ٻاراڻو ادب

جل پريءَ جي اڳڪٿي

هي ڪتاب ٻارڙن ۽ وڏڙن لاءِ جاپاني ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌيڪار ناميارو سفرناما نگار الطاف شيخ صاحب آهي.
”جل پريءَ جي اڳ ڪٿي“ ٻارن جي انهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪي هيڪدو کان اوڪيناوا ٻيٽن تائين ۽ فڪو شيما کان ناگاساڪي تائين جپاني مائرون پنهنجن ٻارن کي ٻڌائين ٿيون.
  • 4.5/5.0
  • 4233
  • 912
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جل پريءَ جي اڳڪٿي

(31) ڪيوٽو کان آندل آرسي

هيءَ ڪهاڻي شروع ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن لاءِ اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته جپان جيڪو اڄڪلهه سڀني کي دنيا جو ماڊرن شهر نظر اچي ٿو اهو ان ترقيءَ جي باوجود رسمن رواجن، وهمن وسوسن، ڦيڻن ٽوڻن جي معاملي ۾ ايشيائي ملڪ لڳي ٿو ۽ آهي به ته ايشيا کنڊ جو ملڪ! پڙهندڙن کي اهو پڙهي حيرت ٿيندي ته جپان ۾ اڄ جي ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽي جي دور ۾ يونيورسٽين جون پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريون به مندر مان ٻاون کان يا ٻين جادوگر ۽ ڀوپن کان تعويذ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪرائينديون رهن ٿيون. هٿ ڏيکاري قسمت جو حال معلوم ڪرڻ ته عام ڳالهه آهي. آڳاٽي زماني ۾ ته ٻئي تي جادو ڪرڻ لاءِ مٽي جا بت يا اڳڙين جون گڏيون ٺاهي ان ۾ سيون چڀڻ ته ائين عام هو جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ رهيو آهي. ان جي جهلڪ هن ڪهاڻيءَ مان به نظر اچي ٿي. هيءَ ڪهاڻي ايتري ته آڳاٽي زماني جي آهي جو جپان جي ڪيترن ڳوٺن جا ماڻهو آرسيءَ کان به اڻ واقف هئا.... جيئن هن ڪهاڻيءَ مان لڳي ٿو.
ڳالهه ٿا ڪن ته تمام پراڻي زماني ۾ جپان جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي زال سان گڏ رهيو ٿي. هنن کي قدرت طرفان هڪ ڌيءَ ٻار جو به اولاد هو جيڪا گڏيءَ جهڙي ڇوڪري هنن لاءِ بيحد پياري ۽ لاڏلي هئي. هڪ دفعي هن همراهه کي ڪاروبار جي سلسلي ۾ پنهنجي ڳوٺ کان تمام پري ٻئي شهر ڪيوٽو وڃڻو پيو. وڃڻ وقت هن پنهنجي ڌيءَ کي چيو:
”منهنجي غير حاضريءَ ۾ تون ڏاهي ٿي رهجانءِ ۽ ماءُ کي ڪم ڪار ۾ مدد ڪندينءَ ۽ هن جو خيال رکندينءَ ته توکي اهڙو تحفو آڻي ڏيندس جو دل خوش ٿي ويندءِ ۽ اهو سڄي زندگي پاڻ وٽ سنڀالي رکندينءَ“.
ان بعد هن گهر کان ٻاهر قدم ڪڍيو ۽ ماءُ ۽ ڌيءَ در وٽ بيهي هن کي ويندو ڏسنديون رهيون.
ڪجهه ڏينهن جي ڪم ڪارين بعد آخرڪار هو ڪيوٽو شهر کان واپس پنهنجي ڳوٺ پهتو. گهر ۾ گهڙڻ تي هن جي زال ۽ ڌيءَ سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سندس ٽوپلو ۽ بوٽ لاهي پاسي تي رکيا ۽ پاڻ پٽ تي وڇايل تڏي تي ويهي پنهنجي هڙ کولي. سندس ڌيءَ حيرت ۽ خوشيءَ مان اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسڻ لڳي ته هن جي پيءُ هن لاءِ ڇا آندو آهي.
پيءُ پنهنجي هڙ مان هڪ خوبصورت گڏي ۽ وارنش ٿيل هڪ چمڪندڙ ڪاٺ جي دٻي ڪڍي جنهن ۾ چانورن جا ٺهيل ننڍا ننڍا ڪيڪ هئا. هن اهي ٻئي شيون پنهنجي ڌيءَ جي هٿن تي رکيون. ان بعد هن وري پنهنجي هڙ ۾ ٽٻي هنئي ۽ ان مان آرسي ڪڍي پنهنجي زال کي تحفي ۾ ڏني. ان آرسيءَ جي هڪ پاسي ته شيشو هو ٻئي طرف ٻگهه پکين ۽ ناريل جي وڻن جي چٽسالي ٿيل هئي.
