(33) پٿر ڪٽيندڙ
تمام آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ پٿر ڪٽڻ وارو رهيو ٿي جيڪو روز تيشي ۽ هٿوڙو کڻي ڀر واري جبل وٽ پهتو ٿي جتي وڏن پٿرن کي ڪٽي گهرن ۽ قبرن لاءِ تختن جهڙا سلئب ٺاهيا ٿي. هن کي ڄاڻ هئي ته ڪهڙي ڪم لاءِ ڪهڙي پٿر جي ضرورت آهي ۽ جيئن ته هي هڪ سٺو ڪاريگر هو ان ڪري هن جا تمام گهڻا گراهڪ هئا. هو وڏي عرصي کان پرسڪون زندگي گذاري رهيو هو. هن کي جيڪي محنت مزوريءَ مان مليو ٿي ان مان هو خوش هو ۽ هن کي ڪنهن وڌيڪ هجڻ يا ملڻ جي ڪا خواهش نه هئي.
جنهن جبل تي هي پٿر ڪٽڻ ويو ٿي اتي هڪ غيبات به رهي ٿي جنهن ڪڏهن ڪڏهن اتي موجود ماڻهن کي ڏيکائي ڏيڻ سان گڏ هنن کي امير ۽ خوش حال ٿيڻ ۾ مدد ڪئي ٿي. هن پٿر ڪٽڻ واري کي اڃان ڪو اهڙو جن ڀوت نظر نه آيو هو پر ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ تي هن ڪنڌ کڻي ڌوڻيو ٿي جيتوڻيڪ هن کي ان قسم جو ڪو به يقين نٿي آيو ته ڪو ائين به ٿي سگهي ٿو.... يعني ڪو جن ڀوت بنا ڪنهن محنت ۽ پورهئي جي ٻئي کي شاهوڪار بنائي ڇڏي. پر پوءِ اهڙو وقت به آيو جو هن پٿر ڪُٽڻ واري همراهه کي پنهنجي راءِ ۽ سوچ بدلائڻي پئي.
هڪ ڏينهن هي پٿر ڪٽڻ وارو ڪنهن امير ماڻهوءَ جي گهرج موجب هن جي گهر لاءِ هڪ وڏو پٿر ڪٽي کڻي ٿي ويو ته هن جي اکين اڳيان گهر سان واسطو رکندڙ ڪجهه عجيب ۽ سهڻيون شيون نظرآيون جن کي هن ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺو هو. ”ڪاش جيڪڏهن شاهوڪار هجان ها ته آئون به اهڙي سهڻي بستر تي سمهان ها. در ۽ درين تي ريشم جا پڙدا هجن ها.... آئون ڪيڏو ته موج مزي ۾ هجان ها.....“ هن پنهنجي دل ئي دل ۾ چيو..... ۽ اتي هن جي ڪنن تي ڪنهن جو آواز پيو:
”تنهنجي دل جي مراد ضرور پوري ٿيندي. تون سمجهه ته شاهوڪار ٿي وئين!“.
هي آواز ٻڌڻ تي پٿر ڪٽڻ واري هيڏانهن هوڏانهن نهاريو پر هن کي ڪو نظر نه آيو. هن اهو ئي سوچيو ته اهو سڀ ڪجهه هن کي خيال ۾ آيو جنهن سان حقيقت جو ڪو واسطو ناهي. هن پنهنجا اوزار کنيا ۽ گهر ڏي روانو ٿيو. ان ڏينهن هن جي دل وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان بلڪل انڪار ڪري ويٺي هئي. پر هو جڏهن پنهنجي ننڍڙي گهر وٽ پهتو ته هن کي اهو ڏسي تمام گهڻي حيرت ٿي ته هن جي اڳيان ڪاٺاڻي جهوپڙيءَ بدران هڪ شاهي محل هو! هن اندر گهڙي ڏٺو ته ان ۾ رکيل سهڻو ۽ قيمتي فرنيچر هن جو دماغ چڪرائڻ لڳو..... خاص ڪري ان جو بيڊ ۽ بسترو ڏسي! هي اهڙو ئي نرم ۽ نازڪ بسترو هو جنهن جو هن ڪجهه گهڙيون اڳ تصور ڪيو هو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي حسرت هيس. هي هاڻ خوشحال ۽ آرام جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ هن کان پنهنجا غربت جا پراڻا ڏينهن ڪڏهوڪو وسري ويا.
