ناول

گذري وئي برسات

هي ڪتاب “گذري وئي برسات” خوبصورت ليکڪ منظور ٿهيم جو لکيل ناول آهي. هي ڪتاب روشنائي پبليڪيشن پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم منظور ٿهيم جا جنهن پنهنجي ناول جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
  • 4.5/5.0
  • 4872
  • 916
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • منظور ٿھيم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book گذري وئي برسات

دز ۾ ويڙهيل شهر

“اسان سڀ ڏکين ۽ عجيب حالتن مان گذريا آهيون” فيروز، شهه مريد ۽ سنگهار جو خيال دل ۾ آڻي چوي ٿو، اسان کي پنهنجي زندگي ۾ جهاتي پائي ڏسڻ جو به موقعو ناهي مليو، شاه مريد ۽ سنگهار جي خبر ڪانهي ته ڪيئن آهن، ارميل جي حالت ڪهڙي آهي انجي به ڪا خبر ڪانهي.
سنگهار ۽ ارميل هڪ ڏينهن به هڪٻئي کان الڳ رهڻ وارا ناهن، هو هڪٻئي سان ڏاڍو پيار ڪندا آهن، انهن چئن مهينن کان هڪٻئي کي ڏٺو ناهي، هنن جي روح کي اڃان ڪيترو ڀوڳڻو پوندو ڪا خبر ڪانهي.”
فيروز جون اکيون ڀرجي آيون. هنجي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي، تيرٿ هنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ دلجاءِ ڏيندي چيو، “غم نه ڪر منهنجا دوست، جلدي ئي اسان پنهنجن ساٿين سان ملنداسين. هنن سان پنهنجا تجربه شيئر ڪنداسين.”
“مون لاءِ چار مهينا منهنجي ذات جي آزمائش لاءِ تمام ٿورا آهن” فيروز، پنهنجي گذريل وقت جو جائزو وٺندي چيو، مون اڳيان ان ڳالهه جي اهميت وڌيڪ آهي ته منهنجو روح، منهنجا آدرش هن سفر ۾ غير منطقي ۽ غير ضروري ڳالهين، خوف ۽ بزدلي کان محفوظ رهيا. مون لاءِ هڪ طرح جي ڪاميابي آهي. حالانڪ زمين جون حقيقتون ۽ ماڻهو جي خيال ۾ وڏو فرق هجي ٿو. انهن ٻنهي جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ توازن کي اهي ئي ماڻهو برقرار رکي سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي زندگي لاءِ هڪ نئين ۽ لامحدود يقين ۽ ڪامل محبت جي چونڊ ڪن ٿا. بلڪل اهڙي جيڪا صوفي مهتاب ۽ ڏاڏا ڪامل جي دل اندر هئي. تيرٿ تو کي ياد آهي ڪن موقعن تي ته پاڻ کي ائين لڳو هو ته پاڻ شايد هاڻي ڪڏهن به نه ملي سگهنداسين. تمراڻي واري جنگ ۾ رستم اسانکي بچائي ٻاهر نه ڪڍي ها، ته يقينن ماريا وڃون ها. اسان ڪي عظيم جنگجو نه هئاسين. اسين ته انقلاب جي تابع هئاسين. اسان ته صوفي مهتاب جو مقصد پنهنجن ڪمزور هٿن ۾ کنيو هو.
