(10) پيچ تائلو جي آکاڻي
هڪ ڏينهن ميئڪو درياهه جي ڪناري تي ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ته هڪ وڏو بادام (جنهن کي اڙدو ۾ آڙو ۽ انگريزي ۾ Peach سڏجي ٿو ۽ ان ئي نالي ”پِيچ“ سان جپان ۾ به مشهور آهي) آهستي آهستي ترندو هن جي ڀرسان اچي بيٺو. ميئڪو کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ۽ خوشي ٿي جو بادام هن کي بيحد پسند هئا. ۽ هن کي ان ڳالهه تي به حيرت ٿي ته هن ڪڏهن به ايڏو وڏو بادام پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڏٺو هو. هن پنهنجي منهن مرڪندي هن بادام کي کڻي پنهنجي ڇٻڙيءَ ۾ وڌو. اهو ڪافي ڳرو هو پر هوءَ هن کي آهستي آهستي ڍوئي گهر تائين پهتي.
ميئڪو جڏهن اهو فروٽ پنهنجي مڙس يوڪيو کي ڏيکاريو ته هن به اِهوئي فيصلو ڪيو ته هن ميوي جون ڦارون ڦارون ڪري پاڻ به کائجي ته پاڙي وارن کي به ڏجي. ۽ پوءِ جڏهن هو هن کي ڇريءَ سان ڪٽڻ وارا هئا ته هي بادام پاڻهي ٽڙڪي ٻه اڌ ٿي پيو ۽ منجهائس هڪ گول مٽول، ڳاڙهو ڳٽول ٻار نڪري آيو.
”ڇا ته سهڻو ۽ سدورو لڳي رهيو آهي!“ ميئڪو ٻار کي اغون اغون ڪندي ۽ مرڪندي ڏٺو ته پنهنجي مڙس يوڪيو کي چيو. ”لڳي ٿو ته هي ٻار اسان کي ديوتائن طرف تحفي ۾ مليو آهي“. جواب ۾ يوڪيو خوشيءَ مان ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ هنن ٻنهي گڏجي هن ٻار تي ”پيچ تائلو“ نالو رکيو.
پِيچ تائلو وقت سان گڏ وڏو ٿي هڪ خوبصورت ۽ مضبوط جسم جو نوجوان ٿي پيو. هن کي ان ڳالهه سخت پريشان ڪري رکيو هو ته ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندڙ شيطانن هن ڳوٺ جي ماڻهو کي اچي تنگ ٿي ڪيو جنهن ڪري ڪيترا ماڻهو گهر ڇڏي رهيا هئا. ڪيترن جي فصلن کي هنن ساڙي ڇڏيو هو ان ڪري هن جي ڳوٺ جا رهواسي خوف جي زندگي گذاري رهيا هئا.
”منهنجي ڳوٺ جي ماڻهن ڪافي تڪليفون سَٺيون آهن. مون کي هنن شيطانن کي هيڏانهن اچڻ کان روڪڻ کپي جيڪي منهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي مصيبتن ۾ مبتلا ڪن ٿا“. پيچ تائلو پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو. يوڪيو ۽ ميئڪو پنهنجي پٽ جي ڳالهه غور سان ٻڌڻ بعد هن کي هن جي سوچيل مهم تي روانو ڪيو. والدين جي دعائن سان پيچ تائلو شيطانن جي ٻيٽ ڏي روانو ٿيو. هن پاڻ سان پنهنجي پيءُ طرفان مليل تکو خنجر ۽ ماءُ جا ٺهيل خوشبوءِ وارا چانورن جا ڪيڪ پڻ کنيا. ٿورو ئي اڳتي هليو ته هن کي هڪ ڪتو ۽ پوڙهي مور جهڙو فِيزنٽ پکي مليو. اهي ٻئي ٿڪل ۽ بکايل نظر اچي رهيا هئا. پيچ تائلو پنهنجي ٿيلهي مان ٻه ڪيڪ ڪڍي هنن کي کارايا. هنن جيئن ئي کاڌا ته هنن جي جسم ۾ ازخود غيبي طاقت اچي وئي ۽ هو به پيچ تائلو سان گڏ سفر تي روانا ٿيا. اڳتي هلي هنن کي هڪ باندر نظر آيو. اهو به بک ۾ پاهه ٿي رهيو هو. پيچ تائلو هڪ ٻيو ڪيڪ ڪڍي هن باندر حوالي ڪيو جنهن کي کائڻ سان هن جي ڪمزور جسم ۾ به طاقت اچي وئي.
