بيقرار روح جي آرزو، خدا! منهنجي رهبري ڪر
“منهنجي راءِ آهي ته اسلام آباد ۾ ٿئي” تيرٿ، سائره کي مشورو ڏيندي چيو. “هتي توکي سڀ سڃاڻين. هتان کان ٻاهر تو لاءِ نئون تجربو هوندو. تون پنهنجو آرٽ سنڌ کان ٻاهر به پهچائي سگهندينءَ، ان کان پوءِ پروفيشنلزم جي تقاضا آهي ته تون پاڻ لاءِ نوان ڪانٽيڪٽ پيدا ڪر. نون ادارن ۽ نئين دنيا سان پاڻ کي روشناس ڪر، تون پنهنجي ڊپارٽمينٽ کي اسلام آباد لاءِ چئي ڇڏ.”
تڏهن ئي ته مون تنهنجو انتظار پئي ڪيو. تو ته هڪدم مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو.سائره چيو، “مان ٻن ڏينهن کان ٻڏتر ۾ هئس ته ڇا ڪيان. اسلام آباد وڃڻ لاءِ دل نه ٿي چاهيو. ڪراچي ۾ ته اڳ ئي منهنجن تصويرن جون نمائش ٿي چڪيون آهن. بهرحال توهان منهنجو مسئلو حل ڪري ڇڏيو.”
“اسلام آباد کان واپسي تي لوڪ ورثه وارن کان پٽهاني خان جون آڊيو ڪيسٽون وٺيون اچجو” تيرٿ، سائره ڏانهن ڏسندي چيو.
“ها! بلڪل، سائره، تيرٿ کي چيو،
“ تيرٿ ۽ سائره ڪافي دير تائين ڪاريڊور ۾ بيٺا رهيا. هنن هاڻ اسلام آباد جي سفر ۽ ضروري سامان لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ هڪٻئي جي اکين جي چمڪ کي محسوس ڪيو. هنن هڪٻئي کان موڪلايو ۽ ڪوريڊور کان ٻاهر نڪري آيا.
سائره تيرٿ جي راءِ سان سهمت ٿيندي، پنهنجن تصويرن جي نمائش واسطي ٻن مهيني لاءِ اسلام آباد هلي وئي، تيرٿ ڄڻ اڪيلو ٿي ويو، هن پاڻ کي عجيب ڪشمڪش ۾ محسوس ڪيو. هن کي پهريون ڀيرو ائين محسوس ٿيو، ته سائره هن جي زندگي جو ڄڻ لازم جز بنجي وئي آهي. هنجي موجودگي ۽ رفاقت جو احساس هن لاءِ پنهنجو پاڻ ۾ مڪمل ٿيڻ جو احساس هو، تيرٿ، زندگي جي مدهم روشني ۾ پنهنجو پاڻ کي محبت جي روشني ۾ منور ٿيندي محسوس ڪيو هو.
تيرٿ پاڻ سان هم ڪلام ٿيندي چيو، محبت کي سوچڻ جو، محسوس ڪرڻ جو ۽ بيان ڪرڻ جو پنهنجو هڪ انداز آهي. جيڪو بدلجندڙ حالات، سماجي روين، نسلن ۽ مذهبن کان مختلف ۽ مٿاهون آهي. تيرٿ جي اندر خيال آبشار جي ڌار وانگر لهن ٿا ڪنهن عجيب اسرار جيان.
هو پاڻ سان ڳالهائيندو وڃي ٿو...... سائره منهنجي خواهش ناهي، ڇو ته خواهشن جي آڌار رشتا نهايت بلند تعلق ۽ روح جي وسعت کان محروم رهن ٿا. هتي ڪنهن کي چاهڻ جو معاملو ڪونهي ۽ نه وري ڪنهن کي حاصل ڪرڻ جي ڳالهه آهي. محبت ته قبوليت آهي.اها ته ڪنهن جي روح ۾ سمائڻ جي صداقت هجي ٿي. بلند جذبا، جيڪي پوءِ فقط رسيلي گفتگو ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. ائين ڪرڻ سان انسان کي سچ پچ دلي سڪون ملي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن جي عزت ڪندي ۽ ڪنهن هڪ کي چاهيندي، اوهان محسوس ڪندا، ته توهان دلي طور ڪيڏا نرم ٿيندا وڃو ٿا. پيار، انسان جي اُجهامندڙ روح کي تازگي ڏئي ٿو. توهان پنهنجو پاڻ کي طلب ۽ طمع جي فطرت کان الڳ ڪري ڏسندو ته محبت جي ذريعي هر شيءِ ممڪن آهي. تيرٿ بي خودي ۾ ڳالهائيندو رهيو. هو واقعي به خوشي محسوس ڪري رهيو هو. هن جي چهري جو حُسن وڌيڪ نکرجي پيو هو. هن پاڻ کي بلڪل ٻي طرح محسوس ڪيو. هو پنهنجي ڪردار کان ۽ خيالن کان بلند ٿي ويو هو.
