ٻاراڻو ادب

جل پريءَ جي اڳڪٿي

هي ڪتاب ٻارڙن ۽ وڏڙن لاءِ جاپاني ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ٻارن جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هيڪدو کان اوڪيناوا ٻيٽن تائين ۽ فڪو شيما کان ناگاساڪي تائين جپاني مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4233
  • 912
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جل پريءَ جي اڳڪٿي

(35) نون پڇن واري حسينا_تمامو

ڪِيتسوني (لومڙيءَ) جي هڪ ٻي ڪهاڻي به ياد اچي رهي آهي. دراصل لومڙيءَ جو جپانين وٽ تمام وڏو درجو آهي. جيئن انڊيا م مختلف ديوتائن جو. اناري (لومڙي وارا) مندر سڄي جپان ۾ هزارين آهن. انهن جي ٻاهران گھڻو ڪري ننڍو يا وڏو لومڙيءَ جو مجسمو ٺهيل نظر اچي ٿو. شروع واري ڪهاڻي ۾ لومڙي (Kitsune) بابت اهو به لکي چڪو آهيان ته لومڙي پنهنجو روپ تبديل ڪري ڪجھه به ٿي سگھڻ جي طاقت رکي ٿي ۽ اها جن يا جنڙيءَ وانگر ڪا به شڪل اختيار ڪري ڪنهن مرد (انسان) سان شادي به ڪري ٿي. هن غيبات جي لومڙيءَ کي عمر ۽ ذهانت موجب هڪ کان وڌيڪ پڇ ٿين ٿا. گھڻي ۾ گھڻا نَوَ پڇ ٿين. جيڪا ”ڪيو بي“ سڏجي. (جپاني ٻوليءَ ۾ Kue معنيٰ نَوَ Nine). ايترن پڇن واري لومڙي بلا جي چالاڪ ۽ ذهين ٿئي ٿي.
هاڻ هن لومڙيءَ جي ڪهاڻيءَ تي اچون ٿا جنهن جو جپانيءَ ۾ عنوان ”تمامو_نو_مائي“ (Tamamo no Mae) آهي. هڪ دفعي شهنشاهه جي درٻار ۾ هڪ حسين دوشيزه حاضر ٿي، ۽ پنهنجو نالو”تمامو نو مائي“ ٻڌايو. هوءَ اهڙي ته سهڻي، ذهين ۽ فضيلت واري لڳي رهي هئي جو پهرين نظر ۾ ئي ملڪ جو شهنشاهه هن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. بادشاهه سلامت جڏهن هن کان پڇيو ته ”تو جهڙي مهمان لاءِ آءٌ ڇا ڪري سگھان ٿو؟“ ته هن من موهڻي صورت واري نوجوان عورت وراڻيو ته هوءَ هن جي محل ۾ رهڻ جي آس ٿي رکي. بادشاهه سلامت هن جي حسن جو اهڙو ته شيدائي ٿي ويو جو هو انڪار ڪري نه سگھيو ۽ هڪدم رضامندي ڏيکاري.
تمامو جيئن جيئن محل ۾ رهڻ لڳي تيئن تيئن هن جي آس پاس جا نوڪر چاڪر، درٻاري، ڪامورا سڀ هن کي پسند ڪرڻ لڳا. هنن هن جهڙي سهڻي ڇوڪري هن کان اڳ ڪڏهن نه ڏٺي! سونهن کان علاوه هوءَ بيحد رحمدل، فضيلت واري ۽ تمام گھڻي ذهين هئي. محل سان واسطو رکندڙ ڪيترا عالم اڪابر هن جي ذهانت جو امتحان وٺڻ لاءِ ڪئين سوال پڇڻ لڳا ۽ هن هر سوال جو صحيح جواب ڏئي هنن کي وائڙو ڪري ڇڏيو ٿي. هوءَ هر امتحان ۾ پاس ٿي وئي ٿي بلڪه ڪيترن سوالن جا جواب هنن جي اميد کان به بهتر ۽ تفصيلي ڏنا ٿي.
بادشاهه سلامت جيڪو پڻ هن ڪچهريءَ ۾ ويٺو ٿي تمامو جي ڳالهين مان نه فقط متاثر ٿيو ٿي پر ڏينهون ڏينهن هن تي ويو ٿي فدا ٿيندو. هڪ ڏينهن هن تمامو کان پڇيو ته آيا هوءَ ساڻس گڏ محل اندر رهڻ پسند ڪندي. جواب ۾ تمامو خوشيءَ سان هائوڪار ڪئي.
