گذري وئي برسات
ڪيمپ ۾ ويٺل ڪيترا ئي ساٿي تيرٿ جا ڏٺل آهن. انهن ۾ ڪي نوان چهرا به آهن، تيرٿ سنگهار کان پڇي ٿو نذير جي آزادي جي لاءِ عام ماڻهو ڇا ٿو سوچي ؟
“نذير جي غير موجودگي کي شدت سان محسوس ڪيو وڃي ٿو” سنگهار وراڻيو. هتي نذير جو عام ماڻهن جي حقن لاءِ شاندار ڪردار آهي. هن عام ماڻهو جي حقن جي نمائندگي ڪئي آهي. فوجي آمريت جي وقت جمهوري سوال تي عوام ۾ تحرڪ پيدا ڪيو آهي. هاڻي جمهوريت آهي ته عوام کي پنهنجن بنيادي حقن، اسڪول، اسپتال، ۽ ٻين سماجي حقن واري سوال تي تحرڪ ۾ آندو آهي. نذير ماڻهن کي پنهنجن قدرتي وسيلن جي حفاظت جو شعور ڏنو آهي.”
“نذير جي آزادي جي تحريڪ جيتري طويل ٿيندي، تحريڪ مختلف رجحانن جي بنياد تي ڪمزور ٿيندي. اسان کي ڪي تڪڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن.” شهه مريد، دوستن کي راءِ ڏيندي چيو
“توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ فيروز ، سنگهار، کان معلوم ڪيو.
“شهه مريد، جي ڳالهه درست آهي.”
“مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ڪجي” شهه مريد، راءِ ڏيندي چيو. بلڪه اسان پنهنجون ذميواريون ورهائي کڻون. مان سڀاڻي کان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيان ٿو. فيروز ۽ سنگهار ماڻهن سان ڪانٽيڪٽ ۾ رهن، تيرٿ نذير جي ٻارن جي سنڀال ۾ رهي. سڀئي دوست ان تجويز تي سهمت ٿيا.”
نذير کي ايجنسين جي قيد ۾ ٽن مهينن کان به وڌيڪ جو عرصو ٿي ويو آهي. قيد ۾ هر روز هن وٽ اجنبي ماڻهو اچن ٿا. هن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي هليا وڃن ٿا. ڪجهه ئي ڏينهن اڳ هن سان ميجر ملڻ آيو.
“تون پنهنجي پيءُ ۽ ٻارن کي وٺي هتان هليو وڄ” نذير کي چيائين.
توکي پئسو به ڏينداسين يقين رک توکي ڪجهه به نه چيو ويندو، تون اسان سان وعدو ڪر ته تون هتان هليو ويندين. ميجر، هن سان اهڙي ڳالهه ڪئي جيڪا اڻ ٿيڻي هئي.”
نذير پنهنجن پيرن تي اُٿي بيٺو. هنجي روح کي ميجر جي ڳالهه تي سخت تڪليف پهتي هئي. “مون سمجهيو هو، ته تون هڪ عام رواجي فوجي وانگر گاريون ڏئي ۽ مارڻ جا دڙڪا ڏئي هليو ويندين” هن ميجر کي مخاطب ٿيندي چيو، پر تو هي ڳالهه ڪري مونکي سڀ کان وڌيڪ تڪليف پهچائي آهي. تون هن وقت تائين اها ڳالهه به نه سمجهي سگهيو آهين، ته ڪن ماڻهن لاءِ پنهنجي زمين، آسمان ۽ پنهنجو ديس ڪيڏا اهم هوندا آهن. توکي ان ڳالهه جي پرواه نه هجي پر مان ان احساس کي محسوس ڪيان ٿو ته انفرادي طرح جي ڪاميابي، هڪ نقطي ۾ زنده رهڻ برابر آهي. متحرڪ ۽ جاودان ماڻهو، خاموشي ۽ خوف واري زندگي ناهن گذاريندا. اها دلين ۽ روحن جي بربادي جي ڳالهه چئبي. هن سمي، مان ڄاڻان ٿو ته، منهنجي خاموشي منهنجي ضمير ۽ منهنجي سمجهه ۽ دانش جي اُبتڙ آهي ۽ اُن سان منهنجي زمين ۽ منهنجا ماڻهو وڌيڪ خطري ۾ پئجي ويندا، ته مون کي دل جي مضبوطي ۽ خيال جي بلندي ۽ جرعت سان انجو مقابلو ڪرڻ گهرجي. تون مون کي ماري ته ختم ڪري سگهين ٿو پر منهنجي سوچ کي مارڻ ممڪن ناهي.
