(12) باندر ۽ کيکڙو
”جيڪڏهن آئون نه کائينديس ته منهنجي پيٽ ۾ جيڪي ٻچا آهن اهي وڏا نه ٿيندا. منهنجي لاءِ ضروري آهي ته آئون کاڌي جي ڳولا لاءِ نڪري پوان“.
هوءَ هيڏانهن هوڏانهن کاڌي لاءِ واجهائي رهي هئي ته هن کي هڪ نالائق قسم جو ڀولڙو نظر آيو جيڪو ٻن نارنگين سان کيڏي رهيو هو. ڀريل ۽ تازين نارنگين کي ڏسي کيکڙي جو وات پاڻي ٿيو ۽ هن سڪڻين اکين سان نارنگين کي ڏٺو.
”توکي کپن؟ واهه جون اٿئي“. ڀولڙي کيکڙي کان پڇيو.
اهو ٻڌي کيکڙي کي ڏاڍي خوشي ٿي. هن کي اها ئي پڪ ٿي ته هي باندر هن کي ٻه نه ته هڪ نارنگي ته ضرور ڏيندو. پر ڀولڙي اهي ٻئي نارنگيون کائي هن ڏي فقط کلون اڇلايون.
”اچي وٺ. تون هي کلون کائي خوش ٿي“. ڀولڙي چيو.
”هي باندر ڪيڏو ذليل چئبو.“ کيکڙي سوچيو.
”هاهاها! کاءُ کاءُ. تمام گهڻو مزو ايندءِ!“ ڀولڙو کيکڙي کي سڪائي خوش ٿيڻ لڳو.
کيکڙو مجبور ٿي کاڌي جي ڳولا لاءِ اڳتي وڌيو.
۽ پوءِ، اوچتو هن جي نظر ڀت مان ٺهيل هڪ وڏي بال تي پيئي جيڪو سامهون رستي تي پيو هو.
پر پريان ويٺل ڀولڙي جي به ان تي نظر پئجي وئي.
”پهرين هن کي مون ڏٺو!“ کيکڙي ڀت کي چهٽندي چيو، ”هي ڀت منهنجو ئي ٿيندو“.
ڀولڙي کيکڙي جي ويجهو پهچي کيکڙي تي چٿر ڪرڻ خاطر ٽهڪ ڏنو. ”هاهاها! اهو ڀت مون کي ڏيندين يا نه؟“
”نه! اهو منهنجو ٿيو. ان تي منهنجو حق آهي“. کيکڙي چيو.
”ان حالت ۾ مسز کيکڙو اچو ته هڪ سودو ڪيون. اهو ڀت منهنجي حوالي ڪر ته ان جي بدلي ۾ آئون توکي نارنگيءَ جو ٻج ڏيان“.
”آئون ان قسم جي شيءِ ڪيئن ٿو کائي سگهان!“ کيکڙي ڪاوڙ مان چيو.
”پر جيڪڏهن تون انهيءَ کي زمين ۾ پوکيندين“، چالباز ڀولڙي چيو، ”ته نارنگين جو وڻ ڦٽي پوندو جنهن ۾ ڪيتريون ئي نارنگيون نڪري اينديون... تمام مٺيون مٺيون ڳاڙهيون ڳاڙهيون! ۽ ايتريون نڪرنديون جو تون سڄو سال ويٺو کائجانءِ. پر جي تون هي ڀت جو بال کائيندين ته اهو هڪ دفعو کائڻ سان ئي ختم ٿي ويندو. آئي ڳالهه سمجهه ۾؟“
اهو چئي ڀولڙي نارنگيءَ جو ٻج کيکڙي اڳيان اڇليو ۽ هن کان ڀت جو بال ڦرائي کائڻ لڳو.
