(22) چيري بلاسم گلن وارو پوڙهو
هڪ ڏينهن هي پوڙهو ماڻهو ٻج ڇٽڻ لاءِ پنهنجو گهر اڳيان زمين ٽڪري کي ٺاهي رهيو هو ته هن کي ڪنهن جي رڙين جو آواز ڪن تي پيو. اهو ڀر واري گهر ۾ رهندڙ چيڙاڪ ۽ هٻڇي پوڙهي جو هو. هو هڪ ڪتي جي پونگڙي کي دڙڪا ڏئي رهيو هو.
”هل! نڪري وڃ منهنجي پلاٽ مان!“
۽ ڪتي جو ننڍڙو پونگڙو رحمدل پوڙهي جي گهر ڊوڙي آيو. رحمدل پوڙهي هن کي کڻي جيئن ئي ڀاڪر ۾ وڌو ته پاڙي وارو هٻڇي هن جي ڪڍ ڪڍ اچي رحمدل پوڙهي جي ٻنيءَ ۾ نڪتو.
”هي شيطان منهنجي زمين خراب ڪري رهيو هو. هيڏانهن مون کي ڏي ته کلا هڻانس!“.
ڪتي جو ٻچو ڊپ ۽ هراس مان رحمدل پوڙهي جي ڀاڪر ۾ ڏڪي رهيو هو.
”مهرباني ڪري هن کي مون خاطر معاف ڪر“، هن جهڪندي نئڙت مان چيو.
”ٻئي دفعي جي منهنجي ٻنيءَ ۾ آيو آهي ته پاڻ ٿو سمجهي. موچڙا هڻي اڌ مئو ڪندوسانس“. هٻڇي پوڙهي ڪتي کي دڙڪا ڏيندي چيو ۽ طوفان وانگر پنهنجي زمين ڏي هليو ويو.
رحمدل پوڙهي ۽ سندس زال فيصلو ڪيو ته هن پونگڙي کي پالي وڏو ڪيو وڃي ۽ هن کي گهر جي ڀاتي وانگر پاڻ سان گڏ رکجي. هنن هن ڪتي جو نالو اڇڙو رکيو جو سندس رنگ به اڇو کير جهڙو هو.
اڇڙو صبح کان وٺي شام تائين هنن کي ڪم ۾ مدد ڪرائيندو هو ۽ هن جيترو گهڻو کاڌو ٿي اوترو ئي جلدي وڏو ٿيو ٿي.
هن پيالو ڀريل کاڌو ٿي ته پيالي جيترو وڏو ٿيو ٿي ۽ ديڳڙو ڀريل کاڌو ٿي ته ديڳڙي جيڏو وڏو ٿيو ٿي ۽ جي ڀريل بالٽي ڀت جي کاڌي ٿي ته بالٽيءَ جيڏو وڏو ٿي ويو ٿي.
هڪ ڏينهن اڇڙي پوڙهي ماڻهوءَ وٽ اچي هن جي قميص کي ڇڪون ڏنيون. لڳو ٿي ته هو هن کي ڪيڏانهن وٺي هلڻ لاءِ چئي رهيو هجي.
آخر پوڙهو اڇڙي مٿان چڙهي ويٺو ۽ اڇڙو هن کي گهرجي پويان واري جبل ڏي کڻي هليو.
جڏهن هو جبل جي چوٽيءَ تي پهتا ته پوڙهو اڇڙي تان هيٺ لٿو ۽ اڇڙي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ ڀونڪڻ شروع ڪيو.
”هِتي کوٽ..... هو هو.... هُتي ڪوڏر هڻ..... ڀون ڀون.....“ پوڙهي کي هي سڀ ڪجهه عجيب لڳو پر ڪتي جي ٻڌائڻ موجب هن کوٽڻ شروع ڪيو.
ٿورو کوٽڻ بعد هڪ هنڌ هن جي ڪوڏر ڪنهن لوهي شيءِ سان لڳي آواز ڪيو.
”ڇا ٿي سگهي ٿو....؟ ڏسان ته صحيح ته ڇا آهي.... مار! هي ته سون آهي! سونا سڪا!“.
پوڙهو سڀ سونا سڪا گهر کڻي آيو ۽ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن رحمدل پوڙهي ۽ سندس زال ان رات ايڏي ملڪيت ڏٺي. هو ڪا دير انهن سونن سڪن کي ڳڻيندا ۽ لڪائيندا رهيا.
