(13) بانس ڪپڻ واري جي ڪهاڻي
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ بانس ڪپڻ وارو پنهنجي زال سان گڏ رهيو ٿي.
هي پوڙهو ماڻهو بانس ڪپڻ وارو ان ڪري مشهور ٿي ويو هو جو هن بانس کي چيري تيليون ڪري ان مان خوبصورت ٽوڪريون ٺاهيون ٿي. ۽ ان ڪم لاءِ هو پاڻ جبل تي وڃي بانس ڪپي آيو ٿي.
هڪ ڏينهن هو روزمره جي عادت موجب جهنگل مان گذري رهيو هو ته هن کي هڪ تيز روشني نظر آئي. اها چمڪندڙ سون جهڙي روشني هڪ بانس جي گُريءَ مان اچي رهي هئي. پوڙهو اهو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو. هن کان اڳ هن ڪڏهن به بانس مان ائين روشني ايندي نه ڏٺي هئي. آخر هن ان باس کي ڪپڻ لاءِ چونڊيو. ۽ مار! هو اهو ڏسي وائڙو ٿي ويو ته بانس جي اها گُري جنهن مان روشني اچي رهي هئي ان جي وچ ۾ هڪ بيحد سهڻي ۽ تمام ننڍڙي ڇوڪري ويٺي هئي.
هن خوشي ۽ حيرت مان ان ڇوڪريءَ کي اتان کڻي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي رکيو ۽ وڏي خيال ۽ خبرداريءَ سان هن کي گهر کڻي آيو.
”ديوتائن هن کي اسان ڏي شايد ان ڪري موڪليو آهي جو هنن کي خبر آهي ته پاڻ کي ڪو ٻار ٻچو نه آهي“. پوڙهي پنهنجي زال کي ڇوڪري ڏيکاريندي ٻڌايو.
”اوه! ڇا ته سهڻي من موهڻي ڇوڪري آهي“. هن جي زال خوشيءَ وچان چيو.
پوڙهي مڙس ۽ سندس زال سوچي سوچي آخر هن ڇوڪريءَ جو نالو ”ڪاگُويا هِيمي“ رکيو جنهن جي جپانيءَ ۾ معنيٰ چمڪندڙ شهزادي آهي. هنن ٻنهي گڏجي سندن گهر آيل هن نئين مهمان کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالڻ شروع ڪيو.
ان ڏينهن کان پوءِ بانس ڪپڻ وارو هي پوڙهو جڏهن به جهنگل مان بانس ڪپڻ ويو ٿي ته هر دفعي هن کي ڪنهن هڪ بانس ۾ روشني نظر آئي ٿي. ۽ جڏهن هن ان بانس کي ڪپيو ٿي ته ڇڻ ڇڻ ڪري منجهانئس سونيون گنيون نڪري آيون ٿي. هر دفعي ايترو ڌن دولت ملڻ ڪري هو جلد ئي شهر جو امير ترين ماڻهو ٿي ويو.
ٽن مهينن اندر هيءَ گڏيءَ جيڏي وڌي هڪ خوبصورت ڇوڪري ٿي وئي جنهن کي جنهن ڏٺو ٿي ته هن جي سونهن جي واکاڻ ڪرڻ کان نٿي رهي سگهيو.
هن جي حسن جي هاڪ اڄ هڪ هنڌ سڀان ٻي هنڌ ٿيندي ٿيندي سڄي جپان ۾ پکڙجي وئي ۽ وڏي ڌن دولت ۽ شان شوڪت جا مالڪ پري پري کان پڇائيندا پڇائيندا اچي ان پٽ کان نڪتا ٿي جتي هيءَ حسن جي شهزادي پوڙهي بانس ڪپڻ واري ۽ ان جي زال سان گڏ رهي ٿي. هر هڪ هن خوبصورت ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ٿي ۽ موٽ ۾ هنن پنهنجي مال ملڪيت جو حصو ڏيڻ جي آڇ ڪئي ٿي.
پر ڪاگويا جواب ۾ ڪنڌ ڌوڻي هر هڪ کي انڪار ڪندي رهي.
”آئون ڪنهن به ماڻهوءَ جي زال ٿي نٿي رهڻ چاهيان“، هن چيو.
”آئون توهان وٽ ئي هميشه رهڻ چاهيان ٿي“. هن پوڙهي مڙس ۽ سندس زال کي پنهنجي پڪي پهه کان آگاهه ڪيو.