”اون! ڇا ته مزو آهي. ڪيڏو ته سٺو ڀت رڌل آهي!“
کيکڙي ڪاوڙ مان ڀولڙي کي گهوري ڏٺو. نارنگيون نه ملڻ ۽ ڀت کسجي وڃڻ جو هن کي ايڏو ته ڏک ٿيو جو هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
هاڻ هو ڇا ڪري. کڻي هي ٻج ئي پَوکجن. کيکڙي سوچيو. ڪيترن ڏينهن کان ڪجهه کائڻ لاءِ نه ملڻ ڪري کيکڙو تمام گهڻو ڪمزور ٿي پيو هو پر هن مڙيئي جيڪا ڪجهه همت هيس تنهن کان ڪم وٺي زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ نارنگيءَ جو ٻج وجهي مٿان مٽي ورائي ڇڏي. ۽ پوءِ زمين ڏي ڏسي هن دعا ڪئي.
”ڦٽي وڃ ٻج..... ڦٽي وڃ هينئر جو هينئر!
۽ جيڪڏهن نه ڦٽندين ته آئون توکي ننهن سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيندس“.
اعتبار ڪريو هن جو ائين چوڻ ۽ زمين مان سلو ٻاهر نڪرڻ.
”جلدي وڻ ٿي وڃ، نارنگيءَ جا سلا
جي نه ٿيندين ته آئون چهنڊڙي هڻي ٻه اڌ ڪري ڇڏيندوسانءِ“.
کيکڙو پنهنجين ڪپڻ وارين ٽنگن سان پاڻيءَ جي بالٽي ڀري ان سلي کي ڏيندو ويو.
۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سندس اکين اڳيان اهو سلو وڌي وڻ ٿي ويو.
”نارنگين جا وڻ هاڻ جو هاڻ ميوو ڏي
نه ته آئون توکي ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيندس“. کيکڙي چيو.
ائين لڳو ڄڻ وڻ کي ڪن هجن ۽ هو کيکڙي جي سڄي ڳالهه ٻڌي رهيو هجي. ڇو جو جيئن ئي کيکڙي ڳالهه ڪري بس ڪئي ته وڻ جون سڀ ٽاريون نارنگين سان ڀرجي ويون پهرين اهي سائي رنگ جون نظر آيون پر پوءِ هڪ ٻئي پويان ويون سڀ ڳاڙهيون ٿينديون. ۽ منجهائن اهڙي ته سٺي خوشبوءِ اچڻ لڳي جو کيکڙي جهڙو بکايل ته ڇا هڪ پيٽ ڀريل به کائڻ کان صبر ڪري نه سگهي.
بهرحال کيکڙي جي محنت رنگ لاٿو. ”هي هاڻ کائڻ لاءِ بلڪل تيار آهن“ کيکڙي چيو ۽ هو وڻ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
پر افسوس جو نارنگيون ته وڻ ۾ موجود هيون پر هن جو اتي پهچڻ محال هو. هڪ کيکڙو سمنڊ ۽ خشڪيءَ تي ته هلي سگهي ٿو پر وڻ تي چڙهي نٿو سگهي.
۽ پوءِ ان وقت ڪير اچي اتان نڪتو؟ اهو ئي ساڳيو ڪمينو ڀولڙو!
کيکڙو ڊپ ۽ ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڀولڙي کي چيو:
”تو منهنجو ڀت کائي ڇڏيو هاڻ نارنگين جو هي وڻ منهنجو آهي. هن کي پوکڻ تي محنت مون ڪئي آهي“.
”پر ان مان نارنگيون تون ڪيئن پٽي سگهندين؟“ ڀولڙي چيو ۽ وڻ تي چڙهڻ لڳو.
”بس هاڻ اهو ڪم مون تي ڇڏي ڏي. آئون تولاءِ به ٿو پٽي اچان“. ڀولڙي چيو ۽ پوءِ پڪل نارنگيون پٽي کائڻ لڳو. هن کيکڙي کي ڏيڻ بدران رڳو وات سان چوندو رهيو:
”موڪليان ٿو. موڪليان ٿو. ٿورو ترس. ٿورو صبر ڪر“.
۽ وري ٻي نارنگي به پٽي پاڻ کائڻ لڳو. کائڻ بعد کيکڙي ڏي منهن ڪري چيو: ”واهه جون مزيدار نارنگيون آهن. دل خوش ٿي وئي“.
ڪيڏي ته ڏک جهڙي ڳالهه هئي جو ڀولڙو اڪيلي سر کائي رهيو هو ۽ ويچاري کيکڙي کان وڻ تي نٿي چڙهيو ٿيو.