۽ پوءِ......
ان وقت پاڙي جو هٻڇي پوڙهو ماڻهو ۽ سندس زال هنن جي گهر ۾ گهڙي آيا. هو ڪاغذ جي سلائيڊنگ واري دروازي جي هڪ ٽنگ مان هنن کي سونا سڪا ڳڻيندو ڏسي رهيا هئا.
جڏهن هنن کي رحمدل پوڙهي ماڻهوءَ جي واتان معلوم ٿيو ته هنن کي ان اڇڙي ڪتي کان سون جو معلوم ٿيو ۽ کوٽي کڻي آيا آهن ته هنن به چاهيو ته جيڪر هنن کي به اڇڙو اهو هنڌ هلي ڏيکاري جيئن هو به سڪا کوٽي ڪڍن.
موڪلائڻ مهل ڪجهه چٽ سان ڪجهه لٺ سان هو اڇڙي کي پاڻ سان وٺي هليا. ڪتي هن هٻڇي پوڙهي جي گهر هلڻ نٿي چاهيو پر هو کيس ڇڪي ڇڪي وٺي ويا.
ٻئي ڏينهن صبح ساڻ هٻڇي پوڙهو هن ڪتي جي پٺ تي چڙهي ويٺو جنهن کي گهڻو اڳ دڙڪا ڏيئي گهر کان ٻاهر ڪڍيو هئائين. هو ڪتي کي ڏنڊا هڻندو ساڳي جبل جي چوٽيءَ تي پهتو پر مٿي پهچي ڪتو بيهوش ٿي ڪري پيو. هٻڇي پوڙهو سمجهي ويو ته هي اهو ئي هنڌ آهي جتي کوٽڻ سان هن کي به سڪا ملي ويندا. هن ڪوڏر سان کوٽڻ شروع ڪري ڏٺو.
”ٽڙڪ ٽڙڪ!“ آخر هن جي ڪوڏر ڪنهن لوهي شيءِ کي لڳي.
”او اهي آهن سونا سڪا. اها آهي منهنجي حصي جي ملڪيت. ها ها ها....“ هٻڇي پوڙهو ٽهڪ ڏيئي خوش ٿيڻ لڳو.
آخر هيٺ کڏ ۾ لهي هن لوهي پيتي ڪڍي ۽ سونن سڪن کي ڏسڻ لاءِ جهڙو ئي هن ٻڪ ڀري ٻاهر ڪڍيو ته ڊپ ۾ هو هراسجي ويو.
سونن سڪن بدران نانگ بلائن جا ڍير هئا.
”ذليل ڪتا! مون کي غلط رستو ڏيکارڻ جي توکي همت ئي ڪيئن ٿي؟“.
هٻڇي پوڙهي کي ايڏي ڪاوڙ وٺي وئي جو هن ان ئي وقت غريب اڇڙي کي ڪوڏر جا ڳن هڻي ماري رکيو.
اڇڙي جي مرڻ جو رحمدل پوڙهي ۽ سندس زال کي تمام گهڻو صدمو رسيو. هنن قبر ٺاهي اڇڙي کي ان ۾ دفن ڪيو ۽ ان جي ڀرسان هنن هڪ وڻ جي چڪي پڻ هنئي ته جيئن اها وڌي وڻ ٿيڻ تي قبر مٿان ڇانوءَ ڪري.
ان بعد حيرت جي اها ڳالهه ٿي ته هنن جي لڳايل چڪي ڏسندي ئي ڏسندي وڌي وڻ ٿي وئي ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهو وڻ ايڏو ته وڏو ٿيو جو هن جو ٿڙ ڀاڪر ۾ نه پئي اچي سگهيو.
هڪ ڏينهن رحمدل جوڙو اڇڙي جي قبر تي گل رکڻ لاءِ آيا ۽ وڻ ڏي ڏٺائون ته هنن کي لڳو ته وڻ ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي. هنن ڪجهه غور سان ڪن ڏنو ته کين هي لفظ ٻڌڻ ۾ آيا:
”مون مان هڪ وڏي اکري مهري ٺاهيو.... مون مان هڪ اکڙي مهري ٺاهيو.....“.
