ٻاراڻو ادب

جل پريءَ جي اڳڪٿي

هي ڪتاب ٻارڙن ۽ وڏڙن لاءِ جاپاني ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ٻارن جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هيڪدو کان اوڪيناوا ٻيٽن تائين ۽ فڪو شيما کان ناگاساڪي تائين جپاني مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4233
  • 912
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جل پريءَ جي اڳڪٿي

(11) سونهري ٻلي

گهڻو گهڻو اڳ جڏهن جپان جي گاديءَ جو شهر ڪيوٽو هو ته ان شهر جي ڀر واري ڳوٺ ۾ سَبورو نالي هڪ لالچي ڪڙمي رهيو ٿي. هو هر وقت ان سوچ ويچار ۾ هوندو هو ته ڪيئن گهڻي کان گهڻو پئسي وارو ٿجي. سَبورو کي ٽي ڌيئون هيون جن مان ٻه ننڍيون ”سَيئڪو“ ۽ ”سُڪِيڪو“ جن جي امير گهرن ۾ شادي ٿي هئي. اهي هر سال هن سان ملڻ اينديون هيون ته پاڻ سان قيمتي سوکڙيون کڻي اينديون هيون. پر هن جي وڏي ڌيءَ ”سُڪِي ياڪي“ جنهن جي شادي هڪ غريب هاريءَ جي پٽ يوڪيو سان ٿي هئي اها ويچاري پنهنجي پيءُ لاءِ تحفي ۾ فقط ڪاٺين جي ڀَري کڻي ايندي هئي جيڪي ڪاٺِيون هڪ ڏينهن اڳ سندس مڙس يوڪيو جهنگ مان ڪٽي ايندو هو. جنهن ٻنيءَ تي سَبورو هارپو ڪيو ٿي ان جي ڀرواري ٻنيءَ تي يوڪيو ۽ سندس پيءُ مزوري ڪئي ٿي.
هن دفعي به جڏهن سَبورو جو جنم ڏينهن آيو ته سبورو هميشه وانگر ورانڊي ۾ ڪرسي تي ويهي مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لڳو.
پنهنجي ٻن ننڍين ڌيئن ۽ هنن جي مڙسن کي ايندو ڏسي سَبورو جي منهن تي مرڪ اچي وئي. اهي هن لاءِ سوني منڊيءَ کان علاوه، تازي ۽ سڪل ميوي جو خومچو، انڊونيشيا جي ٻيٽن کان امپورٽ ٿيل لونگ، ڦوٽا ۽ بهترين قسم جي چيني سلڪ جو وڳو کڻي آيون هيون. پر پوءِ هن جي چهري تان خوشيءَ جون ليڪون غائب ٿي ويون جڏهن هن پنهنجي وڏي ڌيءَ سُڪي ياڪي ۽ هن جي مڙس يوڪيو کي ايندو ڏٺو. هُو هميشه وانگر هن دفعي به هِن لاءِ ڪاٺين جي ڀَري کڻي آيا هئا.
جنم ڏينهن جي جشن پوري ٿيڻ بعد سَبوروءَ هميشه ڪاٺين جي ڀريءَ کي اڇلي ڇڏيو ٿي باقي ٻيا سڀ تحفا سنڀالي رکيا ٿي. ان بعد هن ننڍين ڌيئن جي مڙسن سان ملي جلي ڪچهري ڪئي ٿي جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي هن پنهنجي وڏي ڌيءَ جي مڙس يوڪيو جي گلا ڪئي ٿي.
ان جشن کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، يوڪيو سمنڊ جو ڪنارو ڏئي پئي ويو ته هن جي ڪنن تي ڪنهن جي ڪنجهڻ جو آواز پيو. هن پنهنجي مٿي تان ڪاٺين جي ڀري لاهي پٽ تي رکي ۽ سمنڊ ڏي منهن ڪري هٿ ٻڌي چيو: ”اوه سامونڊي شهنشاهه! ههڙي سرد موسم ۾ توکي ضرور ٿڌ لڳي رهي هوندي. منهنجي طرفان ٻارڻ لاءِ هي سڳنڌ ڀري وڻن جي ڪاٺين جي لڏ قبول ڪر ۽ انهن کي ٻاري پنهنجو پاڻ کي ڪجهه گرم رک“.
اهو چئي يُوڪيو ڪاٺين جي ڀري سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏي. سمنڊ ۾ ڪاٺين جي وڃڻ سان گجگوڙ سان گڏ سخت قسم جا ڪُن پئدا ٿيا ۽ سمنڊ ۾ پئدا ٿيندڙ گجيءَ مان هڪ جل پري قسم جي ناري ٻاهر نڪري آئي ۽ يوڪيو کي مخاطب ٿي چيو:
”مهربان دوست! ڪاٺين لاءِ وڏي مهرباني. جي ڪڏهن توکي اعتراض نه هجي ته مهرباني ڪري مون سان گڏ اچ ته آئون توکي ڪجهه دير لاءِ اسان جو محلات ڏيکاريان“.