۽ هاڻ اونهاري جي شروعات ٿي چڪي هئي ۽ ڏينهون ڏينهن سج ۾ تپش وڌي رهي هئي. هڪ ڏينهن ايڏي ته گرمي ٿي جو هن پٿر ڪٽڻ واري کي ساهه کڻڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي هئي ۽ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرڻ بدران گهر ۾ ئي ويهي رهڻ جو پهه ڪيائين پر جيئن ته هن ڪڏهن به پاڻ وندرائڻ لاءِ ڪجهه نه سکيو هو سو چپ چاپ هڪ هنڌ ويهي بور ٿي پيو. رکي رکي ڪڏهن در کولي ٻاهرٿي ڏٺائين ته ڪڏهن درين تان پڙدا ريڙهي گهٽي ڏي ليئا ٿي پاتائين ته ڪير پيو اچي وڃي. ايتري ۾ هن هڪ ننڍي ڏولي لنگهندي ڏٺي جنهن کي بلو ۽ چاندي رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس نوڪر ڇڪي رهيا هئا. ڏوليءَ اندر هڪ شهزادو ويٺل هو جنهن جي مٿان هڪ خاص نوڪر سونهري رنگ جي ڇٽي جهلي پئي ويو جيئن سج جا ڪرڻا شهزادي تي نه پون.
”ڪاش! آئون جيڪر اهڙو شهزادو هجان!“ پٿر ڪٽڻ واري حسرت مان دل ئي دل ۾ اهو چيو تيستائين اها ڏولي ڀر واري گهٽي ڏي مڙي وئي..... ”اوهه! ڪاش جيڪر آئون اهڙو شهزادو هجان.... جنهن کي نوڪر ڏوليءَ ۾ کڻي هلن ۽ جنهن کي سج جي تپش کان بچائڻ لاءِ ٻيا ڌوپ ڇٽي جهلي بيهن...... ڇا ته مزي جي زندگي ٿي پوي..... جنهن ۾ رڳو سک ئي سک هجي. اهڙي حالت ۾ آئون ڪيڏو ته خوش گذاري سگهان ٿو“.
منهنجي خيال ۾ ته پٿر ڪٽڻ واري جي رڳو سوچڻ جي دير هئي جو هو ڏسندي ئي ڏسندي شهزادو ٿي پيو جنهن جي بگيءَ اڳيان نوڪرن جو هڪ ٽولو هو ته پٺيان ٻيو.... سڀني کي چتونءَ جي چهنب جهڙا ڳاڙها ۽ سونهري وڳا هئا. ڇٽ جهڙي وڏي ڌوپ ڇٽي هن جي مٿان هئي.... جيڪي ڪجهه هن جي دل چاهيو ٿي اهو ٿي پيو. پر خبر ناهي ڇو هن کي ائين لڳو ته هن جي زندگيءَ ۾ اڃان به ڪو خال آهي..... ۽ هيترو ملڻ جي باوجود ڪنهن شيءِ جي کوٽ آهي. هن چوڌاري نظر ڦيرائي جيئن هو اڃان به ڪنهن بهتر، ضروري ۽ طاقتور شيءِ جي خواهش ڪري سگهي.... هن ڏٺو ته جيتوڻيڪ هو پنهنجن ٻوٽن کي پاڻي ٿو ڏياري تڏهن به سج ۾ ايڏي تپش آهي جو اهي سڙيو وڃن. جيتوڻيڪ نوڪر هن جي مٿان ڇٽي کڻي هلن ٿا پر تڏهن به سج جي گرميءَ ۾ روزانو هن جو منهن سڙندو رهي ٿو.... هن ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو: ”مون کان وڌيڪ طاقتور ته سج آهي. ڪاش جيڪڏهن آئون سج هجان!“ هن جي اهو سوچڻ ۽ خواهش ڪرڻ تي جابلو غيبات طرفان آواز آيو: ”اي پٿر ڪٽڻ وارا انسان.... تنهنجي اها خواهش سمجهه ته هينئر ئي پوري ٿي وئي ۽ تون هڪ انسان بدران آسمان جو چمڪندڙ ستارو ”سج“ ٿي وئين“.
۽ هي غريب پٿر ڪٽڻ وارو سج ڇا ٿي ويو اصل ٽيڙي ۽ ٽانءَ ۾ اچي ويو. هو پنهنجو پاڻ کي دنيا جي طاقتور شيءِ سمجهڻ لڳو. هن چوڌاري هيٺ ڌرتيءَ ڏي توڙي آسمان طرف پنهنجن گرم ڪرڻن جو وسڪارو لاهي ڏنو. هن ڌرتيءَ تي موجود سموري گاهه ۽ شهزادن توڙي غريبن جو منهن لوساٽي رکيو.... پر هن جي اها موج مستي گهڻا ڏينهن نه هلي سگهي. ٿورن ڏينهن بعد هو پنهنجي ان رعب تاب ۽ طاقت مان بور ٿيڻ لڳو.... ظاهر آهي هن کي چوڌاري پنهنجا ڪرڻا اڇلائڻ کان علاوه ٻيو ڪم ئي ڇا رهيو.... هڪ دفعو وري بي چيني هن کي وڪوڙي وئي جڏهن هڪ ڪڪر هن جي اڳيان آڏ ٿي هن جي ڪرڻن کي ڌرتيءَ تي پوڻ کان روڪيو ته هن سج کي ڪاوڙ وٺي وئي. ”ڇا هڪ ڪڪر جي اها همت جو منهنجن ڪرڻن کي روڪي.... ڇا هو مون کان وڌيڪ پهلوان آهي. جي اها ڳالهه آهي ته مون لاءِ بهتر اهو هو ته سج بدران ڪڪر ٿيان ها“.