ها! بلڪل ائين جيئن ُسهڻي چناب ۾ گهڙڻ کان اڳ ميهار ۾ سمائجي ويندي هئي.
ُسهڻي، جي سامهون درياءَ، درياءَ نه هو صرف ميهار هو. جنهن ڪري هُن جا خدشا ۽ خوف ختم ٿي ويندا هئا. درياءِ ته هن جي ۽ ميهار جي وچ ۾ هڪ لڪير جي برابر هو.
تيرٿ پاڻ سان ڳالهائيندو رهيو. پر پوءِ هڪ عجيب جَهٽڪي سان جاڳي پيو.
هن پاڻ کي سنڀاليو. پنهنجي ُٻڏندڙ دل سان پاڻ مخاطب ٿئي ٿو.
“ائين ڪيئن ممڪن آهي؟ سائره ۽ منهنجي وچ ۾ مذهب جو فرق آهي. اهو فرق هتي ايڏو طويل آهي جنهن لاءِ اسانجا ڏهه جنم به ناڪافي آهن. هتي انسان، روح جي جذبات کان وڌيڪ سماجي ريتن جو پابند آهي. جنهن ۾ هنجي پنهنجي ڪا معنيٰ ڪانهي. هن جي پنهنجي ڪا راءِ ڪانهي. قدرت جي هر تخليق، هر وجود جو ميلاپ ٿي سگهي ٿو. سمنڊ ملي سگهن ٿا. آسمان جا پکي ملي سگهن ٿا. سج جي روشني هند ۽ سنڌ جي زمين سان ملي سگهي ٿي. مصوري، آرٽ ۽ ڪلچر خيال سڀ جو سڀ ملي سگهن ٿا. زندگي جا ويچار ملي سگهن ٿا. باک ڦٽيءَ ماڪ، گلن سان ملي سگهي ٿي. پر اهو ماڻهو ئي آهي، جنهن کي خودڪشي جي اجازت ته آهي پر پيار ڪرڻ واري سان گڏجڻ جي اجازت ڪانهي.
پر مان اهڙي سماج جي پرواهه ڇو ڪيان. تيرٿ پاڻ کي جواب ڏيندي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن تسلي ۾ هن جو پنهنجو گهرو درد پوشيده هو، جيڪو چاهيندي به ختم ٿيڻ جوڳو ناهي.
خدا، جنهن مقصد لاءِ انسان کي تخليق ڪيو آهي. ان کي سرانجام ڏيڻ لاءِ مونکي ڪنهن به دٻاءُ جو شڪار ڇو ٿيڻ گهرجي؟ تيرٿ بيچيني ۽ گهري درد مان پاڻ سان ڳالهائي ٿو، اها مصلحت انسان کي تباهه ڪري ڇڏيندي. انسان جي روح جي ميلاپ اڳيان ڪنهن به شيءِ جي ڪا حيثيت ڪانهي. محبت سڀ کان افضل آهي.”
تيرٿ، مسلسل پنهنجي ڏڪندڙ دل سان پاڻ سان ڳالهائي ٿو. هڪ شخص جڏهن محبت ڪري ٿو ۽ پنهنجي دل کي ان سان سرشار ڪري ٿو، ته انجو مطلب آهي ته انسان هن دنيا ۾ ڪجهه گهڙيون وڌيڪ جيئڻ چاهي ٿو. مان زندگي جون ڪجهه گهڙيون جيئڻ چاهيان ٿو.
منهنجا خدا، منهنجي رهبري ڪر.
منهنجي دل مان جو نڪتو آهي، ان تي مان مضبوطي سان قائم آهيان. انجو کڻي ڪهڙو به نتيجو نڪري، مان محبت جي رستي وڃڻ چاهيندس.
مذهب، محبت جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي.
منهنجا خدا، منهنجي ننڍڙي دل جي رهبري ڪر.
تون ئي، دلين جا راز ڄاڻين ٿو.
تيرٿ، ڪرسي تان اٿي ٻاهر گهر جي آڳند تي اچي ٿو. آسمان گِهرن ناسي بادلن سان ڍڪيل آهي. هوا جي ٿڌي هير ۽ بي نيازي هَن جي من ۾ داخل ٿي وڃي ٿي۽ هو پاڻ سان وڌيڪ ڳالهائي نه ٿو سگهي.