هن نيڪ مرد جي زال هن کان اڳ آرسي نه ڪڏهن ڏٺي هئي ۽ نه ٻڌي هئي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي. هن کي ڏسڻ سان هن کي جيتوڻيڪ پنهنجي شڪل نظر اچي رهي هئي پر جيئن ته هن کان اڳ ڪڏهن هن پنهنجي شڪل ڏٺي نه هئي ان ڪري هن کي اها هڪ اوپري عورت لڳي جيڪا هن کي گهوري ڏسي رهي هئي. هن کي ڏسڻ سان مزو به آيو ته حيرت به ٿي ته اها عورت هن شيءِ ۾ ڪيئن اچي وئي. آخرڪار هن جي مڙس هن کي سمجهايو ته اها ڪا ٻي ڌارئين عورت ناهي پر تون ئي آهين. کيس اهو به چيو ته هن شيءِ کي وڏي خيال سان رکجانءِ جو هو تمام گهڻا ڏوڪڙ ڏئي هن لاءِ وٺي آيو آهي ۽ اها شيءِ ڪنهن ڳوٺ جي ماڻهوءَ وٽ ته نه هوندي پر شهر جي به ڪنهن ورلي ماڻهوءَ وٽ هجي.
مڙس جي هن ڪاروباري دوري ۽ تحفن جي ورهاست بعد جلدئي هن جي زال بيمار ٿي پئي. مرڻ کان اڳ زال پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ جهيڻي آواز ۾ چيو: ”منهنجي ڌيءَ، جڏهن آئون هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃان ته پنهنجي پيءُ جو هر طرح سان خيال رکجانءِ. منهنجي وڃڻ بعد تون منهنجي ضرور کوٽ محسوس ڪندينءَ. ان وقت جڏهن تون مون کي تمام گهڻو ياد ڪرين ته هيءَ آرسي کڻي ڏسجانءِ ته هن ۾ توکي آئون نظر اچي وينديس“. اهي گفتا ڳالهائڻ بعد هوءَ هميشه لاءِ هن دنيا مان هلي وئي.
ڪجهه عرصو گذرڻ بعد هن مرد وري شادي ڪئي ۽ هن جي نئين زال پنهنجي ماٽيلي ڌيءَ تي ايڏي مهربان نه هئي. پر هيءَ ڇوڪري سڄو ڏينهن گهر جا ڪم ڪار پورا ڪرڻ بعد ٿڪجي هڪ ڪنڊ ۾ اچي فرحت وٺندي هئي ۽ پنهنجي ماءُ جي چوڻ مطابق پنهنجي ڪمونو (جاپاني وڳي) مان آرسي ڪڍي ان ۾ ڏسندي هئي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي تصوير کي ڏسي خوش ٿيندي هئي ته سندس ماءُ جيڪا مرڻ وقت سخت بيمار ۽ ڪومايل لڳي رهي هئي سا هاڻ هن وٽ جوان ۽ سهڻي ٿي آئي آهي.
هڪ ڏينهن هن جي ماٽيلي ماءُ هن کي ڪنڊ ۾ ويٺل ڏسي ورتو ته هوءَ هٿ ۾ ڪا شيءِ جهلي چپن چپن ۾ پنهنجي منهن ڳالهائي رهي هئي. هن جاهل عورت جنهن کي هن ٻار سان سخت نفرت هئي ۽ هن اهو ئي سوچيو ٿي ته هن جي ماٽيلي ڌيءَ به هن سان نفرت ڪري ٿي، اهو ئي سمجهيو ته هيءَ ڇوڪري پڪ هن تي جادو ڪري رهي آهي.... هوءَ پڪ هن جي مورتي ٺاهي ان ۾ سيون چڀي رهي آهي. اهي ڳالهيون ڌيان ۾ ڌري هوءَ پنهنجي مڙس وٽ آئي ته تنهنجي لاڏلي ڌيءَ مون تي ڪامڻ ڪري رهي آهي ته جيئن آئون مري وڃان يا منڊي ٽنڊي ٿي وڃان.