توکي ياد رکڻ گهرجي، ته سڄي دنيا ۾ ڪٿي به اهو ممڪن ڪونهي.
هي ايڪوهين صدي قومن جي آزادي جي صدي آهي.
تون مون کي مارڻ جي غلطي نه ڪر، تو جي ائين ڪيو به ته مائرون پنهنجن ٻارن کي مون جهڙو ڏسڻ چاهينديون، منهنجا نالا پنهنجن ٻارن تي رکنديون. مون لاءِ شاعر گيت لکندا. مان چاهيان ٿو ته تون اُن ڳالهين تي غور ڪر.”
“تون چاهين ٿو ته پاڪستان هڪ عظيم اسلامي مملڪت کان محروم رهي، تون اسانجن خوابن تي پاڻي ڦيرڻ ٿو چاهين” ميجر، نذير سان ڳالهائيندي چيو .
پاڪستان لاءِ توهانجو خواب ڪهڙو به هجي، پر اهو قومن مٿان جبري مڙهي ته نه ٿا سگهو.نذير وراڻيو، سنڌي قوم،پاڪستان کان به اڳ جي آهي. هن قوم تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو آهي. سياسي تحريڪن جي رهنمائي ڪئي آهي. هن قوم پنهنجا هيروز ڏنا آهن. بهترين ۽ مخلص دوست وانگر باقي قومن ۽ صوبن جي ڏکي وقت ۾ مدد ڪئي آهي. هن جي نيڪ ارادي ۽ نيڪ نيتي کي باقي قومن هڪ ڇٽي جيان استعمال ڪيو آهي. هن ئي قوم جي ليڊر توهانکي عزت سان انڊيا جي قيد مان آزادي ڏياري ۽ توهان ئي ان ُمحسن کي دار تي لٽڪايو. ان قوم کي حق آهي ته پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ فيصلو پاڻ ڪري.”
“تون ڪهڙي سياسي تحريڪ جي ڳالهه ٿو ڪرين. هتي ڪا به سياسي تحريڪ ڪانهي. صرف گروپ آهن ۽ خاندان آهن توکي هتي سياست مان ڇا حاصل ٿيندو؟” ميجر نذير کي چيو.
مان سياست نه آزادي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان؟ جيڪا روح جي بلندي سان ٿئي ٿي،” نذير کيس وراڻيو.
“ڀٽو، ليگيسي کي تون روح جي بلندي ٿو سمجهين، سنڌي جنوني آهن، جنون ۾ ٿي مئا؟ ميجر رڙيون ڪري ڳالهائي رهيو هو.”
“تون سمجهين ٿو ته ڀٽو ڪو معمولي ماڻهو هو، ماڻهو ان لاءِ خوامخاه مري رهيا هئا.”
“اسان جي ايم سيد ڏانهن به ته گل موڪليا. ان لاءِ ته ماڻهو نه ٿي مئا” ميجر وراڻيو.
“توهان سنڌ جي ريڊيڪل نوجوان کان خوفزدهه هئا” نذير ڳالهائيندو ويو، جي ايم سيد جي تحريڪ ڀٽو جي جمهوريت کان وڌيڪ خطرناڪ هئي، نه چاهيندي به توهان ان ڏانهن گل موڪليا ۽ پوءِ وڃي مليا به، توهان سنڌين ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو. توهان کي احساس هو ته قومپرست انقلابي ڪيڊر به ان تحريڪ جو حصو ٿي ويو ته پوءِ هي تحريڪ شايد توهانجي هٿن مان نڪري وڃي. توهان کي ڪا اهڙي چال چلڻي هئي.”