رستم کان موڪلائڻ وقت هنجي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هو مون ڏانهن نهاري رهيو هو. منهنجون اکيون ڳوڙهن سان تر هجڻ جي باوجود، هن جون احسان مند هيون. هن اڳيان مون پنهنجو ڪنڌ نوائي رکيو هو. هن اسان کي موت جي ُمنهن مان بچايو هو. هن اڳيان جُهڪي، مون هن جا پير ڇُهي هن کان موڪلائڻ چاهيو ته هو ڀاڪر پائي ڪافي دير روئيندو رهيو. اهو رڳو اسان ٻن جي وڇوڙي جو ئي درد نه هو، پر اسان پنهنجي محسن صوفي مهتاب کي ياد ڪري به روئي رهيا هئاسين. اسان رستم کي ڪڏهن به نه ٿا وساري سگهون. هي واقعا ۽ ماڻهو هاڻي اسانجي زندگي جو اڻ ٽٽ حصو آهن. دنيا جي هر اها شيءِ، جيڪا اسانجي آدرشن جو حصو آهي، پوءِ کڻي اهي ننڍڙيون ننڍڙيون شيون هجن، انهن کي دل سان قبول ڪرڻ اسانجي مقصد ۾ شامل آهي. مونکي پنهنجي زندگي جو ڪوبه غم ڪونهي مان زنده آهيان. ۽ ان لائق آهيان ته جيڪا ذميواري مونکي نڀائڻي آهي، ان کي ايمانداري سان نڀايان. ڪراچي کان اگهم ڪوٽ روانو ٿيڻ کان اڳ مان پنهنجي واپسي جا سمورا اُلڪا ختم ڪري پوءِ نڪتو هوس ۽ ائين ئي سڀني ساٿين ڪيو هوندو. مان پنهنجن ساٿين سان گڏ آهيان. مون لاءِ زندگي جا هي اهم لمحا آهن، اسين نذير کي وٺي ڪراچي هلنداسين.
تيرٿ خاموش آهي. هن کي ڏاڏا ڪامل جي لاش ملڻ کانپوءِ اندازو ٿي ويو هو ته ملڪ جي ايجنسين کي هن قوم جي پرواه ڪانهي. هن کي نذير جي حوالي سان عجيب غمزده ڪندڙ اشاره ملي رهيا آهن. ڪن حالتن ۾ انسان ڪيترن ڳالهين کي بيان ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي. انهن کي صرف محسوس ڪري سگهندو آهي. پر جيئن ته اهي واضع ناهن هونديون ان ڪري اهي خوفزده ۽ غمگين ڪري ڇڏينديون آهن.
انسان اندر بدلاءُ غم ۽ خوشي جي نتيجي ۾ به ٿئي ٿو. خوب ترقي جي نالي تي ۽ خوب دولت ڪمائڻ جي نالي تي به ٿئي ٿو. مهذب جو ڏيک ڏيکاري هڪ معمولي ۽ ڪراهت واري زندگي گذارڻ جي ڪري به ٿئي ٿو. هي ڪيفيت ڪنهن به ماڻهو اندر هڪدم پيدا ناهي ٿيندي. هي بدلاءُ، ڪيترن ئي رستن مان داخل ٿئي ٿو. جنهن مان هڪ رستو سماج ذريعي داخل ٿيڻ آهي. ته ٻيو رستو انسان جي پنهنجن فڪري صلاحيتن جي رستي به آهي. سماج جي طرف کان بدلاءَ هن جي اختيار ۾ ناهي هوندو. انسان مهذب ٿيڻ، سماجي ٿيڻ جي ڪوشش جي باوجود ان تعلق کي جوڙڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو. تيرٿ کي ائين محسوس ٿئي ٿو، ته هن جي اندر جو تناءُ ۽ بدلاءُ هن جي اختيار ۾ ناهي، اهو سماج جي طرف جو پيدا ڪيل آهي. جيڪو هن جي من اندر، عجيب بي چيني پيدا ڪري رهيو آهي. هنجي اندر ۽ ٻاهر جي بيرحم دنيا جي وچ ۾ عدم توازن پيدا ڪري، هن کي دنيا سان جوڙي رکڻ ۾ مشڪلات پيدا ڪري رهيو آهي. تڏهن ئي هن جو من ڳوڙهن سان ڀرجي وڃي ٿو. هو اها ڳالهه نه سمجهي سگهيو آهي ته پختي دل ۽ دماغ جو ماڻهو هجڻ جي باوجود هُن سان ائين ڇو ٿو ٿئي؟