هن جي اهو چوڻ تي جابلو غيبات اعلان ڪيو: ”پٿر ڪٽڻ وارا تون جيڪڏهن ڪڪر ٿيڻ ٿو چاهين ته اجهو هينئر ئي ٿي وڃ“.
ان آواز بعد پٿر ڪٽڻ وارو ڪڪر ٿي سج ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ ترڻ لڳو. هن هر وقت سج جي اڳيان آڏ بڻجي ڪرڻن کي ڌرتيءَ تي ڪرڻ ۽ گرمي پيدا ڪرڻ کان بچايو ٿي. نتيجي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي زمين سرسبز ۽ گل گلڪارين واري ٿي وئي. پر ڳالهه اتي ختم نه ٿي. هي ڏينهن رات مينهن جو وسڪارو ڪندو رهيو ايتريقدر جو نديون نالا سڀ پاڻيءَ سان ڀرجي اٿلڻ لڳا ۽ چانورن جو فصل پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳو. شهر ۽ ڳوٺ ٻوڏ جي اثر ڪري تباهه ٿيڻ لڳا.... رڳو اهو جبل پنهنجي جاءِ تي صحيح سلامت نظر اچي رهيو هو جنهن جا پٿر هي ڪٽيندو هو. چوڌاري ٻوڏ ۾ هڪ جبل کي اڏول ڏسي ڪڪر حيرت ۾ پئجي ويو..... ”ڇا ته سهڻو نظارو آهي.... لڳي ٿو هڪ جبل مون ڪڪر کان به وڌيڪ طاقتور آهي! او ڪاش! ان کان ته آئون جيڪر جبل هجان ها جيڪو سينو تاڻيو بي خوف خطر ڌرتي تي بيٺو آهي“.
چوڌاري گجگوڙ ٿي ۽ غيبات هن کي خوشخبري ڏني ته هينئر ۽ هن وقت کان تون جبل ٿي ويندين!.
۽ واقعي انهيءَ کن پل ۾ هو ڪڪر مان جبل ٿي ويو ۽ پنهنجي نئين طاقتور روپ تي خوش ٿيڻ لڳو. هو وڏي شان ۽ شوڪت سان ڌرتيءَ مٿان قائم رهيو. ڇا جا سج جا ڪرڻا ڇاجو مينهن واچوڙو..... ڪنهن شيءِ جو هن مٿان اثر نٿي ٿيو. ”منهنجي خيال ۾ جبل ٿي رهڻ سڀ کان بهتر ۽ طاقتور شيءِ آهي“. هن دل ۾ سوچيو.... پر پوءِ ڇا ٿيو جو هن کي پنهنجي پيرن وٽ هڪ عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيو..... ۽ جڏهن هن غور سان هيٺ ڏٺو ته هڪ پٿر ڪٽڻ وارو سندس جسم تي زور زور سان هٿوڙا ۽ ڇيڻيون هڻي رهيو هو. ايتري ۾ هن ڏٺو ته پٿر جو هڪ وڏو بلاڪ سندس جسم مان ڌار ٿي هيٺ وڃي ڦهڪو ڪيو. جبل جي سڄي جسم ۾ ڄڻ ته ڏڪاڻي وٺي وئي. هن رڙ ڪئي ته ”هڪ ڌرتي جو انسان هڪ جبل کان وڌيڪ طاقتور آهي ڇا؟ ڪاش آئون هڪ انسان ئي هجان ته بهتر آهي“.
غيبات طرفان يڪدم آواز آيو ته تنهنجي اها آخري خواهش به هينئر جو هينئر پوري ٿي رهندي..... ۽ هو ڏسندي ئي ڏسندي ساڳيو انسان ٿي ويو جيڪو پهرين هو.
هڪ دفعو وري هن تيشي ۽ مترڪو کنيو ۽ جبل ڪٽڻ وارو پراڻو ڪم شروع ڪيو. پگهر ۾ شل، هو پورهيو ڪندو رهيو. هڪ دفعو هن لاءِ وري ٻه ويلا ماني مس هئي، سمهڻ لاءِ بسترو سخت ۽ سادو هو پر هن کي ان حالت ۾ مطمئن ٿي رهڻ جو سبق ملي ويو هو ۽ ڪا ٻي شيءِ ٿيڻ جو سوچڻ هن ڇڏي ڏنو. هو هڪ دفعو وري خوش گذارڻ لڳو ۽ سڪون جون ننڊون ڪرڻ لڳو.
***