خدا جي زمين تي رهڻ لاءِ به قانوني ڪاغذ گهرجي؟
فيروز جي صبح سوير اک کلي، ڏسي ته ڪو فقير گيان ۾ مصروف آهي.
فيروز، خاموشي سان هن جي ڀر ۾ ويهي رهيو، فقير جون اکيون بند آهن.
هو ڀجن جي طرح جو ڪو گيت ُسر ۾ ڳائي رهيو هو. هن جا چيل ڪجهه لفظ فيروز کي سمجهه ۾آيا.
فقير چوندو پئي ويو.
ڀومي منگلم.
اڌڪ منگلم.
وايو منگلم .
گگن منگلم .
سوريه منگلم .
چندر منگلم .
جگت منگلم .
جيو منگلم .
مانو منگلم .
آتما منگلم .
سروو منگلم .
سروو منگلم ڀوتو ڀوتو .
ڪجهه گهڙين جيِ خاموشي کانپوءِ فقير پنهنجون اکيون کوليون.
فيروز کي پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڏسي پڇيائين،
توهان مسافر آهيو، پري کان آيا آهيو؟
صبح مون خيال ڪيو ته توهان کان اچي ڪجهه ُپڇان. پر توهان گهري ننڊ ۾ هئا. ڪالهه توهان کي هٿن جي سهاري وٺي آيا هئاسين، توهان تمام گهڻو ٿڪل هئا.
ڪهڙو نه مٺو آواز آهي توهانجو، ڇا پئي ڳايو؟ فيروز ، فقير کان پڇيو.
“مون آسمان ۽ زمين جي خالق کان دعا پئي گهري ته اسانجي ُڀومي ماتر، مانو کي مسرتن، خوشين سان ڀري ڇڏ، پوري جڳت کي به، انسان جي آتما کي به،
جيڪا هن دنيا ۾ خوشين ۽ مسرتن لاءِ واجهائي رهي آهي.”
توهان ڪيڏانهن ويندا ؟ فقير، فيروز کان پڇيو.
اگهم ڪوٽ، فيروز وراڻيو.
“توهان اگهم ڪوٽ جا آهيو” فقير بي اختيار خوشي مان چيو، “ پوءِ ته منهنجا هم وطن ٿيا، ٻه سال اڳ اسين اگهم ڪوٽ کان هتي لڏي آيا آهيون. هتي ته اسان بي وطن مسافر جيان رهون ٿا.”
“توهان ائين ڇو ٿا چئو، هي به توهانجو وطن آهي.” فيروز فقير کي چيو.
فقير، “ نه، منهنجو وطن ته اگهم ڪوٽ آهي. اگهم ڪوٽ ۾ مان پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ جي باوجود به هن شهر کي ياد ڪيان ٿو.”
توهان پنهنجو ڇا وڃايو؟ فيروز هن کان پڇيو.
فقير ٿڌو ساه کنيو، هن گذريل ڏينهن کي ياد ڪندي.
هڪ گهري درد کي محسوس ڪيو ۽ پنهنجن اکين کي زمين ڏانهن نوائي چيو.
“اگهم ڪوٽ ۾اسانجي ننڍڙي بستي هئي. اڪثر جڏهن برسات پوندي هئي، اسان پنهنجي پوري يقين سان، پنهنجون اکيون ٻوٽي خدا کان پراٿنا ڪندا هئاسين ته،
خدا اسان ۾ همت ڪانهي جو اسين پنهنجي ننڍڙي بستي کي ٻڏندي ڏسون.
اسان تي ديا ڪر، بارش کي رڪڻ جو حڪم ڏي.
