(9) جادو جون چاکڙيون
”هي ڇا! تون مون کان اوڌر وٺڻ آيو آهين“، ڪتارو چيو، ”ڇا تنهنجو دماغ صحيح آهي! تو مون وٽ اڃان فقط پنج سال ڪم ڪيو آهي ۽ تنهنجي اها همٿ جو مون کان اوڌر ٿو وٺين؟“.
”منهنجا سائين، مون غريب تي مهرباني ڪر..... مون کي پئسن جي سخت ضرورت آهي جو منهنجي ماءُ بيمار آهي، جنهن لاءِ مون کي دوائون وٺڻيون آهن“.
شِنجيءَ جي گهُر گهُر تي ڪتارو کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ هن کي دڙڪو ڏيندي چيو: ”توکي اها همت ڪيئن ٿي جو منهنجي گهر اچي منهنجو سڪون چَٽ ڪيو اٿئي. جي جان جي سلامتي چاهين ٿو ته هينئر جو هينئر منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ“.
ڪتارو جو جواب ٻڌي شِنجيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو گهر ڏي واپس روانو ٿيو. ڪجهه فاصلو هلڻ بعد هو هڪ بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان ڪجهه دير آرام خاطر ليٽي پيو ۽ هن کي ننڊ اچي وئي. جيئن ئي هن کي گهاٽي ننڊ آئي ته هڪ پير مرد کيس ننڊ مان اٿاريو.
”منهنجا ٻچا، تون هتي اڪيلو ئي اڪيلو ڇا ڪري رهيو آهين؟“ پير مرد پڇيو، ”ڇا تون رستو ڀلجي ويو آهين“؟
”نه، سائين“، شنجيءَ جواب ڏنو، ”بس هلي هلي آئون ٿڪجي پيو هوس، سو ڪجهه دير آرام ڪرڻ جو سوچي هتي ليٽي پيس. آئون پنهنجي گهر ڏي وڃي رهيو آهيان ۽ مونکي پنهجي ماءُ جي بيماريءَ جي علاج جو فڪر آهي“.
”آئون تو بابت ڪافي ٻڌي چڪو آهيان“، پير مرد چيو، ”تون شِنجي آهين نه؟ مون تنهنجي تعريف ٻڌي آهي ته تون پنهنجي ماءُ جو تمام گهڻو خيال ڪرين ٿو ۽ توکي هن سان پيار آهي. تون هڪ لائق فرزند آهين“.
پير مرد شِنجيءَ کي پيار ڀريل نظرن سان ڏٺو ۽ پنهنجي ٿيلهي مان ڪاٺ جون چاکڙيون ڪڍي هن کي ڏنيون. (اسان جي ملڪ جي ٻارن کي هتي ٻڌائيندو هلان ته جپان ۾ ڪاٺ جا چئمپل پائڻ جو رواج پراڻو آهي خاص ڪري گهر ۾ يا ڪنهن ٻئي شهر جي مسافر خاني ۾ رهڻ دوران مسافر خاني طرفان جيڪا مهمان کي يوڪاتا جپاني ڊريس پائڻ لاءِ ملي ٿي ان سان گڏ عام طرح ڪاٺ جا چئمپل هوندا آهن جن کي گَيتا سڏجي ٿو. اسان وٽ 1957 کان اڳ تائين جڏهن اڃان هوائي چمپل (اسپنج وارا ٻن پٽين سان) ايجاد نه ٿيا هئا ته گهرن ۾ وضو ڪرڻ وقت اهي ڪاٺ جا چئمپل پائبا هئا جيڪي اسان وٽ چاکڙيون سڏجن ٿيون. يورپ ۾ به، خاص ڪري هالينڊ پاسي ته، تمام گهڻو ڪاٺ جي چئمپلن ۽ بوٽن جو رواج آهي جن کي انگريزي ۾ Clogs يا فلپ فلاپس سڏجي ٿو).
جپاني ڇوڪري شِنجي کي پير مرد چيو: ”هي خاص قسم جون چاکڙيون آهن جن کي ڪير به پائيندو ته هن کي فٽ اينديون ۽ پائڻ واري کي حيرت انگيز تحفو ملندو. هي چاکڙيون پائڻ بعد توکي پهرين هڪ قدم اڳتي کڻڻو پوندو ۽ پوءِ ٻه قدم پٺتي کڻي پوءِ کاٻي پير جي چاکڙيءَ کي مٿي کڻڻو پوندو“.
”ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“ شنجيءَ پڇيو.