بحالي جمهورت واري تحريڪ ڀٽو جي ڪري آهي ته پوءِ بنگلاديش جي تحريڪ کي به تون شيخ مجيب الرحمان ليگيسي جي تحريڪ چوندين. توهان کي ٻنهي تحريڪن جي هزارين ماڻهو مارڻ ۽ قيد ڪرڻ تي ڪا پشيماني ڪانهي.” نذير ميجر ڏانهن نهاريندي چيو.
اهو ته ملڪ، بچائڻ لاءِ ڪيو” ميجر وراڻيو
“بنگلاديش ۾ جيڪو توهان ڪيو، اهو ملڪ بچائڻ لاءِ هو، ته پوءِ ملڪ ٽٽو ڪيئن ؟ نذير جي سوال ڪري ميجر جي چهري ۾ گهنج پئجي ويا.
“هي بنگالي انڊيا جا ايجنٽ” ميجر رڙيون ڪري ڳالهائڻ لڳو، شيخ مجيب پاڪستان کان نفرت ڪندو هو. پنهنجن ماڻهن کي مارائي الزام اسان تي هڻندوهو. هن اليڪشن به ته ان بنياد تي کٽي.”
الشمس ۽ البدر کي ته جماعت اسلامي هلائيندي هئي” نذير وراڻيو، بَهاري ته توهانجن ٽرڪن تي چڙهي بنگالين تي حملو ڪندا هئا. جيڪي ڪميونسٽن ۽ قومپرستن کي مارڻ ۾ بدنام هئا. انهن کي ته توهان پاليو نپايو.”
“مڪتي باهني ڪنهن جي ٺهيل هئي” ميجر تلخ ٿيندي چيو .
“تون ٻڌاءِ،” نذير هن کي چيو.
“شيخ مجيب جي ٺهرايل هئي.” ميجر وراڻيو
“اهو به ته ٻڌاءِ، ته انهن سان توهان ڇا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ توهان کي ذلت آميز شڪست حاصل ٿي” نذير ميجر سان مخاطب ٿيندي چيو، انجي باوجود توهان سکيا ڪجهه به ناهيو. توهان سمجهو ٿا ته توهانجي هٿن ۾ هٿيار آهن، توهان جيئن چاهيو ڪري سگهو ٿا.”
“اسان هاڻ تائين پاڪستان جي لڙائي لڙي رهيا آهيون.” ميجر
“پاڪستان ۾ جيڪي قومون رهن ٿيون، اهي محب وطن ناهن” توهان ڪنهن کي فتح ڪري، هي لڙائي کٽڻ ٿا چاهيو.”نذير
“توهان سنڌي ته مسلمان ناهيو، توهان ته پهرين هندو هئا. توهان کي محمد بن قاسم جهڙي مرد مجاهد اچي مسلمان ڪيو.” ميجر
“پوءِ انجو مطلب اهو آهي ته توهان، سنڌين لاءِ محمد بن قاسم آهيو.” نذير
“اسان محمد بن قاسم جا سپاهي آهيون.اسان توهان کي سڌو ڪري پڪو مسلمان ڪرڻ ٿا چاهيون.” ميجر
“تو پنهنجي ذهني سطح جي وضاحت ڪري ڇڏي” نذير، ميجر ڏانهن ڏسندي ڳالهائي ٿو، پاڪستان ان لاءِ ٺهيو ته توهان هتان جي قديم قومن کي سبق سيکاري سگهو. پنج هزار سال قديم ۽ دنيا جي مهذب قوم کي سبق سيکاريندو. توکي خبر آهي، ته هنن قومن جي وجود سان توهانجو وجود آهي. هنن قومن پاڪستان ٺاهيو. انجي بدلي توهان انهن کي لاش ڏنا. ماڻهو توهان سان توهانجي مَري وڃڻ کانپوءِ به نفرت ڪن ٿا. تون پنهنجن جنرل جو حشر ڏسين ٿو” نذير بي ڊپو ٿيندو ڳالهائيندو ويو.
دنيا ۾ هٿيارن جي زور تي قابض ٿيڻ جي تاريخ مختصر آهي. ماضي جي ڀيٽ ۾ ماڻهو هاڻي پنهنجن حقن کان واقف ٿيندا وڃن ٿا. هڪ موڙ تي هو صحي ادراڪ ۽ صحي فيصلي ڪرڻ جهڙا ٿي ويندا.توهان گهڻي دير تائين انهن جو مقابلو ڪري نه سگهندا.
