ٻاراڻو ادب

جل پريءَ جي اڳڪٿي

هي ڪتاب ٻارڙن ۽ وڏڙن لاءِ جاپاني ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ٻارن جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هيڪدو کان اوڪيناوا ٻيٽن تائين ۽ فڪو شيما کان ناگاساڪي تائين جپاني مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4233
  • 912
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جل پريءَ جي اڳڪٿي

(21) احسانمند ڪونج

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ رحمدل پوڙهو مڙس ۽ سندس پوڙهي زال رهي ٿي.
هڪ ڏينهن هي پوڙهو مڙس گهر ۾ ٻارڻ لاءِ جنگل مان ڪاٺين جي ڀري ٻڌي گهر ڏي پئي موٽيو ته هڪ هنڌ گپ واري علائقي ۾ هن کي ڪنهن ڪونج جي ڪوڪن جو آواز ڪن تي پيو.
هن هيڏانهن هوڏانهن ٿورڙي ئي ڳولا ڪئي ته هن کي هڪ ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل ڪونج نظر آئي جيڪا سخت سور کان رڙيون ڪري رهي هئي. پوڙهي مڙس پکيءَ کي يڪدم ڪوڙڪي مان آزاد ڪيو ۽ هوءَ خوشيءَ مان پرڙا هڻي برفاني جبلن ڏي اڏامي وئي.
ان رات باهه اڳيان هٿ سيڪيندي پوڙهي مڙس پنهنجي زال سان ڪونج واري ڳالهه ڪئي جيڪا ساڻس گهر موٽندي درپيش آئي هئي.
”ڪونج کي جڏهن ڪوڙڪي مان ڪڍي آزاد ڪيم ته هوءَ ڪيڏو ته خوش ٿي رهي هئي!“ هن چيو.
رحمدل پوڙهي زال ڳالهه ٻڌي چپن تي مرڪ آڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان نيڪيءَ جي ڪم ڪرڻ ڪري ٻنهي هڪ قسم جو سڪون محسوس ڪيو. پر ان کي اڃا ڪجهه دير به نه ٿي ته دروازي تي ڪنهن جو ڪڙو لڳو.
”ٽڪ ٽڪ، ٽڪ“.
ڪو در تي ضرور آهي. رات جي وقت هيڏو دير سان ۽ ههڙي برفباريءَ ۾ ڪير ٿي سگهي ٿو؟.
”ٺڪ ٺڪ، ٺڪ“. هڪ دفعو وري ڪڙو لڳو.
ايڏو دير سان اسان وٽ ڪو مهمان آيو ته نه آهي. پوڙهي مڙس اهو سوچي دروازو وڏي خيال سان کوليو. ۽ هن کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته ٻاهر وسندڙ سخت برفباريءَ ۾ هڪ سهڻي جوان ڇوڪري بيٺي آهي.
هن پوڙهي مڙس کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڪنهن ساهيڙيءَ سان ملڻ لاءِ ڀر واري ڳوٺ ڏي وڃي رهي هئي ته واٽ تي سخت سردي، اونداهه ۽ برفباري ڪري هن کان رستو گم ٿي ويو آهي ۽ هوءَ ڀٽڪي ڀٽڪي هتان اچي نڪتي آهي.
رحمدل پوڙهي مڙس ۽ سندس زال هن ڇوڪريءَ کي اندر اچڻ لاءِ چيو ۽ کيس ٻڌايو ته هوءَ ڀلي رات هنن وٽ گذاري ۽ هنن کي مهمان رهائڻ ۾ خوشي ٿيندي. پوڙهي مڙس يڪدم اٿي چانورن جي گرم گرم رٻ ٺاهي.
”توهان جي وڏي وڏي مهرباني“. ڇوڪريءَ چيو.
ڇوڪريءَ سان خبر چار ڪندي هنن کي معلوم ٿيو ته هن ڇوڪريءَ جو هن جهان ۾ ڪو مٽ مائٽ ناهي ۽ هن کي ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ ڪو ٺام ٺڪاڻو به ناهي.
