(20) برفاڻي عورت
هڪ ڏينهن پوڙهو موساڪو ۽ جوان ڇوڪرو مِنوڪِچي گهر ڏي موٽي رهيا هئا ته رستي تي طوفاني برفباريءَ اچي وراين. لڪڻ لاءِ ڪو اَجهو ڳوليندي هنن کي پري کان ڪنهن هاريءَ جي جهوپڙي نظر آئي جنهن ۾ هنن اچي پنهنجو مٿو لڪايو.
موساڪو جيڪو پوڙهو مڙس هو ان کي سمهڻ سان ننڊ کڻي وئي پر مِنوڪِچي ڪا دير جاڳندو ۽ ٻاهر لڳندڙ هوا جا سوساٽ ٻڌندو رهيو. آخرڪار، سخت سرديءَ هوندي به هن جي اک لڳي وئي.
سخت برفباري ۽ طوفان سڄي رات هلندو رهيو.
ڪجهه رات گذرڻ بعد مِنو ڪِچي جي منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا لڳڻ ڪري هن جي اک کلي پئي. برف جي سفيد چمڪ ۾ هن کي ڪا عورت سفيد ڊريس ۾ نظر آئي. هوءَ پيرسن موساڪو جي مٿان نئڙي بيٺي هئي. هن جو ساهه چمڪندڙ سفيد دونهين وانگر هو. ان بعد هوءَ مِنو ڪچيءَ مٿان جهڪي ۽ وئي هيٺ جهڪندي- تان جو هن جو منهن منو ڪچيءَ جي منهن سان وڃي لڳو.
هن ڏٺو ته هيءَ عورت بيحد خوبصورت هئي پر هن جون اکيون ڏسي کيس خوف ٿي ٿيو.
عورت ڪجهه گهڙين لاءِ هن کي چتائي ڏٺو، پوءِ مرڪيو ۽ هن جي ڪن ۾ ڀڻڪيو.
”مون تنهنجو حال به پوڙهي جهڙو ڪيو ٿي پر خبر ناهي ڇو منهنجي دل ۾ تو لاءِ همدردي ٿي پئي آهي. تون ننڍو نيٽو ۽ ڳڀرو جوان آهين، مِنو ڪِچي! آئون هن وقت توکي ڪو نقصان نه رسائينديس. پر تو جيڪڏهن زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي اڄ جي رات جي هيءَ ڳالهه ڪنهن سان ڪئي آهي ته پوءِ تنهنجو خير نه آهي. آئون توکي به پوڙهي وانگر ماري ڇڏينديس!“.
ان بعد هوءَ سڌي ٿي بيٺي ۽ پٺ ورائي گهر کان ٻاهر نڪري سخت طوفاني برفباريءَ ۾ گم ٿي وئي“.
صبح تائين طوفان جهڪو ٿي ويو. هاريءَ هنن جي ڪمري ۾ اچي ڏٺو ته پوڙهي موساڪُو جي لاش ڀرسان مِنو ڪچي بيهوش پيو آهي. مِنو ڪچيءَ کي گرم گرم ٽاڪوڙون ۽ ڪوسي ڪوسي رٻ پياري هوش ۾ آندو ويو پر پوءِ به هو هڪ ڊگهي عرصي تائين بيمار رهيو.
آخرڪار مِنو ڪچي چاق ٿيو ۽ پنهنجي پورهئي کي لڳي ويو پر هن ڪنهن به بني بشر سان ان خوفناڪ طوفاني برفباري واري رات واري ڳالهه نه ڪئي ته هن کي هڪ سفيد عورت جي صورت ۾ غيبات ڏيکائي ڏني. پوڙهي کي ماري ڇڏيائين ۽ کيس ماريندي ماريندي ڇڏي ڏنائين.
ٻئي سال سياري ۾ گهر موٽڻ مهل مِنو ڪِچيءَ جي هڪ ننڍي نيٽي عورت سان رستي تي ملاقات ٿي. هوءَ ڊگهي، سنهي ۽ شڪل جي سهڻي هئي. مِنو ڪِچي هن جي ڀرسان گڏ گڏ هلي رهيو هو ۽ هلندي هلندي هن جي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي. هُن مِنوڪِچيءَ کي ٻڌايو ته هن جو نالو يُوڪِي آهي ۽ هوءَ ڀر واري شهر ۾ روزگار ڳولڻ لاءِ وڃي رهي آهي. منو ڪچيءَ هن کي سندس گهر هلي ٿورو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ چيو. هوءَ بيحد شرميلي ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ واري لڳي ٿي. پر پوءِ ڪجهه دير نه نه ڪرڻ بعد يوُڪِيءَ هائوڪار ڪئي ۽ منوڪِچيءَ سان گڏ سندس ماءُ جي گهر هلڻ لاءِ تيار ٿي وئي.
