(26) هڪ بي عقل ڇوڪرو
آلو تو ڪورو ني.....
جپاني ڪهاڻيون به ائين ئي اسان جي ڪهاڻين وانگر شروع ٿين ٿيون. مڪاشي مڪاشي.... معنيٰ شروع شروع زماني ۾..... آلو تو ڪوروني.... هڪڙي جاءِ تي.....
بهرحال شروع زماني ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ اهڙو ڇوڪرو رهندو هو. جنهن کي گهڻين ڳالهين جي خبر نه هئي.
هڪ ڏينهن هو وڻ تي چڙهيو ويٺو هو ته هيٺان جنازو کڻي ماڻهو اچي لنگهيا. هن گهر اچي ماڻس کي ٻڌايو ته هو وڻ تي چڙهيو ويٺو هو ته هيٺان ماڻهن جو ميڙ اچي لنگهيو.
ماڻس کيس سمجهايو ته انهن ماڻهن جو ڪو مائٽ مري ويو هوندو ۽ هو ان کي دفن ڪرڻ لاءِ قبرستان کڻي ويندا هئا.
”پٽ ڪڏهن ائين ماڻهن جو ميڙ ڏسين ته مٿي وڻ تي ويٺو نه رهجانءِ هيٺ لهي هنن اڳيان اچي هٿ ٻڌي مري ويل لاءِ دعا گهرندو ڪجانءِ“. هن جي ماءُ هن کي سمجهايو.
ڪجهه ڏينهن بعد هو بازار جا چڪر هڻي رهيو هو ته هن کي پري کان ماڻهن جو ميڙ نظر آيو. اها هڪ شاديءَ جي سرگس هئي جنهن ۾ گهوٽ کي ڪنوار جي گهر وٺي پئي ويا. هن بي عقل ڇوڪري کي يڪدم ياد اچي ويو ۽ ڊوڙ پائي هن لنگهندڙ ميڙ اڳيان اچي بيٺو ۽ هٿ ٻڌي زور زور سان دعا گهرڻ لڳو ”نامو آمي دا بتسو“. (گوتم ٻڌ تنهنجا اسان وفادار آهيون). جپاني ماڻهو جن جو مذهب ٻڌ ڌرم آهي اهي مري ويل لاءِ اها دعا گهرندا آهن.
هن بيوقوف ڇوڪري جي ان دعا تي گهوٽ جي ماءُ پيءُ کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ هن کي ٿڦڙون هڻي گهر موڪليائون.
هن جي ماءُ سڄي ڳالهه ٻڌي کيس سمجهايو ته پٽ اهو هڪ خوشيءَ جو موقعو هو ان تي ائين چوڻ بدران خوشيءَ جو راڳ ڳائڻ کپي ۽ تاڙيون وڄائڻ کپن.
هاڻ ڇا ٿيو جو هڪ ڏينهن هو ڪنهن گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هو ته ڪنهن گهر کي اچي باهه لڳي ۽ ماڻهن جا ميڙ ان کي وسائڻ لاءِ دانهون ڪري رهيا هئا.
هن بيوقوف ڇوڪر سمجهيو ته اهو به ڪو خوشيءَ جو موقعو آهي. اهو سوچي هو ماڻس جي چوڻ مطابق ڳائڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳو.
جن جي گهر کي باهه لڳي هئي انهن کي ڏاڍي چڙ لڳي ته هنن جو هيڏو نقصان ٿي ويو آهي ۽ هي ڇوڪرو خوش ٿي تاڙيون پيو وڄائي سو گهر جي مالڪ ٺڪاءَ کڻي هن جي مٿي ۾ ڏنڊو هنيو.
ڏنڊو کائي روئندو گهر پهتو ته ماڻس سمجهايس ته پٽ باهه لڳڻ ڪري مالڪن جو نقصان ٿي رهيو هو توکي ڳائڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ نٿي جڳايو. آئندي ڪٿي باهه لڳندو ڏسين ته سٺن ڇوڪرن وانگر پاڻيءَ سان باردي ڀري وسائڻ ۾ مدد ڪندين ته توکي هر ڪو شاباس ڏيندو ۽ پسند ڪندو.
۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هي ڇوڪرو هڪ هنڌان لنگهي رهيو هو ته هن کي باهه ٻرندي نظر آئي. دراصل اها باهه ڪنهن گهر يا دڪان کي نه لڳي هئي. اها باهه ته هڪ لوهار پنهنجي دڪان ۾ هڪ ڪنڊ ۾ ٻاري ان ۾ لوهه کي تپائي سڌو ڪري رهيو هو. پر هن نادان نينگر کي باهه نظر اچڻ سان پنهنجي ماءُ جي نصيحت ياد اچي وئي ته باهه ڏسين ته بارديءَ ۾ پاڻي ڀري هن کي وسائجانءِ ته هر هڪ توکي شاباس ڏيندو. سو هن هِتان هُتان دٻو ڳولي ان کي پاڻيءَ سان ڀري اچي باهه مٿان اڇلايو.
