(3) ڪکاڻان ٽوپلا
ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن کي ”ٻوڌي“ سڏجي ٿو ۽ ٻڌ ڌرم جي مندر جي سنڀال لهندڙ ۽ عقيدتمندن کي ڌاڳو تعويذ ڏيڻ وارو ٻائو ”بکشو“ سڏجي ٿو. جپان جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ٻڌ ڌرم جو مندر نظر اچي ٿو جنهن ۾ گوتم ٻڌ جو پٿر يا لوهه جو ٺهيل وڏو (Statue) رکيل هوندو آهي. جپان ۾ گوتم ٻڌ جي مجسمي کان علاوه ٻيا بت جيڪي جيزو (Jizo) سڏجن ٿا اهي مندر جي ٻاهران يا رستن تي نظر اچن ٿيون جن کي جپاني زبان ۾ ”جيزو“ سڏين ٿا يعني ٻائو يا بکشو. سنسڪرت زبان ۾ هي مجسما (Statues) ”ڪستيگرڀ“ سڏجن ٿا يعني ٻوڌي ٻاوا. ٻوڌي ٻائي يعني جيزوءَ (Jizo) جي هڪ هٿ ۾ گهڻو ڪري ڏنڊو هوندو آهي ته ٻئي ۾ تسبي. هي مورتيون گهڻو ڪري پٿر جون ٺهيل هونديون آهن.
هاڻ آکاڻي..... ڳالهه ٿا ڪن ته سوين سال اڳ جپان ۾، ڪاگو شيما جي جبلن تي ڪنهن جهوپڙيءَ ۾ هڪ پوڙهو مرد ۽ پوڙهي عورت رهيا ٿي. هو ٻاهر وڃي ڪا محنت مزوري ڪري روزگار ڪمائڻ جهڙا نه هئا. مڙيئي گهر ۾ ويٺي سارو ڪا هٿ جي شيءِ ٺاهي ان کي ڀر واري ڳوٺ جي دڪان تي وڪڻي ڪا کاڌي پيتي جي شيءِ وٺي آيا ٿي.
هڪ دفعي ڇا ٿيو جو لڳاتار مينهن وسندو رهيو ۽ هو ٽي چار ڏينهن گھر کان ٻاهر نڪري نه سگھيا. هنن وٽ هاڻ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو.
”سمجهه ۾ نٿو اچي ته اڄ رات کائڻ جو ڇا ٿيندو!“ پوڙهي ماڻهوءَ پنهنجي زال کي چيو.
”ڇا ڪجي پاڻ وٽ پئسا به نه بچيا آهن جنهن جي کڻي ڪا شيءِ گهرائجي“. پوڙهي زال وراڻيو.
”گذريل پنج ڇهه ڏينهن کان آئون ڪکن جا ٽوپلا ٺاهي رهيو آهيان. ۽ هاڻ اهي سورنهن ٿي ويا آهن“، پوڙهي مڙس چيو، ”آئون اهي کڻي ڀر واري شهر ۾ وڃي ٿو وڪڻان ۽ جيڪي چار پئسا مليا انهن جا چانور وٺي ايندس“.
اهو چئي پير مرد پنهنجا ٽوپلا کنيا ۽ وڪڻڻ لاءِ مينهن ۾ پُسندو شهر ڏي روانو ٿيو. رستي تي هن هڪ باغيچي وٽ پٿر جا ٺهيل جيزو (ٻوڌي ٻاون) جا مجسما (بُتَ) ڏٺا. اهي مينهن جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ پُسي رهيا هئا. پير مرد کي جيزوئن (ٻاون) کي ائين پُسندو ڏسي هن لاءِ دل ۾ همدردي پئدا ٿي.
”توهان جيتوڻيڪ پٿر جا ٺهيل آهيو پر مون کي پڪ آهي ته ههڙي مينهن ۾ توهان کي ٿڌ لڳي رهي هوندي“. پوڙهي مڙس چيو ۽ هڪ هڪ ڪري هن وٽ جيڪي به ڪکن جا ٽوپلا هئا سي هنن ٻوڌي ٻاون (جيزوئن) جي مٿي تي رکي ڇڏيا ۽ پاڻ هٿين خالي گهر موٽي آيو.
