(28) ڪوتا تسو- جپاني ٽيبل
سياري ۾ ان ٽيبل مٿان وڏو بلاڪيٽ وڇائين ۽ ان جي چوڌاري ويٺل پنهنجون ٽنگون ٽيبل جي اندر وجهي مٿان بلاڪيٽ ورايو ڇڏين. جڏهن گهڻو سيءُ ٿئي ته ان ٽيبل جي وچ ۾ سوراخ ٿئي جنهن هيٺ گئس جو يا اليڪٽرڪ جو هيٽر ٻارين جيئن ان جي گرمائش ٻاهر ضايع ٿيڻ بدران اتي ئي ٽيبل هيٺان رهي ۽ ٿوري کان ٿوري گئس يا لائيٽ مان گهڻي کان گهڻي گرمائش حاصل ڪري سگهجي ۽ گڏ وهڻ ۽ مٿان بلاڪيٽ هجڻ ڪري سڀ گرمائش اتي ئي استعمال ٿي سگهي. نه ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ جتي سخت سردي ٿئي ٿي اتي گئس يا اليڪٽرڪ جو هيٽر ٽيبل جي مٿان يا ڀت ۾ لڳل هجڻ ڪري سڄو ڪمرو گرم ٿيندو رهي ٿو چاهي ماڻهو هڪڙو هجي ۽ ان لاءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيتري بجلي يا گئس ضايع ٿئي ٿي. دراصل جپانين بجلي ۽ گئس جي بچاءَ لاءِ هي ٽيبل ايجاد ڪيو آهي جنهن کي جپاني ”ڪوتاتسو“ چون. ۽ هي ٽيبل هنن گهڻو اڳ سوچي ٺاهيو هو جڏهن اڃان بجلي يا گئس نه هئي پر ڪوئلا يا ڇوڏا ٻاريا ويا ٿي. جيئن پاڻ وٽ ڪنهن زماني ۾ سِگري ٻاري ويندي هئي.
هيءَ ڪهاڻي ان زماني جي آهي جڏهن هي ٽيبل (ڪوتاتسو) اڃان سڄي جپان ۾ عام نه ٿيو هو. اڃان رڳو وڏن شهرن ۾ ڪٿي ڪٿي نظر آيو ٿي. جابلو ڳوٺن ۾ رهندڙن کي اڃان ان جي خبر نه پيئي هئي جو انهن ڏينهن ۾ ٽي وي يا ريڊيو ته نه هو جو هر شيءِ جي سڀني کي يڪدم خبر پوندي رهي. نه وري ڪي پڪا رستا ۽ سرنگهون هيون جو جابلو ڳوٺن جا ماڻهو سولائيءَ سان شهرن ۾ اچي وڃي سگهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو غريب ڳوٺاڻو ڪنهن ڪم سانگي شهر ۾ ايندو هو ۽ موٽي وڃڻ تي سندس ڪيترائي ڳوٺ جا مائٽ ۽ دوست هن جي چوڌاري ويهي شهر جون خبرون پڇندا هئس.
سو بهرحال انهن ڏينهن ۾ ڪجهه ڳوٺ جا سادڙا ماڻهو ڪنهن ڪم سانگي شهر ۾ آيا ۽ چانهه پيئڻ لاءِ هڪ مسافر خاني ۾ گهڙيا. انهن ڏينهن ۾ بلڪه اڃان تائين جپان ۾ مسافر خانن جو رواج عام آهي جتي گهر جا سڀ ڀاتي زال مڙس ۽ ٻار آيل مهمان مسافرن جي خذمت چاڪري ڪن ٿا.
هي همراهه جيئن ئي مسافرخاني ۾ چانهه لاءِ آيا ته مسافرخاني جي مالڪ جي ڌيءَ هنن کي چيو ته توهان هلي ڪوتاتسو (ٽيبل) اندر وهو ته آئون چانهه ٺاهي ٿي اچان.
هن جو مطلب اهو هو ته توهان ٻاهران سخت سيءَ مان پيو اچو ۽ وقت وڃائڻ بدران يڪدم ڪوتاتسو (گرم ٽيبل) اندر ٿي وهو. يعني ٽيبل جي چوڌاري ويهي ٽنگون اندر ڪري وهو جيئن هيٽر جي گرمائش ۾ توهان گرم ٿي وڃو.
پر هنن ڳوٺاڻن جن کي هن ٽيبل (ڪوتاتسو) جي اڃان خبر نه پيئي هئي تن کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇوڪريءَ جو مطلب ڇا آهي. شايد هن مسافر خاني جو اهو رواج هجي ته هر هڪ کي ٽيبل اندران ٿي اچڻ کپي جنهن ۾ وهنجڻ جو بندوست هجي.
هاڻ هو هڪ ٻئي کي ٽيبل جي اندر گهڙڻ لاءِ چوڻ لڳا. هر هڪ ٻئي کي چوڻ لڳو ته پهرين تون گهڙ، پهرين تون گهڙ.
آخر اهو فيصلو ٿيو ته جيڪو سڀني ۾ وڏو هجي پهرين اهو گهڙي.
۽ پوءِ جيڪو سڀ ۾ وڏو هو ڪپڙا لاهي بلاڪيٽ مٿي کڻي ڪوتاتسو (ٽيبل) اندر گهڙيو. ٽيبل هيٺان واهه جي گرمي لڳي پئي هئي. واهه جو مزو آيس. سڄو پگهرجي ٻاهر نڪتو ۽ ٻين کي اچي چيو ته جلدي جلدي ڪريو ۽ اندران ٿي اچون. پوءِ سڀ ڪپڙا لاهي پنهنجي واري لاءِ قطار ۾ ٿي بيٺا ته اتي مسافر خاني جي مالڪ جي ڌيءَ ٽري تي چانهه جا پنج ڪوپ رکي اندر گهڙي.
هن ته سمجهيو ته هي پنجئي ڄڻا ٽيبل جي چوڌاري فضيلت سان ويٺا هوندا پر پوءِ هن جو کين ائين اگهاڙو ڏٺو ته کانئس ڇرڪ نڪري ويو ته هي چريا ڇا پيا ڪن! ٽري سندس هٿن مان ڇڏائجڻ ڪري سڀ چانهه جا ڪوپ پٽ تي ڪري پيا.
***