۽ هاڻ وقت گذرڻ تي هو هر وقت هن جي ايڏو ته ويجھو رهڻ لڳو جو سندن جدائي ناممڪن سمجهي وئي ٿي. هو هفتي جا ست ئي ڏينهن تمامو سان گڏ رهڻ لڳو.... ايتري قدر جو هن درٻار جي ڪمن ڪارين ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني. وقت گذرڻ تي درٻارين ۽ عوام محسوس ڪيو ته بادشاهه سلامت ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو ڏٻرو ٿيندو! ايتري قدر جو هڪ ڏينهن هن جي اهڙي حالت ٿي وئي جو هو بستر تان به اٿي نه پئي سگھيو.
محل جي نوڪرن چاڪرن کي اهو عجيب لڳو ته بادشاهه سلامت وڃي پيو ڪمزور ٿيندو، پر تمامو کي ڪو احساس نٿو ٿئي. هن جي چهري تي بادشاهه جي بيماريءَ جو نه فڪر آهي ۽ نه ڏک! پر پوءِ جڏهن بادشاهه کي جھٽڪا اچڻ لڳا... هن تي غنودگي طاري ٿيڻ لڳي ۽ سڀني کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته هو اجھو ٿو مري ۽ قبر جي حوالي ٿئي ته پوءِ تمامو پريشان ٿيڻ لڳي. هن جي چهري مان هاڻ مونجھارو ۽ بي آرامي بکڻ لڳي. محل سان واسطو رکندڙ هڪ ڏاهي کي هن عجيب قسم جي مهمان عورت تي تمام گھڻو شڪ ٿيڻ لڳو ته هن جي اچڻ سان محل جو پورو وايو منڊل اونڌو ٿي ويو آهي. هن اُتاهن جبلن ۾ رهندڙ ٻاون کان رهنمائي ۽ مدد گھري. هن کين ٻڌايوته ڪيئن ”تمامو نو مائي“ نالي هڪ نوجوان عورت محل ۾ داخل ٿي ۽ پنهنجي سحرانگيز ڳالهين ۽ سونهن سان بادشاهه سلامت سميت شهر جي هر ماڻهوءَ کي منڍي رکيو آهي... ۽ هن کي اهو ٿو لڳي ته هيءَ عورت جيڪي ڪجھه ظاهري طور اسان کي لڳي ٿي اصل ۾ ائين نه آهي.
جابلو ٻاون هن ڏاهي جي ڳالهه غور سان ٻڌي ۽ هن کي هڪ ڏنڊي ڏني ته هو ڪنهن اٽڪل سٽڪل سان اها ڏنڊي تمامو کي هٿن ۾ ڏئي. هوءَ جيئن ئي ان ڏنڊي کي ڇهندي ته سندس اصل روپ هڪدم ظاهر ٿي پوندو.
محلات جو ڏاهو ٻاون کان موڪلائي واپس محل ۾ آيو ۽ تمامو سان اچي مليو. تمامو پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي هئي ۽ ڪنهن سوچ ۾ غرق ٿي لڳي. ڏاهي لاءِ موقعو سٺو هو. هن تمامو کان ڪجھه سوالن جا جواب پڇڻ لاءِ هن کي سڏيو، جيئن اهو معلوم ڪري سگھجي ته هن کي ان بابت ڪيتري ڄاڻ آهي. هن کيڪارڻ لاءِ پنهنجو هٿ تمامو ڏانهن وڌايو ۽ جيئن ئي تمامو پنهنجو هٿ ڏاهي جي هٿ سان ملائڻ جي ڪئي ته ڏاهي سندس هٿ ۾ کڻي ڏنڊي ڏني.
جيئن ئي ڏنڊيءَ تمامو جي هٿ کي ڇُهيو ته چِڻنگن سان گڏ دونهون نڪري آيو! تمامو ايذاءَ مان رڙ ڪري پنهنجو هٿ کڻي پاڻ ڏي ڇڪيو. هن گھڻو ئي پاڻ بچائڻ جي ڪئي پر جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. اکين کي انڌو ڪرڻ جهڙو کنوڻ جو هڪ چلڪاٽ ٿيو ۽ ان روشنيءَ ۽ دونهين جي وچ ۾ ڏاهي کي اهو ڏسي دماغ گھمي ويو ته تمامو جي پٺيان ڪيترائي پڇ لڙڪي رهيا هئا.