مِنوڪِچيءَ جي ماءُ هن نوجوان ۽ خوبصورت عورت سان ملي ڏاڍو خوش ٿي ۽ هن لاءِ گرم گرم ماني تيار ڪرڻ لڳي. مِنوڪچي ۽ سندس ماءُ هن کي ٻئي ڳوٺ وڃي نوڪري ڳولڻ جي ارادي تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو جنهن کي يُوڪيءَ قبول ڪيو.
وقت گذرندو رهيو يوڪِي نه وري ڀر واري ڳوٺ ۾ نوڪريءَ جي ڳولا لاءِ وئي ۽ نه پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر. هوءَ هنن وٽ ئي مِنو ڪِچي جي زال ٿي رهي پيئي.
يوڪِيءَ سٺي زال ثابت ٿي ڏيکاريو ۽ کيس ڏهه ٻار ٿيا. اهي سڀ ٺاهوڪا ۽ سهڻا هئا. ڳوٺ جي ماڻهن جو اهو ئي خيال هو ته يوڪي هڪ عجيب ۽ نرالي عورت آهي. ڳوٺ جون هارپو ڪندڙ زالون وقت کان اڳ پوڙهيون ٿيو وڃن پر يوڪي ڏهه ٻار ڄڻ بعد به ڏسڻ ۾ اهڙي ئي سهڻي ۽ جوان لڳي ٿي جهڙي پهرين ڏينهن تي جڏهن هوءَ مِنوڪِچيءَ سان گڏ سندن گهر آئي هئي.
هڪ رات، جڏهن ٻار وڃي ستا ته يوڪي پني جي فانوس وٽ سبڻ جي هَڙ کڻي ڪپڙا سبڻ لڳي.
مِنو ڪِچي ڪا دير هن ڏي غور سان گهوريندي چيو:
”توکي سبندو ڏسي مون کي هڪ عجيب ڳالهه ياد ٿي اچي جڏهن آئون ارڙهن سالن جو ڇوڪرو هوس. مون توجهڙي هڪ خوبصورت ۽ ڏٻري جسم جي هڪ ننڍي عمر جي جوان عورت ڏٺي هئي. يقين ڪر هوءَ هوبهو توجهڙي هئي“.
يوڪيءَ پنهنجي ڪم مان اکيون کڻي مڙس ڏي ڏسڻ بنا جواب ڏنو: ”هن بابت مون کي وڌيڪ ته ٻڌاءِ. تو هن کي ڪٿي ڏٺو هو؟“
۽ پوءِ مِنو ڪِچي ان خوفناڪ رات جي هن کي ويهي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي. ”منهنجي زندگيءَ ۾ اهو هڪڙو ئي موقعو هو جو مون اهڙي سهڻي عورت ڏٺي جنهن جي سونهن جو مقابلو تنهجي حسن سان ڪري سگهجي“. هن چيو. ”يوڪِي تون ئي ٻڌاءِ ته منهنجو اهو خواب هو يا اها برفاڻي عورت هئي؟“.
يوڪيءَ پنهنجي سبڻ واري هڙ کڻي اڇلي ۽ اٿي بيٺي. ”ڇو ڇا ٿيو؟ خير ته آهي؟“ مِنوڪچيءَ حيرت مان پڇيو. يوڪي سندس ويجهو اچي رڙيون ڪري چيو: ”مون کان ٿو پڇين ته خير ته آهي. اها آئون.... آئون.... آئون هيس! ۽ مون توکي تڏهن به چيو هو ته جيڪڏهن تو هن ڳالهه جو ڪنهن سان ذڪر ڪيو ته ماري رکنديسانءِ! توکي هينئر جو هينئر اڦٽ مارڻ تي دل چوي ٿي پر تون هيترن ستل ٻارن جو پيءُ ٿي چڪو آهين. اڄ کان پوءِ توکي ئي انهن ٻارن جو چڱيءَ طرح خيال رکڻو آهي“.
هن جو رڙيون ڪرڻ دوران آهستي آهستي ٿي آواز هلڪو ٿيندو ويو. ڄڻ طوفاني شوشٽ واري هوا مان نيراني هير ٿي پوي. مِنو ڪچي غور سان ڏٺو ته هوءَ برف وانگر ڳرڻ لڳي ۽ پوءِ هوءَ چمڪندڙ ۽ سفيد ٻاڦ جهڙو دونهون ٿي وئي جيڪو ڀتين جي روشندانن مان نڪري غائب ٿي ويو. ان بعد هوءَ ڪڏهن به نظر نه آئي.
***