هر ٽولي ۾ پنج جوانن جو هجڻ .
طئي ٿيل سمي ۾ واپس ٿيڻ.
تمراڻي جي ماڻهن جو جوش ڏسڻ وٽان آهي. هنن کي هن سمي جو ئي انتظار هو. هنن هن ڏينهن جي تياري ڪري ورتي آهي. هنن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته زندگي جيڪا هاڻي هي جي رهيا آهن انجو زبردست پهلو آهي شعلو ٿي وڃڻ يا پتنگ جيان جَلي وڃڻ آهي. دنيا ۾ ڪمزور ترين سمجهيا ويندڙ هاري ناري ۽ پورهيت کي پنهنجي طاقتور هجڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. انتهائي بي رحمي وارو ورتاءُ ڪرڻ وارن جاگيردارن کي هي هڪ لمحي لاءِ به وساري ناهن سگهيا. وقت اچي ويو آهي ته هو پنهنجا حساب برابر ڪن.
سرڪار پنهنجي نام نهاد رَٽ قائم ڪرڻ لاءِ ۽ زميندار پنهنجي بقا لاءِ تمراڻي جي ميدان تي اچي ڪٺا ٿيا آهن. ته جيئن ڪميون رواج جو خاتمو ڪري سگهن. شهر جي گرد پاڻي هجڻ ڪري هي پنهنجون موٽرون ڳوٺ کان ٻاهر بيهارڻ تي مجبور هئا. انقلابي نوجوانن پنهنجي تربيت جي آڌار ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون. رات جي آخري لمحن ۾ تيزي سان حملا ڪري حفاظت سان واپس پنهنجي مرڪز پهچي ٿي ويا.
پورو هفتو اها ويڙه هلي. زميندارن جي گماشتن ۽ سرڪار جي پيٽو فورس کي همت نه ٿي ته پاڻي ڪراس ڪري تمراڻي تي حملو ڪن. ان پوري عرصي دوران سون جي تعداد ۾ سرڪاري سپاهي ۽ زميندارن جا هٿيار بند زخمي ٿيا ته ڪيترا مارجي ويا. هي ڄڻ ماڻهن سان نه بهوتن سان مقابلو ڪري رهيا هئا.مرڪزي سرڪار سخت مشڪل ۽ دٻاءُ ۾ هئي. ميڊيا به اُن اشو کي کنيو آهي. حڪومتي ڪارندن، زميندارن کي چيو، تمراڻي کي فتح ڪرڻ جي جنون ۾ اسين پورو ملڪ ته نه ٿا وڃائي سگهون، صوفي مهتاب سان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڳالهيون ڪري ڪو رستو ڪڍو.
تڏهن زميندارن هڪ سازش رٿي.
ُملي شهداد کي قرآن پاڪ ڏئي صلح جو نياپو موڪليائون. ُملي شهداد جي هڪ هٿ ۾ سفيد جهنڊو هو ته ٻئي هٿ ۾ قرآن. هي صوفي مهتاب جي سامهون اچي بيٺو ۽ ڳالهائيندو ويو.
“مون تي اعتبار ڪر.”
“مان تو وٽ لنگهي آيو آهيان.”
“جيڪڏهن توکي هن قرآن تي اعتبار آهي ته جنگ بند ڪر .”
“اسين صلح چاهيون ٿا.”
“زميندار، نورمحمد سخت زخمي آهي. هلي نه ٿو سگهي، هتي هو ضرور اچي ها.”
“تون اعتبار ڪر ۽ اسان سان هلي صُلح جا اصول طئي ڪر.”
صوفي مهتاب اعليٰ ڪائونسل کي طلب ڪيو.
اعليٰ انقلابي ڪائونسل ۾ ان ڳالهه تي بحث ٿيو ته،
صلح ڪيئن ڪجي ۽ انجا اصول ڪهڙا طئي ڪجن.
صوفي مهتاب صلح جي حمايت ڪئي ۽ صلح ۾ اڳڀرائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، صوفي مهتاب امن لاءِ ڪو به موقعو وڃائڻ نه ٿي چاهيو.
جڏهن ته تيرٿ ۽ فيروز جو موقف هو ته حڪمرانن جنگ اسان مٿان مسلط ڪئي آهي. صُلح لاءِ اسانکي نه بلڪه سرڪار کي پيش قدمي ڪرڻ گهرجي. تمراڻي اچي فيصلي جا اصول طئي ڪري. امن جي پهرين مرحلي ۾ تمراڻي جي گرد جمع فورس هٽائي وڃي. زميندارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ تمراڻي جي زمين هارين وٽ رهڻ جو اعلان ڪيو وڃي.