انهن غير ضروري ڳالهين تي، هن جو ڌيان ڇڪجي وڃڻ بجاءِ هن کي پنهنجن ساٿين جي باري ۾ سوچڻ گهرجي. تيرٿ پاڻ سان ڳالهايو. هن کي محسوس ٿيو، ته هو پنهنجن ئي خيالن ۾ جڪڙجي ويو آهي. هن کي لڳو، ته هن جي زندگيءَ جو تسلسل ڪٿان بي ترتيب ٿي ويو آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو جائزو ورتو، هن اڳيان سائره جو چهرو اچي وڃي ٿو. هن کي وِسارڻ جي ڪوشش جي باوجود هو پنهنجي قلب کي سائره جي يادن کان روڪي ناهي سگهيو. هن وقتي طور انجي ياد کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ظاهر آهي ته انسان اهڙي صورت کي ڪيئن ٿو وساري سگهي، جيڪا هن جو پنهنجو عڪس هجي. هن جو پنهنجو روپ هجي. جنهنجي موجودگي هنجي روح کي تر و تازه رکي. حقيقت ۾ هن ائين چاهيو ٿي، ته اها صورت هنجي نزديڪ رهي. هنجي موجودگي ۽ هن جو آس پاس رهڻ، هنجي روح کي صاف ۽ معطر رکي ٿو. زماني جي خوف کان محفوظ رکي ٿو. هن چاهيو ٿي، ته اها صورت جنهن لاءِ هن وٽ بي پناه عزت ۽ محبت آهي. مسرتن، محرومين، ڪاميابين ۽ ناڪامين وارن لمحن ۾ هن سان گڏ رهي. تيرٿ پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو ۽ ان شادابي چهري ۽ صورت کي پنهنجي دل ۾ سمائي ٿو. انجي مهڪ کي پنهنجي ارگرد محسوس ڪري ٿو. ان کي پنهنجن حواسن سان ڇهي ٿو. هُن کي لڳي ٿو هاڻي هن جي زندگيءَ هن جو پنهنجو ڪو چهرو ڪونهي. هو هن لمحي اُتي موجود ڪونهي ۽ هنجو پنهنجو وجود الوپ ٿي ويو آهي.
بس اندر خاموشي آهي. تيرٿ ۽ فيروز جي من اندر يادن جو طوفان آهي. آواز آهن، جيڪي ڪجهه واقف آهن ته ڪجهه اڻ واقف، اگهم ڪوٽ جا رستا، گاڏي کي اڳتي ڌڪي رهيا آهن. دريءَ کان ٻاهر جو منظر جديد دنيا جي ويراني کي ظاهر ڪري رهيو آهي. هڪٻئي جي پويان ڌنار پنهجي مال کي چاري جي تلاش ۾ ڪاهيندا پئي ويا. هنن جي ُپٺن تي ٻڌل پاڻي جون بوتلون، شَل هنن جي اُڃ اجهائي سگهن. هنن جي ڍڳين جي ڌيمي رفتار ۽ جسم جي ڪمزوري مان لڳو پئي ته هنن ڪيترن ڏينهن کان ڪجهه به ناهي کاڌو. سج جي تپش کان بيزار ٻڪرين جا ولر، ڪنڊي جي وڻ جي ڇانو هيٺ ويٺل آهن. هنن جي ڀر ۾ اوڪڙو ۽ لٺ سهاري ويٺل وڏي عمر جو ماڻهو ڄڻ هنن کي پنهنجا ڏک ٻڌائي رهيو آهي. مٿاهين زمين تي اڏيل پري کان چورس نما ڪکاوان گهر، زمين تي ڪريل، گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل پٿرن جيان نظر آيا ٿي. ان طرف ويندڙ عورتن جي مٿن تي ٻه ٽي دلا هڪٻئي مٿان رکيل آهن. اُهي هر روز ائين ئي انهي رستي پنڌ ڪن ٿيون. پنهنجي جيون جو طويل پنڌ. فڪر ۽ بي فڪري جو پنڌ هلندي، هي پنهنجن