ميجر، اميد جي خلاف نذير کي ٻڌي رهيو هو، هن کي انجو اندازو نه هو ته هڪ ڪمزور انسان ان طرح سان مخاطب ٿيندو. هن پنهنجي اندر ڪنهن به انسان کي ڪمزور ڪرڻ جا جيڪي معيار مقرر ڪيا هئا، سي ته ڀورا ڀورا ٿي ويا.
ميجر، جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. هن پنهنجي پيشاني کي رومال سان اگهيو ۽ چوڻ لڳو، “تون پنهنجي ٻارن لاءِ ڪجهه به نه ٿو سوچين، ته تنهنجي موت کانپوءِ انهن جو ڇا ٿيندو” ميجر جو سوال هاڻي پنهنجي اگهاڙپ تي لهي آيو هو.
“ڪهڙو اهڙو ماڻهو هوندو جنهن کي پنهنجي ٻارن جي پرواهه نه هوندي” نذير وراڻيو، منهنجا ٻار ته منهنجي زندگي آهن. مان انهن کي خدا جي حوالي ڪيان ٿو. کين انجي حفاظت ۾ ڏيان ٿو. هو اسان لاءِ ڪجهه قربانيون مخصوص ڪري ٿو ته انجي بدلي آزادي ۽ جاوداني جا رستا به کولي ٿو. هو پنهنجي وعدي تي پورو لهندو. منهنجي ذات جي قرباني عيوض آزادي، برابري، ۽ محبت جو وعدو ضرور پورو ڪندو. منهنجو اهو ڪامل يقين آهي، خدا پنهنجن پيارن جي آزمائش وٺي ٿو، آزمائش جو مطلب محبت اڳيان پاڻ کي پيش ڪرڻ آهي. هي ڪنهن عقيدي يا مذهب جي ڳالهه به ناهي پر بي حد محبت جو نالو ۽ عشق جو احساس آهي. مان پنهنجي موت کي اُن جو انعام سمجهان ٿو. جيڪو هر ماڻهوءَ کي حاصل ناهي ٿيندو.”
“مان وري به توکان آخري ڀيرو پڇان ٿو.” ميجر نذير کي چيو
“منهنجو طرف طئي ٿي چڪو آهي. مون پنهنجي زندگي لاءِ مزاهمت ۽
آزادي جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ. مونکي ان ڳالهه جو احساس ٿي چڪو هو ته منهنجو موت پري نه آهي.”نذير وراڻيو
“توکي نتيجن جي خبر آهي، ته پوءِ نتيجن کي ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي” ميجر ويندي وقت چئي ويو.
صبح جا پنج ٿيا آهن.
اگهم ڪوٽ جي اُفق تي اداسي ۽ خاموشي ڇانيل آهي. شهر جا رستا خاموش آهن. انهن کي ڪهڙي خبر ته هتان اڄ هر غم، هر ڏک کي گذري وڃڻو آهي ۽ انهن کي اڄ کانپوءَ صدين تائين جاڳڻو آهي. هن ئي رستي جي وکريل سمورن افسانن جلوسن ۽ احتجاجن کي وري داخل ٿيڻو آهي.
هميشه ائين ٿيندو آهي، جڏهن آزادي جي ويڙه ۾ ڪنهن انسان جو موت ٿيندو آهي.
تيرٿ، کي اڄ پوري رات ننڍ ڪانه آئي. هن کي ڄڻ ڪو آواز ڏئي اٿاري رهيو هو .
سنگهار، پنهنجو منهن ٻانهن ۾ ڏئي سڏڪاڀري ٿو .
فيروز، سخت گهري ڏک ۾ ٻڏل هو.
مريد، مسلسل آسمان ڏانهن نهاريندو، ڪا ڳالهه بار بار ورجائيندو رهي ٿو.
نذير جي گهر ٻاهران پوليس، نذير جو تشدد ٿيل لاش سندن حوالي ڪري ٿي.
۽ هنن چئني دوستن کي شهر مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ٿي.