يُوڪِيو جيئن ئي هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته اک ڇنڀ ۾ هو سامونڊي شهنشاهه جي محل اندر پهچي ويو. بادشاه سلامت گرمجوشيءَ سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هن جي شان ۾ وڏي دعوت جو بندوست ڪيو جنهن ۾ هر قسم جا کاڌا رکيا ويا. ڪي ته اهڙا ڊش هئا جيڪي يُوڪيو ڪڏهن پهرين نه ڏٺا هئا.
”پنهنجي دنيا ۾ موٽڻ کان اڳ مهرباني ڪري منهنجي طرفان هي تحفا قبول ڪر“، سامونڊي شهنشاهه يُوڪيو کي چيو، ”پنهنجي چوڌاري جيڪي ڳهه ڳٺا ۽ قيمتي پٿر ڏسين ٿو، انهن مان جيڪي توکي وڻن پاڻ سان کڻي وڃ“.
”پر منهنجا سامونڊي سائين! مون کي انهن مان ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ناهي“. يُوڪيو عرض ڪيو.
”نه. نه. هرگز نه. آئون هنن مان ڪا به شيءِ واپس نه رکندس“، سامونڊي شهنشاهه چيو ۽ پيار سان هن کي سمجهايو، ”منهنجا زميني انسان دوست، ويجهو اچ ۽ مون کي ٻڌاءِ ته توکي ڇا ڇا کپي“.
يوڪيو محلات جي چوڌاري نظر ڦيرائي ته هڪ ڪنڊ ۾، قيمتي پٿرن مٿان هڪ سونن وارن واري خوبصورت ٻلي ويٺي هئي. هن کي اها ٻلي ڏاڍي پسند آئي.
”سرڪار! جيڪڏهن توهان جي دل کي ڳالهه وڻي ته مهرباني ڪري مون کي اها ٻلي کڻي ڏيو. منهنجي زال سُڪي ياڪيءَ کي به ڏاڍي وڻندي“.
”منهنجا انساني دوست تو تمام اعليٰ قسم جي شيءِ پسند ڪئي آهي“، بادشاهه سلامت يوڪيو کي چيو، ”هيءَ هڪ خاص قسم جي ٻلي آهي جيڪا سڄي ڏينهن ۾ دال جا فقط ٽي داڻا کائي ٿي. تون ان تي جيڪڏهن عمل ڪندين ۽ ٻليءَ جي سٺي طرح پرگھور لهندين ته هوءَ پورن ڏهن مهينن بعد ٽي سهڻا ٻچا ڄڻيندين. اهي ٽي ٻچا مون وٽ موٽي ايندا ۽ پوءِ تنهنجي قسمت ۽ ڀاڳ کلندو“.
يوڪيو ٻليءَ سان گڏ گهر موٽيو ۽ پنهنجي زال سُوڪي ياڪيءَ کي سمنڊ جي شهنشاهه سان ملاقات جو احوال ٻڌايو. اها هڪ عجيب ڳالهه هئي پر سوڪي ياڪيءَ کي ٻلي ڏسي ان ڳالهه تي اعتبار اچي ويو جو هن ان قسم جي ٻلي زمين تي ڪنهن وٽ به نه ڏٺي هئي. هو ٻئي ڄڻا ٻليءَ جو خيال رکڻ لڳا ۽ کيس مقرر مقدار ۾ روز کاڌو ڏيڻ لڳا. پورن ڏهن مهينن بعد هن ٽن ٻچن کي جنم ڏنو جيڪي جلد سامونڊي شهنشاهه جي محل ڏي روانا ٿي ويا، باقي ٻلي (ماءُ) هنن وٽ ئي ترسي پئي.
هڪ ڏينهن يوڪيو ٻليءَ کي پيار مان هٿڙا گهمائي رهيو هو ته هن جي گهاٽن وارن مان هڪ هيرو ڪري پيو. هو سمجهي ويو ته سامونڊي شهنشاهه جي چوڻ مطابق هاڻ هن جو بخت بهتر ٿيڻ لڳو آهي. هن دل ئي دل ۾ شهنشاهه ۽ ٻليءَ جا ٿورا مڃيا.
ان ڳالهه کي ڪو گهڻو وقت نه گذريو ته سندس سهري سبورو جو جنم ڏينهن اچي ويو. يوڪيو اهو هيرو بازار ۾ هڪ سوناري وٽ وڪڻي پنهنجي گهر لاءِ به ڪيتريون ئي اوچيون اوچيون شيون خريد ڪيون ۽ پنهنجي سهري کي ڄم جي جشن تي ڏيڻ لاءِ پڻ ڪافي ڪجهه ورتو. سبورو کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيو جڏهن هن ڏٺو ته سندس هن غريب ناٺيءَ هن ڀيري ڪاٺين جي لڏ آڻڻ سان گڏ مختلف شين سان ڀريل خومچو پڻ هن کي پيش ڪيو.