گهر پهچڻ تي هن جي پوڙهي زال هن کان چانورن جو پڇيو. ”ڪر خبر! ايترن ٽوپلن جي بدلي ۾ تون ڪيترا چانور وٺي سگهئين؟ ڏي ته رات جي کائڻ لاءِ پچايان“.
”ڪجهه به نه،“ پير مرد وراڻيو، ”آئون هڪ ڪڻو به آڻي نه سگهيو آهيان ڇو جو مون اهي سمورا ٽوپلا ٻوڌي ٻاون (جيزوئن) کي پارائي ڇڏيا. شهر ويندي رستي تي ههڙي ٿڌي موسم ۾ هنن کي پُسندو مون کان ڏٺو نه ٿيو“.
”اهو ته تو تمام نيڪ ڪم ڪيو“. هن جي زال هن کي نرم لهجي ۾ چيو، ”ڪجهه دير اڳ مون چانورن جي گنديءَ ۾ هٿ وجهي ڏٺو ته تري ۾ چانورن جا ڪجھه ڪڻا پيا هئا. آئون انهن کي ميڙي چونڊي پٽڙي رٻ جهڙو ڀت رڌي ٿي وٺان“.
ڪجهه دير بعد جيئن ئي هو ٻئي ڄڻا اها رٻ پي رهيا هئا ۽ ڪچهري به ڪري رهيا هئا ته هنن جي ڪنن تي ڪنهن جي پيرن جو آواز پيو. هي آواز وڌندو ويو. هنن کي لڳو جهڙو ڪر ڪي ماڻهو هنن جي گهر ڏي اچي رهيا آهن. ۽ پوءِ هن جي در تي ٺڙڪو ٿيو. پوڙهي عورت اٿي در کوليو ته هنن ڏٺو ته ٻاون جو هڪ ٽولو جن جي مٿي تي اهي ڪکاڻان ٽوپلا هئا جيڪي هن جي مڙس گهر ۾ ويهي ٺاهيا هئا، اهي بيٺا هئا.
”ڪوني چِيوا (شام جو سلام)! مهربان زال مڙس توهان اسانَ کي اڄ ٽوپلن سان نوازيو..... ان جي موٽ ۾ اسان توهان لاءِ ڪجهه تحفا کڻي آيا آهيون ۽ ان سان گڏ توهانجا ٿورا مڃڻ آيا آهيون“.
پوءِ هنن مان هڪ اڳيان وڌيو ۽ پوڙهيءَ کي هڪ سونو سڪو ڏئي چيو ”هيءَ قيمت تنهنجي مڙس جي ڏنل ٽوپلي جي فقط مسواڙ آهي“.
ان بعد ٻيو وڌيو ان به ساڳيو تحفو ڏنو ۽ ساڳي ڳالهه ڪئي. ان بعد ٽيون چوٿون ۽ آخر ۾ سورهين ٻائي پوڙهيءَ جي هٿ تي سونو سڪو رکيو. پوڙهو زال مڙس هنن جا ٿورا مڃيندي گوتم ٻڌ کي ياد ڪيو. ان بعد اهي سڀ ٻاوا سخت مينهن ۾ قطار ٺاهي واپس روانا ٿي ويا.
ڳوٺ جا ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن ته ان بعد هن پوڙهي جوڙي زندگيءَ جا باقي ڏينهن خوشيءَ ۾ گذاريا. هنن کي جڏهن به واندڪائي ملي ٿي ته هنن ڪکن جا ٽوپلا ٺاهي پري پري تائين ٻوڌي ٻاون جي بُتن (Statues) کي ڳولي انهن جي مٿي تي رکيا ٿي. اهو ئي سبب آهي جو بُنگو صوبي ۾ جتي هي پوڙها رهيا ٿي، هر پٿر جي ٻوڌي ٻائي جي مٿي تي توهان کي ڪکن جو ٽوپلو نظر اچي ٿو.
***