فيروز، پنهنجي موقف تي قائم رهندي وڌيڪ دليل ڏنا، ته حڪمران جنگ هارائي رهيا آهن. ان موقعي تي اسان کي هنن خلاف سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن. وڌ کان وڌ مقصد حاصل ڪرڻ گهرجن. جو باقي سنڌ جو تحريڪون به اسان ڏانهن ڏسي رهيون آهن. هي تحريڪ آزادي جي تحريڪ آهي. جيڪا رهنما آهي باقي تحريڪن جي.
فيروز هڪ ٻئي نقطي تي به ڳالهايو، “اسان ُملي شهداد جهڙي بدنام ۽ ڪوڙي ماڻهو تي ڪيئن ٿا اعتبار ڪري سگهون. جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڪميون رواج کي دهرين جو نظام چئي ان خلاف فتوا جاري ڪرائي. هو سڀ اسان سان دوکو ڪرڻ چاهن ٿا.”
صوفي مهتاب، لاءِ واقعي به هي ڏکيو فيصلو هو. تڏهن هن آسمان ڏانهن نهاريو ۽ هميشه جيان اکيون ٻوٽي کن پل لاءِ خاموش ٿي ويو. هن جي وجود ۾ هڪ قسم جي هلچل هئي. هن جي اڳيان تمراڻي جو شهر آهي. جنهن کي هن پنهنجي ڪردار جي قوت ۽ صداقت سان ٺاهيو هو. جنهن لاءِ هن پنهنجن اکين کي ڪڏهن ننڍ نه ڏني. هن اکيون کوليون هن جي آواز ۾ يقين هو. هن مخاطب ٿيندي چيو هن لاءِ اهو ئي لکجي چڪو آهي. هن لاءِ اها سمت طئي ٿي چڪي آهي. هن کي صلح لاءِ وڃڻو آهي.
تيرٿ ۽ فيروز مٿان گهري اداسي ڇانئجي وئي. هنن کي جنهن ڳالهه جو خوف هو ائين ٿيو .
صوفي مهتاب کي ڳالهين جي بحاني سان گهرائي، گرفتار ڪري پوءِ شهيد ڪيو ويو.
هن سان گڏ احمد ۽ٻين انقلابي نوجوانن کي به شهيد ڪيو ويو.
ڪائونسل فيصلو ڪيو ته عورتون محفوظ رستي نڪري وڃن.
۽ مرد ڄمي مقابلي ڪندا.
تيرٿ ۽ فيروز، خندق ڪناري پهچي ڀنل اکين سان هڪ عجيب حسرت ۽ بي چيني سان چئني طرف ڏٺو. سامهون خندق جو پاڻي اڃان بيٺو هو. ٿڪل اکين سان هنن پنهنجو چهرو پاڻي ۾ ڏٺو. پنهنجن چهرن جي عجيب خاموشي ۽ ڳاڙهيون ٿي ويل اکين ۾ هنن کي گهري اداسي نظر آئي. هنن پاڻي کي ُٻڪن ۾ ڀري پنهنجا چهرا ڌوتا،گيت جيڪو سڀني گڏجي ڳايو هو، ختم ٿي ويو. جنهن جي صدا هميشه لاءِ رهندي. هو پنهنجي ُمحسن جي جُدائي تي سڏڪا ڀري روئڻ لڳا. هنن جا چهرا لڙڪن ۾ ُٻڏل هئا. هنن جا ٻئي هٿ اڃان پنهنجن چهرن تي هئا، هو مسلسل روئي رهيا هئا. هنن جو غم گهرو هو.
هنن پنهنجا ڳوڙها اُگهيا. هنن کي ان ڳالهه جو احساس هو، ته هڪ انقلابي کي سرعام روئڻ نه گهرجي. هنن پنهنجي طاقت کي جمع ڪيو. هر ماڻهو جي چهري تي خاموشي ڇانيل هئڻ جي باوجود هنن کي معلوم هو ته، زندگي ۾ ُمسرتن جو حاصل هڪ خواب آهي اصل ڳالهه آزادي آهي.
زميندارن جي فورس ۽ مرڪزي سرڪار جي فورس گڏجي
تمراڻي تي حملو ڪيو .
تيرٿ، فيروز، ۽ ٻيا سوين ساٿي
همت ۽ جرعت سان وڙهيا ۽ سندن ڪيئي ساٿي شهيد ٿي ويا.
آخري وقت تي رستم، تيرٿ ۽ فيروز کي زندهه ۽ محفوظ رستي مان ٻاهر ڪڍي آيو. ان خيال سان ته هي جنگ جاري آهي.
هاڻي ڪنهن ٻئي روپ ۾ وڙهي ويندي.