پوڙهي بانس ڪپڻ واري شادي لاءِ سڱ گهرڻ وارن کي دل شڪستو ڪرڻ لاءِ هر هڪ کي ڪا اهڙي شيءِ آڻڻ لاءِ چيو ٿي جيڪا هو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهن.
”ڪاگُويا جو هٿ آئون ان جي حوالي ڪندس“، هن ڪاگويا جو سڱ گهرڻ وارن کي چيو، ”جيڪو منهنجي مرضيءَ جو تحفو آڻيندو. توهان فلاڻي ڳوٺ جا سردار! توهان سوني وڻ جي ٽاري آڻيو جنهن ۾ چمڪندڙ ميوو هجي. نوجوان! تون اهو جانور آڻي ڏي جنهن جي کل سون جي هجي. ۽ تون ڊگهي قد وارا- تون جي گهوٽ ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو آهين ته هڪ اهڙو وڃڻو هٿ ڪري اچ جو پاڻهي لڳي ۽ رات جي وقت روشن پڻ ٿئي. ۽ تون ازدها نانگ جي اکين جو هار آڻي ڏي.....“
هن جي ٻڌايل تحفن مان ڪنهن هڪ جو بندوبست ٿيڻ به ناممڪن ڳالهه هو. پوڙهي کي پڪ هئي ته ڇوڪريءَ جو سڱ گهرڻ وارا هڪ هڪ ٿي ڀڄي ويندا.
پر پوڙهو اچرج ۾ پئجي ويو جڏهن هن ڏٺو ته هڪ نه ٻه پر سڀ جا سڀ تحفن تحافن سان گڏ موٽن پيا.
هر هڪ اميدوار جو تحفو املهه ماڻڪ ٿي لڳو جيڪو هن دنيا جو ته لڳو ئي ڪو نه ٿي. پوڙهي ماڻهوءَ کي اهو ڏسي چپ لڳي وئي.
پر پوءِ جڏهن اهي تحفا ڪاگُويا اڳيان رکيا ويا ته هن جي سونهن اڳيان اهي سڀ نقلي ثابت ٿيا.
وقت گذرندو ويو تان جو اٺين مهيني جي چوڏهين تاريخ اچي مٿان پهتي. جيئن جيئن چنڊ جي روشني وڌندي وئي ڇوڪري وئي ٿي غمگين ٿيندي جيڪا ڳالهه سندس اکين مان بلڪل نمايان لڳي رهي هئي.
بانس ڪپڻ وارو پوڙهو مڙس ۽ سندس زال ڪاگويا جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ڏاڍو پريشان ٿي ويا آخر هنن ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ٻچا ڇا ڳالهه آهي جو تون اڄڪلهه اداس رهين ٿي؟.
”ڪاگويا، تون چنڊ ڏي ڏسي ڇو هنجون هاريندي رهين ٿي؟“.
ڪاگويا پنهنجو منهن پوڙهي عورت جي جهوليءَ ۾ وجهي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
”آئون توهان کي ڇڏڻ نٿي چاهيان. توهان سان سڄي عمر گڏ گذارڻ چاهيان ٿي پر توهان کي ڪيئن سمجهايان ته آئون مجبور آهيان. آئون چنڊ جي مخلوق آهيان. اتي جي هڪ شهر جي رهواسي آهيان. مون کي هر حال ۾ چنڊ ڏي موٽڻو پوندو“.
اهو ٻڌي پوڙهي مڙس ۽ سندس زال جا طاق لڳي ويا.
”چنڊ جي هڪ شهر جي-؟“
”هائو. اسان چنڊ جي ٻارن لاءِ جوان ٿيڻ تي چنڊ تي واپس وڃڻ ضروري آهي“.
”پر ڪڏهن؟“
”هن اٺين مهيني جي پنڌرهين تاريخ.....“
”پنڌرهين تاريخ!“ پوڙهي مڙس روئندي چيو، ”پر اها تاريخ ته سڀاڻي آهي. تون اسان جي ننڍڙي ڇوڪري آهين آئون ڪيئن چاهيندس ته ڪو توکي اسان کان جدا ڪري“. پوڙهو مڙس ۽ سندس زال ڪا دير ڪاگويا کي ڀاڪر پائي روئندا رهيا“.
پنڌرهين تاريخ آخر اچي وئي. بانس ڪپڻ واري پوڙهي پنهنجي پَر ۾ ڪاگويا کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هن ”سمورائي“ پهلوانن جي فوج کي پنهنجي گهر جي چوڌاري ۽ مٿان پهري تي بيهاري ڇڏيو. هو تير ڪمانون جهلي هوشيار ۽ خبردار ٿي ويا ته ڪاگويا کي کڻڻ لاءِ چنڊ جا ماڻهو جيئن ئي اچن ته انهن کي ڀڄائي ڪڍجي.