”مهرباني ڪري منهنجي لاءِ به ته هڪ نارنگي پٽ. آئون ڪيترن ڏينهن کان بکايل آهيان.....“ کيکڙي ڀولڙي کي چيو.
ڀولڙي هن ڏي نفرت مان نهاري چيو: ”چڱو چڱو. هاڻ گهڻو ئي ٿيو. بکايل آهين ته آئون ڇا ڪريان. توکان ته وڻ تي به نٿو چڙهيو ٿئي“.
”تڏهن ته آئون توکي منٿون ڪري رهيو آهيان ته گهڻيون نه ته ڀلا ڪجهه نارنگيون ته موڪل“ کيکڙي چيو.
”چڱو ڀلا تولاءِ هڪ پٽيان ٿو“.
۽ پوءِ ڀولڙي چونڊي چونڊي اها نارنگي پٽي جيڪا اڃان ڪچي هئي يعني جيڪا سائي ۽ سخت هئي، ۽ پوءِ کيکڙي ڏي زور سان اڇلائي. پٿر جهڙي سخت نارنگي کيکڙي کي لڳڻ سان هن کي زخم ٿي پيو ۽ سندس پيٽ جي کل ٽڙڪي پئي. ڇا ته ڪميني قسم جو ڀولڙو هو!.
کيکڙي جي کل ڀڄڻ ڪري هن جي پيٽ ۾ موجود ٽي ننڍڙا کيکڙا ٻاهر نڪري آيا.
ڀولڙو جڏهن کائي کائي ٿڪو ته پوءِ وڻ تان هيٺ لهي ٻيو پاسو وٺي ائين هليو ويو ڄڻ سندس وڻ هجي ۽ ڄڻ ته هن کي کيکڙي کي زخمي ڪرڻ جي خبر ئي نه هجي.
ڪجهه ڏينهن بعد هي کيکڙو ماءُ زخمن جو تاب نه جهلي مري ويو ۽ سندس ننڍڙا ٽي کيکڙا ٻچا ڪڏهن بک ۾ ته ڪڏهن ڍءَ ۾ وقت گذاري وڏا ٿيندا رهيا.
”جيڪا ڪجهه هن ذليل باندر اسان جي ماءُ سان جٺ ڪئي اها اسان هرگز نه وسارينداسين“. هنن هڪ ٻئي سان وعدو ڪيو. هو پنهنجي جياپي ۽ بچاءَ خاطر هر وقت هڪ ٻئي سان گڏ رهيا ٿي.
هڪ ڏينهن جڏهن کيکڙي جا ٻچا چڱا وڏا ٿيا ته هنن ذليل ڀولڙي کان بدلو وٺڻ لاءِ تيار ٿي هن جي گهر ڏي نڪتا. رستي تي هنن کي اخروٽ مليو.
”ننڍڙا کيکڙو خير ته آهي؟ اڄ صبح ساڻ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟“ هن پڇيو.
”اسان پنهنجي کيکڙو ماءُ جو بدلو ڪميني باندر کان وٺڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون“. هنن ٻڌايو.
”توهان ته واهه جي ڳالهه ڪئي. ان ڪميني ته مون کي به ڏاڍو تپايو آهي. آئون به توهان سان گڏ هلان ٿو“.
”اهو ته پاڻ سٺو“.
اڳتي هليا ته هنن کي ماکيءَ جي مک ملي. هن کي به جڏهن خبر پيئي ته هوءَ به هنن سان شامل ٿي وئي جو هن کي به ڀولڙي سان سخت شڪايت هئي.
اهڙي طرح جهنگ جون ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ڀولڙي کان بدلو وٺڻ لاءِ هنن سان شامل ٿي ويون ۽ ڀولڙي جي گهر اچي پهتا.
هنن کي خبر هئي ته ڀولڙو سخت اٽڪل باز ۽ بدمعاش آهي بنا سوچ جي سندس گهر ۾ نه گهڙجي. خبر ناهي هو ڪنهن وقت ۽ ڪنهن پاسي کان نڪري اچي. ان ڪري پهرين ماکيءَ جي مک کي موڪليو ويو ته هن جي گهر مٿان ۽ چوڌاري اڏامي اهو معلوم ڪري اچي ته ڀولڙو ڪٿي آهي.