”نوجوان خاتون جيڪڏهن اها ڳالهه آهي“، رحمدل پوڙهي هن کي چيو، ”ته تون اسان وٽ هميشه لاءِ رهي سگهين ٿي“. ان تي پوڙهي زال به هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
”ان کان وڌيڪ مون لاءِ ٻي ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي آئون پاڻ به چاهيان ٿي ته توهان جهڙن سٺن ماڻهن سان گڏ رهي پوان“. هن جهڪندي چيو.
”ڏاڍو سٺو، ڏاڍو سٺو“، پوڙهي مڙس ۽ زال جواب ۾ جهڪندي هن کي چيو.
ڇوڪريءَ جي هائوڪار تي هي ٻئي پوڙها پڻ ڏاڍا خوش ٿيا جو هنن جو پنهنجو ڪو اولاد نه هو.
ان رات ٽئي ڄڻا آرام سان سمهي رهيا. صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ، اڃان منهن اونداهي هئي ته ڇوڪري بستر تان اٿي.
هوءَ آهستي آهستي ڪري ڪمري مان نڪتي جيئن پوڙهي زال مڙس جي ننڊ نه ڦٽي. ڪمري مان ٻاهر نڪري هوءَ رڌڻي ۾ آئي. هن پوڙهي زال مڙس جي اٿڻ کان اڳ سڀني لاءِ نيرن ٺاهڻ ٿي چاهي. هن رکيل دٻا ۽ ڇٻڙيون کولي ڏٺيون پر هن کي ڪنهن ۾ به ان ڪڻا نظر نه آيا. سڀ شيون خالي هيون. هن کي ڪٿي به چانور يا ڳڙ نظر نه آيو جيڪي شيون جپاني صبح جو نيرن تي کائين ٿا. رڌڻي مان ٻاهر نڪتي ته هڪ ڪنڊ ۾ هن کي سُٽ جا ڦورا نظر آيا. اهي ڏسي هن کي دماغ ۾ هڪ سوچ آئي. هن اهي سٽ جا ڦورا کڻي ڪم واري ڪمري ۾ هلي وئي. ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد ان ڪمري اندران ڪنهن جي اڻڻ جو آواز آيو.
ڪِرڪ ڪِرڪ..... ڪِرڪ ڪرڪ ڪرڪ......
صبح جي سج جا ڪرڻا هاڻ دريءَ تي ٽنگيل نُک مان اندر گهڙي رهيا هئا. پوڙهو مڙس ۽ زال ڪَر موڙي اٿيا ۽ ڀر واري هنڌ تي نظر وڌائون ته سندن مهمان ڇوڪري غائب هئي.
هو اڃان ڇوڪريءَ جو سوچي رهيا هئا ته هوءَ ان وقت ڪمري اندر گهڙي. هن جي هٿ ۾ بروڪيڊ ڪپڙي جو تازو اڻيل تاڪيو هو.
”ڇا ته سهڻو ڪپڙو آهي!“ پوڙهي ڪپڙي کي هٿ لاهيندي چيو.
”بلڪل“، هن جي زال چيو، ”واقعي اهو بيحد سهڻو آهي“. هنن ٻنهي هڪ دفعو وري ڪپڙي کي هٿ لاهي ان جي تاچي پيٽي ۽ ان تي اڀريل پکين گلن کي ڏٺو.
”مهرباني ڪري هي ڪپڙي جو تاڪيو شهر ۾ وڪڻي انهن پئسن مان چانور ۽ ڳڙ وٺي اچو، ۽ ان کان علاوه ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت هجي ته وٺي اچجو. ڇوڪريءَ تاڪيو پوڙهي حوالي ڪندي چيو.
پوڙهو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. هو ان ئي وقت تاڪيو ڪڇ ۾ رکي وڪڻڻ لاءِ شهر ڏي روانو ٿيو.
هن کي ههڙي سٺي ۽ نئين نموني جي ڪپڙي وڪڻڻ ۾ ڪا دير نه لڳي. مليل پئسن مان پوڙهي چانور ۽ ڳڙ خريد ڪيو ۽ ڇوڪريءَ لاءِ هڪ سهڻي، ڪاٺ جي ڦڻي پڻ.
ان لاءِ هي سڀ خوش هئا. پوڙهي مڙس ۽ سندس زال ڪيترن ڏينهن بعد اڄ پيٽ ڀري کاڌو.