بارش رڪجي ويندي هئي”
“مان پنهنجي يقين سان اها ڳالهه ڪيان ٿو ته ڀروسي ۾ وڏي طاقت آهي. پر جڏهن اسانجي بستي تي انسان جي نظر پئي ته هن ظلمت ۽دهشت جو مظاهرو ڪيو. هڪ ڏينهن مقامي وڏيري جيڪو چونڊيل پارٽي جو ميمبر آهي. اسانکي جهڳيون خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيائين ته هتي وڏا دوڪان ٺهندا. اسان ڪمزور ماڻهو هٿ ٻڌا، پيرين پياسين، ته، سائين اسان سالن کان هتي رهندا پيا اچون اسان ڪاڏي وينداسين، اسان کي زمين نه گهرجي، ڪنهن ٻئي هنڌ ئي رهڻ لاءِ ٽڪرو ڏيو. پر هن نه مڃيو، چوي مان ان سان ٻڌل ناهيان، سڀاڻي تائين هتي نه هجو، نڪري وڃو.”
اسان عدالت وٽ دانهيون، صحافين وٽ وياسين، پر هر ڪنهن کان اهو جواب مليو ته، توهان کي هتي رهڻ لاءِ ڪا قانوني ثابتي ڪانهي.
“ هاڻ خدا جي زمين تي رهڻ لاءِ به قانوني ڪاغذ گهرجي؟”
“اسان ويٺا رهياسين ٻئي ڏينهن زميندارن جي ماڻهن اسانجي نينگري اغوا ڪئي. اسانجا نوجوان روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيا، چون ڇوڪري واپس ڪري ڏوهارين کي سزا ڏيو يا اسان کي به ماريو. پوليس آئي لٺيون هڻي سڀني کي کڻي وئي.
اسان انتهائي ڪمزور ۽ اڪيلا ٿي وياسين. ٻي رات دير سان منهنجي اک کلي، ته ڪجهه ماڻهن کي مون جهوپڙين کي باه ڏيندي ڏٺو. مون گهڻيون رڙيون ڪيون، پر سڀ جوان ته جيل ۾ هئا. اسان پنهنجو ڪجهه به بچائي نه سگهياسين. پوري بستي منهنجي اکين اڳيان سڙندي رهي. ٻئي ڏينهن پوليس اسانجي جوانن ۽ زميندار جي ماڻهن ڇوڪريءَ کي ان شرط تي آزاد ڪيو ته خاموشي سان شهر ڇڏي ويندو. “ڇوڪري جيت مار دوا پي پنهنجي هتيا ڪري ڇڏي”
“ دنيا ۾ وڏو ظلم آهي”
“هي دنيا ڪمزور ماڻهن ۽ جاتين لاءِ رسي جو ڦندو آهي”
“اسان در در ڦِرندا رهياسين، پني ڪڏهن ڪجهه نه کاڌو، هاڻ پنڻ تي مجبور هئاسين. هي ٻني جتي هينئر اسين رهون ٿا، زميندار پير سيد وهاب سائين جي آهي. هتي اسين مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪيون ٿا. عورتون زميندار جي ٻني تي ڪم ڪن، ڦٽي چونڊين، گُڏ ڪڍين ۽ پير سائين جي گهر جي ڌانو ٻهاري ڪن، زميندار سان سال جو حساب ڪري قرض پکا لٿي، حساب برابر ٿي وڃي ٿو.”
اسان کي ته حساب ڪرڻ ڪونه اچي، پر اهو اطمنان آهي ته پير لڏائيندو ڪونه، چوي ٿو بابا توهان دل لڳائي ڪم ڪندو ته مان به اوهان کي تڪليف نه ڏيندس.
جوڳي فقير رڪندي ڳالهايو پئي، “اسان مان هر ماڻهو کي خدا ڏانهن وڃڻو آهي. پر ڪجهه ماڻهو ڄڻ سدائين لاءِ هتي رهڻ جو خيال رکن ٿا. اُهي ماڻهو ئي ظالم ۽ خود غرض ٿيندا آهن.”
هڪ لمحي مون پاڻ پنهنجي هتيا جو فيصلو ڪيو. پر پوءِ ڌرم وچ ۾ اچي ويو، ته هتيا ڪرڻ وارو نرڳ ۾ ويندو، هاڻ ته منهنجي عمر نرڳ ۾ وڃڻ جي ڪانهي.