”ان کان پوءِ توکي اهڙي شيءِ ملندي جنهن کي ڏسي توکي خوشي ٿيندي ۽ تنهنجي مَن جون مرادون پوريون ٿينديون، پير مرد چيو، ”هي چاکڙيون آئون پاڻ سان ڪافي عرصي کان کڻي پيو هلان. منهنجي خيال ۾ تون صحيح ماڻهو آهين جنهن جي حوالي هي چاکڙيون هجڻ کپن. هنن چاکڙين کي شنجي صحيح طرح استعمال ڪجانءِ. پر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته دل ۾ نه ٻيائي رکجانءِ ۽ نه لالچ...... نه ته هي جادو ئي چاکڙيون توکي فائدو نه رسائينديون...... ڇو جو لالچي ماڻهوءَ کي هي چاکڙيون انسان مان ڪينئون بڻائي ڇڏينديون آهن“.
شنجيءَ هن پير مرد جا ٿورا مڃيا ۽ موڪلائي گهر ڏي روانو ٿيو. ڪجهه وکون کڻڻ بعد شنجيءَ سوچيو ته ڇو نه پير مرد جي سمجهاڻي مطابق هي چاکڙيون پائي ڏٺو وڃي ته ڇا ٿو ٿئي. شنجيءَ جيئن ئي چاکڙيون پيرن جي ويجهو ڪيون ته اهي بلڪل هن جي پيرن جي ماپ جون ٿي پيون ۽ هن پير مرد جي چوڻ موجب هڪ قدم اڳيان کڻي ٻه پٺيان کنيا. ان بعد کاٻي پير جي چاکڙي مٿي کنئي ته چاکڙيءَ جي هيٺان ڪيترائي سونا سڪا هيٺ ڪرڻ لڳا.
”چئبو ته هي آهي زبردست تحفو جنهن جي پير مرد ڳالهه ڪئي“. شنجيءَ آسمان ڏي ٿورائتين نظرن سان ڏسي چيو. هن جلدي جلدي پٽ تان سونا سڪا ميڙيا ۽ پنهنجي ماءُ لاءِ دوا ۽ کائڻ جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جو رخ ڪيو.
ٻئي ڏينهن ڳوٺ جو زميندار ڪتارو، شنجيءَ جي گهر آيو ته هن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته شنجيءَ جي ماءُ ته چاق چڱي ڀلي گهر ۾ هلي رهي هئي پر کائڻ لاءِ به چوڌاري ڪيتريون ئي شيون موجود هيون.
”هي ڇا!“ ڪتارو حيرت مان شنجيءَ جي ماءُ کي پڇيو، ”مون ته سمجهيو ته تون سخت بيمار آهين ۽ تو وٽ دوا جا ته ڇا پر کائڻ پيئڻ جون شيون وٺڻ لاءِ به پئسا نه آهن“.
”جي ها منهنجا مهربان مالڪ“، شنجيءَ جي ماءُ چيو، ”آئون سخت بيمار هيس پر منهنجي پياري پٽ ڪنهن طرح پئسن جو بندوبست ڪري مون لاءِ دوائون ۽ کائڻ جون شيون وٺي آيو. هاڻ آئون بلڪل صحيح آهيان“.
”شنجي ڇا تو ڪجهه پئسا ڪنهن ٻئي کان اڌارا ورتا؟“ ڪتارو پڇيو. ماءُ جي چوڻ تي شنجيءَ سڄو قصو ڪتارو کي ٻڌايو ته ڪيئن هن کي هي جادوءَ جون چاکڙيون مليون جن ذريعي هن سونا سڪا حاصل ڪيا“.
”جادوءَ جون چاکڙيون!“ ڪتارو کان رڙ نڪري وئي، ”شنجي مهرباني ڪري مون کي به ته اهي ڏيکار“.
شنجيءَ چاکڙيون کڻي اچي ڪتارو کي ڏيکاريون جنهن وڏي غور سان انهن کي جانچي ڏٺو. اهي ڪاٺ جون جپاني چاکڙيون ته ضرور هيون پر اهي ڪي خاص قسم جون نه هيون جن ۾ ڪا اهڙي خاص ڳالهه هجي. ڪتارو جي دماغ ۾ يڪدم ڪا ڳالهه آئي ۽ شنجيءَ کي چيو:
”هيئن ڪر جو اهي چاکڙيون مون کي کڻي هڪ ڏينهن لاءِ ڏي. تون مون سان سڀاڻي اچي ملجانءِ تيسين آئون به ڏسي وٺان ته اهي واقعي جادوءَ جون آهن يا نه“. اهو چئي هو چاکڙيون پاڻ سان کڻي پنهنجي محل ڏي روانو ٿي ويو.