هن ڏاهي عالم يڪدم رڙيون ڪري محل جي چوڪيدارن کي سڏ ڪيو ۽ جيئن ئي چوڪيدار ڪمري ۾ داخل ٿيا ته تمامو جون وايون بتال ٿي ويون ۽ هوءَ مُنجهي پئي ته ڇا ڪجي! هن لاءِ در مان ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي پيو. ان افراتفريءَ جي عالم ۾ هن پنهنجو پاڻ کي عورت جي روپ مان ڪڍي اصلي ڏيک ۾ آندو ته هوءَ نَون پُڇن واري لومڙي ٿي پئي! لومڙي ٿيڻ سان هن ڇال ڀري دريءَ مان ٻاهر نڪري فل رفتار سان شهر وچ مان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ماڻهن جن هن کي پهرين چاهيو ٿي، سندس اصلي روپ ڏسي پٺيان پئجي ويس ۽ پٿرن، ٺڪرن سان مطلب ته جنهن کي جيڪا شيءِ ٿي هٿ چڙهي ان سان هن تي وسڪارو ڪيو. هوءَ زخمي حالت ۾ شهر لتاڙي وٺي جبلن ڏي ڀڳي.
هوڏانهن پٺيان محلات ۾ بادشاهه سلامت کي ”تمامو نو مائي“ جي اصليت کان آگاهه ڪيو ويو ته اها حقيقت ۾ ”ڪستوني“ (لومڙي) هئي، سا به ”ڪيو او بي“ (نون پڇن واري خطرناڪ مڪار قسم جي). هن قسم جو جانور جادوءَ جي زور تي انسان جي طاقت چوسيو وٺي. خاص ڪري ان ماڻهوءَ جي جيڪو هن جي ويجھو آهي.
اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه جي دل ٽٽي پئي. هن محلات جي منتظمن کي اجازت ڏني ته ان سلسلي ۾ هنن کي جيڪي بهتر لڳي اهو ڪن. محلات وارن ٻه تجربيڪار شڪاري هٿ ڪيا ته هو جھنگل ۾ وڃي هن لومڙي جي ڳولا ڪري هن کي اُڦَٽ ماري ڇڏين.
وڏي ڳولها بعد هنن ٻن شڪارين کي اها لومڙي ملي وئي، جنهن جي هنن کي ضرورت هئي. تمامو، لومڙي هڪ جبل جي چُر وٽ لڪي ويٺي هئي ۽ هن آئي وئي مسافر کي منجھائي هن کان کاڌو پئي کسيو. هن جي جڏهن محلات جي شڪارين تي نظر پئي ته هن انهن کي هڪدم سڃاڻي مٿن حملو ڪيو پر هي بيحد قابل ۽ اٽڪل باز شڪاري هئا ۽ هو لومڙيءَ جو وار گُسائي ويا. اتي هڪ شڪاريءَ زور سان اعلان ڪيو ته ”سج ديوتا جي اولاد_ اسان جي شهنشاهه جي حڪم سان تو جهڙو دوکي باز غدار شل عذاب جو موت مري!!!“
شڪاريءَ جي ائين چوڻ سان لومڙي ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي وئي. هن جا قدم ڄڻ هڪ هنڌ ڄمي ويا. هوءَ اتي ئي بيهي رهي... هڪ زوردار کنوڻ جو تجلو ٿيو ۽ محلات جي هنن ٻنهي شڪارين ان جي روشني ۾ هن لومڙي تمامو کي هڪ خوبصورت عورت جي شڪل ۾ ڏٺو. جنهن جي پٺيان نَوَ پڇ لڏي رهيا هئا. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار هيون. هن جي چهري تي ڪجھه ڪاوڙ ته ڪجھه غم جا جذبا نمايا هئا. سندس سڄو جسم ڏڪي رهيو هو.
”جيڪي توهان کي ڪرڻو آهي اهو ڀلي ڪريو“. هن شڪارين کي چيو ”پر آئون بنا مقابلو ڪرڻ جي مرڻ واري هرگز نه آهيان“. اهو چئي هن شڪارين تي حملو ڪيو ۽ پنهنجي تکن چنبن ۽ ڏندن سان هنن کي چيرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ٽنهي ڄڻن جي ڪا دير هڪٻئي سان مارڪٽ جاري رهي، جنهن ۾ ٽئي ڄڻا ڪافي زخمي ٿي پيا ۽ پوءِ هڪ دفعو وري تمامو پنهنجو روپ بدلائي لومڙي ٿي وٺي جبلن ڏي ڀڳي. ميداني علائقي مان ته هوءَ تمام تکي رفتار ۾ ڀڄڻ لڳي. محلات جا شڪاري هن جي پويان لڳا پر هن جي رفتار جو مقابلو نه ڪري سگھيا. ان ڪري هنن مان هڪ پنهنجي تير ڪمان سان لومڙيءَ تي تيرن جو وسڪارو ڪيو. ڪيترائي تير هڻڻ کانپوءِ آخر هڪ تير لومڙيءَ جي سيني مان پار ٿي ويو ۽ هوءَ ڍير ٿي پئي.