رحمدل پوڙهو اهو ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ آخر اهو فيصلو ڪيو ته اڇڙي لاءِ لڳايل هي وڻ جيئن چوي ٿو تيئن ڪرڻ کپي. سو ٻئي ڏينهن هو ڪهاڙي کڻي آيو ۽ وڻ کي وڍي هڪ واڍي جي مدد سان هن چانور ڪٽڻ جي اکري مهري ٺاهي.
”هڪ ڳالهه سوچي اٿئي؟“ پوڙهي مڙس پنهنجي زال کي چيو.
”اڇڙي کي هميشه چانورن جا ڪيڪ وڻندا هئا. اچو ته چانور ڪٽي ان مان ڪيڪ ٺاهيون ۽ اڇڙي جي قبر تي رکي اچون“.
۽ پوءِ ٻنهي ڄڻن گڏجي هن نئين ٺهيل اکڙيءَ ۾ چانور وجهي مهريءَ سان ڪٽڻ شروع ڪيو جيئن ان جي ڏاري مان ڪيڪ ٺاهي سگهن.
”هِو اِي شو!“
”اَ ئِي يو!“
”هو اِي شو!“
”اَ ئِي يو!“
ڌم. ڌم. ڌم..... هنن ٻنهي ڄڻن چانورن کي ڪٽي ان اٽي کي ڪيڪ ٺاهڻ لاءِ ڳوهيو“.
ٿوري دير بعد اٽو نه فقط اڀامڻ لڳو پر چلڪڻ پڻ لڳو.
”پوڙهي ڪجهه ڏسين پئي؟ اٽو چمڪي رهيو آهي!“ پوڙهي مڙس حيرت مان پنهنجي زال کان پڇيو.
”واقعي! خبر ناهي هي اٽي جو ڪمال آهي يا اکڙي مهريءَ جو“.
پوڙهي مڙس ۽ زال گڏجي اکريءَ مان اٽو ڪڍيو ۽ ڪيڪن لاءِ ننڍا گولا ٺاهي ميز تي رکيا جيئن هڪ هڪ ڪري باهه تي پچائي سگهن. ۽ هنن جي حيرت جي حد نه رهي جڏهن ڏسندي ئي ڏسندي اهي بسڪيٽن جيڏا اٽي جا گولا چمڪڻ ۽ سون جهڙا ڳاڙها ٿيڻ لڳا. ۽ مار! هي ته ماڳهين سون جا سِڪا ٿي پيا!
”سون! سون! سونا سڪا!“ پوڙهيءَ کان رڙ نڪري وئي. ۽ ان ئي مهل ڀر واري گهر ۾ رهندڙ هٻڇي پوڙهو ۽ ڏندن ڀڳي سندس زال گهر ۾ داخل ٿيا.
”اسان کي به ته اها اکري مهري ڏيو ته اسان به چانور ڪٽي ڪجهه ڪيڪ بسڪيٽ ٺاهيون“.
”اسان هي ڪيئن ڏيون. هيءَ ئي ته اسان جي اڇڙي جي آخري نشاني اسان وٽ وڃي بچي آهي.....“.
پر هٻڇي پوڙهي نه هيڏانهن جي ٻڌي نه هوڏانهن جي اکريءَ ۾ هٿ وجهي روانا ٿي ويا.
گهر پهچي زال مڙس چانور ڪٽڻ شروع ڪري ڏنا ۽ بي صبريءَ مان هر هر اکريءَ ۾ ڏسڻ لڳا ته چانورن جو اٽو چمڪڻ لڳو آهي يا نه.
”اڃان ته اٽي ٿورو به رنگ نه بدلايو آهي“، هٻڇي پوڙهي جي زال هن کي افسوس مان ٻڌايو، ”هاڻي مون سمجهيو ته اهو رنگ ڇو نه ٿو بدلائي. پاڻ کي ان اٽي جا گول بسڪيٽ ٺاهڻ کپن.“
ٻنهي پوڙهن گڏجي ان اٽي جا گولا ٺاهي انهن کي بسڪيٽن جي شڪل ڏئي ٽيبل تي قطار ۾ رکيا.
پر اڇي رنگ جو اٽو سون جهڙو ٿيڻ بدران ڪارو ڪوئلو ٿيندو ويو ۽ هر هڪ بسڪيٽ ٺڪاءَ ڏئي ڦاٽڻ لڳو. منجهائس نڪتل ڪارٺ ۽ ڦلهير هنن جي منهن کي ڪارو ڪرڻ لڳو.