شام جو ڪتارو ڇا ڪيو جو پنهنجي ڪمري کي اندران بند ڪري چاکڙين کي پٽ تي رکيو. ”هاڻ ڏسان ته هي چاکڙيون واقعي جادو جون آهن ۽ ڪم ڪن ٿيون يا نه“. ڪتارو دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ چاکڙين کي پيرن ۾ پائي اڳيان پويان هلڻ لڳو. هن کي پيرن ۾ سخت سور محسوس ٿيو پر سونا سڪا ڪرندا ڏسي هن ان سور جي به پرواهه نه ڪئي.
”اوهه! واهه واهه“ ڪتارو سونا سڪا ڏسي خوش ٿيو، ”زبردست! منهنجيون جادو ئي چاکڙيون! منهنجي لاءِ هن ڪمري ۾ سونن سڪن جو جبل ٺاهي ڇڏيو“.
سڄي رات ڪتارو چاکڙيون پائي اڳيان پويان ٿيندو رهيو ۽ کاٻي پير جي چاکڙيءَ مان سونا سڪا ڪرندا رهيا. ”بس هاڻ ته اجهو ته آئون هن شهر جو امير ترين ماڻهو ٿيس“. هن لالچ ۾ اچي اهو سوچيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو شنجي پنهنجيون چاکڙيون وٺڻ لاءِ ڪتارو جي گهر پهتو. هن جيئن ئي ڪتارو جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو ته اهو ڦاٽي ڪري پيو ۽ سونين اشرفين جا ڍير ٻاهر تائين نڪري آيا. سندس جادوئي چاکڙيون هنن سونين اشرفين جي ڍير جي وچ تي رکيون هيون پر ڪتاري جو نه هي ڏس نه هو پتو!.
شنجيءَ جيئن ئي اڳيان جهڪي پنهنجيون چاکڙيون ٿي کنيون ته هُن کي پٽ تي ڪا هٿ جيڏي شيءِ چرندي نظر آئي جيڪا هن غور سان ڏٺي ته اهو هن ڳوٺ جو وڏو زميندار ڪتارو هو جيڪو سُسي سُسي ننڍڙو ٿي پيو هو.
”منهنجا سونا سڪا، منهنجا سونا سڪا!“ ڪَتارو ننڍڙي جيتامڙي جي آواز ۾ رڙيون ڪيون. سندس آواز ايترو گهٽ هو جو جهڪي ڪن ڏيڻ تي ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. هو اڳتي چُري کاٻي چاکڙي کي چهٽي هن کي وڌيڪ اشرفيون ڏيڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو. چاکڙيءَ مان وڌيڪ سڪا ڪرڻ لڳا ان سان گڏ ڪتارو ويو اڃان به ننڍو ٿيندو ۽ آخرڪار هو انسان بدران هڪ ننڍڙو، ٿلهو ۽ گدلو ڪينئون ٿي پيو.
شنجي اهو سوچي ته متان ڪتارو ڪنهن جي پير هيٺان اچي وڃي هُن هِن کي هٿن تي کنيو پر هو شنجيءَ جي هٿن تان تِرڪي پٽ تي ڪري پيو. ان بعد شنجيءَ هن کي گھڻو ئي ڳوليو پر بلڪل نظر نه آيو. هو سونن سڪن جي هيٺان گم ٿي ويو هو.
شنجي ۽ هن جي ماءُ باقي زندگي ٿورا ٿورا ڪري چاکڙين کان پئسا حاصل ڪندا رهيا جيڪي هو پاڻ تي ۽ ڳوٺ جي غريب ماڻهن تي خرچ ڪرڻ لڳا ۽ ضرورتمندن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳا. هو جيتوڻيڪ هاڻ ڳوٺ جا امير ٿي ويا هئا پر ان هوندي به هر هڪ سان نياز ۽ نئڙت سان هلڻ لڳا ۽ پاڙي اوڙي جا توڙي ڳوٺ جا سمورا ماڻهو شنجي ۽ سندس ماءُ جي عزت ڪرڻ لڳا.
شنجيءَ جادوءَ جي چاکڙين کي هڪ شيشي جي باڪس ٺهرائي ان ۾ رکيو. ڪيترا دفعا ائين به ٿيو ته هو هن پيتيءَ جا شيشا صاف ڪري رهيو هو ته هن کي اهو ٿلهو ۽ گدلو ڪينئون نظر آيو جيڪو باڪس جي ٻاهرين پاسي جي شيشي تي سُري اندر چاکڙين وٽ وڃڻ جي جستجو ۾ رهيو ٿي. شنجيءَ اُن کي هر دفعي آرام سان کڻي ٻاهر باغ ۾ ڦِٽو ڪيو ٿي.
***