لوهار کان ته رڙ نڪري وئي جو هن جي هلندڙ ڪم ۾ هن ڇوڪر اجايو اچي رخنو وڌو. هو پنهنجو چمٽو ۽ مترڪو ڇڏي ڇوڪري کي ٿڦڙن سان ورائي ويو. مار کائڻ بعد ڇوڪرو روئندو پنهنجي ماءُ وٽ پهتو. ماءُ سڄي ڳالهه ٻڌي سمجهايس ته ڏس ائين نه ڪبو آهي. ڪجهه عقل کان به ڪم وٺبو آهي. اهڙي موقعي تي توکي کپندو هو ته تون هن لوهار جي مدد ڪرين ها. هن مترڪا پئي هنيا ته تون به هن کان مترڪا وٺي لوهه کي هڻين ها ته هو ڏاڍو خوش ٿئي ها. سمجهئي؟.
بيوقوف ڇوڪري وعدو ڪيو ته هن سڄي ڳالهه سمجهي هاڻ آئندي ائين ئي ڪندو.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو شهر مان لنگهي رهيو هو ته هن کي رستي تي ٻه ماڻهو وڙهندي نظر آيا. هڪ جي هٿ ۾ ڏنڊو هو جنهن سان هو ٻئي تي الرون ڪري رهيو هو جيڪو پنهنجو بچاءُ هٿ تي چڙهيل ٿلهي دستاني (باڪسنگ گلوز) سان ڪري رهيو هو. هن بيوقوف ڇوڪر جو هنن کي ان حالت ۾ ڏٺو ته هن کي يڪدم ياد اچي ويو ته هن جي ماءُ چيو هوس ته ٻئي جي ڪم ۾ مدد ڪجي. اهو سوچي هن هتان هتان هڪ ڏنڊو کنيو ۽ جيڪو اڳهين ڏنڊا کائي رهيو هو تنهن کي وهائي ڪڍيو.
هن جي ان اجائي دخل اندازيءَ تي ٻنهي ماڻهن کي حيرت ٿي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ وڙهڻ ڇڏي هن نينگر کي اهڙو ته ڪٽيو جو مٿي ۾ ڳوڙها ٿي پيس.
ظاهر آهي هيڏي مار کائڻ تي هو روئندو پنهنجي ماءُ وٽ پهتو تنهن سڄي ڳالهه ٻڌي چيس ته ”پٽ تون ڪڏهن سڌرندين؟ تون هيڏو وڏو اچي ٿيو آهين پر توکي عقل ذرو به نه آهي. اهڙي موقعي تي جڏهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ته هڪ سٺي ڇوڪر جو اهو ڪم آهي ته ٻنهي کي هڪ ٻئي کان هٿن سان هٽائجي. اجهو هيئن“.
هن جي ماءُ پنهنجن هٿن سان پري ڪرڻ جو اشارو ڪري ڏيکاريس.
ان ڳالهه کي ڪي اڃان ٿورا ڏينهن به نِه گذريا ته شهر کان پنهنجي ڳوٺ ايندي هن ڏٺو ته ٻه سَانَ مٿو مٿي سان ملائي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا.
”مون کي انهن کي پنهنجو پاڻ ۾ وڙهڻ کان بچائڻ کپي“. هن ڇوڪر اهو سوچيو. ”امان چيو هو ته ٻن کي وڙهندو ڏسين ته هنن کي هٿن سان هينئن ڇڪي پري ڪجي ته هر هڪ شاباس ڏيندو ۽ چوندو ته هي سٺو ڇوڪرو آهي“.
اهو سوچي ڏمريل سانن ڏي وڌيو. ۽ پوءِ جيئن هنن جي وچ ۾ بيهي کين هٿ سان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو هڪ ٻئي کي ڇڏي هن کي ٿونن تي کڻي اهڙو کڻي اڇل ڏنائونس جو هو پري پري وڃي ڪريو. جن ماڻهن ڏٺو اهي هن کي گهر کڻي آيا ۽ سندس ماءُ کيس ڪيترا ڏينهن هئڊ گرم ڪري هڻندي رهي ته جيئن هڏن جو سور لهي وڃيس ۽ پوءِ جڏهن چاق چڱو ڀلو ٿي ويو ته به کيس گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو. ڇو جو هي بيوقوف ڇوڪرو ماڻهن جي ڪم اچڻ ۽ شاباس حاصل ڪرڻ بدران هر وقت موچڙا کائي ٿي آيو.
***