هي ٻئي شڪاري هن جي ويجھو پهتا ته ڏٺائون ته لومڙي آخري پساهن ۾ هئي. پر ان هوندي به هوءَ هڪ دفعو وري پنهنجو روپ بدلائي ”تمامو“ ٿي پئي. ڏک، مايوسي ۽ ڪاوڙ جا ڪوسا ڳوڙها هن جي سهڻي چهري جي گلابي ڳلن تان ٽمڻ لڳا ۽ پوءَ هڏڪيءَ سان گڏ هن جو ساهه نڪري ويو.
ساهه نڪرڻ سان تمامو هڪ دفعو وري لومڙيءَ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ پوءِ ٻي گھڙي ۾ اها ”شيشو سيڪي“ (Sessho Seki) ٿي پئي، يعني پٿر ٿي پئي. اهو پٿر زهريلي گيس ڇڏڻ لڳو ۽ جيڪو هن جي ويجھو ويو ٿي سو اڦٽ مري ٿي ويو. (هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته جپاني ڏند ڪٿائن موجب ”شيسو سيڪي“ ڪارو پٿر ٿئي ٿو جنهن کي ڇهڻ وارو هڪدم مريو وڃي... ٻين لفظن ۾ هن پٿر کي خوني پٿر يا انگريزيءَ ۾ Killing Stone به سڏجي ٿو. جپان جي مشهور (۽ منهنجي دلپسند) جپاني شاعر ماتسوئو باشو (1694-1644) پنهنجي هڪ ڪتاب ”اوڪُو نو هو سومِچي“ (انگريزي ترجمي (The Narrow Road to Deep North ۾ لکيو آهي ته هن اهو پٿر ناسو (Nasu) شهر ۾ ڏٺو هو جيڪو شهر جپان جي ”ٽوچيگي“ علائقي ۾ آهي.
بهرحال ڪهاڻي موجب اهو پٿر ڪيترائي سال اتي رهيو ۽ زهريلي گيس خارج ڪري ڪيترن ئي راهگيرن کي ماريندو رهيو. آخرڪار هڪ رات هڪ ٻائي جو اتان گذر ٿيو. هن پٿر جي چوڌاري ڪجھه منتر پڙهيا ۽ سڄي رات ان اڳيان ڏِيا ۽ اگر بتّيون ٻاريون. صبح ٿيڻ سان ٻائو اٿيو ۽ پٿر جي ڀرسان اچي بيٺو... هن کي ڪو به نقصان نه ٿيو. ان بعد ٻائي پٿر مٿان هٿ گھمايو ته به ڪجهه نه ٿيو.
