ٻاراڻو ادب

جل پريءَ جي اڳڪٿي

هي ڪتاب ٻارڙن ۽ وڏڙن لاءِ جاپاني ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ٻارن جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هيڪدو کان اوڪيناوا ٻيٽن تائين ۽ فڪو شيما کان ناگاساڪي تائين جپاني مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4233
  • 912
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جل پريءَ جي اڳڪٿي

(19) يورا شيما تارَو

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته جپان جي سامونڊي ڪناري واري هڪ شهر ۾ ”يورا شيما تارو“ نالي هڪ مهاڻو رهندو هو. تارو جو پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو ان ڪري هو پنهنجي پوڙهي ماءُ سان گڏ رهيو ٿي ۽ روزانو پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ مان مڇيون ڦاسائڻ لاءِ ويو ٿي.
هن جي زندگي ڪا عيش جي زندگي نه هئي. بلڪ هن کي ته اها به خبر نه هئي ته سکي ستابي زندگي ڇا ٿيندي آهي. ٻه ويلا ماني حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي سڄو ڏينهن سمنڊ تي واجهائڻو پيو ٿي. سخت گرمي جي موسم هجي يا برف باري هن کي سمنڊ جي لهرن ۾ لوڏا کائي مڇي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻي پيئي ٿي. ان هوندي به ڀاڳ جي ڳالهه رهي ٿي. ڪڏهن ته ڪجهه مڇيون ڦاسي وينديون هيون ڪڏهن ته هن کي هٿين خالي موٽڻو پوندو هو.
تارو هڪ رحمدل ۽ جوان مڙس هو. سڄي ڏينهن جي جدوجهد ۽ ڏکي زندگيءَ جي باوجود هو خوابن جي دنيا ۾ رهيو ٿي.
”ڪاش آئون مڇي هجان ها ۽ سمنڊ جي اونهائين ۾ تري ڏسان ها ته اتي جي زندگي ڪيئن آهي!“ هن کي جنهن وقت به وهڻ جي فرحت ملندي هئي يا مڇين ڦاسائڻ جي سمنڊ ۾ ڪنڍي اڇلي مڇين جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو ته هن لاءِ سڀ ۾ سٺي وندر خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي وڃڻ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مڇين مارڻ بدران ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهي سڄو ڏينهن سوچن ۾ گذاري ڇڏيندو هو.
اڄ به هن سان ائين ئي ٿيو هو. ٻيا مهاڻا مڇين جا ڍير ماري ڪناري ڏي موٽيا پر تارو جنهن جو سڄو ڏينهن خواب ڏسندي گذريو اهو هٿين خالي هو. هو هڪ مڇي به ڦاسائي نه سگهيو هو. پر انهن ڳالهين جو هن کي ڪو فڪر نه هوندو هو. ڪا مڇي ڦاسي وئي ته به ٺيڪ آهي ۽ جي نه ڦاٿي ته به مڙيئي خير آهي. هو آهستي آهستي پسار ڪندو گهر ڏي موٽي رهيو هو.
هو اڃان ڪجهه فاصلو مس هليو ته هن کي هڪ ڏنگن ٻارن جو ٽولو نظر آيو جيڪي ڪنهن شيءِ پٺيان رڙيون ڪري رهيا هئا. تارو ويجهو اچي ڏٺو ته هنن جي اڳيان هڪ ڪميءَ جو ٻچو هو جنهن کي هو ڀتر ۽ ڪاٺيون هڻي تنگ ڪري رهيا هئا.
تارو کي غريب ڪميءَ کي ڏسي ڏک ٿيو ۽ ٻارن جي وچ ۾ اچي کين دڙڪا ڏنا. ”توهان کي شرم اچڻ کپي. هڪ ننڍڙي جانور کي ستائيندي توهان کي ڪهڙو مزو ٿو اچي....“
تارو جي دڙڪن تي ٻار نئين ڄاول ڪوريئڙي وانگر ڀڄي ويا. تارو وڏي خبرداريءَ سان ڪميءَ جي هن ننڍڙي ٻچي کي کڻي سمنڊ جي ڪناري تي اچي ڇڏيو. هوءَ آهستي آهستي ٿي سمنڊ ڏي وڌڻ لڳي.