”لڳي ٿو ته تنهنجي قسمت ۾ به مون سان گڏ هلڻ آهي“. پيچ تائلو باندر کي چيو ۽ هي سڀ اڳتي جي سفر لاءِ وڌيا. جيئن ئي چار نوان دوست شيطانن جي ٻيٽ ويجهو پهتا ته شيطان هنن جي چوڌاري ڦري آيا.
”نوجوان تون پنهنجو پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو ۽ تون ڪيڏانهن وڃڻ جو سوچي رهيو آهين“، شيطانن جي ليڊر هن کان پڇيو، ”اسان توتي پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻ کان وٺي نظر رکيو ويٺا آهيون. ائين ٿو لڳي ته تون اسان جي ٻيٽ تي اچڻ جو ارادو رکين ٿو. تنهنجو وقت بچائڻ خاطر اسان پاڻ توسان اڌ رستي تي ملڻ جو فيصلو ڪيو آهي“.
پِيچ تائلو شيطانن جي ليڊر کي ٽيڏي اک سان ڏسندي چيو ”آئون توسان مقابلو ڪرڻ لاءِ توکي للڪارڻ آيو آهيان. جيڪڏهن تو کٽيو ته آئون تنهنجو سڄي عمر غلام ٿي رهندس. پر جيڪڏهن تو هارايو ته پوءِ توکي وعدو ڪرڻو پوندو ته تون ڪڏهن به اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجن شيطانن کي نه موڪليندين“.
”منهنجي خيال ۾ مون لاءِ هيءَ لڙائي سڀ کان آسان ثابت ٿيندي“. شيطانن جي ليڊر سخت نفرت ۽ چڙ مان چيو ۽ ان سان گڏ هن بنا اطلاع جي پيچ تائلو تي حملو ڪيو جنهن جي جواب ۾ پيچ تائلو اهڙو ته جانٽو هنيس جو شيطانن جو ليڊر منهن ڀر زمين تي وڃي ڦهڪو ڪيو. چوڌاري بيٺل شيطانن کان ڇَرڪ نڪري ويو. پيچ تائلو جي حڪم تي فيزئنٽ پکي هن کي ٺونگا هڻڻ لڳو ته باندر ڪن پٽڻ لڳس ۽ ڪتو زور زور سان ڀونڪڻ لڳو. جانورن ايڏي ته افراتفري مچائي جو شيطان منجهي پيا ته هي ڇا ٿي رهيو آهي! پيچ تائلو يڪدم شيطانن جي ليڊر کان هٿيار کسي کيس آڻ مڃڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
”او نوجوان! ڪجهه رحم ڪر“ شيطانن جي ليڊر هٿ ٻڌي چيو، ”آئون توبهن ٿو ڪريان ۽ تنهنجي هر ڳالهه مڃڻ کان علاوه توکي ڪجهه ڳهه ڳٺا به ڏيان ٿو. اهي تون پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي وڃي ڏي ۽ اسان شيطان وعدو ٿا ڪريون ته توهان کي هاڻ اسان ڪڏهن به نه ستائينداسين“.
”پر جي توهان ان وعدي کي نه پاريو ته آئون وري موٽي ايندس ۽ هڪ هڪ شيطان جي اچي خبر وٺندس“ پيچ تائلو شيطانن ڏي چوڌاري نظر ڦيريندي ڪاوڙ مان چيو. ان بعد هو ڳهه ڳٺا کڻي پنهنجي ڳوٺ ڏي روانو ٿيو.
ڳوٺ پهچڻ تي سندس ماءُ پيءُ ميئڪو ۽ يوڪيو هن کي زندهه ڏسي بي حد خوش ٿيا. پنهنجي پُٽ جي سوڀ جي خوشي ملهائڻ لاءِ هنن هڪ وڏي جشن جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀروارن ڳوٺن جي ماڻهن کي دعوت ڏئي ماني ٽڪي کارائڻ بعد هنن ۾ ڳهه ورهايا.
ان ڏينهن کان پوءِ شيطان پنهنجي وعدي تي قائم رهيا ۽ وري هنن جي ڳوٺ جو ڀُلجي به رخ نه ڪيائون.
***