ان بعد ٻائي هن پٿر مٿان جادوءَ جي ڏنڊي گھمائي پٿر کي چيو ته ”تمامو مون تنهنجي سڄي ڪهاڻي ٻڌي آهي ته تو ڪيئن هڪ نَوَ پڇن واري لومڙي ٿي ڪري هڪ حسين عورت جو روپ ڌاريو ۽ ملڪ جي شهنشاهه کي پنهنجي جادوئي اثر ۾ آندو ۽ توکي ان جي بدلي ۾ پنهنجو موت نصيب ٿيو- جيڪو انجام تنهنجو ٿيڻ کَتو ٿي. پر مونکي پڪ آهي ته ان ڪهاڻي پويان ڪجھه وڌيڪ به آهي جيڪو آئون ٻڌڻ چاهيان ٿو. مهرباني ڪري مونکي اصل ڪهاڻي ٻڌاءِ“
هو ڪجھه گھڙيون انتظار ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن پٿر (Sessho-Seki) مان آواز آيو:
”آئون تمامو نو مائي ضرور آهيان، پر آئو هميشه ڪا تمامو نه رهي آهيان. منهنجو اصل نالو ميزوڪومي (Mizukume) آهي. منهنجو نيپاج ڪندڙ پيءُ مونکي جھنگل ۾ ڏٺو جڏهن آئون اڃا پونگڙو هيس... هن کي اها خبر نه هئي ته آئون وڏي ٿي ڪا بدنصيب ۽ مڪار ترين نَون پڇن واري لومڙي ٿينديس... جنهن ڪري مون کي لڳي ٿو ته منهنجي اصلي ماءُ پيءُ مونکي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. آئون جڏهن سترهن سالن جي ٿيس ته منهنجي نپائڻ واري پيءُ تي غداريءَ جو الزام هڻي محلات طرفان هن کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي، ۽ پرديس ۾ هو دربدر ٿي آخرڪار مري ويو. مونکي ان ڳالهه جو تمام گھڻو غم ۽ غصو ٿيو ۽ پاڻ مرادو اهو پڪو پهه ڪيو ته محلات وارن کان هر صورت ۾ ان جو بدلو وٺنديس. ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري مون نوجوان شهنشاهه جو پيار ۽ اعتماد حاصل ڪري ورتو. هُو منهنجو سچو عاشق ٿي پيو. ايتري قدر جو هن کي مون کانسواءِ هڪ پل جي جدائي به برداشت نٿي ٿي سگھي... ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري مون جيئن هن جي جسم مان هن جي جواني ۽ زندگي چوسڻ شروع ڪئي ته هڪ اهڙي ڳالهه سامهون اچي وئي جنهن جي مون ڪا توقع نٿي رکي. ڇا ٿيو جو مونکي شدت سان اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته هن سان گڏ آئون به هن جي پيار ۽ محبت ۾ قابو ٿي پئي آهيان. منهنجي دل ۾ به هن لاءِ عشق جي باهه ڀڙڪي چڪي آهي... جيتوڻيڪ ٺهيل رِٿَ موجب ائين هرگز نه هو پر هاڻ منهنجي اندر جي هڪ حصي شهنشاهه کي نقصان رسائڻ يا مارڻ کان انڪار ٿي ڪيو. آئون آخري گھڙين ۾ سخت مونجھاري ۽ بي چينيءَ ۾ اچي ويس ته ڇا ڪرڻ کپي. مونکي جنهن تير ماريو ان کان اڳ منهنجي دل ٽٽي چڪي هئي... آئون محلات مان ڀڄڻ کان اڳ ختم ٿي چڪي هيس...
”منهنجا مهربان ٻاوا! وڌيڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي هاڻ مون ۾ همٿ نه رهي آهي. ڄمڻ کان وٺي مون تي ڦِٽ لَعنَتُون وسنديون رهيون ۽ مري وڃڻ بعد به اهي جاري آهن. حياتي دوران توڙي مرڻ بعد مون خبر ناهي ڪيتريون ئي معصوم جانيون ماري ڇڏيون آهن. منهنجي سڄي زندگي پاپن ۽ گناهن ۾ گذري آهي، جنهن جو مونکي بيحد ڏک آهي. محترم ٻاوا! آئون توکي عرض ٿي ڪريان ته مونکي هن عذاب مان آجو ڪراءِ...
ٻائي پنهنجون اکيون کڻي بند ڪيون ۽ پنهنجو هٿ پٿر تي رکي ڪجھه دعائون ۽ منتر پڙهڻ شروع ڪيا.... ۽ پوءِ آخر ۾ چيو: ”مهرباني! ميزوڪومي، اڄ کانپوءِ تون آزاد آهين، آزاد آهين“. هڪ چمڪندڙ تجلو پٿر مان نڪري آسمان ڏي هليو ويو. پٿر ٽڙڪاٽ ڏئي ڀور ڀور ٿي پيو ان بعد سَنهي ٻُوري جي شڪل ۾ سڄي جپان مٿان ڇٽڪار ٿي ويو.
ڪهاڻيءَ ۾ ته ان پٿر جو وجود ختم ٿي ويو پر جپان جي ناسو شهر ۾ اڄ به هڪ پٿر موجود آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو تمامو_نو_مائي وارو سيسشڪو سيڪي (قاتل پٿر) آهي. جپان جا ماڻهو ۽ اسان جهڙا ٽوئرسٽ ۽ سفرناما لکندڙ هن کي ڏسڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. ٿي سگھي ٿو ته مٿين ڪهاڻي جنهن اخبار، رسالي يا ڪتاب ۾ ڇپجي اهو منهنجي فوٽن مان ڪو فوٽو پڻ شايع ڪري.
***