”گهر تائين ويندي پنهنجو خيال رکجانءِ ننڍڙي ڪمي“.
رحمدل تارو ڪا دير نيري سمنڊ ڏي نهاريندو رهيو تان جو ننڍڙي ڪمي سمنڊ ۾ ترندي ترندي ايڏو پري هلي وئي جو پوءِ هن کي بلڪل نظر نه آئي.
ان ڳالهه کي هاڻ ڪيترائي سال گذري ويا.
هميشه وانگر تارو پنهنجي مرضي ۽ من مستيءَ سان مڇيون ڦاسائڻ ۾ لڳو رهيو. هن کي گهڻي جي لالچ نه هئي. ڪڏهن ڪا مڇي ملي وئي ٿي ته به هو خوش هو ۽ ڪڏهن هڪ به نٿي ملي ته به هن ڪو فڪر نٿي ڪيو. هو پنهنجين ئي سوچن ۽ خيالن ۾ گم رهيو ٿي.
اڄ هو ”سِي گل“ پکين کي آسمان ۾ اڏامندو ۽ بازوليون پائيندو ڏسي انهن بابت سوچڻ ۽ اڏامڻ جا خواب لهڻ لڳو.
”ڪاش آئون جيڪر انهن سفيد ”سِي گل“ پکين وانگر اڏامي سگهان ته جيڪر ڏسان ته آسمان ۾ هنن وانگر بازوليون پائڻ ۾ ڪيڏو مزو اچي ٿو“. هو اهو سوچي رهيو هو ته مڇي مارڻ واري رسيءَ ۾ هن کي ڇڪ محسوس ٿي. يعني هن ۾ ڪا مڇي ڦاٿي هئي ۽ هاڻ پنهنجو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ هوءَ سَٽون ڏئي رهي هئي..
”ڏسان ته ڪنڍي ۾ ڇا ڦاٿو آهي!“
تارو هيٺ ڏٺو ته هن کي هڪ وڏي ڪمي پاڻ ڏي مرڪندي نظر آئي. اها ساڳي ڪمي هئي جنهن کي هن ڪجهه سال اڳ ڏنگن ٻارن کان بچايو هو.
”تارو- سَان! ان ڏينهن توهان منهنجي مدد ڪئي هئي ان جي ٿورائتي آهيان. توهان جو اهو ٿورو لاهڻ لاءِ آئون توهان کي سمنڊ جي بلڪل تري ۾ ٺهيل محلات ۾ وٺي هلنديس. اهو ازدها جو محل سڏجي ٿو جيڪو هڪ عجيب محل آهي. هن جي چوڌاري سامونڊي گلن جا باغ آهن. اچو ته هلون“.
تارو هن ڪميءَ جي پٺيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ ڪميءَ سمنڊ اندر ٽٻي هنئي ۽ پوءِ ويئي وڌيڪ هيٺ ٿيندي.
سمنڊ جي تري جي ڇا ته دنيا هئي. اها اهڙي ئي خوبصورت هئي جنهن بابت تارو خواب ڏٺا ٿي. هو چوڌاري جا سهڻا نظارا ڏسي مدهوش ٿي ويو ٿي.
جيترو سمنڊ جي هيٺ هو ويا ٿي اوترو ئي گل ۽ مڇيون هُن کي سهڻيون نظر آيون ٿي. هن جهڙي سونهن ۽ سوڀيا جو هو خواب ۾ به ڪڏهن سوچي نٿي سگهيو.
آخر هو هڪ اهڙي هنڌ پهتا جتي سپن جو ٺهيل ڪورال جبل هو. هن جي ويجهو پهچڻ سان اهو جبل ٻه اڌ ٿي پيو ۽ وچ ۾ هيرن موتين سان مڙهيل هڪ ڏاڪڻ نظر آئي. ان ڏاڪڻ جي هيٺان هتي جي خوبصورت شهزادي چڙهي مٿي هن وٽ پهتي.
هيءَ ”اوتو هيمي“ شهزادي هئي. ازدها محل جي مالڪ شهزادي جنهن جي سونهن جو ڪو مقابلو ڪري نٿي سگهيو. ائين لڳو ٿي ڄڻ هيءَ ڪنهن ٻي دنيا جي هجي. ”ڌوڙ ۽ مٽيءَ واري ڌرتيءَ تي ڪٿان آيون اهڙيون سهڻيون شڪليون!“ تارو دل ۾ چيو.