”چڱو هاڻ سمهڻ کپي“، پوڙهي مڙس چيو. ”شل سڀني کي سٺا خواب نصيب ٿين.“
”مهرباني! پر توهان ڀلي هلي سمهو.“ڇوڪريءَ چيو، ”مون کي ننڊ نه پئي اچي سو ٿورو ڪم ڪري ٿي وٺان“.
پوڙهي هن ڏي نهاري تعجب کاڌو. ”ائين ته نه ڪر“ هن چيو. ”توکي هن وقت آرام جي ضرورت آهي“.
”نه ائين نه چئو. مون کي توهان لاءِ ڪجهه وڌيڪ ڪپڙو اڻڻو آهي. توهان ناراض ته نه ٿيندائو نه؟ بس مون تي فقط هڪ مهرباني ڪندائو ته آئون ٿورائتي رهنديس. اها هيءَ ته جنهن وقت آئون ڪپڙو اڻان ٿي ته مون کي ڪير به ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪري“.
”ڇا؟ تنهنجو مطلب آهي ته اسان توکي نه ڏسن. ائين نه؟“
”جي ها. بلڪل ايئن. مون کي هرگز نه ڏسجو ۽ ان لاءِ مون سان مهرباني ڪري وعدو ڪريو“. هن چيو. هن جي چهري مان صاف لڳي رهيو هو ته هوءَ ٿڪل ٿڪل ۽ بيحد ڏکويل آهي.
پوڙهي مڙس ۽ زال کي سمجهه ۾ نه آيو ته ههڙي حالت ۾ ڇا ڪرڻ کپي پر بهرحال ڇوڪريءَ جي اها مرضي ڏسي هنن راضپو ڏيکارڻ لاءِ ڪنڌ ڌوڻيو.
ان کان پوءِ روز رات جو هيءَ ڇوڪري جاڳي سهڻي ڪپڙي جو هڪ تاڪيو اڻندي هئي ۽ روز پوڙهو اهو تاڪيو وڪڻڻ لاءِ شهر ڏي کڻي ويندو هو جتي ڪيترائي ماڻهو ان خاص قسم جي ڪپڙي کي خريد ڪرڻ لاءِ هميشه آتا هوندا هئا.
پر پوءِ چئن پنجن تاڪين اڻڻ بعد هيءَ ڇوڪري وئي ڪمزور ۽ سنهي ٿيندي. هو هر وقت در وٽ بيهي سج کي غور سان لهندو ڏسندي هئي. ائين لڳندو هو ڄڻ هن کي ڦيري ٿي رهي آهي ۽ ان گهوماٽ ۾ ڪٿي پٽ تي نه وڃي ڦهڪو ڪري.
”مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻيو تاڪيو هن پيرسن جوڙي لاءِ اُڻڻ کپي“. هن دل ئي دل ۾ سوچيو.
رات جي مانيءَ جو وقت ٿيو. پوڙهو شهر مان ڪيتريون ئي کائڻ جون شيون وٺي آيو هو پر ڇوڪريءَ انهن مان ڪنهن کي هٿ به نه لاٿو“.
”ٻچا ڪجهه ته کاءُ“.
”مهرباني- منهنجو پيٽ ڀريو پيو آهي. بک لڳي ته آئون پاڻهي کڻي کائينديس. هن وقت مون کي ڪم ڪرڻ کپي“.
”ڏس ائين نه ڪر. تون ڪيترين ئي راتين کان لڳاتار ڪم ڪري رهي آهين. اڄ رات ته مهرباني ڪري آرام ڪر“. پوڙهي زال چيس پر ڇوڪريءَ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هوءَ پيرن تي اٿي بيٺي پر سندس ٽنگون ڏڪي رهيون هيون.
”پنهنجو پاڻ کي ته ڏس. ڪيترو ته ڪمزور ٿي وئي آهين“.
پوڙهو مڙس هن کي اڻڻ کان جهلڻ لاءِ اٿيو پر ڇوڪريءَ پڪي ارادي سان چيس ته مون کي فقط هڪ ٻيو تاڪيو اڻڻ ڏيو.
ڇوڪريءَ جي ضد اڳيان هي پوڙهو جوڙو بيوس ٿي پيو. هو اتي جو اتي چپ چاپ بيٺا رهيا. ڇوڪري ڪم واري ڪمري ڏي ڊوڙي وئي ۽ اندران دروازو بند ڪري ڇڏيو.