دلن ۾ پاڻي ڀرين ٿيون. چُنرين سان پنهنجو چهرو ڊڪين ٿيون. پنهنجن اکين جي خوابن کي ُمور جي پنک جيان رنڱين ٿيون ۽ پوڙهائپ کي پهچي مَري وڃن ٿيون. پاڻي هتي زندگي به آهي ته خدا به آهي. جنهن جي تلاش جو ڪشٽ عورت ئي ڪري ٿي. جنهن لاءِ هنن پنهنجي زندگي جا ڪيئي پنڌ ڪيا آهن. هنن پنهنجي هر پنڌ ۾ خدا کي ڇُهيو آهي، ان کي پنهنجن دلن ۾ ڀريو آهي ۽ انجي حفاظت ڪئي آهي. هنن جي جسم کي ڍڪيندڙ هنن جا ريشمي، سوٽي وڳا ۽ چنريون، سج جي اُس ۾ پنهنجو رنگ ڇڏي ويون آهن. ڪوشش جي باوجود ڪو به رنگ پنهنجو وجود قائم رکي نه سگهيو آهي. هر روز ان رستي تان گذرندي، هنن جي قدمن جي نشانن ان رستي کي سڌي لڪير جي ترتيب ۾ ٺاهي ڇڏيو آهي. بلڪل اهڙي سڌي لڪير جيڪا عام طور اسڪول جو ٻار سفيد ڪاغذ تي ڪڍندو آهي. سڌي، پر هلڪا وڪڙ به. هي هر روز هن لڪير تي سفر ڪن ٿيون. پاڻي ڀرن، وري سفر ڪن ٿيون، هنن جو جيون هن ئي لڪير کان شروع ٿئي هن ئي لڪير تي ختم ٿئي ٿو. هنن مان ڪابه، هن لڪير کان ٻاهر نڪري ٿي ته ڪنهن هيسيل هرڻي جيان شڪار ٿي وڃي ٿي. هتي جي رئيسن، نوابن سيدن ، راڻن جي هٿن ۽ ڏندن کي هنن جو رت لڳل آهي.
گاڏي پنهنجي طئي ٿيل رفتار سان هلي پئي. هن جي رفتار ۾ گهٽ وڌائي رستي جي کڏن کُٻن سان ٻَڌل آهي. ورنه هنجي رفتار ساڳي. شروع کان ئي هنن کي ائين محسوس ٿيو، ته گاڏي ۾ ويهڻ ۽ پنڌ هلڻ ۾ ٿورو فرق آهي. اُس جي تپش کان بچڻ لاءِ هر ماڻهو گاڏي ۾ سفر ڪري ٿو، ورنه هر ڪو پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏئي.
“اگهم ڪوٽ جو شهر ڪيئن آهي ؟” فيروز، تيرٿ کان پڇيو،
“سنڌ جي باقي شهرن جيان خاموش، ويران، زندگي گذارڻ جي سمورين لوازمات کان محروم، دز ۾ ويڙهيل!”
ڪيئن ؟ فيروز حيرت مان سوال ڪيو.
“ڪجهه سال اڳ جڏهن مان هن شهر ۾ ايندو هوس، ته شهرجي ٻنهي پاسن کان ليمن ۽ صوفي ٻيرن جا باغ هئا. اسين دوست تازه ٻير خريد ڪري انهن باغن جو رستو ڏئي واپس ايندا هئاسين. شهر زمين جي هڪ ننڍڙي ٽڪري تي آباد هو. باقي سڄو شهر باغن ، ڀاڄين ۽ اناج جي فصلن ڪري سائو هو. زمينن جي زرخيزي ايتري ته شاندا هئي، جو ڀريل ڀريل فصل لهندا هئا. وڻ ميون سان جهڪيل رهندا هئا. شهر جي ماڻهن جي چهرن تي هر وقت خوشي ۽ رونق هئي. هولي جو رنگ هر ماڻهو کي جيستائين پنهنجي رنگ ۾ نه رنڱي هولي ڄڻ مڪمل ئي نه هئي. حسين جو ماتم ۽ الله جي نبي جي ولادت هندن جي شرڪت کانسواءِ اڻ پوري هئي. هن شهر ۾ ته اهڙيون مسجدون به آهن جن تي هندو نوجوانن مفت پورهيو ڪري، انهن جي تعمير ۾ هٿ ونڊايو. هن شهر جي ڀر ۾ سمن ۽ سومرن جي دور جو ڪوٽ آهي. جنهن کي هنن جنگي حڪمت عملي تحت جوڙيو هو. ان ڪري به هي علائقو دفاعي مقصد کان اهم رهيو آهي. هن شهر جي