تارو هن اوتو هيمي شهزاديءَ جي سونهن ۾ اهڙو ته غرق ٿي ويو جو هن کي پنهنجو هوش نه رهيو. هو وائڙن وانگر شهزاديءَ کي گهوري ڏسندو ئي رهيو. آخر هن جي کيڪار تي هن کي هوش آيو.
”ڪوني چيوا!“
شهزاديءَ جي جهڙي سونهن هئي تهڙو ئي هن جو مٺو آواز- ڄڻ سچا موتي ڀريل گلاس مان اٿليا ٿي.
”ڀلي ڪري آئين اراشيما تارو. تنهنجي وڏي مهرباني جو تو اسان جي دنيا جي ڪميءَ کي بچايو آهي. ۽ هاڻ تون هتي جيڪو وقت رهڻ چاهين پنهنجو گهر سمجهي گذار“.
شهزاديءَ اهو چئي پنهنجي گول وڃڻي کي کوليو ته سوين هزارين رنگين مڇيون تارو جي چوڌاري گول چڪر ٺاهي شهزاديءَ جي ان وڃڻي جي چرپر موجب نچڻ لڳيون. تارو اهو سڀ ڪجهه ڏسي اهڙو ته خوش ٿيو جو ان جو ڪو حساب ئي نٿو لڳائي سگهي.
ازدها محل ۾ رهيل تارو لاءِ هڪ هڪ ڏينهن عيش ۽ آرام جي زندگي هئي. روزانو مڇين جا ناچ، قسمين قسمين کاڌا پيتا ۽ دعوتون، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوتو هيمي شهزاديءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ڪچهريون. وقت گذرڻ جو ته ڪو احساس ئي نٿي ٿيو. تارو لاءِ هر ڏينهن هڪ خوبصورت خواب هو.
پر خوابن ڀري هن زندگيءَ جا ڏينهن هميشه لاءِ نه هلي سگهيا. هڪ اهڙو به وقت آيو جو هر عياشي هجڻ جي باوجود تارو کي مزو نه اچڻ لڳو. هن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڳوٺاڻي ڪکائين گهر جي ياد ستائڻ لڳي. هو رکي رکي اداس ٿي ويو ٿي.
تارو کي هر روز ائين اداس ٿيندو ڏسي آخرڪار شهزاديءَ چيس:
”مون کي لڳي ٿو ته توکي پنهنجي گهر وڃڻ جي تانگهه ٿي رهي آهي. ائين آهي نه؟ منهنجي ته دل جي خواهش اها ئي آهي ته تون مون وٽ هميشه لاءِ رهيو پيو هج. پر مون کي لڳي ٿو ته اهو ممڪن ٿي نه سگهندو“.
شهزاديءَ عاج جي ڪم جي هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي پيتي ڪڍي تارو کي ڏني ۽ وڌيڪ چيس:
”مهرباني ڪري تون هيءَ پيتي پاڻ وٽ رک. جڏهن تون پنهنجي وطن پهچين ۽ اتي پهچي جيڪڏهن تون ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ اچي وڃين ته ان وقت هن پيتيءَ کي کولجانءِ“.
تارو جي وڃڻ کان اڳ هڪ وڏي دعوت ڪئي وئي ۽ هر هڪ کانئس ڏک ڀرين اکين سان موڪلايو. تارو هڪ دفعو وري ساڳي ڪميءَ جي پٺيءَ تي ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو ۽ ڪمي هن کي پنهنجي گهر پهچائڻ لاءِ سندس ڳوٺ جو رخ ڪيو. تارو کي پنهنجي انتظار ۾ ويٺل ماءُ اکين اڳيان ڦرڻ لڳي ان سان گڏ گڏ سندس ڳوٺ جا ماڻهو ۽ گهٽي گهٽي پڻ جن کي ڪجهه ڏينهن اڳ هو ڇڏي هن نئين دنيا کان وڃي نڪتو هو.