ماکيءَ جي مک جاسوسي ڪري اچي کين ٻڌايو ته گهر ۾ ڪير ڪونهي لڳي ٿو ڀولڙو اڃان دير سان موٽي.
ڀولڙي جي غير موجودگيءَ جو فائدو وٺي هو سڀ سندس گهر ۾ گهڙي پيا ۽ ڀولڙي تي حملو ڪرڻ جي رٿ سوچڻ لڳا.
اخروٽ چيو ته آئون ٻرندڙ باهه وٽ وڃي ٿو وهان. ڀولڙو سيءَ مان جيئن گهر ۾ ايندو ته پهرين هو پڪ باهه تي اچي هٿ سيڪيندو. ۽ جيئن ئي هٿ سيڪيندو ته آئون ٺڪاءُ ڏئي بم گولي وانگر ڦاٽي پوندس ۽ سندس منهن ۾ وڃي لڳندس.
ماکيءَ جي مک چيو ته آئون پاڻيءَ جي ڊم وٽ ٿي لڪي وهان جيئن ئي اخروٽ ڦاٽندو ۽ ڀولڙي کي منهن ۾ لڳندو ته هو پاڻيءَ لاءِ هيڏانهن ڊم ڏي ڀڄندو ۽ پوءِ آئون کيس ٺڪاءِ ڏنگ ڪرائينديس. ۽ پوءِ تيسين هي حال افعال وڃائي اڌ مئو ٿي ويندو ۽ توهان هن کي موچڙا هڻن شروع ڪري ڏجو.
”اسين ته پنهنجين ڪئنچين جهڙين ٽنگن سان هن جا ڪن ڪپينداسين“. ٽنهي کيکڙن چيو.
اهڙي طرح هو ڀولڙي جو انتظار ڪرڻ لڳا پر ٺڳ ڀولڙي جو نه هي پتو نه هو پتو. آڌي رات ٿي وئي پر ڀولڙي جي خبر نه پيئي. پر هي به انتظار ڪندا رهيا.
آخر صبح ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ سيٽيون وڄائيندو ڀولڙو گهر ۾ داخل ٿيو ۽ سڌو اچي باهه اڳيان ويٺو.
۽ پوءِ اڃان ويٺو ئي مس ته باهه وٽ سخت گرم ٿيل اخروٽ ڦاٽي پيو ۽ هن جا گرم پڙ ڀولڙي جي منهن کي وڃي لڳا. ڀولڙي جو منهن جيئن ئي سڙيو ته هو پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ لاءِ ڊم ڏي ڀڳو. پر پاڻي هڻي سڙيل منهن کي ٿڌو ڪري ان کان اڳ ماکيءَ جي مک اک ۾ کڻي ڏنگ هنيس.
ڏنگ لڳڻ سان ڀولڙي جون وايون بتال ٿي ويون ۽ ڊپ ۾ هن ايڏو وٺي مٿي ٽپ ڏنو جو هيٺ ڪرڻ سان سندس ٻه ٽنگون ڀڄي پيون ۽ هو هلڻ کان هلاڪ ٿي پيو ۽ پوءِ ته سڀني کي کيس موچڙا هڻڻ جو وارو ملي ويو. ڪنهن ڪا جٺ ڪيس ته ڪنهن ڪا جٺ.
ان واقعي کان پوءِ اهو ڀولڙو وري ان جهنگل ۾ ڪڏهن به نظر نه آيو. ڪنهن جانور اهو ئي چيو ته شايد مري ويو هجي ۽ سندس لاش کي ڳجهين کائي ڇڏيو هجي. پر ٻي جهنگل کان آيل هڪ سهي ٻڌايو ته ڪجهه عرصي کان سندن جهنگل ۾ هڪ ڪنن ڪتريل ۽ ڀڳل ٽنگن وارو ڀولڙو اچي رهيو آهي جيڪو ڪنهن کي تنگ ڪرڻ بدران جيترو پڄيس ٿو ته ٻئي جي مدد ڪري ٿو.
***