خاصيت هن شهر ۾ هڪ زماني تائين قائم ڪپڙي ٺاهڻ جا آڏاڻا آهن. جنهن لاءِ ڪپهه هي شهر پاڻ پيدا ڪندو هو. هن شهر جي ارد گرد ننڍا ننڍا ڳوٺ، هن جي رونق هئا. هن شهر ۾ ڪاروبار هو راند جا ميدان هئا. نياڻين لاءِ هنري مرڪز هئا. نوجوانن جون تنظيمون هيون. جيڪي شهر جي ترقي، صفائي، صحت ۽ تعليم تي خاص نظر رکنديون هيون. پر پوءِ هي شهر بي ترتيبي سان ڦهلجڻ لڳو. هنجي حصي جو پاڻي ٻيا بااثر وڏيرا ۽ فوجي فارم کڻڻ لڳا. اهي ماڻهو جيڪي پوءِ اقتدار ۾ آيا، انهن شهر جي اهم جاين تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا. آباد زمينن جي پلاٽنگ ڪري وڪرو ڪيا. شدت پسند مذهبي تنظيمن پنهنجا سينٽر ۽ مدرسا قائم ڪري ورتا. هنن جو تيزي سان اثر وڌندو ويو. نوجوانن جي تنظيمن جي جڳهه تي بنيادپرستي جنم ورتو. چونڊيل اسيمبلي ميمبر، پنهنجي تاج ۽ بخت جي نشي ۾ مست رهڻ لڳا. سندس ووٽرن شڪايتون ۽ دانهون ڪيون، ته هنن کي نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي آهي، نه ٻارن جي علاج لاءِ دوائون آهن. پورو ڏينهن زمين تي هارپو ۽ سَرن جي بَٺي تي ڪم ڪرڻ جي باوجود، آمدني نه هئڻ جي برابر آهي.پر سندن ڪنهن نه ُٻڌي. هنن هاڻي شڪايتون ڪرڻ بند ڪيون آهن. هاڻي هي پنهنجا ووٽ وڪڻن ٿا. ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا. پلاٽن تي قبضا ڪن ٿا. هاڻي هولي جا رنگ ڦِڪا ٿي ويا آهن بلڪه خون سان آلوده آهن. مسجد جي لائوڊن مان هاڻي ڪافر ڪافر جو آواز اچي ٿو.”
تيرٿ، فضا ۾ هلڪي هلڪي دونهين ۽ دز جي ليئر ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي فيروز کي چيو، “پاڻ هاڻ شهر جي ويجها آهيون” هن علائقي جي گهميل موسم ۽ شهر جي ڪچن رستن تي هلندڙ گاڏين ڪري شهر جي فضا مٿان دز جو ليئر ٺهي ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته پري کان ڪجهه به نظر نه ايندو آهي.”
هن شهر جي اها سڃاڻپ آهي، دونهين ۽ دز ۾ ويڙهيل شهر.”
گاڏي شهر ۾ داخل ٿئي ٿي. روڊ جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جو شور آهي. رستي جي ڪنارن تي ماڻهن جا هوٽل ۽ دوڪان آهن. جن تي تمام وڏي رش آهي. گاڏن تي پيل فروٽ ۽ سبزي وارن جون رڙيون آهن ۽ گڏه گاڏا آهن. گاڏي جي رفتار انتهائي ڌيمي ٿي وڃي ٿي. گاڏي جي مسلسل هارن باوجود ماڻهن کي ڄڻ ڪجهه به ُٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان پاسي ٿين ٿا. ڊرائيور به سڪون سان گاڏي هلائيندو هلي ٿو. هن لاءِ اهو روز جو معمول آهي. هو روز شهر مان ائين گذرندو هوندو، سڪون سان رڪندي ۽ هارن ڏيندي.
گاڏي اگهم ڪوٽ جي اسٽاپ تي اچي بيهي ٿي. تيرٿ ۽ فيروز گاڏي مان لهي، ڊگها ڊگها قدم کڻندا، نذير جي گهر طرف روانا ٿين ٿا.