جڏهن هو سڄو سمنڊ جهاڳي ڪناري وٽ پهتا ته تارو ڪميءَ جي پٺيءَ تان لهي خشڪيءَ تي پير رکيا. ڪميءَ ادب مان پنهنجو ڪنڌ هيٺ مٿي ڪري تارو کي سايو نارا (باءِ باءِ) ڪيو ۽ موٽي سمنڊ ڏي هلي وئي.
”مهرباني، تنهنجي ڪمي! تو مون کي ڪجهه ڏينهن لاءِ هڪ نئين دنيا ڏيکاري جنهن جا خواب آئون ننڍي هوندي کان ڏسي رهيو هوس“. هن پنهنجي منهن ڪميءَ جا ٿورا مڃيا.
ڪناري تي پهچي چوڌاري نظر ڊوڙيائين ته سياري بدران بهار جي مند جو عالم هو. چوڌاري چيري بلاسم ۽ ساڪورا گل کڙيا پيا هئا. تارو گلن جي جهرمٽ مان ٿيندو پنهنجي گهر پهتو.
”آئون واپس اچي ويو آهيان، آئون واپس اچي ويو آهيان“. پر هن جي آڌرڀاءَ لاءِ ڪو به گهر کان ٻاهر نه نڪتو ۽ نه وري ڪنهن اندران ئي کيس ڪا ورندي ڏني.
گهر اندر گهڙي ڏٺائين ته اهو سڄو بدليل هو. سندس پراڻي گهر واري جاءِ تي ڪنهن ٻئي جو گهر ٺهيل هو ۽ نه وري سندس ماءُ نظر آئي. غور سان هن چوڌاري نهار ڪئي ته سڄي شهر جو ئي نقشو ڦريل هو. هن کي ڪو به اهڙو گهر يا ماڻهو سڃاڻپ ۾ نه پئي آيو جيڪو پهرين کان هن جو ڏٺل وائٺل هجي.
هن کي پنهنجي وطن ورڻ جي جيڪا خوشي ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ هئي اها رفو چڪر ٿي وئي. تارو جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي ڇا ٿي ويو آهي ۽ کيس ڇا ڪرڻ کپي.
”جڏهن تون ڪنهن وڏي مونجهاري ۾ اچي وڃين ته ان وقت هن پيتيءَ کي کولجانءِ.....“ سامونڊي شهزاديءَ جا موڪلائڻ وقت هي لفظ تارو جي دماغ ۾ گونجڻ لڳا.....
”صحيح آهي!“ تارو سوچيو. ”هي رهي اها پيتي. مونکي هاڻ اها کولڻ کپي. ٿي سگهي ٿو هن جي کولڻ سان مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي.....“.
تارو ڊڄي ڊڄي پيتيءَ جو ڍڪ مٿي کنيو.
۽ جيئن ئي پيتيءَ جو ڍڪ کليو ته ان مان اڇي رنگ جو دونهون گڙ گڙ ڪري نڪرڻ لڳو.
۽ پوءِ ٻي گهڙيءَ ۾ نوجوان تارو هڪ ڊگهي اڇي ڏاڙهيءَ سان سٺ سالن جو پوڙهو ٿي پيو.
تارو کي هاڻ حقيقت جي خبر پيئي ته ڪجهه ڏينهن جيڪي هن سمنڊ جي تري ۾ ازدها محل ۾ گذاريا ان دوران زمين تي سوين سال گذري ويا ۽ تارو جي ماءُ ته ڇا پر هن جيڪي گهٽيءَ جا ننڍا ٻار ڏٺا هئا اهي به پوڙها ٿي مري ويا هاڻ سندن اولاد هلي رهيو هو. شايد ئي ڪو گهر پراڻي حالت ۾ بچيو هجي نه ته سڀ گهر جيڪي هن ڇڏيا اهي ڊهي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي نوان ٺهي ويا هئا.
خلا ۾ گهوريندي تارو اهو ئي سوچيندو رهيو ته سمنڊ جي تري جي خوبصورت دنيا جيڪا هو ڏسي آيو واقعي حقيقت هئي يا هن جو خوبصورت خواب يا هو هينئر خواب ڏسي رهيو آهي.....؟
جيترو ئي هن ان ڳالهه تي سوچيو ٿي اوترو ئي هن کي اها ڳالهه سمجهه کان پري لڳي ٿي.
***