(6) خوبصورت ڇوڪري بلبل ئي رهي
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته جپان جي ياڪُوشيما نالي ٻيٽ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو رهيو ٿي.
”اڄ ڏاڍو سيءُ آهي پر رات جي مانيءَ لاءِ مونکي پوري ڪوشش ڪري ڪو پکي ضرور شڪار ڪرڻ کپي“. هن دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ بندوق کڻي جبل ڏي روانو ٿيو. هو پکين جي ڳولا ۾ جبل جي هيٺ مٿاهين ۾، ماٿريءَ ۾ ان بعد هيٺ وهندڙ چشمي ۽ پاڻيءَ جي شاخن جي چوڌاري ڦرندو رهيو پر اڄ هن جو نصيب اهڙو خراب هو جو هن کي ڪٿي به ڪو پکي سڻائو ويٺل نظر نه آيو جنهن کي هو پنهنجي بندوق سان ڦان ڪري.
پکيءَ جي ڳولا ۾ هو هلندي هلندي هڪ اهڙي جهنگل ۾ ڦاسي پيو جيڪو هن لاءِ نئون هو ۽ هو واپس موٽڻ جو رستو ڳولي نه سگهيو. هي گهر موٽڻ جي پريشانيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجهائي رهيو هو ته هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته هڪ ڇوڪري ٻنيءَ جي سڌي ٽڪري تي ڏانٽي سان گاهه ڪٽي رهي آهي.
”ان جو مطلب آهي ته هتي ڀر پاسي ۾ آبادي آهي ۽ ماڻهو رهن ٿا“. هن نوجوان دل ۾ سوچيو ۽ شڪار جو خيال لاهي هڪ وڻ هيٺان ليٽي آرام ڪرڻ لڳو ۽ ان سان گڏ هن سهڻي ڇوڪريءَ کي به ڏسندو رهيو ته هوءَ ڪيئن نه پنهنجي ڪم ۾ مشغول آهي. ڪم پورو ڪرڻ تي ڇوڪريءَ پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيا ۽ گاهه جي ڀري ۽ ڏانٽو کڻي گهر ڏي رواني ٿي.
”ڏسان ته هن جو گهر ڪهڙي قسم جو آهي“. اهو سوچي هي نوجوان سهڻي ڇوڪريءَ جي پويان آهستي آهستي لڪي لڪي هلڻ لڳو. اڳيان هلي هڪ پَٽَ جو ٽڪرو هو جنهن تي هن جي جهوپڙي هئي. ڇوڪري ان جهوپڙيءَ ۾ هلي وئي. هن نوجوان چوڌاري نظرون گهمائي ڏٺو ته هن ڇوڪريءَ کان علاوه ڪو ٻيو بني بشر هن جھوپڙيءَ ۾ نظر نه آيو. اونداهه ٿي رهي هئي ۽ هي گهٻرائڻ لڳو ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. آخر دل ٻڌي هو جهوپڙي وٽ آيو ۽ کنگهڪار ڪرڻ تي ڇوڪري ٻاهر نڪري آئي ۽ هن کان پڇيو ته هي ڪير آهي ۽ هتي ڇا پيو ڪري.
”معاف ڪجو محترما! آئون هن ٻيلي ۾ گهر ڏي موٽڻ جو رستو وڃائي ويٺو آهيان ۽ هاڻ ته اونداهه ٿي رهي آهي ۽ مون کي ڊپ آهي ته ڪو جهنگلي جانور مون کي کائي نه وڃي. ان ڪري رات جا چار پهر گذارڻ لاءِ تون مون کي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ ڏيندينءَ؟“.