ڪجهه ڏينهن بعد سَبورو پنهنجي ڌيءَ سُڪي ياڪي ۽ ناٺي يوڪيو جي گهر ويو ۽ هن کان سندس ڀاڳ کلڻ بابت پڇيو. يوڪيوپنهنجي سهري کي الف کان ي تائين سمورو احوال سربستو ٻڌايو جيڪو ٻڌڻ سان سبورو جون حيرت مان اکيون ڦاٽي ويون. هن ٻلي تان اکيون نه هٽائيندي يوڪيو کي چيو:
”منهنجا دلبر ناٺي، مهرباني ڪري اها ٻلي مون کي ڏي ته آئون به ڪجهه ڏينهن لاءِ گهر کڻي وڃان. آئون وعدو ٿو ڪريان ته هن کي وقت تي کارائيندس ۽ دل سان سندس خذمت چاڪري ڪندس“.
يوڪيو ۽ سندس زال سُڪي ياڪيءَ ڪجهه گهڙين لاءِ سوچيو ۽ پوءِ اها سونهري وارن واري ٻلي پنهنجي سهري سَبورو حوالي ڪري ڇڏي. ان ئي رات سبورو ٻليءَ جي خوراڪ لاءِ دال جو وڏو ٿيلهو وٺي آيو.
”هاڻ آئون ڪيترن ئي سونهري ٻچن جو مالڪ ٿي ويندس ۽ آئون ڳوٺ جو امير ترين ماڻهو سڏبس“ لالچي سبورو دل ئي دل ۾ سوچيو. هن ٽن بدران گهڻن ٻارن کي ڄڻڻ خاطر ٻليءَ کي ٽن کان وڌيڪ دال جا ڪڻا ڏيڻ لڳو، ۽ ڏينهن ۾ هڪ دفعو ڏيڻ بدران هن کي هر هر کارائڻ لڳو. ايتريقدر جو ٻلي بيزار ٿي ٻئي طرف کڻي ٿي منهن موڙيو. سبورو پنهنجي لالچ ڪري ٻليءَ کي روز مقرر داڻن کان وڌيڪ کارائيندو رهيو. آخر هڪ رات هيءَ ٻلي اهڙي ته گهاٽي ننڊ ۾ هلي وئي جو ٻئي ڏينهن صبح جو اٿي نه سگهي.
سبورو کي جڏهن خبر پئي ته ٻلي مري وئي آهي ته هن کي سخت صدمو رسيو. هن انهن پيرن سان پنهنجي ڌيءَ سُڪي ياڪي ۽ ناٺي يوڪيو جي گهر پهچي هنن کي اها ڏک جي خبر ٻڌائي.
”مون کي سخت افسوس آهي“، سبورو چيو، ”۽ حيرت پڻ ته ٻليءَ کي ڇا ٿيو. ٿي سگهي ٿو هن غريب ٻليءَ کي منهنجو گهر پسند نه آيو“.
يوڪيو ۽ سندس زال سُڪي يوڪيءَ هن سونهري وارن واري ٻليءَ کي، پنهنجي اڱڻ ۾ ئي کڏ کوٽي دفن ڪري ڇڏيو. هنن کي سخت ڏک هو ته هنن کان سندن پياري شيءِ جدا ٿي وئي جنهن جي ڪري هنن جي هاڻ خوشحالي ٿي رهي هئي.
رات گذري صبح ٿيڻ تي يوڪيو ۽ سُڪي يوڪيءَ کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته جنهن جاءِ تي هنن ٻليءَ کي دفن ڪيو هو اتي هڪ سهڻو ۽ وڏو وڻ ڦٽي ويو آهي. يوڪيو جيئن ئي هن وڻ جي ٽارين تي هٿ لاٿو ته هن مان زمرد، ربيون ۽ ٻيا هيرا جواهر ڇڻڻ لڳا.
سُڪي ياڪي ۽ هن جي مڙس يوڪيو جو وات ڦاٽي ويو. هنن کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيو. هنن جي دلين جي گهراين مان سامونڊي شهنشاهه جي لاءِ دعائون نڪرڻ لڳيون جنهن هنن کي هيڏي قيمتي ٻلي ڏني. ۽ اها ٻلي هن غريب زال مڙس تي ايڏي ته مهربان رهي جو مرڻ کان پوءِ به هنن جي سک لاءِ ههڙن قيمتي تحفن جو بندوبست ڪري رهي آهي.
ان ڏينهن کان پوءِ هي زال مڙس سک جي زندگي ضرور گذارڻ لڳا پر عياشيءَ جي هرگز نه ڇو جو هيرن موتين جي وڪري مان هنن کي جيڪا دولت ملي ٿي ان جي وڏي حصي مان هنن کاڌو خوراڪ ۽ ڪپڙا وٺي سڄي ڳوٺ جي ماڻهن جي مدد ڪئي ٿي ۽ سياري جي موسم ۾ جڏهن اتر کان لڳندڙ ٿڌيون هوائون سڀني کي ڏڪائي رکنديون هيون ته هي ٻئي زال مڙس يوڪيو ۽ سُڪي ياڪي هڪ ڪاٺين جي ڀري سامونڊي شهنشاهه جي خذمت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ اڇلي ايندا هئا ۽ پنهنجي سهري سبورو جي جنم ڏينهن تي به هو ساڳيو پراڻو تحفو ڪاٺين جي ڀَري ڏئي آيا ٿي.
***