پوڙهو مڙس ۽ زال هنڌ تي ته وڃي ستا پر ڇوڪريءَ جي پريشانيءَ کان کين ننڊ ئي نه پئي آئي. ٿوري دير اک لڳي وري کلي وئي ٿي.
”ٿورو ٻڌ ته صحيح“، پوڙهي مڙس پنهنجي زال کي چيو، ”هن جي اڻڻ جو آواز ڪيترو ته هلڪو ۽ رکي رکي اچي رهيو آهي“.
”لڳي ٿو ته هوءَ لڳاتار اوجاڳن ۽ ڪم ڪري بيمار ٿي پئي آهي“. پوڙهي زال چيو.
”مون کي ليئو پائي هن جي حالت ڏسڻ کپي. ڪٿي بيهوش نه ٿي وڃي“. پوڙهي مرد چيو.
”پاڻ کي ائين هرگز ڪرڻ نه کپي جو پاڻ هن سان وعدو ڪيو آهي....“.
جيتوڻيڪ پوڙهي زال پنهنجي مڙس کي ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍو جهليو پر هو هن کي ڏسڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو.
هن آهستي ڪري دروازي کي ٿورو کولي ليئو پاتو.
ليئو پائڻ سان پوڙهو مڙس وائڙو ٿي ويو جو اندر ڪمري ۾ ڇوڪري نه پر هڪ ڪونج ڪپڙو اڻي رهي هئي!.
ڪونج پنهنجي جسم تان ننڍا ننڍا کنڀ پٽي ڪپڙي ۾ وجهي رهي هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو هن جي جسم جي طاقت ختم ٿي رهي هئي ۽ هوءَ وئي ٿي ڏينهون ڏينهن نستي ۽ نٻل ٿيندي.
پوڙهي مڙس در جا ٻئي طاق کولي ڇڏيا.
در کلڻ تي ڪونج کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هوءَ پوڙهي مڙس ڏي ڏسڻ لڳي ۽ ان سان گڏ هوءَ آهستي آهستي ٿي وري ڇوڪري ٿي وئي.
”تون..... تون ڪٿي اها....“ پوڙهي هٻڪندي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڇوڪريءَ حيرت مان ڏسندڙ پوڙهي مڙس جي اڳيان ادب سان ڪنڌ جهڪائي چيو: ”جي ها. اها آئون ئي هيس جنهن کي تو ڪوڙڪي مان ڪڍي آزادي بخشي هئي“.
”پوءِ تون هتي ڪيئن آئينءَ؟“ پوڙهي مڙس پڇيو.
”تو منهنجي زندگي بچائي ان ڪري مون سوچيو ته ڪنهن طرح سان توکي ان نيڪ ڪم جو اجورو ڏيان. مون کي زندگيءَ ۾ هڪ موقعي جي عنايت ڪئي وئي هئي ته جيسين ڪنهن کي خبر نه پوي آئون ڪونج مان ڇوڪري ٿي سگهيس ٿي. اهڙي طرح آئون هڪ سهڻي ڇوڪريءَ جي روپ ۾ تو وٽ هلي آيس.....“
اهو چئي ڇوڪري ٽپ ڏئي اٿي ۽ پوڙهي وٽان اڳيان کسڪي در وٽ اچي بيٺي.
”آئون هاڻ هتي وڌيڪ رهي نٿي سگهان“. ڇوڪريءَ چيو، ”مون توهان ٻنهي سان گڏ سڄي عمر ڌيءَ وانگر گذارڻ چاهيو ٿي، پر.....“.
اهو چوڻ بعد ڇوڪريءَ در کان ٻاهر قدم رکيو ۽ هڪ دفعو هوءَ وري ڪونج ٿي وئي ۽ آهستي آهستي پٽ تان اڏامڻ لڳي. ”اسان کي ياد رکجانءِ، ٻچا! وسارجانءِ نه.“ اهو چئي پوڙهي مڙس ڪونج ڏي سندس ڪاٺ جي ڦڻي هوا ۾ اڇلائي.
ڪونج لامارو ڏئي پنهنجي چهنب ۾ ڦڻي جهٽي ۽ موڪلائڻ خاطر ٻه ڏک ڀريون ڪيڪون ڪيون ۽ پري جبلن ڏي غائب ٿي وئي.
***