”بلڪل. ڇو نه“. ڇوڪريءَ بيحد مٺي آواز ۾ چيو ۽ خوشيءَ سان هن جو آڌر ڀاءُ ڪندي اندرين ڪمري ۾ وٺي آئي. نوجوان کي آرام سان وهاري پاڻ جلدي جلدي هن لاءِ گرم گرم چانهه ٺاهي آئي. چانهه ته ٺاهي آئي پر نوجوان کي اهو ڏسي ڪجهه ڪجهه حيرت ۽ خوف ٿيو ته چانهه جو ڪوپ پاڻ چرپر ڪري رهيو هو. جنهن وقت به هن پيئڻ لاءِ ڪوپ ڏي هٿ وڌايو ٿي ته اهو پاڻهي هن جي چپن تائين اچي ويو ٿي. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪهڙي دنيا ۾ اچي ويو آهي. هن جي دل چيو ته چپ ڪري هتان ڀڄي وڃجي پر هو ڇا ٿي ڪري سگهيو.... پاڙي اوڙي ۾ ته ڪو هڪ گهر به نه هو. رات جي وقت هو وڃي ته وڃي ڪيڏانهن. ان ڪري هن اها رات ان جهوپڙيءَ ۾ ئي گذارڻ بهتر سمجهي.
ٻئي ڏينهن صبح جو اک کلڻ تي هو جهوپڙي مان ٻاهر نڪري جهوپڙي جي اڳيان ٺهيل باغيچي ۾ پسار ڪري رهيو هو ته هن کي سامهون گهاٽن وڻن اندر هڪ ٻي ننڍڙي جهوپڙي نظر آئي. ايتري ۾ ڇوڪري به ننڊ مان اٿي ٻاهر آئي ۽ هن سان کيڪار کڙي ڪري چيو: ”ڏس نوجوان! آئون ان سامهون واري جهوپڙي ۾ ڪجهه دير لاءِ وڃان ٿي. مهرباني ڪري منهنجي وڃڻ بعد نه ليئو پائي ڏسجان نه در کولجانءِ“.
اهو چئي اها سهڻي ڇوڪري ان جهوپڙيءَ ۾ هلي ويئي. نوجوان ڪجهه دير اڪيلو اڪيلو بيٺو رهيو پر پوءِ هن کي اها اڪيلائي منجهائڻ لڳي. هن کي ڪجهه ڪجهه دل ۾ خوف به محسوس ٿي رهيو هو ته آخرڪار اها ڇوڪري ڪير آهي ۽ ڇا ٿي ڪرڻ چاهي..... ۽ ان جهوپڙيءَ ۾ غائب ڇو ٿي ويئي آهي!...... اهو سوچي سوچي هو ان ننڍڙي جهوپڙيءَ ڏي وڌيو ۽ ان جي در وٽ بيهي پنهنجي منهن چوڻ لڳو: ”آخرڪار اها ڇوڪري جهوپڙيءَ جي اندر ڪري ڇا رهي آهي! مون کي جيتوڻيڪ هوءَ منع ڪري وئي آهي ته ليئو نه پائجانءِ پر ٿورو ڏسڻ سان ڇا ٿيندو!“.
هن در جي سير تي اک رکي اندر ڏٺو ته جهوپڙي اندر زردالن جي وڻ تي هڪ بلبل مٺي آواز ۾ ڳائي رهي هئي.
”تون ڪهڙو پٿر دل انسان آهين جو تو پنهنجو وعدو نه پاريو!“. بلبل هن کي ڏسڻ سان پنهنجي لات بند ڪري انسانن وانگر ڳالهائڻ لڳي. ”آئون هڪ پکي آهيان ۽ عورت بنجڻ جي سکيا وٺي رهي هيس ۽ هاڻ آئون عنقريب عورت ٿيڻ واري هئس. توکي ڏسڻ سان منهنجي دل توتي اچي وئي ۽ مون سوچيو ته هاڻ جلد عورت بڻجي توسان شادي ڪنديس ۽ توسان گڏ هڪ سٺي زال ٿي رهنديس. هاڻ افسوس جو مون کي توکان موڪلائڻو پوندو“. اهو چئي اها سهڻي ڇوڪري بلبل جي روپ ۾ ئي اڏامي ويئي. ان سان گڏ هي ٻئي جهوپڙيون هڪ هڪ ٿي غائب ٿي ويون ۽ هي نوجوان جنگل ۾ اڪيلو ئي اڪيلو رهجي ويو.