(25) پوڙهي مان جوان
هڪ ڏينهن پوڙهو ڪاٺين لاءِ جبل تي ويو ۽ ڪاٺين جي ڀري ٺاهي جڏهن گهر آيو ته سندس زال هن کي سڃاڻي نه سگهي بلڪه هن کان رڙ نڪري وئي ته هي ڪير اوپرو مرد سندس گهر ۾ گهڙي آيو آهي.
هوءَ پنهنجي مڙس کي ان ڪري سڃاڻي نه سگهي جو هو ويندي وقت ته هن جهڙو ستر اسي سالن جو پوڙهو هو ۽ هينئر هو ساڳين ڪپڙن ۾ جن ۾ هو گهر کان نڪتو هو ٽيهن سالن جو جوان پئي لڳو.
زال تعجب مان پنهنجي مڙس کان پڇيو ته هو اهڙو جوان ڪيئن ٿيو ڇا ڪنهن هن جي مٿان جادو ڪيو يا ڪا دوا پياري جنهن سان هو ههڙو جوان ٿي ويو.
”مون کي ته ڪا خبر ناهي. آئون ته روز وانگر ڪاٺيون ڪٽي ڀري ٻڌي موٽيو آهيان“. پوڙهي (يعني هاڻ جوان ٿي ويل) ٻڌايو. ”ها البت اڄ مون کي اڃ لڳي سو رستي تي وهندڙ هڪ آبشار تان ٻه چار پاڻيءَ جا ڍڪ ضرور پيتم“.
”بس آئون سمجهي ويس“، هن جي پوڙهي زال چيو، ”اهو سڄو ڪمال ان آب حيات جو آهي جنهن جي پيئڻ سان ماڻهو جوان ٿيو وڃي. مون کي به ان جو ڏس ٻڌاءِ ته آئون به اهو پي ڪجهه جوان ٿي اچان“.
هن جي مڙس هن کي ان وهندڙ آبشار جا ڏس پتا ڏنا جيڪو جبل جي پهرين ئي چاڙهيءَ تي هڪ غار جي منهن وٽ هو.
هن جي زال هن کان موڪلائي پاڻي پيئڻ لاءِ نڪتي ۽ کيس چيو ته تون پگهر سڪاءِ ته آئون اجهو ٿي جوان ۽ سهڻي ٿي اچان پوءِ گڏجي ٿا ماني کائون.
۽ پوءِ هن جي مڙس کي زال جو انتظار ڪندي ڪندي ڪا دير ٿي وئي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته آبشار هيڏو ويجهو آهي جو اڌ ڪلاڪ ۾ ماڻهو پهچيو وڃي ۽ هن جو نه هي پتو نه هو پتو.
آخرڪار انتظار ڪري ڪري جڏهن هو ٿڪجي پيو ته پنهنجي زال کي ڳولڻ لاءِ گهر کان نڪتو. آبشار وٽ پهچي هن چوڌاري زال کي ڳولڻ جي ڪئي پر هن کي ڪو بني بشر نظر نه آيو. پوءِ زور زور سان سندس نالو وٺي سڏ ڪيا پر کيس ان جو به جواب نه مليو. نيٺ هو مايوس ٿي موٽڻ وارو هو ته اتي سندس ڪنن تي ڪنهن ننڍڙي ٻار جو آواز پيو.
”اوئان! اوئان!“
”هي ڇا!“ هن چيو ۽ جيئن ئي آبشار هيٺ ٺهيل ڍنڍ جي ڪناري ڏي ڏٺو ته هن کي هڪ ننڍڙو ٻار نظر آيو. هو هن جي ويجهو آيو ۽ جڏهن ڏٺائين ته اها سال کن جي ڇوڪري ڪنهن ٻي جو ٻار نه هو پر سندس زال هئي.
دراصل هوءَ لالچ ۾ اچي گهڻو پاڻي پي وئي هئي هن سمجهيو ته هوءَ سورهن سترهن سالن جي ننڍي ڇوڪري ٿي پوندي پر ماڳهين ننڍڙو ٻار ٿي پيئي. مڙس کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته هاڻ کيس ڪير رڌي پچائي کارائيندو؟ هاڻ ته ماڳهين هن کي کارائڻو پئجي ويو. ۽ پوءِ هو ٻار کي ڪڇ ۾ کڻي اچي گهران نڪتو.
***