گهر جي مڙس جڏهن پنهنجي زال کان حيرتناڪ خبر ٻڌي ته هو سڌو پنهنجي ڌيءَ جي ڪمري ۾ گهڙيو. اوچتو گهڙڻ ڪري هن جي ڌيءَ هڪي ٻڪي ٿي وئي. هن آرسيءَ کي يڪدم کڻي قميص هيٺان لڪايو پر پيءُ اهو ڏسي ورتو ته هن ڪا شيءِ لڪائي ورتي آهي. هو يڪدم سمجهي ويو ته پڪ اها سندس زال تي جادو ڪرڻ جي مورتي آهي يا ڪو ٻيو جنتر منتر.
پنهنجي ڌيءَ جي هن عمل تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ وئي. پيءُ کي پنهنجي هن لاڏلي ۽ پياري ڌيءَ تي زندگي ۾ پهريون دفعو ڪاوڙ آئي هئي جو هو سمجهي ويو ته ضرور ڪجهه ته آهي جو سندس ڌيءَ کانئس ائين لڪائي رهي آهي. تنهن جي معنيٰ ته سندس زال جي ڳالهه سچي آهي جيڪا هن سربستي پنهنجي ڌيءَ سان ڪئي.
ڌيءَ پاڻ بابت اهو بهتان ٻڌي بيحد ڏکياري ٿي ۽ قسم کڻي پيءُ کي چيو ته هي ڪهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي توهان مون بابت سوچي رهيا آهيو. منهنجو توهان سان هيڏو پيار آهي ۽ آئون ڇو چاهينديس ته توهان جي زال مري وڃي ۽ توهان کي تڪليف رسي.
”ته پوءِ تو مون تي نظر پوڻ تي پنهنجي چولي هيٺان ڇا لڪايو؟“ هن جي پيءُ پڇيو جيڪو سندس ڌيءَ جي ڳالهه ٻڌي مطمئن ته ٿيو پر رڳو اڌ گابرو جو هن جي ذهن ۾ اهو نظارو ڦري رهيو هو جڏهن هو ڌيءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن کي اها ڳجهارت سمجهه ۾ نه پئي آئي ته هن جي ڌيءَ ڪهڙي شيءِ لڪائي ۽ ڇو!.
هن جي ڌيءَ پنهنجي چولي هيٺان اها آرسي ڪڍي پيءُ کي ڏيکاري. ”اها شيءِ هيءَ آرسي آهي جيڪا مون کي امڙ مرڻ وقت ڏني هئي ۽ تاڪيد ڪئي هئي ته جڏهن توکي منهنجي ياد ستائي ته اڪيلي ۾ ويهي هن کي ڏسجانءِ. جنهن وقت به آئون هن کي ڏسان ٿي ته ان ۾ مون کي پنهنجي پياري ماءُ جو چهرو نظر اچي ٿو جيڪو هاڻ سهڻو ۽ جوان ٿي پيو آهي. ان کي ڏسڻ سان مون کي سڪون ملي ٿو ۽ مون ۾ پنهنجي ماٽيلي ماءُ جي دڙڪن ۽ مون سان ڪيل جٺين کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ملي ٿي“.
ڌيءَ جي اها ڳالهه ٻڌي هن جو پيءُ سڀ ڪجهه سمجهي ويو ته ماجرا ڇا آهي.... هوءَ معصوم ۽ صابرين آهي ۽ سندس زال اجايو شڪ ڪري پاڻ کي به پريشان ڪري رهي آهي ته گهر جو به ماحول خراب ڪري رهي آهي. هن پنهنجي ڌيءَ کي پيار ڪيو ۽ هن جو پهرين کان به گهڻو خيال ڪرڻ لڳو ساڳي وقت پنهنجي زال کي به سمجهايو ته هوءَ روايتي ماٽيلي ماءُ وارو ساڙ اندر ۾ نه رکي ۽ هن کي به جڏهن خبر پئي ته ڇوڪري هن تي تعويذ ۽ ٽوڻا ڦيڻا نه پر پنهنجي ماءُ جي سڪ لاهڻ لاءِ لڪي لڪي هن جي طرفان ڏنل نشانيءَ کي ٿي ڏسي، ته ڏاڍو شرمندي ٿي ۽ معافي ورتي. هن ڇوڪريءَ جنهن آرسيءَ ۾ پنهنجو منهن ڏسي سمجهيو ٿي ته اهو سندس ماءُ جو آهي، ان به پنهنجي ماٽيلي ماءُ کي معاف ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح هن گهر ۾ شڪ، ڪاوڙ ۽ الزام تراشيءَ جي فضا هميشه لاءِ ختم ٿي وئي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ سڀ کان گهڻي خوشي ۽ کِل جو آواز هن گهر مان اچڻ لڳو.
***