چنڊ اوڀر کان مٿي ٿيندو ٿيندو آسمان جي وچ تائين اچي پهتو. سمورائي پهلوان پنهنجا تير ڪشي ڇوڙڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. هنن جي تيرن جو منهن چنڊ ڏي هو. پوڙهو مڙس ۽ سندس زال ڪاگويا کي پاڻ سان وٺي سڀ کان آخر واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪيا.
هاڻ پنڌرهين تاريخ جو پورو چنڊ پنهنجي زور شور سان چمڪي رهيو هو. هن جي روشني سڄي ڌرتيءَ تي نور پکيڙي رهي هئي. ايتري ۾ بيحد تک روشنيءَ جو گول ڇلو سمورائي پهلوانن جي فوج تي پيو. هڪ فوجيءَ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجو تير ڇوڙي ورتو.
تير چنڊ ڏي وڌي ڪنهن لانگهائو ڪڪر ۾ گم ٿي ويو. چنڊ مان نڪرندڙ هن تکي روشنيءَ جي ڇلي کي جيڪو جيڪو پهلوان ڏسندو ويو هن کي گهيرٽ ايندو ويو. هڪ هڪ بيهوش ٿي اتي ئي ڪرندو ويو. ڏسندي ئي ڏسندي سڀ سمورائي پهلوان پنهنجين پنهنجين جاين تي ڍيري ٿيندا ويا.
هاڻ ان روشنيءَ جي ڇلي ذريعي چنڊ مان ٻه خذمتگار عورتون ظاهر ٿيون ۽ هو پرن واري گهوڙي ذريعي ڌرتيءَ تي لهڻ لڳيون.
اندرين ڪوٺيءَ ۾ پوڙهي مڙس ۽ ان جي زال سان گڏ ويٺل ڪاگو يا پيرن ڀر اٿي بيٺي ڄڻ کيس بيهارڻ لاءِ ڪنهن چقمق کڻي ڇڪيو هجي.
پوڙهو مڙس ۽ عورت هن کي ترسائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا.
”مون کي پالي وڏو ڪرڻ وارائو منهنجي طرفان هي تحفو قبول ڪريو،“ هن هڪ ٿيلهي پوڙهي مڙس جي اڳيان رکندي چيو. ”هن ۾ اها شيءِ آهي جنهن جي کائڻ سان توهان سدائين جيئرا رهندائو“.
پوڙهي مڙس ۽ زال ڪاگويا ڏي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻئي ٿاٻڙجي ڪري پيا.
”اسانجا ٻچا ڪاگُويا ڇا تنهنجي لاءِ وڃڻ ضروري آهي. ڪاگويا! ڪاگويا! ۽ جيڪڏهن تو وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ته اسان کي به پاڻ سان وٺي هل“.
در جي ٻاهران اچي بيٺل گهوڙي گاڏيءَ ۾ ڪاگويا چڙهي ويٺي هي سڀ ڪجهه سندن اکين اڳيان ٿيندو رهيو پر هنن پاڻ ۾ ايتري همت نه ساري جو کڻي ڪاگويا کي جهلي بيهارين. پرن وارو گهوڙو آهستي آهستي ٿي مٿي اڏامڻ لڳو ۽ پوءِ هن پنهنجي رفتار تمام تکي ڪري ڇڏي. هو سڌو ئي سڌو چنڊ ڏي ڄڻ ترندو ويو ۽ ويو ننڍو ٿيندو، ويو ننڍو ٿيندو ۽ پوءِ ائين لڳو ڄڻ اهو چنڊ ۾ گهڙي ويو.
هاڻ پريءَ جهڙي سهڻي ڇوڪري ڪاگويا هنن وٽان وڃي چڪي هئي. ڪاگويا هنن لاءِ وڏي وندر ۽ پيريءَ جو سهارو هئي هن جي وڃڻ ڪري هنن جو ڄڻ سڀ ڪجهه هليو ويو هجي. ڪاگويا جي وڃڻ بعد پوڙهي کي وڌيڪ زندگي ماڻڻ جي دوا کائڻ جي ڪهڙي ضرورت. هن اها ٿيلهي سامهون ٻرندڙ باهه ۾ اڇلي ڇڏي.
***