هٻڇي پوڙهو ۽ سندس زال ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويا. هنن ڪهاڙي کڻي اکري مهريءَ جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري باهه ۾ ساڙي ڇڏيا.
رحمدل پوڙهي کي اهو ٻڌي تمام گهڻو صدمو رسيو. هن هٻڇي پوڙهي جي گهر وڃي سندس چلهه مان سڙيل اکري مهريءَ جو ڦلهير هٿن سان ميڙيو ۽ پيالي ۾ وجهي گهر کڻي آيو.
”اچو ته هن ڦلهير کي ڀاڻ طور پنهنجي ٻنيءَ ڀور ۾ ڇٽيون ۽ پوءِ گجر پوکيون. پنهنجي اڇڙي کي گجر ڏاڍو وڻندا هئا. ”رحمدل پوڙهي پنهنجي زال کي چيو.
پوڙهي جي زال کي به اها صلاح وڻي ۽ ٻئي ڪم ۾ جنبي ويا. ڪجهه ڦلهير تکي هوا ۾ اڏامي پري پري تائين هليو ويو جتي ڪيترائي چيري بلاسم جا اهڙا وڻ پڻ هئا جيڪي سالن کان سڪل هئا ۽ ڪيترين ڪوششن جي باوجود ساوا نه ٿي سگهيا هئا. انهن تي جيئن ئي ڦلهير لڳو ته نه فقط اهي ساوا ٿي ويا پر سڄا گلن سان جهنججي ويا.
”هو سامهون ته ڏس!“ پوڙهي زال پنهنجي رحمدل مڙس کي چوڌاري ٽڙيل گلن ڏي اشارو ڪري ڏيکاريو.
اهو ڏسي پوڙهي کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ هن ڦلهير جو ٻڪ ڀري مٿي اڇلايو جيئن هوا ۾ چوطرف پکڙجي وڃي.
۽ مار! ڏس ته سهي چئني طرف سڪل وڻ ساوا ٿيندا ويا منجهن گل ۽ ميوو ايندو ويو. ٿوري ئي وقت ۾ چيري بلاسم گلن جو چوڌاري سمنڊ لڳي ويو.
”چيري بلاسم گل ۽ بهار جي موسم به نه آهي!“ ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي اچي گڏ ٿيا هئا انهن هي نظارو ڏسي حيرت کاڌي.
هن ڪرشمي جي خبر ڳوٺ ڳوٺ مان ٿيندي، جبلن کان سامونڊي ٻيٽن کان ٿيندي آخر شاهي محل تائين پهتي.
محل جو سردار پنهنجن خليفن سان گڏ هن رحمدل پوڙهي سان ملڻ لاءِ آيو.
”اسان کي به هي ڪرشمو ڏيکار“. هن پوڙهي کي چيو.
رحمدل پوڙهي ڪجهه ڦلهير کڻي هڪ سڪل وڻ ڏي اڇلايو.
”آئون هن سڪل وڻ ۾ ڦوٽهڙو پئدا ڪري ڏيکاريندس“. هن چيو.
۽ ڦلهير لڳڻ سان اک ڇنڀ ۾ ان وڻ جي سڀني ٽارين تي چيريءَ جا گل ڦٽي ويا.
”چيري بلاسم وارا پوڙها، جپان جي اهم شخصيت! توکي انعام اڪرامن سان نوازيو ويندو“ محل جي سردار خوش ٿيندي چيو.
”هن کي انعام نه ڏنو وڃي“، پاڙي وارو هٻڇي پوڙهو ڊوڙندو آيو. ”حقيقت ۾ اها اهم شخصيت آئون آهيان ۽ صحيح معنيٰ ۾ چيري بلاسم وارو پوڙهو آئون آهيان ۽ نه هي. مون کي ڏيو اهو ڦلهير ته سڪل وڻ ساوا ڪري ڏيکاريانوَ“.
هٻڇي پوڙهي سڪل وڻ تي چڙهي ڦلهير جو پيالو ان مٿان ڇڻڪيو.
”هاڻ ڏسو ته هي پوڙهو ڪيئن ٿو گل اڀاري“.
پر ڦلهير وڻ جي ٽارين تي ڪرڻ بدران سڌو سردار جي ٻوٿ ۾ وڃي لڳو.
”آ..... ڇون! آ..... ڇون!“
سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏنو ته هن ٺڳ پوڙهي کي هڪدم جيل حوالي ڪيو وڃي.
***