تيرٿ ۽ رستم به هاڻ هن محفل ۾ شريڪ ٿي ويا.
جوڳي فقير وري ڳالهائڻ لڳو، “پر پوءِ مون کي زنده رهڻ جو رستو ملي ويو،
مون پاڻ کي وقت جي گرفت کان آزاد ڪري ورتو. ان ڪشمڪش کان پاڻ کي آزاد ڪري ورتو جيڪا بار بار منهنجي من کي اداس، بي چين ۽ ملول ڪري پئي، مون خواهش ڪرڻ ۽ مسرتن واري زندگي تياڳي ڇڏي.”
مون پنهنجي من کي تسلي ڏيندي چيو، “مسرت ۽ خوشي ڪٿي آهي ئي ڪانه ته ان جي لاءِ پريشان، ملول ڇو ٿئجي.”
“توهان هاڻي به هن دنيا ۾ رهو پيا” تيرٿ، جوڳي فقير کي چيو، ان مان تياڳ جو مطلب ڇا آهي؟ دنيا کي تياڳڻ جو مطلب دنيا کي ظالمن جي حوالي ڪرڻ آهي ڇا؟
“زندگي جي اهميت به ڪهڙي آهي، جوڳي فقير وراڻيو، جنهن کي نه جِي سگهجي نه ُمسرت سان گذاري سگهجي. جنهن شيءِ جي حاصلات ممڪن ناهي، ان لاءِ من کي اداس ڇو ڪجي. نراسائي مان ڇا حاصل، ان کان بهتر، ان کي تياڳڻ آهي. پهاڙن مان ڪرندڙ پاڻي جي ڪا اهميت آهي. پاڻي جي اهميت ته سڌي زمين ۽ فصل واري زمين لاءِ آهي، مان پهاڙن مان ڪرندڙ پاڻي جي آچار آهيان. منهنجي يا منهنجي ٻارن جي مقدر ۾ سڌي زمين جو پاڻي ناهي.”
“جيئن مون ڏٺو آهي، ته قدرت، فطرت جي سهاري مسرت کي جنم ڏئي ٿي، انسان لالچ سهاري ان کي تباه ڪري ٿو. جوڳي فقير ڳالهائڻ لڳو، مان پنهنجون اکيون ٻوٽي جڏهن فڪر ڪيان ٿو، تڏهن مان محسوس ڪندو آهيان ته مان ڪٿي به ناهيان. منهنجو ڪو به نشان ڪونهي. گَهٽ گَهٽ ۾ ربَ جون نشانيون آهن. پر وري جڏهن اکيون کوليان ٿو، ڏسان ٿو، پاڻ کان پڇان ٿو ته.
رَب جون نشانيون آهن ڪٿي؟ انسان نشانيون مٽائيندو وڃي ٿو، رب پيدا ڪندو وڃي ٿو. مونکي خبر ناهي ته اهو چڪر ڪيستائين هلندو.
پر هاڻي اهو گهڻي دير هلڻو ناهي.”
“ڇا ٿيڻ وارو آهي!؟ تيرٿ، فقير جي ڳالهين کي ٻڌندي کيس پڇيو،
“مان اها حقيقت ڄاڻان ٿو ته جنهن شيءَ کي فنا آهي، انجي حاصل لاءِ پنهنجو چين ڇو داءُ تي لڳائجي” جوڳي فقير وراڻيو، بي جان شين لاءِ اسين مري به رهيا آهيون ماري به رهيا آهيون. بي معني زندگي جي شروعات اِتان ٿئي ٿي. هي ظلمت جي دنيا آهي. هتي طاقتور اهو آهي، جنهن جي پيري مريدي آهي. زمين آهي. مال متاءُ آهي ۽ ذات آهي. مون مسرتن جي حاصلات لاءِ ڌيرج رفتار سان زندگي گذاري.
فطرت کي مون پاڻ لاءِ رب جي عنايت سمجهي ان اڳيان پنهنجو سر نوايو.
فقير ڪبير جو شعر ٻڌائي ٿو.
گَهٽ گَهٽ ميڏا سائيان، سوني سيج نه کوئي
ٻلهاري تس گَهٽ که، جس گَهٽ، پرگَهٽ هوئه
مان فطرت جي هر منظر کي ڏسي مسرت سان ڀرجي ويندو آهيان ۽ ٻلهاري پيو ٿيندو آهيان، جڏهن قدرت جي ڪنهن منظر کي ڏسي بي اختيار چئي ڏيندو آهيان.
“ميڏا سائيان، چادر هٽائي خود پرگَهٽ ٿيو آهي، مان ته ڪيڏو خوش نصيب آهيان.
موجوده نسل، اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي.
انجي رفتار ۾ بي انتها تيزي اچي وئي آهي. اُهي منهنجو مذاق اڏائين ٿا.منهنجي ائين هجڻ تي کلن ٿا ۽ ڏوهارين جهڙو ٿيڻ چاهن ٿا ۽ وري هڪ ٻئي کان خوف کائي. پنهنجي روح جي حفاظت بجاءِ، پنهنجي ملڪيت، شان و شوڪت جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ. ُڦرن ۽ لُڪائن ٿا. اهو سڀ ڪيستائين.”
جوڳي فقير هنن کي ڄڻ زندگي جي هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ سمجهائي رهيو هو.
“خالق جي پر اسرار طاقت، هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيندي،” هن چيو.
تيرٿ، جهڳي کان ٻاهر نهاريو، ڪچي اڳند تي مٽي جو ليپو اهڙي سدائي ۾ ڏنل هو ڄڻ پڪو فرش ٻڌل هجي. خوراڪ جي ڪمي جا ماريل ڪمزور اڌ اگهاڙا جوڳين جا ٻار حيرت مان ڏسي رهيا هئا ته هي اجنبي هتي ڇا پيا ڪن.
“توهان منهنجي وطن جا آهيو” جوڳي فقير هنن کي اڪير مان چيو، توهان هتي جيترو به وقت رهڻ چاهيو رهو، هي شهر ڪمزور ۽ دکي ماڻهن جو سهارو آهي، هتي جي ماڻهن ۾ قرب آهي، جوش آهي، ۽ جستجو آهي ۽ عشق جي رس سان ڀريل شاعر آهن، زرخيز زمين آهي، ڀريا فصل آهن. هتي توهان گهمو، شهر کي ڏسو، ماڻهن سان ملو.”
هي ڪهڙو شهر آهي؟ تيرٿ جوڳي کان پڇيو.
“خان جو ٽنڊو” جوڳي فقير شهر جو نالو ٻڌائيندي چيو.
ٻاهر ڏينهن چڙهي آيو هو.
تيرٿ، فيروز، رستم جهڳي مان نڪري شهر جو رخ ڪيو .
“خان جو ٽنڊو پريس ڪلب”
هنن سنڌي ۾ لکيل شهر جو نالو پڙهيو.
اندر صحافين ۽ عام ماڻهن جي رش هئي.
فيروز صحافين سان پنهنجو تعارف ڪرايو ته تقريبن سمورا صحافي سندن واقف نڪتا.
هن صحافين کان تمراڻي ڪميون رواج جا تفصيل معلوم ڪرڻ چاهيا ته وڌيڪ اُن شهر سان ڇا ٿيو؟
“تمراڻي ڪميون رواج، تي حملي جي رپورٽنگ لاءِ ويندڙ سڀني صحافين کي رستي ۾ روڪيو ويو” هڪ صحافي تفصيل ٻڌائيندي چيو، شهر ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا هئا. صرف ايتري معلومات ملي سگهي ته صوفي مهتاب کي دوکي سان شهيد ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري فورس هٿان تمراڻي ڪميون رواج جي ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو ته ڪيترن کي گرفتار ڪري، پوري شهر کي بلڊوز ڪيو ويو.